5/31/2024

بابر ۽ پنجاب - پروفيسر عزيزالدين احمد/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

بابر ۽ پنجاب

 


دولت خان لوڌي، ابراهيم لوڌيءَ پاران پنجاب جو حاڪم هو. هُن ابراهيم لوڌيءَ کان ناراض ٿي، بابر کي ترڪستان کان هلي اچي هندستان تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ هِرکايو. پنجاب ۽ هندستان تي ڪاهه جو سڄو قصو ظھيرالدين بابر جي آتم ڪٿا ”تزڪ بابري“ ۾  لکيل آهي. هندستان ۾ بابر کي ڇا نظر آيو، جنھن کيس ڪاهه تي اڀاريو، اهو به تزڪ بابريءَ ۾ لکيل آهي.

بابر ۽ هندستان تي سوڀ - پروفيسر عزيزالدين احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

بابر ۽ هندستان تي سوڀ

 


بابرُ، جنھن پوءِ پاڻ کي ’بادشاهه غازِي‘ جو لقب ڏنو، جڏهن پنجاب تي ڪَڙڪيو، ته دهليءَ جي تخت تي پٺاڻ بادشاهه ابراهيم لوڌيءَ جي حڪمراني هئي ۽ پنجاب تي ان جو گورنر دولت خان لوڌي واڳ سنڀاليو ويٺو هو. جيڪڏهن وچ ايشيا جي مخصوص صورتحال بابر کي ديس ڇڏڻ لاءِ مجبور نه ڪري ها، ته هُو شايد ترڪستان جي حڪومت تائين پنھنجو پاڻ کي محدود رکي ها ۽ هندستان ڏي نه اچي ها، پر جڏهن سندس سياسي رقيب شيباني ازبڪ کيس هار مٿان هار ڏئي فرغانه کان لوڌي ڪڍيو ۽ پوءِ سڄي ترڪستان ۾ هُن لاءِ رهڻ ناممڪن ڪري ڇڏيو ۽ بابر ڪابل ۾ پناهه وٺڻ لاءِ لاچار ٿيو، ته هُن جي من ۾ هندستان کي فتح ڪرڻ جو خيال ڪَر کڻڻ لڳو.

امير تيمور ۽ هندستان تي سوڀ - پروفيسر عزيزالدين احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

امير تيمور ۽ هندستان تي سوڀ

 


امير تيمور جي هندستان تي ڪاهه جو اصل سبب هِتان جي دولت ڦرڻ هئي. دهليءَ جي تخت تي قبضو رکندڙ تغلق گهراڻو نااهل ۽ ڪمزور هو، جنھن جي نتيجي ۾ هندستان طوائف الملوڪيءَ (ڇت ڪتائي) جو شڪار ٿي پيو هو. انهن حالتن مان فائدو وٺڻ لاءِ امير تيمورَ هندستان تي، جيڪو پنھنجي سوکيءَ پوکيءَ ۽ سُکيي ستابي هئڻ سبب سونِي جهرڪي سڏيو ويندو هو، ڪاهه جو فيصلو ڪيو. امير تيمور پنھنجيءَ آتم ڪٿا ”تزڪ تيموريءَ“ ۾ اها ڳالهه مڃي آهي، ته هندستان تي ڪاهه ڪرڻ کان اڳ ۾ اِن ڏيھه بابت ڄاڻ گڏ ڪئي هئي ۽ جڏهن کيس پڪ پئجي وئي، ته ڪاهه سان کيس اڻمَيو مال ملندو، تڏهن ئي هُن ڪاهه جو ارادو ڪيو.

محمود غزنويءَ جون ڪاهون - پروفيسر عزيزالدين احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

محمود غزنويءَ جون ڪاهون

 


ڪاهيندڙ جي اڳيان ڪڏهن به اسلام جي تبليغ جو مقصد نه رهيو. انهن ڪاهيندڙن يا ٻاهران اچي اُپکَنڊ (بنگال، ڀارت ۽ سنڌو ماٿري) جي شاهي تخت تي ڪَرُ کڻي ويھندڙن اسلام جي تبليغ لاءِ ڪڏهن به ڪي چِٽا ۽ پَڪا ڪم نه ڪيا. اُهي ملڪ گيري ۽ ويڪري ڌرتي ڦٻائڻ لاءِ اپکنڊ ۾ گهڙيا هئا. جھانگِيرِي (سڄو جھان وٺڻ، سڄي ڌرتيءَ تي قبضو ڪرڻ)، عالمگِيرِي ۽ شاھجھانِي (سڄي جھان جو بادشاهه يا شاهه يعني وڏو واڳ-ڌڻي يا حاڪم ٿيڻ) انهن جو پھريون ۽ پويون مقصد هو.

5/30/2024

امير تيمور جي پنجاب تي ڪاهه - پروفيسر عزيزالدين احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

امير تيمور جي پنجاب تي ڪاهه

 


محمود غزنويءَ جيان امير تيمور گورگان به وچ ايشيا سان واسطو رکي پيو. پنجاب ۽ هندستان جي گهڻيءَ دولت جا قصا ٻُڌي، سونَ جي ان جهرڪيءَ کي ڦاسائڻ جي سَڌ هُن جي مَن ۾ تَڏُون ڏيڻ لڳي. ڦرلٽ جي ان مقصد کي تيمور مذهبي رنگ ڏنو. پنھنجيءَ آتم ڪٿا ”ملفوظات تيموري“ ۾ هُو لکي ٿو ته، ”مون ٻُڌو هو ته ڪافرن سان ويڙه وڙهندي جيڪو ماڻهو مري وڃي ته شھيد ۽ جيئرو بچڻ وارو غازي سڏائيندو آهي. مون ارادو ڪيو ته ڪافرن خلاف ويڙه ڪندس، پر اهو نه نبيريو ته اهي ڪافر چِين جا هوندا يا هندستان جا بت-پوڄاري [بُت پَرست].“ ياد رهي، ته انهن ڏينھنِ ۾ هندستان جا حڪمرانَ، تغلق گهراڻي سان واسطو رکندڙ، مسلمان هئا.

تيمور کي جڏهن اهو پرو پيو ته چين جي ڀيٽ ۾ هندستان جي سالياني مال جو اگهه سورهن ارب مشقال چاندي آهي، ته هُن هندستان تي ڪاهه ڪرڻ کي آڳ ڏني. لشڪر چاڙهڻ جي سبب لاءِ قرآن مان فار ڪڍرائي وئي جيڪا بدقسمتيءَ سان هندستانين جي خلاف نڪتي. عالمن هندستان خلاف جھاد جي فتوا جاري ڪئي.

5/28/2024

احمد شاهه ابداليءَ جون هندستان تي ڪاهون - پروفيسر عزيزالدين احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

احمد شاهه ابداليءَ جون هندستان تي ڪاهون

 


احمد شاهه ابداليءَ جي جيڪا تصوير درسي (نصابي) ڪتابن ۾ چِٽي ويندي آهي، اها خاص طرح حقيقت جي ابتڙ آهي. هن جي هندستان تي ڪاهن جو ڪارڻ اهو ڏنو ويندو آهي، ته هُو ديني عالمن جي دعوت تي هندستان جي مسلمانن جي مدد ڪرڻ آيو هو، جيڪي سِکن ۽ مرهٽن مان ڦاسي ويا هئا. حقيقتون اُن دعوا کي ڪُوڙو ثابت ڪن ٿيون.

احمد شاهه ابدالي به هڪ سلطنت ٺاهيندڙ حملي آور هو. سلطنت ٺاهڻ جي عمل ۾ اصل چورڻو [محرڪ] جذبو مذهب نه هو، پر هڪ وڏي ۽ ويڪري خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ هو. هو پاڻ سُني عقيدي وارو افغان هجڻ باوجود نادر شاهه جي يساول يعني ذاتي نوڪر جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو، جيڪو شيعو به هو ۽ افغان دشمن به. وري هن جو ايڏو معتقد ٿي ويو، جو هن کي دراني فوج جو سالار مقرر ڪيو ويو. هُو نادر شاهه سان گڏ مارا ماريءَ جي انهن سڀني مھمن ۾ گڏ رهيو، جن جا تفصيل پڙهندي لڱ ڪانڊارجيو وڃن ٿا، پر ان دور جي وچ ايشيائي ثقافت ۾ اهي ڪارروايون تلوار رکندڙ صاحبن لاءِ هر ڏينھن جو ڪم هيون.

5/24/2024

”وڊا گَلو گهاڙا“ يا وڏِي ڪنڌَ-ڪور (وڏو قتلام) - پروفيسر عزيز الدين احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيز الدين احمد

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ”وڊا گَلو گهاڙا“ يا وڏِي ڪنڌَ-ڪور (وڏو قتلام)

 


احمد شاهه ابداليءَ جو لشڪر پھچندي ئي سِکَ جنڊيالا جو گهيرو لاهي ستلج اُڪري، پرينءَ ڀر هليا ويا. سندن نيت اها هئي ته عورتن ۽ ٻارن کي ٻيلي ۾ پھچائي ۽ لِڪائي، موٽي اچي، ابداليءَ جو مقابلو ڪجي، پر احمد شاهه ابداليءَ جي لشڪر کين ايتري مھلت نه ڏني ۽ سندن پِيڇو ڪيو. لڳ ڀڳ 30 هزار سِک عورتون ۽ ٻار بچائڻ لاءِ انهن کي پنھنجي بچاءَ-گهيري ۾ آڻيو، مقابلو ڪندا، پوئتي هٽندا ويا. ڏيڍ سَو ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ۽ ڇٽيھن ڪلاڪن تائين هلندڙ اِن ويڙه ۾ سِکن جو ڏاڍو جاني نقصان ٿيو. ٻارن ۽ عورتن جي سنڀال ڪندي، هِن ويڙه ۾ 10 هزار سِک، جن ۾ گهڻائي عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن جي هُئي، ماريا ويا. ان واقعي کي سِکن جي تاريخ ۾ ’وڊا گلو گهاڙا‘ يعني وڏِي ڪنڌَ-ڪور يا وڏي قتلام جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.

محمود غزنويءَ جي پنجاب تي ڪاهه - پروفيسر عزيز الدين احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيز الدين احمد

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

محمود غزنويءَ جي پنجاب تي ڪاهه

 


1001ع ۾، محمود غزنوي جي ڏينھنِ ۾، پشاور پنجابَ ۾ گڏيل هو ۽ ان جو حڪمران جئه پال هو. تاريخ عينِي موجب، محمود غزنوي ’اسلام جو جهنڊو ڦڙڪائيندو پنجاب تي ڪاهي آيو.‘ پشاور جي جنگ ۾ پنجابي فوجن وڏي دليريءَ سان ڪاهيندڙن جو مقابلو ڪيو، پر انهن کي هارَ ڏِسڻي پئي. جئه پال پندرهن مائٽن سميت باندِي ڪيو ويو. ان ڳالهه جو تاريخ ۾ ڪو به ذڪر نه ٿو ملي، ته محمود غزنويءَ راجا جئه پال ۽ ان جي مائٽن کي اسلام ڏانھن لاڙڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي هجي، پر ”تاريخ عيني“ جو ليکڪ، جيڪو اُتي موجود هو، فخر سان لکي ٿو ته راجا جئه پال جي ڳچيءَ مان جيڪو هار لاٿو ويو هو، ان جو مُلهه ٻه لک دينار هو ۽ ان جي مائٽن جي زيورن جو اَگهه چار لک دينار ـــ ان کان سواءِ ٻيو به غنيمت (ڦرلٽ) جو مال محمود غزنويءَ جي وَر چڙهيو. پنج لک غلام ۽ ٻانِهيون به ورهايون ويون. اسلام جو جهنڊو اُوچو ڪرڻ جو فائدو اسلام کي ته ڪجهه به نه مليو، پر محمود غزنويءَ ۽ ان جي لشڪر کي ڏاڍو گهڻو غنيمت جو مال مليو.

احمد شاهه ابداليءَ جون ڪاهون ۽ پنجاب جا عوام - پروفيسر عزيز الدين احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيز الدين احمد

مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 احمد شاهه ابداليءَ جون ڪاهون ۽ پنجاب جا عوام

 

کادا پِيتا لاهٖي دا تٖي باقِي احمد شاهٖي دا

احمد شاهه ابدالي افغان قوم جو سورهيه ته آهي، جو هُن دنيا جي نقشي تي پھريون ڀيرو افغانستان جو چِٽ چِٽيو، پر وچ-ايشيا جي ڪاهيندڙن جيان هُو به پنجاب جي عوام لاءِ ڦورُو ئي ثابت ٿيو.

احمد شاهه ٻاويھَن ورهيَن ۾ پنجاب جي رستي هندستان تي  نوَ ڪاهُون ڪيون ۽ جيڪو ڪجهه وَر چڙهيس، ڪابل کڻي ويو. ان ڪري، اها چوڻي عام ٿي ته ”کادا پيتا لاهي دا تي باقي احمد شاهي دا“. ڪجهه ته هُن جي لشڪر ڦريو ۽ ڪجهه هُو جنگِي خرچ جي شڪل ۾ هِتان ميڙي کڻي ويو. ماڻهن جي سوين سالن جي ڪَئِي ڪمائي انهن نوَن ڪاهن ۾ ڪابل ۽ قنڌار جي بازارن ۾ وڪامجڻ لڳي. ابداليءَ جي ڦرلٽ ايڏو نالو ڪڍيو، جو جڏهن به هُو لشڪر وٺي پنجاب ڏانھن روانو ٿيندو هو، ته پٺاڻن جا بُکيا اگهاڙا خونخوار قبيلا ڦرمار لاءِ هُن جي لشڪر سان گڏجي ويندا هئا. اهي قبيلا انهن باراني علائقن جا رهاڪو هئا جتي ٻني ٻارو ڄڻڪ هيو ئي ڪو نه ۽ ڦرلٽ کان سواءِ تڳڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ڦرلٽ کي روزگار جو پڪو وسيلو سمجهيو ويندو هو.

انهن ڏينھنِ ۾ دهليءَ جو بادشاهه اَٺ ئي پھر شراب ڪباب، راڳ رنگ ۽ هزارين ٻانِهيُن سان ’ميل جول‘ وڌائڻ ۾ رُڌل رهندو هو. پنجاب جي ترڪ گورنر شاهنواز خان پنھنجي ڀاءُ يحيا خان کي، جيڪو دهليءَ جي وزير قمرالدين خان جو نياڻو هو، لاهور جي حاڪميءَ کان زوريءَ لاهي ڪاٺ ۾ وجهرائي ڇڏيو هو، پر يحيا خان وفادار نوڪر جي واهر سان ڀَڄي پنھنجي سھري وٽ دهليءَ وڃي پھتو. شاهنواز کي ڳڻتيءَ اچي ورايو، ته متان قمرالدين خان مورڳو کيس حاڪميءَ تان لاهڻ سان گڏ سزا به نه ڏئي ڇڏي، ان ڪري هُن سِڌو احمد شاهه ابداليءَ کي خط لکيو، ته جيڪڏهن تون هندستان کي زيرِ ڪرين، ته ’تون بادشاهه ۽ آءٌ وزير‘، دهلي پڪل انب جيان تنھنجي جهول ۾ ڪِرڻ لاءِ آتي آهي.