ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
امير تيمور جي پنجاب تي ڪاهه
محمود غزنويءَ جيان امير
تيمور گورگان به وچ ايشيا سان واسطو رکي پيو. پنجاب ۽ هندستان جي گهڻيءَ دولت جا
قصا ٻُڌي، سونَ جي ان جهرڪيءَ کي ڦاسائڻ جي سَڌ هُن جي مَن ۾ تَڏُون ڏيڻ لڳي. ڦرلٽ
جي ان مقصد کي تيمور مذهبي رنگ ڏنو. پنھنجيءَ آتم ڪٿا ”ملفوظات تيموري“ ۾ هُو لکي
ٿو ته، ”مون ٻُڌو هو ته ڪافرن سان ويڙه وڙهندي جيڪو ماڻهو مري وڃي ته شھيد ۽ جيئرو
بچڻ وارو غازي سڏائيندو آهي. مون ارادو ڪيو ته ڪافرن خلاف ويڙه ڪندس، پر اهو نه
نبيريو ته اهي ڪافر چِين جا هوندا يا هندستان جا بت-پوڄاري [بُت پَرست].“ ياد رهي،
ته انهن ڏينھنِ ۾ هندستان جا حڪمرانَ، تغلق گهراڻي سان واسطو رکندڙ، مسلمان هئا.
تيمور کي جڏهن اهو پرو پيو ته چين جي ڀيٽ ۾ هندستان جي سالياني مال جو اگهه سورهن ارب مشقال چاندي آهي، ته هُن هندستان تي ڪاهه ڪرڻ کي آڳ ڏني. لشڪر چاڙهڻ جي سبب لاءِ قرآن مان فار ڪڍرائي وئي جيڪا بدقسمتيءَ سان هندستانين جي خلاف نڪتي. عالمن هندستان خلاف جھاد جي فتوا جاري ڪئي.
1396ع ۾ تيمورَ پنھنجي پوٽي
پير محمد کي هندستان فتح (قبضو) ڪرڻ لاءِ موڪليو، جنھن ملتان ويجهو اُچ شريف شھر
تي چڙهائي ڪري ان کي فتح (قبضي ۾) ڪرڻ کان پوءِ ملتان کي گهيرو وڌو. اهي ٻئي شھر
مسلمانن جا هئا. ملتاني ڇھن مھينن تائين پير محمد جي مقابلي ۾ ڄميا رهيا، پر
ڊيگهاري گهيري جي نتيجي ۾ کاڌي پيتي جون شيون کُٽي ويون. جيستائين کائڻ لاءِ ڪجهه
نه ڪجهه ملندو رهيو، تيستائين گهيري ۾ آيلن هٿيار ڦٽو نه ڪيا، پر تيمور جي چوڻ موجب
جڏهن بک جي ستايلن جي کائڻ لاءِ ٻليون ۽ ڪُئا به نه بچيا، ته اهي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي
لاچار ٿيا، پر اهي لِڪ ڇُپ ۾ ڪاهيندڙن خلاف رٿون تيار ڪندا رهيا ۽ جيئن ئي پير
محمد جون فوجون شھر جي پناهه کان ٻاهر نڪتيون، هنن ٻيھر بغاوت جو جهنڊو اڀو ڪيو،
پوءِ تيمور ملتانين کي ان بغاوت جون سزائون ڏاڍيون سخت ڏنيون.
1398ع ۾ تيمور خدا جو قھر ٿِي
پنجاب تي ڪاهي آيو، جنھن به راهه تان لنگهيو، تاتارين جي رسم موجب انساني ڪوپرين
جا منارا ٺاهيندو ويو. هن 12 سيپٽمبر تي سنڌوندي اُڪري پار ڪئي، چناب نديءَ تي
پنجاب جي گورنر شھاب الدين مبارڪ خان کي شڪست ڏني. پوئتي ته گورنر جون فوجون موٽيون،
پر مبارڪ شاهه تيموري لشڪر کي ڪاهيندي ڏسي پنھنجن گهر ڀاتين ۽ جواهرن سميت رات جي
اونداهه ۾ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي نديءَ رستي ڀڄي ويو.
تيمور به چناب نديءَ جو
ڪنارو وٺي، راويءَ ۽ چناب جي ميل تائين وڌندو ويو ۽ ندي اڪري تلمبه شھر تي، جيڪو
ڏاڍو وڏو ۽ سُکيو شھر هو، ڪاهه ڪئي. هن تلمبه جي شھرين کي ٻه لک رپيا جنگي خرچ ڀري
ڏيڻ جو حڪم ڪيو. تلمبه جي بي ڏوهه شھرين کان بنا ڪنھن سبب جي جنگي خرچ وٺڻ جو
ڪافرن خلاف لشڪر چاڙهڻ سان ڪھڙو واسطو هو، ان جو اڄ ڏينھن تائين راز نه کليو آهي.
جنگي خرچ شھر جي مسلمان توڙي غير مسلمان رهاڪن کان بنا ڪنھن فرق جي گُهريو ويو، پر
تلمبه جي انهن سيدن ۽ عالمن کي ان ڏنڊ کان آجو سڏيو ويو، جيڪي وفاداريءَ جي پڪ
ڏيارڻ لاءِ درٻار ۾ آيا هئا. ماڻهو اڃا تاوان جي رقم گڏ ڪري رهيا هئا، جو تيموري
لشڪر شھر تي ڪاهه ڪري، سمورو اناج ڦري، شھرين کي بک مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو. انهيءَ وچ ۾
تيمور تي ٻاڦوريو ته ملتان جا اهي شھري جن سندس پوٽي پير محمد جي نڪرندي ئي بغاوت
جو جهنڊو اُوچو ڪيو هو، تلمبه جي ويجهو ٻيلن ۾ لڪا ويٺا آهن. تيمور انهن کي پڪڙي
ڪُھڻ جو حڪم ڏنو. تيمور جي لشڪريُن هزارين ماڻهن کي ٻيلي مان ڳولي ڪُھي ڇڏيو.
انهيءَ وچ ۾ گکڙ قبيلي جا
ٻه دلير باغي نوجوان شيخا ۽ جسرت، تيمور جو مقابلو ڪرڻ ميدان ۾ آيا ۽ تيموري لشڪر
تي ڪيتريون ئي ڪاهون ڪيون. شيخا ويڙه جي ميدان ۾ سِر ساهُه گهوري ويو ۽ جسرت پڪڙيو
ويو. تيمور هن کي باندي ڪري پاڻ سان گڏ سمرقند وٺي ويو. تيمور جي مرڻ کان پوءِ هُو
ڀڄي اچي پنجاب پھتو.
تيمور ۽ پير محمد جي فوج
تلمبي کان اجوڌن (اڄوڪي پاڪ پتڻ) ڏي رخ رکيو. شھر جي آبادي بابا فريد جو شھر هئڻ سبب
قتلام کان بچي وئي، پر ڀرپاسي جون وسنديون ڦري، حساب ڪتاب برابر ڪري ڇڏيو. هن جي
نيت ديپالپور تي ڪاهڻ جي هئي، ڇو ته ديپالپور جي باغي ماڻهن تيمور جي پوٽي پير
محمد جي رکيل داروغي مسافر ڪابليءَ کي هڪ هزار سپاهين سميت اوچتي ڪاهه ڪري ماري
ڇڏيو هو. ديپالپور جي ماڻهن کي جڏهن تلمبه تي قبضي جي خبر ملي ته انهن کي تيموري
لشڪر هٿان پنھنجو انت چٽو ڏيکارجڻ لڳو. اهي ان انتقام کان بچڻ لاءِ گهرڇڏي
ديپالپور کان ڀٽنير جي علائقي ۾ هليا ويا. انهن جو خيال هو ته جيڪڏهن تيمور
هيڏانھن ڪاهيو، ته اهي ڀٽنير جي راجپوتن سان گڏجي هن جو مقابلو ڪندا.
تيمور کي جڏهن ٻڌايو ويو ته
ديپالپور جي ماڻهن ڀٽنير ۾ پناهه ورتي آهي، تڏهن هو پاڪ پتڻ کان ڀٽنير جي راهه وٺي
هليو ۽ شھر جو گهيرو ڪيو. ڀٽنير جي شھرين تيمور جو مقابلو ڪيو، پر گورنر بنا ويڙه
هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ نذراني ۾ تيمور کي ٽي سَو تازي گهوڙا ڏئي جان جي امان ۽ انعام ۾
خلعت ورتي. گورنر کي انعام ڏيڻ کان پوءِ تيمور کيس حڪم ڏنو ته سڀني پناهه وٺندڙ
ديپالپورين کي شھر کان ٻاهر ڪڍي وڃي ۽ ڪُھي ڇڏي ۽ انهن جا ٻار ٻچا غلام ڪري لشڪرين
۾ ورهائي ڇڏي.
اها مھم پوري ڪري تيمورَ
ڀٽنير جي قلعي ڏانھن ڪاهيو، جتي ڀٽنير جا هندو ۽ مسلمان قلعي بند ٿِي، مقابلي لاءِ
تيار ويٺا هئا، پر جڏهن قلعي بند شھرين کي تيمور جي لشڪر جي ڪاميابيءَ جا اهڃاڻ
نظر آيا ۽ ڄاڻ پئي ته هارائڻ کان پوءِ سندن ٻار ٻچن کي غلامن (۽ ٻانِهين) جي حيثيت
۾ پَرانھن اڻڄاتل ڏيھَن ۾ نئيو ويندو، ته هُنن مايوسيءَ جي حالت ۾ عورتن ۽ ٻارن کي
پنھنجن هٿن سان پاڻ مارڻ جو فيصلو ڪيو. هندن پنھنجن گهر ڀاتين کي ٻرندڙ باهه ۾
وِڌو ۽ مسلمانن پنھنجن ٻارن ۽ زالن کي پنھنجن هٿن سان ذبح ڪيو. پوءِ، سڄي مال متاع
کي باهه ڏئي بنا ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي تيموري لشڪر تي وڃي ڪڙڪيا. تيمور پنھنجيءَ آتم
ڪٿا ۾ لکيو آهي ته اهي ماڻهو ڏاڍي بھادريءَ سان وڙهيا. سندس هڪ اهم جنرل ڏاڍي
ڏکيائيءَ سان پنھنجي جان بچائي سگهيو. جڏهن ته سوين ڪاهيندڙ سپاهي انهن (شھرين) هٿان
مارجي ويا، پر پيشيوَر تجربيڪار فوج جنگ جي لاهن چاڙهن کان اڻ واقف شھري آباديءَ
تي ڇانئجي سڀني ننڍن وڏن کي پڪڙي قتل ڪري ڇڏيو. ڀٽنير جي قلعي مان نڪري، پنھنجي
ديس جي نجات ۽ پنھنجيءَ عزت لاءِ تيموري لشڪر سان وڙهندي، جيڪي ماڻهو ماريا ويا،
انهن جي ڳڻپ تيمور جي لکڻ موجب، ڏهه هزار هئي.
پوئتي موٽڻ کان اڳ تيمور
حڪم ڏنو ته ماريلن جي ڪوپرين (سِسِين) جا منارا ٺاهيا وڃن ۽ ڀٽنير جي قلعي ۽ شھر
کي باهه ڏني وڃي، پوءِ ان کي ڊاهي پَٽ ڪيو وڃي.
ڀٽنير کي خاڪ ڪرڻ کان پوءِ
تيمور دهليءَ روانو ٿيو. ڪافرن سان ويڙه ڪرڻ جو ارادو ڪري آيل تيمور هڪ مسلمان
بادشاهه جي هوندي پاڻ بادشاهه ٿي ويٺو ۽ پنھنجي نالي تي خطبو پڙهرايو ۽ دهليءَ کي
ڦري لٽي هليو ويو.
تيمورُ هندستان کان موٽڻ
وقت سيد گهراڻي کي هتان جو حاڪم ڪري ويو، پر ڪجهه مُدي کان پوءِ لوڌِي پٺاڻن
هندستان تي قبضو ڪري ورتو. لوڌي پٺاڻن جو آخري حڪمران ابراهيم لوڌي هو، جنھن جي
دور ۾ بابر پنجاب رستي هندستان تي ڪاهه ڪئي.
*
(ڇپيل: روزاني ’الوحيد‘ ڪراچي، 12 مئي 1992ع)
No comments:
Post a Comment