ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
احمد شاهه ابداليءَ جون هندستان تي ڪاهون
احمد شاهه ابداليءَ جي جيڪا
تصوير درسي (نصابي) ڪتابن ۾ چِٽي ويندي آهي، اها خاص طرح حقيقت جي ابتڙ آهي. هن جي
هندستان تي ڪاهن جو ڪارڻ اهو ڏنو ويندو آهي، ته هُو ديني عالمن جي دعوت تي هندستان
جي مسلمانن جي مدد ڪرڻ آيو هو، جيڪي سِکن ۽ مرهٽن مان ڦاسي ويا هئا. حقيقتون اُن
دعوا کي ڪُوڙو ثابت ڪن ٿيون.
احمد شاهه ابدالي به هڪ سلطنت ٺاهيندڙ حملي آور هو. سلطنت ٺاهڻ جي عمل ۾ اصل چورڻو [محرڪ] جذبو مذهب نه هو، پر هڪ وڏي ۽ ويڪري خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ هو. هو پاڻ سُني عقيدي وارو افغان هجڻ باوجود نادر شاهه جي يساول يعني ذاتي نوڪر جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو، جيڪو شيعو به هو ۽ افغان دشمن به. وري هن جو ايڏو معتقد ٿي ويو، جو هن کي دراني فوج جو سالار مقرر ڪيو ويو. هُو نادر شاهه سان گڏ مارا ماريءَ جي انهن سڀني مھمن ۾ گڏ رهيو، جن جا تفصيل پڙهندي لڱ ڪانڊارجيو وڃن ٿا، پر ان دور جي وچ ايشيائي ثقافت ۾ اهي ڪارروايون تلوار رکندڙ صاحبن لاءِ هر ڏينھن جو ڪم هيون.
نادر شاهه جي قتل کان پوءِ
احمد شاهه ابداليءَ پھريائين ايران تي لشڪر چاڙهيو، جتي نه ته سِک آباد هئا ۽ نه
ئي وري مرهٽا، پر سَو سيڪڙو آباديءَ جو مذهب اسلام هو. هتي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڪنھن
ديني عالم به ميش ڪو نه ڏني. ڳالهه اصل ۾ هيءَ هئي ته نادر شاهه کان پوءِ ايراني سلطنت
جا ڳڀا ڳترا ٿي رهيا هئا ۽ ان زماني جي عام ترڪ، ايراني ۽ افغان حڪمرانن جيان احمد
شاهه ابدالي ڦرلٽ جي ان گنگا ۾ هٿ ڌوئڻ جو سَڌائتو هو. هن رڳو هرات تي قبضو ڪرڻ تي
ئي بس نه ڪئي، پر ايران اندر پري پري تائين وڃي ڪاهون ڪيون. طون، طباس، نيشاپور جي
شھرن جا راڱا لاهي ڇڏيا. ڊاڪٽر گنڊا سنگهه جي چوڻ موجب: ”تلوار ۽ باهه جي ڀڙڪاٽن
کان پوءِ هُن شھرن کي ڦري برباد ڪري ڇڏيو ۽ مال غنيمت سان ٽمٽار افغان سپاهي اچي
شاهه جي خدمت ۾ پھتا.“
نيشاپور تي پھرِين ڪاهه ۾
احمد شاهه ابداليءَ کي هار ٿي، 1751ع ۾ ان هار جو وير وٺڻ لاءِ ان مظلوم شھر تي هُن
پوريءَ تياري کان پوءِ ٻِي ڪاهه ڪئي. هن ڀيري نيشاپور جا ماڻهو هار کائي ويا.
نيشاپور جي آباديءَ سان جيڪو سلوڪ ٿيو، اهو ڪنھن ”بادشاهه غازيءَ“ جي مانَ شانَ
وٽان ڪو نه هو، پر وچ ايشيائي حڪمرانن جي روايتي چِيرڦاڙ جو هڪ نمونو هو. گنڊا
سنگهه موجب: شاهَه ان شرط تي جان جي امانَ ڏني، ته سمورا رهاڪو هٿين خالي مسجدن ۾
هليا وڃن، پر جيڪڏهن ڪنھن ماڻهوءَ جي هٿ ۾ سُئي به ڏٺي وئي، ته غازي (!) ان کي
مورڳو ماري ڇڏيندا. پنھنجي بيوسيءَ تي روئندڙ رڙندڙ ماڻهن قبضي گير جي حڪم تي عمل
ڪيو. شھر تي ڪاهه ڪري ان کي ڦريو ۽ ساڙيو ويو، گهرن جي جهڙتي ورتي وئي، جامع مسجد
کان سواءِ جتي به ماڻهو موجود هئا، سمورا گهر ڊاٺا ويا، خزاني جي ڳولا ۾ اُونهي کوٽائي
ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح نيشاپور جو سُھڻو شھر کنڊرن ۾ بدلجي ويو، جنھن جي ڍير ۽ کڏن ۾
پاڻي پيو وهي. غريب ماڻهو تلوار جي چوٽيءَ تي چاڙهيا ويا ۽ انهن جي زالن ۽ ٻارن کي
غلام ڪري گهلي ويا.
جيڪو سلوڪ احمد شاهه
ابداليءَ نيشاپور جي بيگناهه مسلمان آباديءَ سان ڪيو، ان مان پڌرو ٿئي ٿو ته هن
پوءِ سِکن ۽ مرهٽن سان جيڪي ويڙهون وڙهيون، انهن جو اصل ڪارڻ به جھاد جو جوش نه،
پر ڪجهه ٻيو هو. نيشاپور جي مسلمانن کي غلام ۽ لونڊيون ڪري ڪابل وٺي ويندي، هن جي
ڪنھن اسلامي رَڳ ڦڙڪڻ جو ذڪر تاريخ ۾ ڪو نه ٿو ملي. هُو ڏوجهرن ۾ پيل مسلمان
آباديءَ جي مال ملڪيت، جان ۽ جند، ۽ عزت ۽ آبروءَ کي پنھنجي لاءِ حلال سمجهي ٿو.
احمد شاهه ابداليءَ جي نظر ۾ مفتوحه (فتح ڪيل، قبضي هيٺ آندل، ماريل) آباديءَ جي
مذهب جو سوال اٿارڻ اڻواسطيدار شيءِ ۽ بي معنيٰ سوال هو. ماريل ماڻهو مسلمان هجن،
سک هجن يا مرهٽا، هَڙُ برابر هئا ۽ انهن جي عورتن، ٻارن ۽ مال ملڪيت، هر شيءِ تي
فاتح (فتح ڪندڙ، ماريندڙ) کي سڀ حق مليل هئا. ڪنڌَ ڪورڻ مھل سامهون آيل جي مذهب جي
جاچ نه ڪبي آهي. ”اردو دائرهءِ معارفِ اسلامي“ جي لکت موجب، هندستان تي احمد شاهه
ابداليءَ جي ڪاهه جو اصل ڪارڻ اهو هو، ته هُن پنھنجو پاڻ کي نادر شاهه جو وارث ۽
هن جي سڄي مشرقي سلطنت جو دعويدار سمجهيو پئي، ان ڪري اهي سڀ صوبا جيڪي نادر شاهه
مغلن کان کسيا هئا، احمد شاهه ابداليءَ جي ملڪيت هئا، جيئن غوري ۽ بابر جي احوال ۾
بيان ڪيو ويو آهي. احمد شاهه ابداليءَ جي سوچ به ساڳي هئي، جنھن جو شڪار ڪابل ۽ غزني
تي قبضو ڪرڻ وارو هر حاڪم ٿي پوندو هو.
احمد شاهه ابداليءَ کي
هندستان تي ڪاهه جي سار عالمن جي خطن سبب (جيئن عام بھانو ٺاهيو ويندو آهي) ڪو نه
ٿي. اهي عالم جيڪڏهن ايڏا اثر وارا هجن ها، ته هندستان جي مسلمانن کي پاڻ ئي لڙيءَ
۾ پوئي مغل سلطنت بچائي سگهن ها. انهن جا ته پاڻ هندستان ۾ هٿ پير ٻَڌل هئا ۽
هندستان تي قبضي ۾ احمد شاهه ابداليءَ جي ڪا به مدد نه ڪري سگهيا پئي. ابداليءَ کي
جيڪڏهن هندستان تي ڪاهڻ جي همت ٿي، ته اها پنجاب جي گورنر شاهنواز خان جي خط سبب،
جيڪو پنھنجي ڀاءُ يحيا خان کي لاهي ۽ باندي ڪري پاڻ لاهور تي قبضو ڪري ويٺو هو ۽
ان ڳالهه کان ڊنل هو، ته يحيا خان جو هلنديءَ وارو ۽ اقتدار تي ويٺل سَھرو وزير
قمرالدين خان دهليءَ جي درٻار مان کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ گَهل موڪلڻ جي تياري ڪري
رهيو هو. ان ڊيڄڙي ۾ شاهنواز خان ٻه ڪم ڪيا: هڪ پاسي احمد شاهه ابداليءَ کي
هندستان تي سوڀ (قبضي) جي نينڍ ڏني، جنھن ’تون بادشاهه ۽ آءٌ وزير‘ جي رٿ لکي ۽ ٻي
پاسي دهليءَ جي درٻار ۾ معافي لاءِ سنيھو به موڪليو.
احمد شاهه ابداليءَ کي ڇا
گهربو هو: انڌي کي ٻه اکيون. هُو ته پاڻ وَجهه جي تاڙ ۾ هو. گنڊا سنگهه جي چوڻ
موجب: ”شاهنواز جو نياپو آڻيندڙ کي احمد شاهه اکين تي ويھاريو. اهو نياپو ٻڌي هُن
شڪراني جو سجدو ڪيو، ڇو ته اها ڳالهه سندس وهم گمان ۾ به ڪو نه هئي، ته ايئن
اڻڄاتو اوچتو حالتون سندس لاءِ ايتريون سوليون ٿي پونديون. هن هڪدم هڪ عھدنامو
تيار ڪرايو، جنھن ۾ لکيل هو ته تاج شھرياري احمد شاهه پھريندو ۽ وڏ وزارت علي نواز
کي ملندي. ان ٺاهه تي فوجي آفيسرن کان صحيح وجهرائي، هڪدم پنھنجي خاص ڀروسي جوڳي ماڻهو
بغرا خان پوپلزئي وسيلي لاهور موڪليو.“
شاهنواز خان پنجاب تي قبضو
ڪيو ويٺو هو ۽ پنجاب هندستان جو دروازو. احمد شاهه ابداليءَ کي ان کان سٺو وجهه
ڪڏهن به ملي نه پئي سگهيو، تنھنڪري نه ته هُو سکن کي بند ڪرڻ ۽ نه ئي وري مرهٽن کي
ختم ڪرڻ، پر نادر شاهه جي قبضي هيٺ رهيل ڏيھَن تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنجاب ۽ پوءِ هندستان
تي نازل ٿيو.
تڏهن به، ان وچ ۾ هڪ ٻي
ڳالهه ٿي وئي. دهلي درٻار شاهنواز خان جي وفد جي درخواست مڃي، هن کي معافي نامو
موڪليو ۽ وزير قمرالدين خان پنھنجي خط ۾ شاهنواز کي لکيو:
”اسان جو گهراڻو سدائين مغل
شھنشاهن جو وفادار رهيو آهي ۽ ڪڏهن به نمڪ حرامي يا بغاوت نه ڪئي اٿس. اها ڪيڏي نه
ڏک جي ڳالهه آهي جو تون اهڙي طرح ڳالهه ڪرين ۽ اها ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي جو
تون نادر شاهه جي هڪ افغان يساول (ذاتي نوڪر) جي فرمانبرداري ڪرڻ لاءِ راضي ٿي
وڃين. تنھنجو فرض آهي ته تون ان بي حيثيت ماڻهوءَ کي هندستان جي سڀني سرحدن مان
تڙي ٻاهر ڪرين.“
شاهنواز هاڻي پنھنجو خيال
بدلايو ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي آجيان ڪرڻ بدران ساڻس مقابلي تي سندرو ٻڌو.
ابداليءَ وٽ ڪاهه کان سواءِ ٻي ڪا راهه نه هئي، ڇو ته هاڻي هن کي ڪو به ”جيءُ
آئين“ چئي، هندستان ۾ گهيڙڻ وارو ڪو نه هو. گنڊا سنگهه چوي ٿو: ”ٻي طرف احمد شاهه
ابدالي پنھنجون تياريون پوريون ڪري چڪو هو. افغام مھم پسندن جي هڪ وڏي ٽولي، جيڪا
ڀرپاسي وارن قبيلن جي ماڻهن تي ٻڌل هئي، هندستان کي ڦرڻ مارڻ جي لالچ ۾ هن سان
گڏجي وئي هئي.“
لاهور جو گهيرو هلندي ترڪ
گورنر شاهنواز خان شھر ڇڏي ڀڄي ويو. لاهور جي ماڻهن احمد شاهه غازيءَ جي ڦڙلٽ کان
بچڻ لاءِ هن کي ٻٽيھه لک رپين جي آڇ ڪئي، جيڪا هُن مڃي. ان هوندي به لاهور جي
ماڻهن جو ساهه نه بچيو. افغان قبيلائي جيڪي ڦرلٽ لاءِ هن سان گڏ آيا هئا، پنھنجو
اصل مقصد پورو ڪرڻ ۾ جُنبي ويا. گنڊا سنگهه جي لکيت موجب لاهور کي امان ڏيڻ باوجود
جيڪو ٿيو، اهو هيءُ هو:
”ان (امان جي وعدي) هوندي
به ڪيترن ئي هنڌن تي کوڙ گهر ڦريا ويا، خاص طرح مغل پاڙو (مغل پوره) کي هر طرح
ڦريو ويو... ان سوڀ (قبضي) جي نتيجي ۾، احمد شاهه کي جيڪو غنيمت (ڦرلٽ) جو مال مليو،
اهو اڻميو هو. شھرين پاران جيڪو نذرانو مليو ۽ ڀاڄوڪڙ گورنر ۽ ان جي گهراڻي جو
سمورو املهه مال ۽ مھانگو سامان کيس مليو. ان سان گڏ ڪيترو ئي خزانو به هٿ چڙهيو.
گذريل پنجٽيھه سالن کان ويڙهه تائين جيڪو مال متاع ۽ جنگي سامان گڏ ٿيندو پئي
رهيو، اهو سڀ ڪجهه سندس ور چڙهي ويو. شفقت خان مير-سامان (سامان جي سنڀاليندڙ) کي
انهن سڀني شين جو مھندار ڪيو ويو. شھر ۾ جيترا به گهوڙا ۽ اُٺ هئا، نه رڳو اهي سڀ
قبضي ۾ ورتا ويا پر ڀرپاسي جي علائقن مان به کسيا ويا ۽ لشڪر جي واهپي ۾ ڏنا ويا. اهو
سڀ ڪجهه ايترو هو جو ابداليءَ جو لشڪر جا پنج هزار پيادا هڪ باقاعدي سوار واري
حيثيت ۾ تبديل ٿي ويا ۽ هڪڙي ننڍي توبخاني جو به ابدالي لشڪر ۾ واڌارو ٿيو.“ هيءُ
هو اهو ڦورن وارو سلوڪ جيڪو نصابي ڪتابن جي ’اسلامي سورهيه‘ لاهور جي بيگناهه
آباديءَ سان ڪيو. ان آباديءَ جي گهڻائي مسلمان هئي، ڪاهيندڙ به مسلمان هئا ۽
ڦرجندڙ به مسلمان. احمد شاهه ابداليءَ جي ٻِي ڪاهه جو ڪارڻ دهليءَ جون سياسي
حالتون هيون. محمد شاهه رنگيلو مري ويو هو، پر نئون بادشاهه به ان کان ڪو مختلف نه
هو. درٻار ۾ هر پاسي سازشون پکڙيون پيون هيون. بادشاهه جو گهڻو وقت حرم سرا ۾
گذرندو هو. هُو نه ته ڏيھه جي هالي چالي (نظم ۽ نسق) جو ڄاڻو هو ۽ نه ويڙهه وڙهڻ
جي طريقي کان.
پنجاب جي ماڻهن تي احمد
شاهه ابدالي وري هڪ بلا جيان اچي ڪڙڪيو. سڄو علائقو ڊاهي پَٽ ڪيائين. هٿين خالي
ماڻهن لاچار ٿي صلح جي درخواست ڪئي ۽ چوڏهن لک رپيا سالياني آمدني جا چار محل يعني
سيالڪوٽ، اورنگ آباد، پسرور ۽ گجرات جا محصول (ڏن) ڏيڻ جو وعدو ڪري جان ڇڏائي.
دهليءَ تي قبضو ڪرڻ جي هن
ويڙهه ۾ ابدالي کي مانپور وٽ شاهي لشڪر سان ويڙهه ڪرڻي پئي ۽ هن کي ان ويڙهه ۾ هار
ملي، ٻنهي لشڪرن جا سالار به مسلمان هئا ۽ گهڻي ڀاڱي مسلمان هئا ۽ فوجي به گهڻي
ڀاڱي مسلمان هئا. ديس ڦٻائڻ جي ان ويڙه ۾ مسلمانن ئي مسلمانن تي چڙهائي ڪئي، هڪٻئي
کي قتل ڪيو ۽ هڪٻئي جا عضوا وڍيا. وزير قمرالدين هڪ پاسي ۽ احمد شاهه ابدالي ٻي
پاسي، ٻنهي پاسن کان نعره تڪبير. احمد شاهه ابداليءَ کي ته هار ٿي، پر ان کان اڳ
هُو سرهند شھر ڦري چڪو هو. اهو سرهند، جنھن کي مسلمان سرهند شريف چوَن ٿا، ڪھڙي
نموني ڦريو ويو، ان جو ذڪر گنڊا سنگهه ۾ پڙهو:
”قلعي جو سڄو خزانو، ڪل مال
ملڪيت ۽ وزير قمرالدين جي قوم جون عورتون احمد شاهه جي قبضي ۾ اچي ويون، مردن جي
وڏي کيپ جا ڪنڌ تلوار سان وڍيا ويا ۽ عورتون ٻانِهيون ڪيون ويون، قلعي جي اندر ۽
ٻاهر ڪيترائي گهر باهه جو کاڄ ڪيا ويا ۽ انهن جو سامان سڙو ڦريو ويو.“
احمد شاهه ابداليءَ جو پاڻي
پت جي ٽينءَ ويڙهه ۾ مقابلو مرهٽن سان ٿيو. جيڪڏهن انهن ڏينھن ۾ دهليءَ جو بادشاهه،
احمد شاهه جو مقابلو ڪرڻ واري حيثيت ۾ هجي ها ته پوءِ ويڙه مسلمان بادشاهه سان ٿئي
ها ۽ هندن سان وڙهڻ بدران ابدالي مسلمانن جا ڪنڌ ڪپي رهيو هجي ها. هيءُ هڪ تاريخي
اتفاق هو ته انهن ڏينھن ۾ احمد شاهه جي مقابلي ۾ مرهٽا هئا، جيئن اسان چٽو ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، ته هُو نه ته خاص طور انهن کي ختم ڪرڻ جي پٺيان هو ۽ نه وري سِکن کي،
جن جو ايندڙ سال 1762ع ۾ ان دوراها واري ويڙهه ۾ قتلام ڪيو.
احمد شاهه ابداليءَ جي مسلسل
ڪاهُن مغل سلطنت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٺوڪيو، اهي قوتون جيڪي ڪجهه ڏينھن وڌيڪ
انگريزن جو مقابلو ڪري سگهيون پئي، انهن کي ڪمزور ڪيو، ان ڪري انگريزن کي پنھنجون
قوتون ميڙي مواڙ ڪرڻ جو وجهه مليو ۽ اهي سڄي هندستان تي قبضو ڪري ويا.
*
(ڇپيل: روزاني ”الوحيد“ ڪراچي، 19 مئي 1992ع)
No comments:
Post a Comment