پروفيسر عزيز الدين احمد / ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
شهاب الدين غوري جي هندستان تي ڪاهه
شهاب الدين غوريءَ جي هندستان تي ڪاهه جو واسطو وچ-ايشيا جي سياسي لاهه چاڙهه ۽ انهن
هيٺ مٿاهين سان آهي، جيڪي اتي اقتدار کي سنوَت ۾ رکڻ لاءِ نت نئين سج ٿي رهيون هيون. شهاب الدين غوري، لاهور خسرو مَلڪ کان
کسيو، جيڪو غزنوي گھراڻي جو پويون حڪمران هو. لاهور تي قبضو حقيقت ۾ غورين ۽ غزنوين جي پاڻ ۾ ساڙ ۽ ڪٺور
وير جو ڪُڌو نتيجو هو. شهاب الدين غوري جا
ٻه چاچا غزني جي حاڪم بهرام شاهه هٿان مارجي چڪا هئا. ان جو بدلو شهاب الدين غوري جي
ٽين چاچي علاءُ الدين جهان سوز اهڙي ته ڪٺور نموني ورتو جو انساني تاريخ ۾ ان جو
مثال ڳوليو ڪونه لڀندو. علاءُ الدين
شهر غزنيءَ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ
بدلي جي انڌ ۾ ان کي باهه ڏياري ڇڏي ۽ آباديءَ جي عام ڪوس جو حڪم ڏنو. ايتري قدر
جو غزني گھراڻي جون قبرون کوٽائي مُردن جون
هڏيون ڪڍائي باهه ڏياري. ان جو تفصيل مشهور مسلمان تاريخ-ڄاڻو ۽ ديني عالم منهاج سراجَ پنهنجي ڪتاب ”طبقات
ناصري“ ۾ هن طرح ڏنو آهي.
”ست ڏينهن ۽ ست راتيون غزني شهر
باهه جي اُلن جو مچ-گھر ٿيو پيو هو ۽ علاءُ الدين ان سلسلي ۾ ڏاڍي ضد ۾ آڪڙ کان ڪم ورتو. راوي
(روايت يا بيان ڪندڙ) چوي ٿو ته ستن ڏينهن ۽ راتين تائين دونهين جي گھڻائيءَ سبب فضا ايتري ته ڪاري ۽ انڌاري ٿي وئي جو ڏينهن به رات لڳندو هو ۽ وري رات
جو اُلا ايڏا ته اوچا ۽ ڀڙڪندڙ هوندا هئا جو ڏينهن پيو ڀاسبو هو. ان مدي ۾ ڏاڍ، ڪوس ۽ چيرڦاڙ جو سلسلو بيدرديءَ سان
هلندو رهيو. مَردن مان جيڪي به مليا، تلوار جو کاڄ ٿيا، عورتون ۽ ٻار باندي ڪيا ويا.“
”پوءِ علاءُ الدين حڪم ڏنو ته
محمود گھراڻي جي سڀني بادشاهن جون قبرون کوٽي مُردا ٻاهر ڪڍيا وڃن ۽ انهن کي به
ٻاريو وڃي. رڳو سلطان محمود غازي، سلطان مسعود ۽ سلطان ابراهيم جون قبرون آجيون
سڏيون ويون. غزني بادشاهن جي پاڙن ۾ علاءُ الدين ست ڏينهن شراب پيئندي ۽ عيش
عشرتون ڪندي گذاريا.“
”غزني کان هلندي وقت حڪم ڏئي
ڇڏيائين ته ڪجھه سيد گڏ وٺي هلو، ته جيئن
سلطان سوري (پنهنجي ڀاءُ) جي وزير سيد مجدالدين موسوي جو پلئه وٺي سگھجي، جنهن کي
سلطان سوري سان گڏ پُل جي هڪ طاق تي ليٽايو ويو هو. غزنيءَ جي مٽيءَ سان ٿيلها
ڀري، انهن سيدن جي ڪَنڌن ۾
ٻڌا ويا هئا. ان حال ۾ انهن کي فيروزه ڪوهه (غورين جي گاديءَ) ۾ آندو، پوءِ انهن کي ڪُٺو ويو،
انهن جي رت سان غزني جي مٽي ڳوٿي وئي ۽ فيروزه ڪوهه جي ٽڪريءَ تي انهن مان ڪجهه
مينار ٺاهيا ويا، جيڪي طبقات جي لکڻيءَ تائين موجود هئا.“
تڏهن به ڪجھه مدي کان پوءِ خسرو مَلڪ جي اميرن هڪ ڀيرو وري غزني تي قبضو ڪيو. 547 هجري ۾ جڏهن ان شهر تي غورين جو نئين سر قبضو ٿيو، ته شهاب الدين غوري جي مَن ۾ هندستان تي ڪاهه جو سودو
سمايو. ان جو سبب چٽو هو. جيئن ته لاهور ۽ ملتان غزنيءَ جي حاڪم جي قبضي ۾ رهيا
هئا، ان ڪري هاڻي هو انهن کي غزنيءَ جي نون وارثن جو حق سمجھي رهيو هو. لشڪر چاڙهڻ
جو ڪو به نظرياتي مقصد، مثال طور اسلام جي تبليغ نه هو، پر نام نهاد وارثيءَ جو حق هو. اهو مقصد ماڻڻ لاءِ شهاب الدين غوري سندرو ٻڌو. ان وقت تائين وچ-ايشيا جا
ڪاهيندڙ گومل لَڪ رستي هندستان ايندا هئا.
ان ڪري لاهور پهچڻ کان اڳ ملتان ۽ اُچ شريف تي قبضو ضروري هو. شهاب الدين پهريائين
ملتان ۽ اُچ کي فتح ڪيو ۽ ان کان پوءِ
خسرو ملڪ کي مات ڪري لاهور تي قبضو ڪيو. اُچ تي هندو راجا حڪمران هو. ملتان قرمطن
جي قبضي ۾ هو، پر ويچارو خسرو ملڪ ته پڪو عقيدو رکندڙ مسلمان ۽ محمود غزنوي گھراڻي جو آخري ڏيئو هو. ان کي باندي ڪري گرجستان موڪليو ويو، جتي ڪجھه
وقت کان پوءِ کيس ماري ڇڏيو.
ظاهر آهي ته شهاب الدين غوري جي
ان سياسي جدوجهد کي مذهبي جنگ جو نالو نه ٿو ڏئي سگھجي. اها ويڙهه کٽڻ لاءِ هن به ۽ پويَن غزنوي حڪمرانن به جيڪي حربا ڪم آندا، اهي به مذهبي ويڙهن
۾ ڪم نه آندا ويندا آهن. خسرو ملڪ شهاب الدين غوري جي سيالڪوٽ واري گورنر (حاڪم) جو
غير مسلم گکڙن ۽ هندن سان گڏجي ساهه منجھائي رکيو هو. شهاب الدين غوريءَ به
سيالڪوٽ ۽ ڄمون جي هندو حڪمرانن چڪرديو ۽ وجي ديو سان اتحاد ڪيو. ان مان ظاهر ٿئي
ٿو ته غوريءَ جي هندستان تي ڪاهه جي ارادي پٺيان ڪو به ديني مقصد ڪو نه هو. هيءَ هڪ اهڙي ويڙهه
هئي، جنهن ۾ شهاب الدين غوري به ۽ ان جي سامهون ايندڙ پويون غزنوي حڪمران به مذهب
۽ ملت کان مٿانهان ٿي فيصلو ڪري رهيا هئا، پوءِ ترائن جي ويڙهه ۾ جڏهن پرٿوي راج چوهان جي راجپوت فوج سان شهاب الدين غوري آمهون سامهون ٿيو، ته اها رڳو هڪ اتفاقي ڳالهه هئي، جو غوريءَ جي مقابلي ۾ هڪ هندو هو. جيڪڏهن انهن ڏينهن ۾
دهليءَ جي تخت تي مسلمان حاڪم هجي ها ته شهاب الدين غوري جي فوجي ۽ سياسي هنرمندي
هن کي پنهنجي ئي ديني ڀاءُ سان مهاڏو اٽڪائڻ تي لاچار ڪري ها، تنهنڪري ان جنگ
کي ڪنهن اوچي مقصد لاءِ ويڙهه سڏڻ حقيقت جي خلاف آهي. ڳالهه اصل ۾ هيءَ آهي ته
پنجاب فتح ڪرڻ جو مقصد هندستان جي در ۾ گھڙڻ برابر هو. سوڀن جو ايندڙ سلسلو ان کان پوءِ هڪ
فطري وک هئي. پنجاب تي قبضو ئي ان ڪري ڪيو پئي ويو ته جيئن هندستان تي ڪاهه ڪري
سگھجي.
محمد قاسم فرشته جي چوڻ موجب شهاب
الدين غوريءَ بنارس تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ هڪ
هزار مندرن کي رڳو ان ڪري ڊهرايو ويو ته جيئن مسلمانن (لشڪرين) جي لاءِ گھر ٺاهي
سگھجن.
ظاهر آهي ته اها ڪرت به اسلام
وڌائڻ جي جذبي جو نتيجو نه هئي. ٻين مذهبن جا عبادت گھر ڊاهڻ وسيلي اسلام جو وڌاءُ
ممڪن نه ٿو ٿي سگھي، پر ان جي نتيجي ۾ جذبا اهلِ اسلام جي خلاف ئي هوندا. اصل ۾ بادشاهه سان گڏ ايندڙ لشڪر جي ماڻهن لاءِ گھرن
جي گھرج هئي. ائين ٿو لڳي ته هندن جي مندرن ۾ گھربل ڦيرڦار ڪري، انهن کي فوجين جو
گھر ٺاهيو ويو. شهاب الدين جو واسطو وچ-ايشيا
سان هو. جيڪڏهن چاچو علاءُ الدين جهانسوز مسلمانن جي شهر غزنيءَ کي ان جي مسجدن ۽
مقبرن سميت ستن ڏينهن تائين ساڙيندو
رهيو ته لشڪري گھرجن پٽاندڙ
بنارس جا مندر تباهه ڪرڻ ۾ ڀائٽي کي ڪهڙو دل من هڻڻو پوندو. وچ-ايشيا جي
ڪلچر ۾ ڪاهيندڙن لاءِ شهرن کي ساڙڻ، جايون ڊهرائي پَٽ ڪرڻ ۽ شهر جي آباديءَ کي
تلوار جو کاڄ بنائڻ فوجي ڪارروائي سمجھي ويندي هئي. چنگيز خان کان وٺي بابر تائين
سڀني ان قسم جا ڪم ڪيا آهن. بابر لاهور تي قبضي کان پوءِ جڏهن باهه ڏياري، تڏهن ان ڳالهه جو ڪو به (لئه لحاظ) نه ڪيائين ته شهر ۾
مندرن سان گڏ ڏهاڪين مسجدون به آباد آهن. وچ-ايشيائي ڪاهيندڙن جي انهن ڪارواين
جي نتيجي ۾ لکين بي ڏوهه ماڻهو ماريا
ويندا هئا، آرٽ ۽ فن اڏاوت جا اڻلڀ نمونا ڀسم، اهي ڪتاب گھرَ جن ۾ انساني ذهن جي صدين جي سڀاءَ جو لاڀ هو، برباد ۽ انساني ڀلائيءَ لاءِ جوڙيل شهري سهوليتون جهٽ کن ۾ باهه جو ٻارڻ ڪيون وينديون هيون ۽ صدين جي
پورهئي، ڪشالي ۽ ذهانت سان ٺاهيل شهر کنڊر بنجي ويندا هئا. وچ-ايشيائي
ڪاهيندڙن جي انهن وحشي ڪارواين جو هڪ چِٽو مقصد هو، جيڪو ماڻڻ لاءِ اهي جنهن پاسي کان گذرندا، ان
پاسي انسانيت کي چيڀاٽيندا هلندا ويندا. حقيقت ۾ اهي ڪاروايون نفسياتي ويڙهه جو
هٿيار هيون. انهن جو مقصد شڪار کي ايڏو ڊيڄارڻ هو ته
جيئن اهي مقابلي ۾ بنا ويڙهه جي هٿيار ڦٽو ڪري ۽ ڪاهيندڙن جي مطالبن آڏو ڪنڌ
نمائن. اهو جنگي طريقو هر طرح غير اسلامي طريقو هو. اسلام جي تعليم موجب، نه ته مخالفن جي عبادت گھرن کي ڊاهڻ ۽ نه ئي بيگناهه شهرين
جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ جي موڪل هوندي آهي. اسلام ته اڀريل فصلن ۽ تان جو وڻن
کي به ويڙهه هلندي تباهه ڪرڻ کان جھلي ٿو. وچ-ايشيا کان ڪاهيندڙ گھڻي ڀاڱي ڪي ٻه چار پيڙهيون اڳ مسلمان ٿيا هئا ۽ انهن جي سوچ تي وچ-ايشيائي
ڪافراڻين ثقافتن جي گھاٽي ڇاپ لڳل هئي. ان ڪري سندن ويڙهه جو طريقو اسلامي تعليمن
جي ايتڙ وچ-ايشيائي روايتن موجب هيو.
(ڇپيل: روزاني ”جاڳو“ ڪراچي، 3 مارچ
1992ع)
No comments:
Post a Comment