5/31/2024

محمود غزنويءَ جون ڪاهون - پروفيسر عزيزالدين احمد/ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد

سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

 

محمود غزنويءَ جون ڪاهون

 


ڪاهيندڙ جي اڳيان ڪڏهن به اسلام جي تبليغ جو مقصد نه رهيو. انهن ڪاهيندڙن يا ٻاهران اچي اُپکَنڊ (بنگال، ڀارت ۽ سنڌو ماٿري) جي شاهي تخت تي ڪَرُ کڻي ويھندڙن اسلام جي تبليغ لاءِ ڪڏهن به ڪي چِٽا ۽ پَڪا ڪم نه ڪيا. اُهي ملڪ گيري ۽ ويڪري ڌرتي ڦٻائڻ لاءِ اپکنڊ ۾ گهڙيا هئا. جھانگِيرِي (سڄو جھان وٺڻ، سڄي ڌرتيءَ تي قبضو ڪرڻ)، عالمگِيرِي ۽ شاھجھانِي (سڄي جھان جو بادشاهه يا شاهه يعني وڏو واڳ-ڌڻي يا حاڪم ٿيڻ) انهن جو پھريون ۽ پويون مقصد هو.

جيڪڏهن محمود غزنويءَ اسلام پکيڙڻ لاءِ اپکنڊ تي سترهن ڪاهون ڪيون هجن ها، ته هُو انهن سان گڏ تبليغ ڪندڙن جي هڪ ٽولِي به هندستان موڪلي ها، اسلام جي تبليغ لاءِ هڪ سرڪاري ادارو ٺاهي ها، اسلامي ڪتابن ۽ علمن جي سرڪاري طرح سنڀال ڪندي ان مقصد لاءِ فنڊ مھيا ڪري ها، اسلام جِي پوئواري ۽ هندو ڀرم ڪُوڙا ڪندڙ ڪتاب لکرائي ها ۽ هندستان ۾ ’اسلام جو حق تي هجڻ‘ ثابت ڪرڻ لاءِ مذهبي بحثن لاءِ جوڙجڪ ڪري ها. تاريخ شاهد آهي، ته اِن قسم جا ڪي به ڪم نه ڪيائين. محمود غزنويءَ پنھنجي دَور ۾ جيڪڏهن ڪنھن علمي ڪم جي سرپرستي ڪئي، ته اهو به اسلام کان اڳ جي ايراني بادشاهن جي تاريخ ترتيب ڏيارڻ جو ڪم هو جيڪو هُن فردوسيءَ جي حوالي ڪيو ۽ ان جِي لاءِ به نبيريل اجورو پنھنجيءَ ڪنجوسيءَ ڪري، ڏيڻ کان لنوايو.

محمود غزنويءَ جِي هندستان تي ڪاهه جو مقصد اسلام جِي تبليغ بدران مايا [ڌَن، دولت] ميڙڻ هو. تاريخ لکندڙن هر هنڌ محمود غزنويءَ جي سونَ ۽ چانديءَ سان موهه جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اهي جن واقعن جو ذڪر ڪن ٿا، اهي سلطان (محمود غزنويءَ) پاران هندستان تي ڪاهه لاءِ اصل چورڻن [محرڪن] جي نشاندهي ڪرڻ لاءِ کوڙ آهن. مشھور مسلمان تاريخ-ڄاڻو محمد قاسم فرشته اِن قسم جو واقعو هيئن بيان ڪري ٿو:

”ابوالحسن علي بن حسين ميمنديءَ جو بيان آهي ته هڪ ڏينھن سلطان محمودَ، ابُو طاهر سامانيءَ کان هيءُ سوال ڪيو ته ’آل سامان (سامانيءَ جو اولاد) پنھنجي حڪمرانيءَ وارن ڏينھنِ ۾ ڪيترا جواهر گڏ ڪيا هئا؟‘ ابُو طاهر جواب ڏنو: ’امير نوح سامانيءَ جي دَور ۾ ست رطل عمدا جواهر شاهي خزاني ۾ موجود هئا.‘ محمودَ اهو جواب ٻُڌي، خدا جو شڪر ڪيو ۽ چيو ته الحمد اللھ، خداوند تعالى مون کي سَو طلن کان به وڌيڪ قيمتي جواهر ڏنا آهن.‘“

هِيرن ۽ جواهرن جو خزانو جيڪو محمود غزنويءَ هر هنڌ ويڙهون وڙهي گڏ ڪيو هو، هُن لاءِ ايڏي اهميت رکي پيو، جو سلطان اِن کي مرڻ وقت به حسرت ڀريل نظرن سان تَڪيندو رهيو، ڄڻڪ اهو سندس حياتيءَ جي اهم ترين شيءِ هجي ۽ جنھن کان جدائي هُن تي ڏاڍو ڏمر هجي. هُو ان کي پوئتي ڇڏي وڇڙي وڃڻ جي خيال ڪري ڏاڍو ڏکارو هو.

فرشته لکي ٿو: ”تاريخ مان اها ڳالهه بلڪل سچائيءَ سان ثابت ٿي آهي، ته محمود پنھنجي موت کان ٻه ڏينھن اڳ پنھنجا سمورا جواهر، رپيا ۽ اشرفيون (گينيون)، جيڪي هُن سڄي حياتيءَ جي هَڻ هَڻان سان گڏ ڪيون هيون، شاهي خزاني مان ڪڍرائي، پنھنجي محل (تخت) آڏو ڍير ڪرايون. تاريخ-ڄاڻُو بيان ڪن ٿا ته ڳاڙهن، اڇن ۽ ٻين ڪيترن ئي رنگن جي جواهرن جي چلڪن چمڪن سان اڱڻُ جنت جي باغ جيان سينگاريل پئي لڳو. محمود انهن املهه جواهرن تي حسرت ڀريون نظرون وجهندو رهيو ۽ ٻوڪڙاٽ ڪري روئندو رهيو. ڪجهه وقت انهن جواهرن کي ڏسڻ ۽ انهن جي وڇوڙي جي خيال ڪري روئڻ کان پوءِ اهي ٻيھر خزاني ۾ گڏ ڪرايا. محمود پنھنجِيءَ پوئين ويلَ به ڪنھن کي به ان خزاني مان پائي نه ڏني. اِن ۽ ان قسم جي ٻين واقعن جي ڪري ماڻهو هن عالي نسب بادشاهه کي بخيل سمجهندا هئا. ان واقعي جي ٻئي ڏينھن محمود پاکڙي ۾ ويھي ميدان جو سير ڪيو. سندس حڪم موجب، شاهي نوڪر شاهي طنبيلي، اُٺ-واڙي ۽ هاٿي-واڙي مان سڀ گهوڙا، اُٺ، هاٿي ۽ ٻيا جانور هُن جي آڏو ڪاهي آيا. انهن جانورن کي ڏسي، محمود دير تائين اندر ئي اندر ۾ ڪجهه سوچيندو رهيو ۽ ان کان پوءِ ڏاڍا ٻوڪڙاٽ ڪري روئڻ لڳو ۽ انهيءَ ئي حالت ۾ محل ۾ موٽي آيو.“

محمود غزنويءَ کي، جيئن مٿي ڏنل ٽڪري مان پڌرو ٿئي ٿو، مايا سان اَڻ مَيو موهه هو، تنھنڪري هُو اها هٿ ڪرڻ لاءِ ڦرلٽ، تھمتون هڻي کَسڻ ۽ اهڙن ئي ٻين هٿڪُنڊن جي واهپي کان وَسئون نه گهٽائيندو هو. فرشته ان سلسلي ۾، هڪ واقعو نقل ڪيو آهي، جيڪو ان جي ئي لفظن ۾ پيش ڪيون ٿا. هُو لکي ٿو:

”ڪجهه تاريخ-ڄاڻن بيان ڪيو آهي، ته سلطان محمود پنھنجن آخري ڏينھنِ ۾ ٻُڌو، ته نيشاپور ۾ هڪ گبر سيٺ رهي ٿو. محمود حڪم ڏنو ته ان ماڻهوءَ کي غزنيءَ سڏايو وڃي. شاهي حڪم جي مڃتا ڪندي، اُن گبر سيٺ کي غزنيءَ سڏايو ويو ۽ شاهي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو. سلطان محمود ان ماڻهوءَ کي چيو: ’مون ٻڌو آهي ته تون ملحد ۽ قرمطي آهين؟‘ اُن ماڻهوءَ جواب ڏنو: ’اي بادشاهه! مان نه ته ملحد آهيان ۽ نه ئي وري قرمطي. منھنجو ڏوهه رڳو اهو آهي ته مون وٽ دولت چڱي چوکي آهي. توکي جيڪو وڻي سو مون کان وٺ، پر مون کي ملحد ۽ قرمطي سڏي، بڇڙو نه ڪر.‘ سلطان محمود هُن کان سموري دولت ڦُري ورتي ۽ هن کي سٺو عقيدو رکندڙ جو فرمان لکي ڏئي ڇڏيو.“

ڀاسي ٿو ته محمود کي پوئينءَ ڄمار ۾ اهو ڏوهه جو احساس ٿيو، ته هُن سڄي حياتي اسلام جي تبليغ جي نالي ۾ جيڪي ويڙهون وڙهيون، اهي حقيقت ۾ دولت گڏ ڪرڻ لاءِ هيون. اندر جي ان بارَ هڪ خواب جي شڪل ورتي، جنھن کي فرشته هيئن بيان ڪري ٿو:

”جنھن زماني ۾ محمود سومنات تي ڪاهه ڪئي هئي ۽ پرم ديو ۽ وابشليم سان هن جي ويڙھ ٿي هئي، ته محمود کي اچي اهو ڀئه ويٺو، ته ڪٿي مسلمانن جي لشڪر مٿان هندن جو لشڪر ڇانئجي نه وڃي! ان وقت ڳڻتيءَ جي حالت ۾ سلطان محمودَ، شيخ ابوالحسن خرقانيءَ جو خرقو هٿ ۾ جهلي سجدي ۾ هليو ويو ۽ خداوند تعالى کان دعا گُهري، ته اي خدا، هن خرقي جي مالڪ جي طفيل مون کي انهن هِندن سان مقابلي ۾ سوڀ ڏي. مان نيت ٿو ڪيان، ته جيڪو مال غنيمت ۾ هتان هٿ ڪندس، اهو غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيندس. تاريخ-ڄاڻن جو بيان آهي ته اها دعا گهرندي ئي اُڀ جي هڪ ڪنڊ مان ڪڪر اڀريا ۽ سڄي آسمان ۾ ڇانئجي ويا. گجگوڙن ۽ وِڄ جي وراڪن سبب هندن جو لشڪر هيسجي ويو ۽ اهڙي اوندهه پکڙجي وئي، جو هندو ان اڻتڻ جي حالت ۾ پاڻ ۾ ئي وڙهڻ لڳا... ۽ ايئن مسلمانن کي هندن تي سوڀ ملي. مون هڪ معتبر تاريخ ۾ اها روايت ڏٺي آهي ته جنھن ڏينھن سلطان محمودَ، شيخ ابوالحسن خرقانيءَ جي خرقي کي هٿ ۾ کڻي اللھ تعالى کان دعا گهري، سوڀ ماڻي هئي، انهيءَ رات محمود خواب ۾ شيخ ابوالحسن کي ڏٺو. پاڻَ محمود کي چيائون ته ’اي محمود! تو منھنجي خرقي جي بي عزتي ڪئي آهي. جيڪڏهن تون سوڀ جي دعا بدران سڀني غير مسلمانن لاءِ اسلام تي ايمان آڻڻ جي دعا گهرين ها، ته اها به قبول ٿي وڃي ها.“

ظاهر آهي ته محمود غزنويءَ کي ڪافرن جي مسلمان ٿيڻ سان دلچسپي ڪو نه هئي، پر انهن تي سوڀ ماڻي غنيمت جو مال ميڙڻ سان وڌيڪ حُب هئي.

مايا لاءِ اِن حد کان وڌ موهه سلطان کي وعدي خلافيءَ جي راهه تي آندو، جيڪا نه رڳو دينداريءَ جي خلاف آهي، پر ڪنھن به سٺي ماڻهوءَ جي شانَ وٽان ناهي. ان سلسلي ۾ محمودَ، مشھور فارسي شاعر فردوسيءَ سان جيڪو سلوڪ ڪيو هو، اهو سڀني جو ڄاتل آهي. فردوسيءَ کي جڏهن محمودَ قديم ايران جي منظوم تاريخ لکڻ تي مقرر ڪيو هو، ته وعدو ڪيو هئائين ته هر سِٽ جي اجوري ۾ شاعر کي هڪ سوني گيني ڏني ويندي. جڏهن شاهنامو پورو ٿيو، ته سونين گينين بدران هر سٽ جي اجوري ۾ چانديءَ جو سڪو ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو. فردوسيءَ اهو اجورو وٺڻ کان نھڪر ڪئي، تنھنڪري چيو وڃي ٿو ته گهڻو پوءِ جڏهن محمود کي پنھنجيءَ ان زيادتيءَ تي پشيماني ٿي ۽ هُن سونا سِڪا فردوسيءَ ڏانھن ڏياري موڪليا، پر تڏهن ڏاڍي دير ٿي چڪي هئي، [ڇاڪاڻ ته] ٺيڪ ان وقت فردوسيءَ جو جنازو قبرستان وڃي رهيو هو.

محمود غزنويءَ کي جيڪڏهن پنھنجي دَور جي هڪ سلطنت وڌائيندڙ شخصيت طور ڏٺو وڃي، ته هُو پنھنجي ڀرپاسي جي حاڪمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهين، لائق ۽ ويڪري [ڪُشادي] نظر رکندڙ حڪمران لڳي ٿو، جنھن پنھنجي ڀرپاسي جي ننڍين ننڍين رياستن کي ختم ڪري هڪ وڏيءَ سلطنت جو پايو رکيو، پر هُن کي جيڪڏهن ’اسلامي سورهيه‘ طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ته هُو ان اخلاقي ۽ روحاني اوچائيءَ جي معيار کي ڪو نه ٿو ٺھڪي، جيڪو ان منصب لاءِ ضروري آهي. حڪومت ويڪري ڪرڻ جي هوَس ۾ سلطان محمود رڳو قرمطين ۽ ڪافرن کي ئي پنھنجو نشانو نه ڪندو هو، پر هُن ڀرپاسي جي ڪمزور مسلمان حاڪمن سان به ويڙھون وڙهيون. انهن ويڙهن ۾ مسلمانن جي رت سان جنگي ميدان هر هر ريٽو ٿيو. بلخ، سيستان ۽ گرجستان جون رياستون، جن مٿان سلطان تلوار جي زور تي قبضو ڪيو، اُهي نه ته قرمطين جي قبضي ۾ هيون ۽ نه ئي وري هندن جي. انهن تي ته ٺيڪ عقيدو رکندڙ مسلمان حاڪم حڪمراني ڪري رهيا هئا. اسلام ته هڪ مسلمان کي ٻي مسلمان جي رت وهائڻ جي موڪل ڪو نه ٿو ڏي، پر اهڙي ڪڌي ڪم کي ڌرتيءَ تي فساد سڏي ٿو ۽ ايئن ڪندڙن کي عذاب جو ڏس ڏي ٿو. ظاهر آهي ته سلطان محمود کي اها سڄي سُڌ هئي. هن جون سموريون ڪاهون اسلام جي ڪنڌ مٿي ڪرڻ لاءِ نه، پر پنھنجي سلطنت وڌائڻ لاءِ هيون.

محمود جي دَور ۾ بغداد جي خليفي کي نه رڳو سڀني مسلمان حڪمرانن، پر سڄي اسلامي راڄ جو اڳواڻ سمجهيو ويندو هو. ملڪ ڦٻائڻ جي هوَس ۾ محمود مسلمانن جي خليفي کي به نه ڇڏيو. انهن ڏينھنِ ۾ عباسي گهراڻي جو خليفو القادر باللھ حڪومت جو واڳَ ڌڻي هو ۽ خراسان جو هڪ حصو ۽ سمرقند پڻ عباسي راڄ هيٺ هو. محمود غزنويءَ نه رڳو خراسان تي قبضو ڪري ورتو، پر مسلمانن جي خليفي کان سمرقند جي به گُهر ڪئي. خليفي جي انڪار تي محمود جيڪو ڌمڪائيندڙ لھجو ڳالهايو، اهو هن جي اسلام سان ڪُوڙي پيار جو ڀانڊو ڦوڙي رکي ٿو ۽ پڙهڻ جھڙو آهي. محمد قاسم فرشته لکي ٿو:

”انهن ڏينھنِ جو واقعو آهي، ته سلطان محمود بغداد جي خليفي القادر باللھ العباسيءَ جي نالي هڪ خط لکيو، جنھن ۾ ڄاڻايل هو ته خراسان جو ڳپل جيئن ته غزنوي حڪمرانيءَ هيٺ آهي، ان ڪري سٺو ٿيندو ته خراسان جو بچتُو ڀاڱو به، جيڪو خلافت جو محڪوم آهي، غزني حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي. خليفي سخت لفظن ۾ نھڪر ڪئي ۽ محمود ڏانھن لکيو ته ’جيڪڏهن تون منھنجي مرضيءَ جي خلاف سمرقند ڏانھن نھاريندين به، ته مان سڄيءَ دنيا کي تنھنجي خلاف اٿاري آڻيندس.‘ اهو جواب ٻُڌي، محمود کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن خليفي جي قاصد کي چيو: ’مون اجهو هينئر ڄاڻي ورتو ته توهان ماڻهو ايئن گُهرو ٿا ته مان هزارين جبل جھڙن هاٿين سان دارالخلافت (گاديءَ) کي چيڀاٽي ڇڏيان ۽ بارگاهه خلافت جو ڀَنجُو انهن ئي هاٿين تي ڍوئي غزنيءَ کڻي اچان.‘“

ظاهر آهي ته بارگاهه خلافت جو ڀنجو هاٿين تي ڍوئي آڻڻ جو ارادو رکندڙ حڪمرانَ هندستان تي جيڪي سترهن ڪاهون ڪيون، انهن جي پويان به ڪو روحاني يا اخلاقي مقصد يا اسلامي تبليغ جو ڪارڻ موجود ٿي نه ٿو سگهي. چيو وڃي ٿو ته محمود جي ملتان تي ڪاهه اسلام کان ڦري ويل قرامطين جي چيڀاٽ لاءِ هئي، تڏهن ته ملتان تي ڪاهه پٺيان چِٽا مادِي ۽ دنياوِي مفاد هئا، جن جي نشاندهي تاريخ-لکندڙ چِٽيءَ طرح ڪري ٿو.

ملتان تي ڪاهه جو بھانو هيءُ ڪيو ويو ته قرامطي عقيدو رکندڙ اقتدار ۾ اچي ويو آهي. جڏهن ته اصل ۽ اهم سبب هيءُ هو ته ان حڪمران سلطان کي اهي ڏَن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا هئا جيڪي هُن جي وڏن جي ڏينھنِ کان هلندڙ هئا. ان ڳالهه سلطان کي مجبور ڪيو، ته هُو مذهب جي آڙ وٺي ملتان تي ڪاهه ڪري. فرشته جي لکڻ موجب: ”ڪجهه مُدي تائين ابوالفتح پنھنجن وڏن جي پيروي ڪئي ۽ محمود جي ڏن-ڀرُن ۾ شامل رهيو، پر ان کان پوءِ مذهب سان گڏ خدمت جي حقن کان به اکيون پوري ڇڏيون.“

ان ڪري سلطانَ ملتان مٿان ڪاهه ڪئي. ابوالفتح ويڙھ جو زور جهلي نه سگهيو ۽ هُن سلطان محمود جي خدمت ۾ پنھنجي قصور جي معافيءَ لاءِ درخواست موڪلي ۽ اهو وعدو ڪيو ته هر سال ڏهه هزار گينيون سلطان جي خدمت ۾ موڪليندو رهندو. سلطانَ ابوالفتح جي درخواست قبول ڪئي ۽ گهيري جي اَٺين ڏينھن ڄاڻايل شرط تي ٺاهه ڪري موٽيو.

باطني فرقي خلاف سلطان جي جھاد جو مقصد چِٽو ٿي ويو ــــ اهو رڳو ڏهه هزار گينيون هر سال اُڳاڙڻ هو. ان ڏن ڏيڻ کان پوءِ باطني فرقو آزاد هو، ته هُو ملتان ۾ جيڪو وڻيس سو ڪري. ها، جيڪڏهن هُو محمود کي ڏَن نه ڏي ها، ته کيس اسلام مان نڪتل ۽ واجب القتل سمجهيو وڃي ها.

هندستان ۾ سلطانَ سومنات سميت ڪيترن ئي مندرن کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو، پر هتي به اهو ٿو لڳي ته بنيادي چورڻو (محرڪ) اسلام جي تبليغ نه، پر زَر ۽ جواهر هٿ ڪرڻ هو. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته سلطان جن مندرن تي چاڙھ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، انهن سڀني ۾ سونَ جا بُت رکيل هئا. سلطان کي سڄي هندستان ۾ ڪو به اهڙو مندر نظر نه آيو جتي مٽيءَ ۽ پٿر جا بُت هجن ۽ انهن کي بت-ٽوڙ جو فرض پُورو ڪرڻ لاءِ چونڊي.

سومنات جي بت-گهر مان فرشته جي چوڻ موجب: سلطان محمود کي جيڪي عمدي قسم جا جواهر ۽ سونُ چاندي وَر چڙهيا، ايتري قدر جَجها هئا، جو انهن جو ڏهون حصو به هن کان اڳ ڪنھن بادشاهه جي خزاني ۾ جمع نه ٿيو هوندو. ’تاريخ ذين الماثر‘ ۾ لکيل آهي ته مندر جي اها خاص جاءِ، جتي سومنات جو بُت رکيل هو، صفا اونداهي هئي ۽ اتي جيڪو سوجهرو پکڙيل هو، اهو حقيقت ۾ انتھائي عمدي قسم جي جواهرن مان ڦُٽي رهيو هو. اهي جواهر سونَ جي ٺوشين [قنديلُن] تي جڙيل هئا. ساڳيءَ تاريخ ذين الماثر ۾ اهو به لکيل آهي، ته سومنات جي خزاني مان سونَ چانديءَ جا ننڍا ننڍا بُت ايڏِي وڏيءَ ڳڻپ ۾ مليا، جو انهن جي مُلهه جو ڪاٿو لڳ ڀڳ ’ناممڪن آهي‘. فرشته جي ئي چوَڻ موجب: ”پڄارين مندر جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين سونَ جو هڪ زنجير ٻَڌي ڇڏيو هو، جنھن جي تور سَو مڻ هئي.“

*

(ڇپيل: روزاني ’جاڳو‘ ڪراچي، 4 جولاءِ 1991ع)

No comments:

Post a Comment