ساگر حنيف بڙدي
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سنڌي ٻولي لاءِ
ارپيل محبت ۽ محنت
ڌرتيءَ تي انسان جو سفر روزِ اول
کان روان دوان آهي. جن ماڻهن ۾ سفر فقط پنهنجي ذات جي سنوار سڌار تائين محدود
رهيو، انهن جو وجود ڄڻ ته واريءَ تي ليڪو يا جَرتي ڦوٽي جي برابر هيو. انهن جي
قدمن جا نشان وقت جي طوفان ڊاهي ڇڏيا. پر زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾ ڪي اهڙا آواز به
هوندا آهن، جن جي صدا ڪڏهن جھڪي ته ڪا نه ٿيندي آهي پر ان آواز جي سريلائپ تي رڻ
پٽ به پيو ناز ڪندو آهي. هونءَ ته هر انسان جي حياتيءَ جي ۾ موت جو ڊيڄاريندڙ ”بت“
رکيل هوندو آهي. پر ڪن حياتين جي عجائب گھرن ۾ رکيل بت، ڀڳوان جو روپ وٺي پنهنجو
تعارف تخليقڪار جي نالي سان ڪرائيندا آهن. سائين محبت ٻرڙو به اهڙي حياتيءَ جو
نالو آهي، جنهن سموري زندگي علم، ادب، عشق، تحقيق ۽ تخليق جي پرچار ڪندي گذاري.
هونءَ ته هن اڻ گھڙئي سماج ۾ شاعر
۽ اديب به الڳ مخلوق لڳندا آهن پر اڪثر ڪري محقق، تاريخدان، لسانيات جا ماهر
پنهنجي تحقيقن وانگر خشڪ ۽ ڳجھارتن وانگر مبهم ۽ اوپرا لڳندا آهن. پر اديب، محقق ۽
ٻوليءَ جو ڄاڻو هجڻ سان گڏ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو نهايت حساس، نرم دل ۽ روشن خيال محسوس
ٿيندو آهي. محبتي ماڻهن خاص ڪري جن جي ٻولي سان محبت آهي انهن سان محبت جو اندازو
مون سائين محبت ٻرڙي جي ان خط مان لڳايو، جيڪو هن ڊاڪٽر هدايت پريم ڏانهن لکيو هو.
ڊاڪٽر محبت لکي ٿو ته ”توهان جو پريم هو يا منهنجي محبت، يا ٻنهي جي سچائي ۽ ڇوهه،
جو ٻه ڳورا سفري ٿيلها ڪلهن ۾ ۽ مون سان گڏ منهنجو ننڍڙو پٽ ساجد به ساڻ، تڏهن به
ڪراچيءَ کان موٽندي اوهان جي حاضري ڀرڻ لاءِ ٽول پلازه وٽ لهي پيس.“ هن روان دوان
فضول مصروف زندگيءَ ۾ ڪير ٿو ڪنهن کي رڳو ٻوليءَ تي ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪري؟
هونءَ ته هر ڪو لئِي مان لٺ ڀڃي اديب ٿيو وڃي، پر ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو شمار انهن
اديبن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي رڳو نالي ڪمائڻ لاءِ جاکوڙ نه ڪندا آهن. پر انهن جي پورهئي
سان سنڌ ۽ سنڌي قوم جو آئيندو وابسته هوندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ سان دشمنيءَ جو سلسلو
ڪو نئون ڪونهي. سنڌي ٻوليءَ جي دشمن حڪمرانن ته سنڌي ٻوليءَ جي شاندار ماضيءَ کان
منهن موڙي ان کي اٺن ۽ گڏهن چاريندڙن جي ٻولي ڪوٺيو، پر ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ڌارين کان
شڪايت ڪرڻ بجاءِ پنهنجن جي روين تي دانهن ٿو ڪري ”غير ته آخر غير ئي رهندو. غير تي
ناهي ڪائي ميار. جا ڳالهه ماري ٿي سا پنهنجي ديس جي يارن جِي. ڊاڪٽر ان خيال جو هو
ته سنڌي ٻوليءَ جو سينو تمام وسيع آهي. سنڌي ٻولي پنهنجي پنهنجائپ ڀرئي مضبوط پاڪر
۾ سامي سٿ جي ڪجھه ٻولين سميت سنسڪرت سان گڏ ڪيترين ئي ٻين انڊو-يورپين توڙي
دراوڙي ٻولين جي کاڻ مان جَجھو ذخيرو جذب ڪري سانڍي رکيو آهي. ڊاڪٽر مثال ڏيندي
رڳو هڪ لفظ محبت لاءِ سنڌي جا ٻيا متبادل لفظ ٻڌائي ٿو: ”پريم، نينهن، چاهت،
چاهنا، آر، پيار، حب، الفت، سنيهه، قرب، لنئون، سڪ وغيره.“ ڊاڪٽر کي ايترو ته سنڌي
ٻوليءَ تي فخر ۽ اعتماد هوندو هو، جو چوندو هو ته سنڌي ٻولي ايتري ته سگھه رکي ٿي
جنهن ۾ لچڪ، جذب پذيري ۽ ڪشادائي تمام گھڻي سمايل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي
ٻولي صدين کان جٽاءُ ڪندي تڳندِي، بقا رکندي عوامي ٻولي رهندي آئي آهي. ڊاڪٽر محبت
جي اها سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ لڳاءُ ئي هو جو سنڌيءَ ۾ اصطلاحسازيءَ جو وڏو قائل
هو. هن کي اهو اعتماد هوندو هو ته ڪنهن به ٻوليءَ جي هر لفظ جو اصطلاح سنڌيءَ ۾
ملي ويندو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ٻوليءَ جي انهن عالمن سان متفق ڪو نه هوندو هو جيڪي
بين الاقوامي اصطلاح جيئن جو تيئن استعمال ڪرڻ جا قائل هوندا هئا. ڊاڪٽر کي
اصطلاحسازي جي مخالفت تي تڏهن ڪاوڙ ايندي هئي جڏهن هو لسانيات، حيوانيات، ارضيات،
علم جغرافيه، نباتات جھڙا اصطلاح استعمال ڪندا هئا. واقعي به جڏهن سنڌ جا اڪثر
تعليمي ادارا علم کان وانجھيل هجن، وڏا علمي ادارا به عالم ۽ ماهر پيدا ڪرڻ بجاءِ
جاهل ۽ رَٽُو پيدا ڪندا هجن، ان صورتحال ۾ ڪنهن کي لاچار پيو آهي جو ويٺو هر شَي
جا سنڌيءَ ۾ متبادل ڳوليندو ورتي! سنڌي ٻوليءَ ڏانهن سنڌي ادارن ۽ اديبن جو اهڙو
رويو آهي جو سنڌي ٻوليءَ جو تعارف ئي ڄڻ ته ڄٽڪي ٻولي ٿي پيو آهي، ڀلي اسان سنڌيءَ
کي قديم ۽ شاهوڪار ٻولي چئون، ڀلي اسان شاهه لطيف جي پيغام کي عالمي پيغام چئون،
پر اها حقيقت آهي ته هر عام سنڌي ماڻهو توڙي سنڌي اديب پنهنجي اولاد کي انگريزي
پڙهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. سنڌي ٻوليءَ جي وسدار اداري جو چيئرمين سائين محمد قاسم
ٻگھيو چوي ٿو ته جڏهن ڪنهن کي به سنڌي پڙهڻ لاءِ چئجي ٿو ڄڻ کيس ڄٽ ٿيڻ جي دعوت ٿي
ڏجي. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪري ان جو
اهڙو تعارف ڪرايو ويو آهي، ته ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنسي ڄاڻ نه هجڻ ڪري اهڙو
تاثر بيٺو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ بچائڻ جو طريقو ٻڌائي ٿو ته ”سنڌي
ٻوليءَ“ ۾ جيڪڏهن سائنسي، علمي، فني، هنري ۽ سڀني موضوعن تي گھربل معياري مواد
موجود نه هوندو ته سنڌي واقعي به ڄٽڪي ٻولي ليکي ويندي. علامه آءِ آءِ قاضي پڻ هڪ
جاءِ تي چيو ته ”سنڌي ٻولي اوهان بچائي تڏهن ٿا سگھو جڏهن ان کي معنيٰ ۽ فڪر جي
قوت سان مضبوط ۽ سگھارو ڪيو“.
ڊاڪٽر محبت ان خيال جو هو ته جيئن
ته اسان سنڌي آهيون. سنڌيءَ ۾ ڳالهايون ٿا، لکون پڙهون ۽ سوچيون به سنڌيءَ ۾ ٿا،
اسان جو روزانو وهنوار به سنڌيءَ ۾ ٿئي ٿو، ان ڪري لازم آهي ته دنيا جو سمورو علم
سنڌيءَ ۾ ميسر هجي. اهو ئي سڌو سادو سلجھيل ۽ سلڇڻو رويو آهي ڀلي ته سنڌ يونيورسٽي
۾ سائين هدايت پريم جي گھر ڏانهن ويندڙ گھٽين ۽ قنبر شهر جي روڊن ۽ رستن تي سائين
محبت ٻرڙي جي قدمن جا نشان اڄ ڪنهن کي نظر نه اچن، پر ڄام شوري ۾ غلام حسين هَڪڙي
جي گھر جي ڪٻٽن کان وٺي، سائين قاسم ٻگھئي جي ڪچهرين ۾، علمي ادبي خاص ڪري ٻوليءَ
جي بحثن کان وٺي ادب دوست ماڻهن جي دلين ۾ ڊاڪٽر محبت جي محبت جا نشان واضح هوندا.
جهڙيءَ طرح دنيا جي پهرين شاعر ۽ يوناني ڏاهي هومر جي مرڻ کان پوءِ يونان جي مختلف
شهرن جي ماڻهن دعويٰ ڪئي هئي ته هومر سندن شهرن جو رهواسي هو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي جي ٻوليءَ لاءِ محبت ۽ محنت تي هر سنڌي کي فخر رهندو. ڪنهن جي مڃتا لاءِ
اهو ئي ڪافي آهي. ڊاڪٽر محبت پاران محبتي ماڻهن جي دلين ۾ پوکيل محبت جي ٻوٽي جي
گلن جي خوشبو سدائين تازي رهندي.
No comments:
Post a Comment