دين محمد ڪلهوڙو
هُو آيو ۽ خوشبوءِ ڇڏي هليو ويو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي
ٻوليءَ جو پارکو، محقق، نقاد، دانشور، ٻوليءَ جي واڌاري ۽ بقا لاءِ جدوجھد ڪندڙ
قومي ڪارڪن ۽ وڏو حوصلو رکندڙ فرد هو. اهو ڪهڙو ڏينهن هوندو جنهن تي ڪو نه ڪو علم
جو اڃايل پنهنجي اندر ۾ علم جي پياس کڻي ڪلينڪ يا در تي اچي حاضر نه ٿيو هجي ۽
هيڏانهن ڊاڪٽر محبت پنهنجي خداداد علم ۽ ڏات سان کلندي، گفتگو ڪندي، حال احوال
وٺندي، علم ۽ ادب، تاريخ، فلسفي ۽ جدليات جھڙن دقيق موضوعن تي ڪيترائي ماڻڪ موتي،
هيرا، جواهر ٻُڪ ڀري سندن خالي ٿيل ڪشڪول ۾ نه وڌا هجن ۽ جڏهن به ڪير سندس ڪچهريءَ
مان اٿيو هوندو، ته پنهنجي ذهني پهچ آهر ضرور ڪجھه نه ڪجھه حاصل ڪيو هوندائين.
جيڪو ماڻهو ڪلينڪ تي سڄو ڏينهن مريضن سان منهن ڏيندو هجي، ان لاءِ لکڻ پڙهڻ ۽
دوستن لاءِ وقت ڪڍڻ ڪيڏو اوکو هوندو؟ پر ڊاڪٽر محبت ڪلينڪ تي مريضن کي به ڏسندو هو،
لکڻ پڙهڻ ۾ به رڌل رهندو هو، مهمان ايندا هئس، ته انهن سان به ڪچهري ڪندو هو. اها
وڏي ڳالهه آهي، جيڪا اسان الاهي ڀيرا ڏٺي.
ڊاڪٽر محبت ڳالهائڻ ۾
نرمي، طبيعت ۾ نهٺائي ۽ دورانديشي رکندڙ هو. هو گھڻو سوچيندو هو، سٺو سوچيندو هو ۽
پوءِ ان تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ دليلن سان ڳالهائيندو هو. اسان ڊاڪٽر محبت کي هر موضوع
تي سٺو ۽ مدلل ڳالهائيندي ڏٺو. سندس سمجھائڻ وارو طريقو عام فهم، دلپذير ۽ پيار
ڀريو هوندو هو. خاص طور تي لسانيات جي موضوع تي ڏنل سندس ليڪچر اسان کان اڃا نه
وسريا آهن. ڊاڪٽر محبت مختصر عرصي اندر ٻوليءَ جي ڌاتوگريءَ ۽ سائنسي اصطلاح
سازيءَ تي معياري ۽ گھڻ پاسائو ڪم ڪيو، جنهن کي پوءِ علمي دنيا ۾ وڏي پذيرائي ۽
عزت حاصل ٿي. سنڌي لفظن جي تاريخ ۽ بنياد تي ڪيل تحقيق بابت راءِ ڏيندي لسانيات جي
ماهر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيي صاحب، ڊاڪٽر محبت کي سنڌي ٻوليءَ جو ليڪسيڪالاجسٽ سڏيو
آهي. ليڪسيڪالاجسٽ جو مطلب آهي: ”لفظ جي بنياد، پسمنظر، تاريخ، ارتقا ۽ معنى کي
سمجھندڙ.“ بقول ڊاڪٽر ٻگھئي صاحب جي، ”ڊاڪٽر محبت کي عربي، فارسي، هندي ۽ سنسڪرت
جي لفظن ۽ ان جي ڌاتن جي وڏي ڄاڻ هئي ۽ هو سنڌي لغت جو باقاعدي استعمال ڪندي لفظن
جي اشتقاقن ۽ ڌاتن تي وڏي دسترس رکندو هو. اڄ جڏهن هو اسان کان وڇڙي ويو آهي، ته
ائين ٿو لڳي ته سنڌي ٻوليءَ جو هڪ اهم لفظ اسان کان گم ٿي ويو آهي، جنهن جو نعم
البدل شايد گھڻي عرصي تائين ملي نه سگھي.“
ٻوليءَ تي لکيل سندس
ڪتابن مان ٻوليءَ جو بڻ ٻوليءَ جي بنيادي اهميت کي سمجڻ ۾ وڏي مدد ڏئي ٿو. اچو
ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون سنڌي ٻوليءَ جي گرامر، خاص طور تي ضميري پڇاڙين
تي لکيل هڪ قيمتي ڪتاب آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا انسائيڪلوپيڊيا جھڙي
جامع موضوع جي اهميت کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت
علم لغت، لفظن جي ڌاتوگري ۽ رسم الخط جي موضوعن تي لکيل هڪ سٺو ڪتاب آهي. تاريخ ۾
ڪي چند ماڻهو پيدا ٿيندا آهن، جيڪي ڪنهن اهم مِشن (مقصد) لاءِ ڄمندا آهن ۽ محبت به
اهڙن ماڻهن مان هڪ هو. هو اسان وٽ آيو ۽ پاڻ تي رکيل ڊيوٽي، نهايت خوش اسلوبيءَ سان
پوري ڪري واپس هليو ويو. ڊاڪٽر محبت تي ڪهڙي ڊيوٽي رکيل هئي، جو هن فوج ۾ ڪئپٽن
جھڙي عاليشان نوڪري ڇڏي، قنبر جھڙي پٺتي پيل شهر جي ويران پاڙن ۾ ڪلينڪ کولي پاڻ ۽
پنهنجي گھر وارن کي ڪٺن امتحان مان گذاريو؟ محبت تي ڌرتيءَ جي اها ذميداري رکيل
هئي، ته هو پنهنجي ماڻهن جي وچ ۾ رهي انهن جي خدمت ڪري ۽ محبت ائين ڪري ڏيکاريو.
اهو هڪ وڏو contribution (حصو) آهي. ڊاڪٽر محبت مسلسل پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم لاءِ
جاکوڙيو. هو سنڌ شناس ماڻهو هو. هن جو روح سنڌ جي لازوال محبت سان واسيل هو. هن جي
عشق جو محور سنڌ هئي. سياست کان پوءِ هن جو ٻوليءَ تي ڪم ڪرڻ وارو فيصلو غلط نه
هو. هو عالم هو، هن کي خبر هئي، ته جڏهن سياست جا قدر، عوام لاءِ خوش آئين ثابت
ٿيڻ بجاءِ ڪنهن مخصوص گروهه جي فائدن جي نمائندگي ڪن، ته اتي پنهنجي ڌرتيءَ سان
ٿيل ڪمٽمينٽ ۽ آدرشن جي حاصلات لاءِ جدوجھد جو ٽون تبديل ڪبو آهي. ٻوليءَ تي ڪم
ڪرڻ ڊاڪٽر محبت جي سياسي زندگيءَ جو ٻيو ڇال هو، جنهن ۾ هن مخالفن کان پاڻ بچائي
پنهنجي نظرئي ۽ آدرشن کي زنده رکيو. ڊاڪٽر محبت سمجھيو پئي، ته قومون پنهنجي
ٻوليءَ، ثقافتي ورثن ۽ ماڻهن جي پنهنجي تاريخي ڪردارن سان به سڃاپجنديون آهن. دنيا
۾ ڪا غلام قوم جيستائين پنهنجي ٻولي نه ٿي بچائي، تيستائين اها ڌرتي ۽ قوم ظلم جي
سنگھرن ۾ جڪڙيل رهنديون. ڊاڪٽر محبت سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ ۾ دفتري ٻولي ۽ سرڪاري
ٻوليءَ جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪئي. هن کي پنهنجي ٻوليءَ سان بيحد محبت ۽ پيار
هو. هن جيڪو به مشن کنيو ان تي مخلص ٿي ڪم ڪيو. ڪنهن ماڻهوءَ جي وڏائي ڏسڻي هجي،
ته ان جي فقط ڪم ۽ ڪردار کي نه ڏسجي، پر ڏسڻو اهو آهي، ته ان ڪم ۽ ڪردار جا مقصد،
معيار ۽ پسمنظر ڪهڙا آهن ۽ اهي سماج تي ڪهڙو اثر ڇڏين ٿا. اسان ڏٺو، ته محبت جي ڪم
۽ ڪردار جو معيار، سندس نالي سان سدائين هم آهنگ رهيو.
ڊاڪٽر محبت سماج ۾ سٺن
روين ۽ سٺن اخلاقي قدرن ذريعي تبديلي آڻڻ جو قائل هو. ڊاڪٽر محبت جو ايمان هو، ته
چڱاين جي نشاندهي ڪرڻ به ڀلي ڳالهه آهي، پر وڌيڪ بهتري ان ۾ آهي، ته هر چڱائيءَ جو
ڪم پاڻ وٽان شروع ڪجي، ۽ اسان ڊاڪٽر محبت کي ڏٺو، ته هو هر چڱائيءَ وارو عمل پاڻ
وٽان شروع ڪندو هو. اڄ جڏهن سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ خلاف يلغارن مٿان يلغارون ٿي رهيون
آهن، سياسي وايومنڊل ۾ سياست کي بليڪ ميل ڪيو ٿو وڃي، تڏهن اسان کي ڊاڪٽر محبت شدت
سان ياد اچي رهيو آهي.
No comments:
Post a Comment