2/06/2014

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي مليل ايوارڊ جي سلسلي ۾ خاص گڏجاڻي - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)



رپورٽ: رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي مليل ايوارڊ جي سلسلي ۾ خاص گڏجاڻي ۽ نئين سال جي آجيان




نئين سال 1995ع جي آجيان جي حوالي سان خاص گڏجاڻي ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، اخلاق انصاري ۽ آزاد انور ڪانڌڙي کي ”ڪينجھر ايوارڊ“ کٽڻ تي ڪوٺ ڏئي، ڪچهري ڪرڻ ۽ واڌايون ڏيڻ جا پروگرام، سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر ۽ کيرٿر  تعليمي ۽ سائنسي سٿ قنبر پاران 6 جنوري 1995ع تي جمعي ڏينهن، شام جو پنجين وڳي، هاءِ اسڪول قنبر ۾ ٿي گذريا. صدارت ڊاڪٽر بشير شيخ ڪئي ۽ مُک مهمان ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هو، جڏهن ته ٻيا ايوارڊ کٽندڙ اديب نامعلوم سببن جي ڪري پهچي نه سگھيا. ان گڏيل پروگرام ۾ اديبن ۽ اديب دوستن جي چڱي تعداد شرڪت ڪئي. ڪارروائي س ا س شاخ قنبر جي سيڪريٽري رياضت ٻرڙي هلائي. هن چيو ته نئين سال جي موقعي تي توهان سڀني کي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ سمورن ايوارڊ کٽندڙن کي به. گذريل سمورن سالن وانگر هي سال 1995ع به گذري ويندو پر نه ٿا ڄاڻون ته هن سال ۾ ڪهڙا خواب لکيل آهن ۽ ڪهڙيون اميدون ظاهر ٿيڻيون آهن. اسان کي خبر نه آهي ته هي سال اسان کي ڪهڙا ڏک ڏيندو پر سال 1994ع، اسان کي، ويندي ويندي به ٻه ڏک ڏئي ويو. هڪ استاد پيرل قنبر ۽ ٻيو پروين شاڪر جي ڏکوئيندڙ وفاتن جو. بهرحال ايندڙ وقت کي ڀليڪار چوڻي آهي پوءِ کڻي ڏک خوشين ۾ ضم ٿا ٿين يا خوشيون ڏکن ۾.

ڀائو درمحمد ٻرڙي ڊاڪٽر محبت کي واڌايون ڏيندي چيو ته اڄ اسان تمام ڏکي دور مان گذري رهيا آهيون. اسان کي باهمي ساٿ جي ضرورت آهي. هو پنهنجي نالي کان به مِٺو ماڻهو آهي، سچو آهي، منهنجو استاد آهي. مون کي سونهن جي پرک، سچ جي ڄاڻ ڏني اٿائين. ادب، سماج ۽ سياست جي دنيا ۾ ننڍڙي ٻارڙي جيان مون کي چيچ کان وٺي هليو آهي، پوءِ ڄامشوري جھڙي وڻندڙ هوا ۾ هجون يا پٿريلي جبل ۾ يا قنبر شهر جي هوٽلن تي هجون. هو سچ ۽ سونهن جو اسان لاءِ سبق ڏيندڙ ٿي رهيو آهي.
خادم رند نئين سال جون سڀني کي ۽ ”ڪينجھر ايوارڊ“ جون کٽندڙن کي واڌايون ڏيندي چيو ته اسان لاءِ هي موقعو تمام گھڻي خوشيءَ جو آهي جو هن شهر جي ٻن لکندڙن کي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي. ڊاڪٽر محبت جو سياسي وابستگين کان سواءِ علمي ۽ ادبي حوالن سان به گھڻو واسطو رهيو آهي. اسان هن کان گھڻو ڪجھه سکيو آهي.
سڪندر شيخ پنهنجا ويچار ٻڌايا ته ڊاڪٽر محبت ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن: ”سچ ۽ ڪس.“ هو قنبر ۾ لڪل مها اديب، سياسي ڄاڻو ۽ سماجي بيمارين جو ڊاڪٽر آهي. اڄ تائين هو نه ٿَڪيو آهي. نئين سال جي شروع ٿيڻ سان سمورن دوستن کي همٿ سان جستجو ڪرڻ کپي.
امتياز تنيي چيو ته ڊاڪٽر محبت پنهنجي نالي جيان ئي آهي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن حيرت ٿيندي آهي ته ايتري پُوري اڳڪٿي ڪندي سندس نالو ڪيئن محبت رکيو ويو. هن جھڙو محنتي ماڻهو مون ڏٺو ئي ڪو نه آهي. سندس گھڻ طرفي ڄاڻ مون لاءِ سياڻپ ۽ شعور جو باعث بڻي. جيڪو ڪجھه مون سندس صحبت مان سکيو، منهنجي زندگيءَ جو بهترين سرمايو آهي. سندس قابليت ۽ محنت جو ننڍو ايوارڊ سندس صرف شروعات آهي، پاڻ ان کان گھڻو ڪجھ وڌيڪ لهڻي. کيس مبارڪون هجن.
ميهر مجاهد ترنم سان ٽي ڪلام ٻڌايا. اڪبر ٻرڙي چيو ته فنون لطيف سان واسطو رکندڙ ماڻهن لاءِ ڪي به سهولتون ناهن، ان ڪري اسان کان ڪيترائي وڏا ماڻهو وڇڙيا پيا آهن ۽ ڪي گمنام آهن. آتش سنڌيءَ چيو ته ڊاڪٽر محبت ۽ اخلاق انصاري کي واڌايون هجن. ڊاڪٽر محبت جيڪو انسائيڪلوپيڊيا تي ڪم ڪري رهيو آهي، اهو جاري رکڻ گھرجيس. هن شعر به ٻڌايو.
ان دوران بجليءَ جي اک ٻوٽي ٿيندي رهي پر ڪنهن مهل تيلين جي روشنيءَ ۾، ته ڪنهن مهل ميڻ بتين جي لاٽ ۾، ڪچهري هلندي رهي. عزيز قاسماڻيءَ تاثر ۽ وائي ٻڌائي. علي آڪاش لکت ۾ نئين سال جون مبارڪون ۽ ايوارڊن کٽندڙن کي واڌايون ڏنيون.
حسن علي هڪڙي واڌايون ڏئي غزل پڙهيو، جنهن جا ٽي بند هئا ته:
ڪينجھر ۽ محبت جو رشتو آ پراڻو،
ماڻهو سڀ ته ماڻهو پر ڪو ڪو آ راڻو.
تون ليڊر آن، تون قائد آن، تون آن اديب،
قنبر تنهنجو، تنهنجو آ لاڙڪاڻو.
”حسن“ بڻيو قيدي محبت جي عدالت ۾،
ڪا ڪا آ مومل، ڪو ڪو آهي راڻو.

قنبر جي جھوني ۽ عوامي شاعر گل حسن ”شاد“ گوپانگ محفل کي پنهنجا شعر ٻڌائي، جھومائي ڇڏيو. سندس شعر هئا:
جنهن کي مون دل ڏني، ان دلبر سان سِرُ لڳي،
سهڻي صنم سان، سونهن جي سرور سان سِرُ لڳي.
جنهن گھر ۾ زندگيءَ جون ٿو گھڙيون گھاري سڄڻ،
ان گھر سان، ڳوٺ، شهر، سڄي تَر سان سِرُ لڳي.

مُک مهمان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجھه سٻاجھن دوستن هن اسٽيج تي اچي ظاهر ڪيو ته مون سندن زندگي کي سچائيءَ، دليريءَ، همت ۽ تعليم جي راهه تي آڻڻ ۾ يا سندن تنظيمي سرگرمين کي ڪارائتو بنائڻ ۾ هڪ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، اها انهن جي مهرباني ۽ منهنجي همت افزائيءَ برابر آهي پر، پنهنجيءَ ڄاڻ موجب آءٌ سمجھان ٿو ته، ڪو به ٻاهريون اثر تيستائين ڪارائتو نه ٿو ٿي سگھي جيستائين ان شي ۾ اڳواٽ موجود جوهر ۾ اندروني طرح اهي لياقتون، فضيلتون، انسانيت ۽ شرافت موجود نه هجن... اڄ کان ڪي پوڻا ٻه سَو ورهه اڳ جرمنيءَ جي ڏاڍي ذهين ماڻهوءَ پنهنجو هڪ مقالو ”پيشي جي چونڊ“ جي عنوان سان لکيو هو جيڪو منهنجي لاءِ هڪ سوال کڻي آيو ته مون کي پنهنجي زندگي گذارڻ لاءِ ڪهڙي پيشي جي چونڊ ڪرڻي آهي. اسين ان کان پوءِ واري ماحول ۾ ايتري هيٺاهين ذهني سطح تي آهيون جو چاليهن ورهن جي ڄمار ۾ مس وڃي ان لائق ٿيون ٿا، جو شعوري طور پنهنجي آئيندي لاءِ مقرر پيشي جي چونڊ ڪري سگھون. مون جنهن پيشي جي چونڊ ڪئي اهو هئو ماڻهپي جي سوڀ لاءِ پنهنجو ذهن، علم ۽ پورهيو صرف ڪرڻ، ظلم خلاف جيڪو ڪجھه قلم، زبان ۽ هٿ وسيلي ڪري سگھجي ٿو اهو ڪرڻ. ڏيئو ڀلي ڪيترو به ننڍو هجي پر اهو اونداهي ماحول ۾ سوجھرو ضرور پيدا ڪري ٿو. ڏيئي مان ڏيئو ٻاري، هٿ هٿ ۾ ڏئي وڌبو ته ڪو شڪ ناهي جو ظلم، جهالت ۽ جانورپڻي جي هن دنيا ۾ ماڻهپي جو مانُ مٿاهون نه ڪري سگھجي. ڏاڍ، اڻڄاڻيءَ ۽ وحشت خلاف جنگ منهنجو مقصد آهي، ۽ اهو مقصد ماڻڻ لاءِ جيتري به منهنجي سگھه آهي اها ڪم آڻڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي اٿم... منهنجو خيال آهي ته باقي سڀني جانورن ۽ ماڻهوءَ ۾ هڪ فرق آهي ۽ اهو فرق تڏهن آهي جڏهن ماڻهو پنهنجي عمل ۽ ذهانت وسيلي ڪو اهڙو ڪم ڪري جنهن سان ماڻهپي جو مانُ مٿاهون ٿئي. 1994ع جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته، عام طرح چيو ويندو آهي ته اسان جو هڪ سال کٽو. سال جي کٽڻ جي ڳالهه تڏهن سونهي ٿي جڏهن ماڻهوءَ کي اها پڪي پختي خبر هجي ته سندس ڄمار هيتري يا هوتري آهي. آءٌ ته ائين سمجھندو آهيان ته جيڪو به سال گذريو اهو منهنجو وڌيو ماڻهپي واري، ظلم خلاف جنگ واري، امن جي قيام لاءِ پتوڙيندڙ منهنجي زندگيءَ جو هڪ سال مون پنهنجي عقل ۽ سگھه آهر سجايو ڪيو. علمي سطح ۽ ذهانت وڌائڻ لاءِ جيڪو ڪجھه ڪري سگھان ٿو ان ۾ هڪ سال جي محنت وڌي. منهنجو جيڪو علمي سرمايو هو ان ۾ هڪ سال جي علمي واڌارو آيو... سنڌ جو ڄايو آهيان، سنڌي ٻولي ڳالهايان ٿو ان ڪري پنهنجو فرض ٿو سمجھان ته پنهنجي وت ۽ وس آهر سنڌ جي خودمختياريءَ، سنڌي ماڻهن جي ڇوٽڪاري ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جيڪو ڪجھه ڪري سگھان ٿو، اهو ڪيان. جڏهن به اولمپڪس راندين جو پروگرام ڏسندو آهيان، تڏهن سوچيندو آهيان ته اڄ جڏهن لکين ماڻهن جو هجوم جڏهن هر ملڪ جي ايندڙ رانديگرن جي جوش خروش سان آجيان ڪري رهيو آهي تڏهن ڇا ڪو اهڙو جَٿو ظاهر نه ٿو ٿي سگھي جنهن جي اڳيان هلندڙ ميزبانن جي هٿ ۾ سنڌ جي نالي وارو تختو ۽ سنڌ جو جھنڊو هجي؟ اسين جيڪڏهن هڪ آزاد، خودمختيار ۽ پاڻ وهيڻي ڏيهه جا مالڪ هجون ته ڇو سنڌ جي رانديگرن جو جٿو اولمپڪس ۾ شامل نه هوندو؟ ڇا دهشت گردن کي اها همت ٿئي ها ته سنڌ جي ورهاست جو نعرو هڻي سگھن؟ ڇو سنڌ جا بهترين معاشي ذخيرا سنڌ جي ترقيءَ بدران ڪنهن ٻئي هنڌ استعمال ٿين ها؟ ڇو سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي ٽي وي ۽ ريڊيو تي وڌيڪ وقت نه ملي ها ۽ سنڌ جي سرڪاري توڻي تعليمي ٻولي سنڌي نه هجي ها؟ سمجھان ٿو ته جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي قائم ۽ دائم رکڻو آهي ۽ وڌائي اعليٰ سطح تي آڻڻو آهي ته پوءِ اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي مواد آڻڻو ئي پوندو. سائنسي اصطلاح هزار کن ترتيب ڏئي چڪو آهيان ۽ لغت کي وڌائڻ لاءِ جامع سنڌي لغات جي پهرين جلد جو تفصيلي جائزو وٺي ان ۾ اڻ موجود 11 سَو کن لفظ ڳولي ڪڍيم جن کي هڪ مقالي جي صورت ڏنم، جيڪو ”ڪينجھر“ ۾ ڇپيو ۽ سمجھان ٿو ته ان تحقيق جي قدر داني ڪندي مون کي ”ڪينجھر ايوارڊ 1994ع“ ڏنو ويو آهي.
آخر ۾ گڏجاڻي جي صدارت ڪندڙ ڊاڪٽر بشير شيخ چيو ته 1995ع اسان لاءِ سياسي، اقتصادي ۽ ادبي لحاظ کان ڳورو ثابت ٿيندو، ان ڪري اسان کي اڳواٽ رٿائون ڪرڻيون پونديون.
هيءَ ڀرپور گڏجاڻي لطيف سائين جي هن بيت سان ختم ٿي:
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن  جو  صرافن،  اڻتوريو اگھائيو.

No comments:

Post a Comment