دين محمد ڪلهوڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو: هڪ جينيس
ماڻهو
قول کي فعل جي ڪسوٽيءَ تي
پرکيندڙ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو سچ پچ جينيس ماڻهو هو، جنهن ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مفادن
خاطر حالتن سان ٺاهه نه ڪيو، سياسي قلابازي ڏيندڙ بازيگر سياستدانن ۽ ظالم حڪمرانن
کي ڪڏهن به نه بخشيو، پيٽ خالي هوندي به سندس قلم طاقتور رهيو. اندر جو دوزخ کيس
آخر تائين تڙپائيندو ۽ چيچلائيندو رهيو پر سندس ضمير هار نه مڃي ۽ وڪامجي نه
سگھيو. مون ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي سياست، ادب، فلاسافي، تاريخ، سائنس، معاشيات، مذهب،
نفسيات، اخلاقيات، فلڪيات، لسانيات ۽ محبت جھڙن موضوعن تي روانيءَ سان ڳالهائيندي
ڏٺو.
آءٌ بنا ڪنهن هٻڪ، اهو
اعتراف ڪريان ٿو ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙو علم جو درياءُ هو ۽ ان درياءَ مان اسان جھڙا
ڪيترائي پياسا ماڻهو علم جي سرڪ ڀرڻ لاءِ سندس لطيف ڪلينڪ تي ويندا هئا. هُو ڊاڪٽر
به پاڻ هو ته ڊسپينسر به. مريضن کان اول ڏوڪڙ پڇندو هو، پوءِ انهيءَ آڌار تي
ميڊيڪل اسٽور جي دوا لکي ڏيندو هو. پونسٽان، ڪال پول، پئراسٽامول، بروفِن جون
گوريون مريضن کي اڪثر لکي ڏيندو هو. ماڻهو ڀلي ڪيڏي به وڏي طبقي يا گھراڻي سان
تعلق رکندڙ هجي، پر اهو حقيقت ۾ تڏهن ئي وڏو ماڻهو بڻجي ٿو جڏهن سندس روين ۾
شوخيءَ ۽ ڪروڌ بجاءِ آفاقيت ۽ اعليٰ معيار جا قدر موجود هجن، ۽ ڊاڪٽر محبت روين ۾
ڏاڍو نرم، بلڪل نرم هو. ڊاڪٽر لفاظيءَ بجاءِ عمل کي ڏسندو هو. هن وٽ انسان دوست ۽
وفادار ماڻهوءَ جو وڏو قدر هو. محبت جھڙا آدرشي ماڻهو مرڻا ناهن پر ور ور ورڻا
ضرور آهن. ڊاڪٽر زندگيءَ ۾ ڪيترائي خواب ڏٺا هئا، جن جي تعمير لاءِ هن مسلسل
جاکوڙيو پئي. قنبر کان ايل ايم سي تائين، ايل ايم سي کان عوام تحريڪ جي سياسي اٿل
پٿل کان سنڌيءَ ٻولي جي تحفظ تائين، ڪي خواب ته پورا ٿيا، ڪي نه جھڙا، ۽ ڪي ته
ماڳهين ڀور ڀور ٿي ويا. پر آخر ۾ سنڌي لسانيات تي ڪيل سندس تحقيقي ڪم ماضيءَ جي
سمورن ٿڪن کي جھڙوڪر ٿيلي ڇڏيو. ٻوليءَ متعلق سندس لکيل مقالن لسانيات جي اصل
عالمن کي ڇرڪائي ڇڏيو.
ڊاڪٽر جو خواب هو ته
سنڌيءَ ۾ انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪئي وڃي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اهو واحد ٻوليءَ جو ماهر
هو جنهن انسائيڪلوپيڊيا جي سلسلي ۾ تعارفي مضمون لکي سنڌيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا
واري پيڙهه جو پٿر رکيو. ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ‘ طرفان انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا
جي نالي سان ڪتاب به ڇپايو ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت نه رڳو انسائيڪلوپيڊيا جي
وصف ۽ قدامت سمجھائي آهي پر ان سان گڏ ترتيب به ٻڌائي آهي جنهن سان اها تيار ڪري
سگھجي ٿي. بهرحال هينئر هڪ ادارو سنڌي انسائيڪلوپيڊيا تي ڪم ڪري رهيو آهي. اسان کي
سمجھڻ ۾ دشواري ضرور محسوس ٿيندي ته آيا اها انسائيڪلوپيڊيا ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي
خواب جي ساڀيان ڪري سگھندي يا نه؟
بهرحال، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
هن دور جو اهو جينيس ماڻهو هو، جنهن پنهنجي قول ۽ فعل کي متضاد ٿيڻ نه ڏنو، پنهنجي
ذهن ۽ ضمير سان ڪيل ڪمٽمينٽ سان سچو رهيو. موجوده فرسٽيشن ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾
سماج کي ڊاڪٽر محبت جھڙن آدرشي ۽ اتساهه ڏيندڙ ماڻهن جي سخت ضرورت آهي.
No comments:
Post a Comment