رپورٽ: خادم رند
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو وڇوڙو
(سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران ٽيجھي تي
تعزيتي گڏجاڻي)
سنڌ جي نامياري اديب،
دانشور، محقق، تنقيد نگار ۽ سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي اوچتي دکدائڪ مرتئي تي
سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر جي هنگامي تعزيتي گڏجاڻي تاريخ 13 اپريل 1997ع تي ٿي، جنهن ۾ قنبر شاخ
جي ميمبرن کان سواءِ ڊاڪٽر جي عزيزن، دوستن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ جي منڍ ۾
ڊاڪٽر محبت جي ادبي ڪم بابت، سندس ئي لکيل تحرير، ڊاڪٽر جي ننڍي ڀاءُ رياضت ٻرڙي
پڙهي ٻڌائي ۽ پنهنجا تاثر ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر اسان کي ڪنهن به کوٽ ۽ محروميءَ جو
احساس ٿيڻ نه ڏنو. هو هر معاملي ۾ اسان جي رهبري ڪندو هو، پوءِ اهو کڻي تعليم يا
گھريلو زندگيءَ جو ئي هجي. اسان کي هن سان ڳالهه ٻول ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿيندي
هئي. هونءَ عام طور ماڻهو ڀائرن جي ڀيٽ ۾ دوستن سان وڌيڪ احوال ڪندو آهي، پر اسان
سان ائين نه هو. ڊاڪٽر پنهنجي زندگيءَ ۾ گھڻو پڙهيو ۽ جيتري قدر ممڪن ٿي سگھيس
لکيائين. سندس هر موضوع سان دلچسپي هئي. ڪو به ماڻهو ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندو هو
ته ڊاڪٽر کيس وڏي ڌيان ۽ دلچسپيءَ سان ٻڌندو هو.
ڊاڪٽر جي وڏي ڀاءُ رستم
علي چيو ته مان هن وقت اهڙي مرحلي مان گذري رهيو آهيان، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت تي
ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. مان پوءِ به ڊاڪٽر بابت ٻه ڳالهيون ڪندس. هڪ، ته هو جيڪو
به چوندو هو سو ڪري ڏيکاريندو هو، ۽ ٻيو ته هن ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو.
ڊاڪٽر محبت جي ننڍپڻ کان
ساڻ رهندڙ دوست، محمد عظيم سومري چيو ته جيستائين جذبات تي ضابطو نٿو ٿئي تيستائين
محبت تي ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، پر حقيقتون ٻڌائڻ به ضروري آهن. مان محبت سان
پرائمري کان وٺي گڏ پڙهيم ۽ گڏ رهيم. مان سمجھان ٿو ته هن شهر جو ڪو رستو، ڪا
گھٽي، ڪو هنڌ يا ڪو ماڳ اهڙو ڪونهي، جتي اسين گڏ نه گھميا هُجون. حقيقت اها آهي ته
ڊاڪٽر محبت هن جديد ڪمپيوٽر دور جو شمس العلماءَ هيو. جيڪڏهن هو اڃا جيئرو رهي ها
ته سنڌي سماج گھڻو ڪجھه حاصل ڪري ها. ڊاڪٽر تمام گھڻو لکيو. هو جنهن به موضوع تي
لکندو هو ته ان بابت وسيع مطالعو ڪندو هو. هو بنيادي طور هڪ ڊاڪٽر هو، پر ٻوليءَ
تي گھڻو ڪم ڪيائين. آخري وقت ۾ به هو ان تي ڪم ڪري رهيو هو. اسان جو ڪو به اهڙو
دوست ناهي، جنهن ڊاڪٽر مان ڪجھه پرايو نه هجي. مان رستم علي جي ان ڳالهه سان متفق
آهيان ته محبت ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو. اسين رياضت کي اپيل ڪنداسون ته هو ڊاڪٽر جو
مواد سهيڙي ۽ سانڍي ته جيئن ان مان فائدو وٺي سگھجي.
ڊاڪٽر محبت بابت
ڳالهائيندي سندس دوست ۽ شاگرد ستار هڪڙي چيو ته ڊاڪٽر محبت ۾ کوڙ خوبيون هيون، خاص
طور هو سائنس جو سٺو ڄاڻو هو. مان جڏهن يونيورسٽيءَ مان جاگرافي پڙهي آيس ۽ ان
موضوع تي ڊاڪٽر سان ڳالهه ٻول ٿي ته هو مون کي گھڻو اڳتي محسوس ٿيو. ڊاڪٽر
اصطلاحسازيءَ تي به ڪارائتو ڪم ڪيو آهي. کيس سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ جي سٺي ڄاڻ هئي،
جنهن جو ثبوت ايم ايڇ پنهور جا مضمون آهن، جن جو ڊاڪٽر محبت سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
هن تنظيمي حوالي سان به اسان جي وڏي مدد ڪئي.
ڊاڪٽر سان زندگيءَ جو وڏو
عرصو گڏ رهندڙ سندس هڪ ٻئي دوست ۽ شاگرد مجيد منگي چيو ته هر ماڻهوءَ ۾ گڻن سان گڏ
اوگڻ به هوندا آهن، پر مان گھڻي وقت جي ڳولا کان پوءِ به ڊاڪٽر ۾ ڪو اوگڻ نه ڏٺو.
ڊاڪٽر وڏي علم وارو ماڻهو هو ۽ گھڻن علمن تي ڳالهائيندو هو. هيڏو عالم هوندي به هن
ڪڏهن پاڻ کي مڃتا ڏيارڻ جي ڪوشش نه ڪئي. مان اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿو سمجھان
ته ڊاڪٽر هڪ وڏو ادارو هو ۽ اسان سڀ اهڙي وڏي اداري کان محروم ٿي ويا آهيون. سندس
هڪ اهم خوبي اها به هئي ته هو تمام گھڻين تڪليفن ۽ پيسي جي تنگيءَ هوندي به ڪڏهن
مايوس نه ٿيو. هو هر ماڻهوءَ جي عزت ڪندو هو. ڪيترو به کڻي مصروف هجي پر پوري توجھه
سان ٻئي جي ڳالهه ٻڌندو هو. آخر ۾ اهوئي نتيجو ڪڍبو ته ڊاڪٽر هڪ مڪمل ماڻهو هو.
ڊاڪٽر محبت جي شاگرد خادم
رند چيو ته 1989ع ۾ اسان ڪجھه دوستن گڏجي
موهن جو دڙو سائنس ڪلب نالي هڪ تنظيم قائم ڪئي، جنهن جي باني ميمبرن ۾ دوست رياضت
ٻرڙو به شامل هو، جنهن جي ئي معرفت اسان ڊاڪٽر محبت سان مليا هئاسون. هيءَ اسان جي
خوش نصيبي هئي جو ڊاڪٽر جي صورت ۾ اسان کي اهڙو ڏاهو ۽ همٿ ڀريو ماڻهو ملي ويو،
جنهن هر لحاظ سان اسان جي سهائتا ڪئي. اسان کي تنظيمي حوالي سان سڄي شهر مان وڌ ۾
وڌ ڊاڪٽر همٿايو. هن اسان وٽ 6 ليڪچر به ڪيا ۽ ڪجھه مهينا بنا اجوري
انگريزيءَ جي سکيا به ڏيندو رهيو. هو هر وقت اسان کي پڙهڻ لاءِ اتساهيندو هو.
جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ ڪو به بهترين سائنسي ۽ علمي ڪتاب ايندو هو ته ان جي پڙهڻ لاءِ زور
ڀريندو هو ۽ پنهنجا ڪتاب به پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو. هو اڪثر چوندو هو ته ڪتاب پڙهي ان
تي ڳالهايو. ڊاڪٽر سان عقيدت جو سٺو اظهار اهو ئي آهي ته اسين سندس ورتل واٽ تي
هلون، جيڪا علم، سچائيءَ، ماڻهپي ۽ فضيلت ڏانهن وڃي ٿي.
علي آڪاش چيو ته ڊاڪٽر
محبتَ علمي حوالي سان منهنجي گھڻي رهنمائي ڪئي. آءٌ جڏهن به پنهنجون لکڻيون کڻي
اصلاح لاءِ سندس ڪلينڪ تي ويندو هيس ته پاڻ پنهنجو ڪم اڌ ۾ ڇڏي، لکڻيءَ جي اصلاح
ڪندو هو. سندس شخصيت گھڻ پاسائين هئي. سندس وڏي ۾ وڏو منصوبو انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيڪا تيار ڪرڻ هو، جيڪو ڪم، افسوس آ جو اڌ ۾ رهجي ويو.
پروفيسر محمد نواز
بروهيءَ چيو ته ڊاڪٽر محبت تي جيترو به ڳالهائجي سو ٿورو آهي. بس مان ايترو چوندس
ته ڊاڪٽر علم جو خزانو ۽ نهايت رحمدل انسان هو. سعيد سومري، ممتاز ابڙي، زاهد
عباسي ۽ لطيف ميمڻ ڊاڪٽر محبت جي اوچتي وفات کي سنڌي
ادب ۽ سنڌي سماج لاءِ سخت نقصانڪار ڪوٺيو ۽ چيو ته اها جاءِ ڀرجڻ تمام ڏکي آهي.
عبدالخالق ميڻي چيو ته
ڊاڪٽر جھڙا ماڻهو وڏي عرصي کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. سندس جدائيءَ سان وڏو خال
پيدا ٿيو آهي.
قاسم راهيءَ چيو ته ڊاڪٽر
محبت اسان جو استاد هو. اسان کي سندس جدائيءَ سبب سخت ڏک پهتو آهي، پر اسان کي ان
ڏک کي جذبي ۽ قوت ۾ تبديل ڪرڻ کپي. ڊاڪٽر جي
رهيل ڪمن کي پوري ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا اڪيڊمي ٺاهجي ته ڏاڍو سٺو ٿيندو.
عبدالهادي بگٽيءَ چيو ته
ڊاڪٽر سنڌي ادب جو وڏو نالو هو. سندس ادبي خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. ڊاڪٽر هڪ
محقق هو ۽ ڪنهن به محقق جو موت سخت نقصانڪار ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته محقق تمام گھٽ
پيدا ٿيندا آهن. محقق ٿيڻ لاءِ سخت مطالعي جي ضرورت پوي ٿي، جيڪا اڄ جا نوجوان نه
ٿا ڪن.
گڏجاڻيءَ جي اعزازي مک
مهمان منظور ڪوهيار پنهنجن تاثرن ۾ ٻڌايو ته عالم ۽ اديب ٿيڻ ته وڏي ڳالهه آ، پر
ان کان به وڏي ڳالهه ماڻهو ٿيڻ ۽ ماڻهپو سکڻ آهي. ڊاڪٽر محبت اهڙو ماڻهو هو، جنهن
۾ ماڻهپي جي انتها هئي. هن جو نالو محبت علي هو ۽ سندس وجود ۾ علي عليه سلام واري
محبت سمايل هئي. هو هڪ خوددار، ملنسار ۽ عزت نفس جو قائل هو ۽ پنهنجي نالي جو پورو
پورو عڪس هو. محبت کي ڪڏهن به پنهنجي علم تي گھمنڊ نه رهيو. منهنجون هن سان تمام ڊگھيون
ڪچهريون ٿينديون هيون، اڪثر ڪري صبح کان وٺي شام تائين. هينئر محبت جو خال ڀري نه
ٿو سگھجي، رياضت يا ڊاڪٽر جو ڪو ٻيو دوست اها جاءِ ڀري نه ٿو سگھي. افلاطون کڻي
ڪيترو به لکيو، پر هو سقراط جي جاءِ ڀري نه ٿو سگھي. باقي ڪوشش ڪري محبت جي مِشن
کي اڳتي ضرور وڌائجي ته جيئن علم، ادب، ڏاهپ ۽ ماڻهپي جو اهو سلسلو هلندو رهي.
گڏجاڻيءَ جي مک مهمان ۽
ڊاڪٽر محبت جي دوست ۽ شاگرد ڀائو درمحمد ٻرڙي چيو ته محبت اسان جيان ئي هڪ ننڍڙي ۽
دونهاٽيل گھر ۾ ڄائو. هو ڪوهيڙي ورتل سماج ۽ اونداهي دور ۾ پيدا ٿيو. هن هر مسئلو
۽ هر مصيبت ڏٺي. هو منهنجو پاڙيسري، هم ذات، دوست، استاد ۽ محبوب هو. اسان جو رشتو
25 سال رهيو. محبت اسان لاءِ روشنيءَ جو مينار هو. پاڻ سڄي
حياتي سچ ۽ سونهن لاءِ تڙپندو ۽ وڙهندو رهيو. هو هڪ انتها درجي جو بهادر ماڻهو هو.
ڊاڪٽر هڪ علمي ادارو هو، جنهن کان مظلوم سنڌي عوام وانجھجي ويو آهي. اسين جڏهن به
پريشان يا ڪمزور ٿيندا هئاسون ته هيءُ اسان لاءِ سهارو بڻبو هو. محبت مون کي
پنهنجي پٽ ساجد جيان ئي چيچ کان وٺي گڏ گھمائيندو هو. مون وٽ جيترو به علم آهي سو
هن ماڻهوءَ مان مليو. محبت مون کي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق سيکاريو. مون وٽ سچي ماڻهوءَ جي
سڃاڻپ اها آهي ته مالي لحاظ کان مسڪين هوندو آهي. ماڻهو غداري، ذلالت ۽ ٺڳي کان
سواءِ گھڻو پيسو گڏ نه ٿو ڪري سگھي. ڊاڪٽر محبت ذاتي نموني ڪنهن تي به تنقيد نه
ڪئي، ان لاءِ سڀ دوست شاهد آهن. هو پنهنجن گھر وارن جي هر خواهش، ڪيتري به تڪليف
ايندي پوري ڪندو هو، پر پاڻ لاءِ ڪجھه به نه ڪيائين. هن مختلف علمي موضوعن تي
سڄيءَ سنڌ ۾ 500 کان به مٿي ليڪچر ڪيا.
علم جي معاملي ۾ هر ماڻهوءَ جو ساٿ ڏيندو هو. اسان جڏهن گلن جھڙا ٻارڙا تنظيم قائم
ڪئي هئي ته ان ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هر هفتي ڄامشوري کان قنبر ايندو هو. محبت دليلن جو
وڏو قائل هوندو هو. ان جي ثابتي اها آهي ته سندس ڪو به مضمون دليلن کان خالي نه
آهي، دوست ڀلي پڙهي ڏسن.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ننڍي
ڀاءُ ۽ گڏجاڻيءَ جي صدارت ڪندڙ صحبت ٻرڙي چيو ته مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ههڙا ڳورا
ڏينهن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺا آهن. آءٌ هينئر تڏي تي ويٺو آهيان ۽ ويٺو تعزيت وصول
ڪيان. اهڙي ڀاءُ جي تعزيت، جنهن ۾ منهنجو وڏو ايمان هو. آءٌ آخري گھڙين ۾ هن سان
گڏ هيس. هو منهنجي اڳيان بيهوش پيو هو ۽ آءٌ ڊاڪٽر نه هوندي به کيس بچائڻ لاءِ هٿ
پير هڻي رهيو هيس. منهنجي ڪا به ڪوشش ڪامياب نه ٿي ۽ مان هڪ بهترين ڀاءُ کان محروم
ٿي ويس. اسان کي سندس وڇوڙي جو سخت صدمو پهتو آهي، پر سڀ کان وڏو نقصان اجتماعي ۽
قومي ٿيو آهي. محبت مِٽيءَ جي خوشبوءِ رکندڙ ماڻهو هو. هو هن وقت جو وڏو عالم،
دانشور ۽ اديب هو. مان هن سان رڳو ڀاءُ واري اٿاويٺي نه ڪندو هيس پر ايئن ملندو
هيس جيئن هڪ عالم سان ملبو آهي. هو جڏهن به مون وٽ ايندو هو ته مان ائين سمجھندو
هوس ته هڪ عالم مون وٽ آيو آهي. هو سنڌ جو چوڪس سپاهي هو. مخالف ڪٿان حملو ڪري
سگھي ٿو، ان کان اڳ هي حملو ڪري ڏيندو هو. محبت هيرا ڦيريءَ واري عام سياست مان نه
ڄاڻندو هو، پر عوام دوست ۽ انسان دوست سياست جي وڏي ڄاڻ ۽ علم هيس. کيس اها خبر
هئي ته سياست وسيلي ماڻهن کي علم، خوشحالي ۽ آزادي ڪيئن ڏياري سگھجي ٿي ۽ ان پاسي
سدائين پيو سوچيندو هو. پ پ - ايم ڪيو ايم معاهدي کي سنڌ دشمن معاهدو ڪوٺيندڙ هيءُ پهريون ماڻهو هو. جڏهن
ته چڱن ڀلن پڙهيل لکيل ماڻهن ان معاهدي کي سنڌي ماڻهن لاءِ فائديمند ٿي تسليم ڪيو.
ڊاڪٽر هر وقت خبردار رهندڙ ماڻهو هو. هن نه رڳو معاهدي جي نقصانن کي محسوس ڪيو، پر
ان تي دليلن سان هڪ ننڍو ڪتاب به لکيو. اسان وٽ عام رويو آهي ته ماڻهو ٻين کي ڌڪا
ڏئي پاڻ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر محبت ۾ اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي. هو هر قابل
ماڻهوءَ جي قابليت ۽ علم کي مڃتا ۽ عزت ڏيندو هو. ڊاڪٽر ٻوليءَ جي معاملي ۾ جيڪو
ڪم ڪيو تنهن کي سراج تسليم ڪندو هو ۽ سراج مون کي ڊاڪٽر جي نالي هڪ خط لکي ڏنو هو،
جنهن ۾ لکيو هئائينس ته ’تو ”وڻ ئي وڄائي ڇڏيا“، جتي اسان نه پهتاسون تون اتي پهتو
آهين.‘ محبت هر ماڻهوءَ سان سندس ذهني سطح مطابق ڳالهائيندو هو. مون اهڙا گھڻا
اديب ڏٺا آهن، جيڪي عام ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ٻولائڻ ۽ ملڻ جلڻ پسند نه ڪندا آهن،
پر محبت هر ماڻهوءَ کي عزت ڏيندو هو. هو علم جي معاملي ۾ سخي هو ۽ ڪڏهن به علم
ورهائڻ جي معاملي ۾ ڪنجوسي نه ڪيائين. مون ڊاڪٽر کي ننڍپڻ کان وٺي ڪڏهن به ويٺل
ماڻهوءَ جي صورت ۾ نه ڏٺو. هو سدائين گھمندڙ ڦرندڙ ۽ جستجو ڪندڙ ماڻهو هو. هو اسان
کي علم جا جيڪي به ذريعا مهيا ڪري ٿي سگھيو سي ڪيائين. محبت جتي به رهيو اتي علم
جو مرڪز ٿي رهيو. يونيورسٽي هجي، ايل ايم سي هجي، ايس ايم سي هجي يا قنبر هجي، وٽس
سدائين علمي ۽ ادبي ڪچهريون لڳيون پيون هونديون هُيون. هو واندي ويهڻ وارو ماڻهو
ئي نه هو. ڪنهن به دوست جي گلا نه ڪندو هو. باقي جيڪي دوست ڪنهن حوالي سان اڳتي
وڌندا هئا ته انهن جي تعريف ضرور ڪندو هو. محبت انفرادي زندگيءَ جو وڏو قائل هو.
هو هڪ دلبر ماڻهو هو. شهر ۾ اٿندڙ تعصب جي طوفانن کان ڪڏهن به نه گھٻرايائين. هو
زندگيءَ جي اعليٰ قدرن موجب زندگي گذاريندو هو. وٽس لالچ جو نالو نشان نه هو، جڏهن
ته سندس پس منظر غريباڻو هو. مان هت هڪ بي حسيءَ جي ڳالهه ڪندس ته اسان جي مڊل
ڪلاس ۾ اها خوبي ناهي ته اهو ڪنهن اڳينءَ صف ۾ وڙهندڙ ماڻهوءَ جي سرپرستي يا سنڀال
ڪري سگھي. اسان وٽ ڪو ننڍي سطح جو ئي اهڙو ادارو ناهي جيڪو قوم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ
ماڻهوءَ لاءِ ڪجھه ڪري سگھي. اسان کي ان پاسي ڏانهن سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو.
No comments:
Post a Comment