ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
بابر ۽ هندستان تي سوڀ
بابرُ، جنھن پوءِ پاڻ کي ’بادشاهه غازِي‘ جو لقب ڏنو، جڏهن پنجاب تي ڪَڙڪيو، ته دهليءَ جي تخت تي پٺاڻ بادشاهه ابراهيم لوڌيءَ جي حڪمراني هئي ۽ پنجاب تي ان جو گورنر دولت خان لوڌي واڳ سنڀاليو ويٺو هو. جيڪڏهن وچ ايشيا جي مخصوص صورتحال بابر کي ديس ڇڏڻ لاءِ مجبور نه ڪري ها، ته هُو شايد ترڪستان جي حڪومت تائين پنھنجو پاڻ کي محدود رکي ها ۽ هندستان ڏي نه اچي ها، پر جڏهن سندس سياسي رقيب شيباني ازبڪ کيس هار مٿان هار ڏئي فرغانه کان لوڌي ڪڍيو ۽ پوءِ سڄي ترڪستان ۾ هُن لاءِ رهڻ ناممڪن ڪري ڇڏيو ۽ بابر ڪابل ۾ پناهه وٺڻ لاءِ لاچار ٿيو، ته هُن جي من ۾ هندستان کي فتح ڪرڻ جو خيال ڪَر کڻڻ لڳو.
محمود غزنويءَ کان پوءِ
جيڪو ماڻهو به غزنِي ۽ ڪابل تي قبضو ڪندو هو، اهو هندستان کي پنھنجي جاگير ۽ ورثو
سمجهندو هو. غزني يا ڪابل تي قبضي کان پوءِ هُو هر پاسي جي قبيلن کي گڏ ڪندو هو. هر
هر ڪيل مار ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿيڻ باوجود انهن قبيلن جي آبادي گهڻين زالن هجڻ جي
ڪري ترت ئي وڌي ويندي هئي. انهن جي آڏو رڳو ٻه راهون هونديون هيون: يا ته بُک مرن
يا ڀرپاسي جي سکين ستابن علائقن جي ڦرلٽ ڪن، وٿيءَ وٿيءَ سان انهن قبيلن جا لشڪر
وسندڙ شھرن ۽ سکين ڳوٺن تي ڪاهون ڪندا هئا. انهن جي معاشي مجبوريءَ کين مھمجُو ’مارشل
نسل‘ ۾ بدلائي ڇڏيو هو. معاشي مجبوريءَ سبب ڀرپاسي جي علائقن تي لشڪر چاڙهڻ جو
نالو انهن ’جھاد‘ رکيو هو. جھاد جو نعرو هڻي هڪ مٿان ٻيو قبضيگير انهن بُکين قبيلن
کي پنھنجي جهنڊي هيٺ گڏ ڪري وٺندو هو، پوءِ اهو جھاد پنھنجن هم مذهب ڀائرن خلاف ئي
ڇو نه هجي. ويڙھ جي نتيجي ۾ غازيءَ کي ڦرلٽ (غنيمت) جو مال هٿ ڙهندو هو، جنھن مان
ڪجهه ورهيه سانت ۾ گذرندا هئا. شھادت جي نتيجي ۾ هڪ قسم جي خانداني رٿابندي ٿي ويندي
هئي. هر ڀيري ڪجهه ورهين جي وٿِيءَ سان هڪ ڀيرو وري آباديءَ ۾ وڏي واڌ ٿيندي هئي،
ته هر گُهرجائُوءَ جي من ۾ جھاد جو جذبو ڀڙڪڻ لڳندو هو. وچ ايشيا جي قسمت
آزمائيندڙن لاءِ شھادت جي جذبي سان ٽمٽار انهن جنگباز مجاهدن جا لشڪر هندستان فتح
ڪرڻ جو سستو ۽ اثرائتو وسيلو ٿي پوندا هئا.
بابرَ ابراهيم لوڌيءَ کان هندستان
جو تخت ڇڏڻ جي گُهر ڪئي، تڏهن کيس لکيائين ته محمود غزنوي ۽ شھاب الدين غوري جيئن
ته تُرڪ هئا، ان ڪري هندستان قانوني طرح ترڪن جو ورثو آهي ۽ ان تي پٺاڻن جو قبضو
ناجائز آهي. اصل ڪارڻ اهو ئي هو ته ڪابل تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ بابر پنھنجو پاڻ کي
اڳوڻين روايتن مطابق هندستان جو جائز حڪمران سمجهندو هو. ان ڪري بابر ڪابل تي قبضو
ڪندي ئي وڏو لشڪر گڏ ڪيو ۽ هندستان جو رخ رکيو.
ابراهيم لوڌيءَ جي درٻار ۾
موجود اميرن جو هڪٻئي سان ساڙُ بابر جو مددگار ٿيو. دولت خان لوڌي دهليءَ جي
بادشاهه کان ناراض هو. هُن بابر کي خط لکي هندستان فتح ڪرڻ جي دعوت ڏني.
پاڻي پَت جي ميدان ۾ بابر
جو مقابلو جنھن لشڪر سان ٿيو، اهو ڪافرن جو لشڪر نه هو، پر هڪ اهڙو لشڪر هو، جنھن
۾ مسلمان پٺاڻ اڳيان اڳيان هئا. ان لشڪر جا جنرل به مسلمان هئا ۽ سڄي لشڪر جي
ڪَمان بادشاهه ابراهيم لوڌي پاڻ ڪري رهيو هو. هيءَ ويڙھ پٺاڻن ۽ تُرڪن جي هئي ۽
ٻئي مسلمان هئا.
پاڻي پت جي ميدان ۾ بابر کي
سوڀ ٿي. ابراهيم لوڌي ويڙھ ۾ ماريو ويو ۽ بابر سوڀ جا دهل وڄائيندو دهليءَ ۾ گِهڙيو.
ان سوڀ بابر کي هندستان جو شھنشاهه ٺاهيو. هاڻي سندس آڏو باقي ملڪ کي پنھنجي جهنڊي
هيٺ آڻڻ جو سوال هو. اهو مقصد ماڻڻ لاءِ بابر کي ننڍن ننڍن مقامي حڪمرانن جو
مقابلو ڪرڻو هو. انهن مان هڪُ رانا سانگا هو، جيڪو اتفاق سان غير مسلم هو، تنھنڪري
ان کي هارائڻ کان پوءِ بابرَ پاڻ لاءِ غازيءَ جي لقب جو اعلان ڪرايو.
بابر جو مقصد هندستان ۾
اسلام جو جهنڊو کوڙڻ ڪڏهن به نه هو ۽ نه ئي هن جو پنھنجو ڪردار شريعت جي وضاحت
ڪندڙ، زاهد ۽ عابد جھڙو هو. ڍير شرابن جا پيئڻ وارا هُن جا قصا تاريخ جي داستان جي
سونھن آهن ۽ هُو انهن جو ذڪر پنھنجيءَ آتم ڪھاڻي ”تزڪ بابري“ ۾ به هڪ چٽو
ڳالهائيندڙ تيموري ترڪ جيان ڪري ٿو. بابرُ چنگيز جيان ويڙھ کان اڳ نجومين کان راءِ
پڇندو هو ۽ ان لحاظ کان ترڪن جي روايتي وهم پرستيءَ جو شڪار هو. هُو حضرت عمر جي
ٻڌايل اصولن مطابق نرم دليءَ سان شھرن تي قبضو ڪرڻ جو عادتي نه هو. نه ته هُو
ٻنيون اجاڙڻ کان پاسو ڪندو هو، نه ته شھرن کي باهه ڏيارڻ کان ۽ نه ئي وري بي ڏوهن کي
تلوار جو کاڄ ڪرڻ کان. هُو هڪ نج هٿ-ڇُٽو ترڪ هو. هُو سٺو جنرل هو، سٺو انتظام
رکندڙ هو، ماڻهو سڃاڻيندڙ به هو، بي ڊِڄ بھادر به هو. هُن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي
خوبيون موجود هيون، جيڪي وچين دَور جي قبضيگيرن ۽ شھنشاهن لاءِ ضروري سمجهيون
وينديون هيون، پر هن کي اسلامي سورهيه سڏي پيش ڪرڻ خود اسلام تي ٺٺول برابر آهي.
*
No comments:
Post a Comment