رياضت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي
جو ڪتاب
”ماڻهو ۽ ماڻهپو“
(تعارف)
هن ڪتاب ۾ هي ڇهه تخليقي مقالا
شامل آهن: ’ماڻهو ۽ ماڻهپو‘، ’انساني حقن لاءِ جدوجهد جي تاريخ ۽ پس منظر‘، رياست
جي بُڻ بابت نظريا‘، ’جمهوريت‘، ’پاٿر ڄمار‘ ۽ ’ماڻهوءَ جهڙو جانار ۽ ماڻهو‘. جڏهن
ته نامور محقق جناب ايم.ايڇ. پنهور جا لکيل ٻه مقالا ’سنڌ ۾ ماڻهو‘ ۽ ’سنڌ ۾ نئين
پاٿر (نوپهڻي) ڄمار‘ پڻ ترجمي جي صورت ۾ ڪتاب جو حصو آهن. هتي خوشيءَ سان ڄاڻايان
ته ڊاڪٽر محبت ئي اهو پهريون مترجم آهي جنهن باضابطا طور، هڪ رٿا هيٺ، پنهور صاحب
جا مقالا ۽ ڪتاب ترجمو ڪرڻ شروع ڪيا، جن جي هڪ سهيڙ ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“(2010ع)
ڪتاب ۾ ڪئي وئي آهي.
اهي سڀئي مقالا ۽ مضمون ٿلهي ليکي هنن موضوعن بابت آهن: علم الانسان
(اينٿروپالاجي)، ثقافت (ڪلچر)، سماجي اڀياس (سوشيالاجي) ۽ علم سياست (پوليٽيڪل
سائنس).
پهرئين مضمون ’ماڻهو ۽ ماڻهپو‘ ۾ ڊاڪٽر محبت جانور ۽ ماڻهوءَ جي فرق کي چِٽو ڪري ماڻهپي جي گڻن تي ويچار ونڊيا آهن، اَماڻهپي کي نِنديو آهي ۽ ماڻهوءَ ۽
ماڻهپي کي وڌائڻ ۽ اماڻهوءَ ۽ اماڻهپي کي فنا ڪرڻ جي عام ڪوٺ ڏني آهي. هن مضمون جي ٻولي نج ادبي آهي، جنهن
مان لفظن جي سٽاءَ جي جڙت ۽ رواني پنهنجي سونهن ڀرپوريت
سان پئي پسائي. مضمون جو
اختتامي جملو ڊاڪٽر محبت جي هڪ خواهش ۽ ان کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجھد جو ڏس ڏئي ٿو.
اهو جملو هن ريت آهي:
”اچو ته اماڻهوءَ کي فنا ڪيون ۽ ماڻهوءَ کي بقا بخشيون،
اماڻهپي کي ختم ڪيون ۽ ماڻهپي کي وڌايون.“
ڪتاب جو ٻيو مضمون ’انساني حقن لاءِ جدوجھد جي تاريخ ۽ ان جو پس منظر (ننڍايل)‘ ڊاڪٽر محبت جي هڪ ليڪچر جي لکيت آهي، جيڪو هن لاڙڪاڻي ۾،
سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريريءَ ۾، ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران، 1992ع ۾ ڏنو هيو. هن مضمون ۾ عام ماڻهن سان ٿيل
ڏاڍاين ۽ سندن ڪوس جو مختصر پر اثرائتو ذڪر ڪيل آهي. خاص طرح هي پيراگراف ڌيان لهڻي ٿو: ”... اسين جيڪڏهن مذهب جي نالي ۾ وڙهيل مقدس جنگين
(ڪروسيڊ وارس)، پهرين مهاڀاري جنگ ۽ ٻي مهاڀاري جنگ تي هڪ نظر وجھون ٿا ته ڇهه
ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن جا چچريل، چٿيل لاش، پنجن لکن کان وڌيڪ ڳوٺن ۽ شهرن جون اجڙيل
جايون ۽ لکين ايڪڙ ٻنين جا ڀڙڀانگ ٻڙگھل اندر کي ڏڪايو رکن. مٿان وري هيروشيما ۽
ناگاساڪي تي ڪرندڙ ايٽم بمن ۽ پڄري سڙندڙ، سڙي ڦاٽندڙ، ڊهندڙ ۽ ڦِٽندڙ لاشن، جاين،
شهرن ۽ فصلن تي هڪ نظر وڌي وڃي ته اندر جھري پوي ٿو ۽ انسانيت تان ايمان کڄڻ لڳي
ٿو.“
هن معلوماتي
مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت هڪ حساس دل فرد محسوس ٿئي ٿو، جيڪو هڪ انسان جي ڦريل حقن کي واپس انسان کي ڏيارائڻ چاهي ٿو ۽ ان لاءِ
پنهنجي پاران هر قسم جي جدوجهد ڪرڻ پاڻ تي فرض سمجھي ٿو. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌ، سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻوليءَ، سنڌو
نديءَ ۽ سنڌين سان ٿيندڙ لاڳيتي دهشت گرديءَ جي حوالي سان ڪجھه گذارشون پيش ڪيون
آهن، جيڪي سندس سنڌ-دوستيءَ ۽ پنهنجي ڏيهه سان محبت جو هڪ اظهار آهن. هو مضمون جي پڄاڻي هِن نعري سان ٿو ڪري ته:
”سڄي ڌرتيءَ جا انسانو! پنهنجن
حقن لاءِ مِڙي مُٺ ٿيو.“
ڪتاب جو ٽيون مضمون ’رياست جي بُڻ بابت نظريا‘ آهي، جنهن ۾ رياست جي ٺهڻ ۽ وڌڻ بابت مختلف نظرين تي مختصر طور ويچار ونڊي،
انهن تي تنقيد ڪئي وئي آهي، اهي نظريا ٻه آهن: (1) قياسي
نظريا، ۽ (2) تاريخي نظريا. قياسي
نظرين ۾ رباني نظريو، زوراور نظريو ۽ سماجي ٺاھ وارو نظريو، جڏهن ته تاريخي نظرين
۾ ابوي يا پيءُ آدرشي نظريو، اموي يا ماءُ - آدرشي نظريو ۽ تاريخي يا ارتقائي
نظريو شامل ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر محبت جو هي مضمون رياست جي بڻ بابت مختلف نظرين بابت مختصر پر جامع
ڄاڻ ميسر ڪري ٿو.
چوٿين مضمون ’جمهوريت‘ ۾ ڊاڪٽر
محبت ٻڌائي ٿو ته جمهوريت جي حقيقي معنيٰ عوامي راڄ بدران عوام پڻو يا عواميت نڪري
ٿي، تڏهن به اهو لفظ عوام جي حڪمرانيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جمهوريت بابت مختلف
سڄاڻڪن جي وصفن کان پوءِ جمهوريت جي ٻن قسمن: (1) سِڌي
جمهوريت، ۽ (2) اڻ سِڌي يا نمائنده جمهوريت تي مختصراً بحث ڪيل آهي. اسان ڏسون ٿا ته هن مضمون ۾ نه صرف جمهوريت جي وصف بيان ڪيل
آهي، پر ان جي قسمن، لاڳاپيل ضروري ڳالهين ۽ شرطن ۽ ان جي کوٽن يا اعتراضن تي به
ويچار ونديل آهن، جيڪي سمجھڻ ۾ تمام سهنجا آهن.
ڪتاب جا آخري ٻه تخليقي مضمون ۽ ترجمو ڪيل مقالا هڪ ئي سلسلي ـــــ پٿر واري دور ۾ سنڌ ۾ ماڻهوءَ جي پراڻي تاريخ ــــــ سان لاڳاپيل آهن.
ڊاڪٽر محبت پنهنجا ٻئي مضمونَ ’پاٿر ڄمار‘ ۽ ’ماڻهوءَ جھڙو جانار ۽ ماڻهو‘ پنهور صاحب جي مقالن کي واضح ڪرڻ خاطر لکيا هئا. ’پاٿر ڄمار‘ ليک پٿر جي وکرن واري دور
بابت آهي، جنهن ۾ پٿر جا اوزار ٺاهيا ويا، جيڪي شڪار ڪرڻ، دشمن کان بچڻ ۽ کيس جوکو
رسائڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا.
ٻئي مضمون ’ماڻهوءَ جھڙو جانار ۽ ماڻهو‘ ۾ به پاٿر ڄمار جو موضوع آهي، جنهن ۾ انساني پورهئي جا پهريان نشان آهن، جنهن
ماڻهوءَ جھڙي جانار کان خوشيءَ مان ڪو نيارو واڪو، آواز ڪڍرايو ۽ اهو مسلسل عمل
اڳتي هلي انساني ٻولي بڻيو ۽ انهن ٻنهي عملن جي عڪسن انساني سمجھه جي دنيا کي
تخليق ڪيو. ان طرح لکين ورهين جي وسعت ۾
پکيڙيل هيءُ ساٽ (Process) آهي:
”پورهئي
وکر ڏنو،
ٻول ڏنو،
شعور
ڏنو،
سماج ڏنو
۽
ماڻهوءَ
جھڙي جانار کي بدلائي ماڻهو بڻايو.“
هنن ٻنهي مضمونن توڻي پنهور صاحب
جي مقالن ۾ مخصوص اصطلاحن لاءِ ڊاڪٽر محبت سنڌي اصطلاح ڏيڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي، جيئن: پاٿر ڄمار، جُھوپهڻي، وچپهڻي، نوپهڻي، ٻنگارپهڻي ۽ لوهي ڄمارون وغيره. اهي اهڙا اصطلاح آهن،
جن کي مرتب اصطلاحن طور سولائيءَ سان سمجھي ۽ لکي پڙهي توڻي ڳالهائي سگھجي ٿو.
ڊاڪٽر محبت جي اها تعميري سوچ هئي، جيڪا عام ”عالماڻن روين“ جي ڪري عام نه ٿي سگھي
۽ فقط هن تائين ئي محدود رهجي وئي آهي.
ايم.ايڇ. پنهور صاحب جي ترجمو ڪيل پهرين مقالي ’سنڌ ۾ ماڻهو‘ (Man in Sindh – Stone
age to Neolithic) جي شروعات ۾ پاٿر ڄمار کي مختصراً واضح ڪيل آهي، جنهن کان
پوءِ انهن جانارن جو ذڪر آهي، جن جي سٿ مان اسري، ماڻهو اڄوڪي مُنهن
مهانڊي، هڏڪاٺ ۽ ذهني ڏات ۽ ڏاهپ کي پهتو آهي. اهي جانار هي آهن: ڏاکڻباندر/آسٽرالوپِٿيڪَس، ماڻواڀير/هومواريڪٽس، ماڻو
سڌيت/ هوموسئيپنيز، ۽ مٿيون جھوپهڻي ماڻهو.
جيتوڻيڪ پنهور صاحب جو هيءُ مقالو
سَنن جي گھڻائيءَ ۽ ڏکين اصطلاحن جي ڪري بظاهر ڏکيو محسوس ٿئي ٿو، پر حقيقت ۾ ائين
ناهي. مواد کي ڌيرج سان پڙهبو ته سمجھي وٺبو.
ڪتاب جو آخري مقالو ’سنڌ ۾ نئين پاٿر (نوپهڻي) ڄمار‘ به مٿين ٽنهي مقالن ۽ مضمونن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن
۾ سنڌ ۾ نوپهڻي ڄمار، ٻنگارپهڻي ڄمار ۽ اوائلي سنڌو ثقافت بابت سن وار مفيد ڄاڻ
ڏنل آهي. آخري مقالو، حقيقت ۾، پنهور صاحب جي بيحد
اهم ڪتاب ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ جو حصو آهي.
ڊاڪٽر محبت جو هيءُ ڪتاب ”ماڻهو
۽ ماڻهپو“ چونڊ مواد سبب هڪ اهم
ڪتاب آهي، جنهن ۾ سهيڙيل مقالا ۽
مضمون پڙهڻ ۽ پِرائڻ وٽان آهن.
No comments:
Post a Comment