ليکڪ: پروفيسر عزيز الدين احمد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
محمود غزنويءَ جي
پنجاب تي ڪاهه
1001ع ۾، محمود غزنوي جي ڏينھنِ ۾، پشاور پنجابَ ۾ گڏيل هو ۽ ان جو حڪمران جئه پال هو. تاريخ عينِي موجب، محمود غزنوي ’اسلام جو جهنڊو ڦڙڪائيندو پنجاب تي ڪاهي آيو.‘ پشاور جي جنگ ۾ پنجابي فوجن وڏي دليريءَ سان ڪاهيندڙن جو مقابلو ڪيو، پر انهن کي هارَ ڏِسڻي پئي. جئه پال پندرهن مائٽن سميت باندِي ڪيو ويو. ان ڳالهه جو تاريخ ۾ ڪو به ذڪر نه ٿو ملي، ته محمود غزنويءَ راجا جئه پال ۽ ان جي مائٽن کي اسلام ڏانھن لاڙڻ جي ڪا به ڪوشش ڪئي هجي، پر ”تاريخ عيني“ جو ليکڪ، جيڪو اُتي موجود هو، فخر سان لکي ٿو ته راجا جئه پال جي ڳچيءَ مان جيڪو هار لاٿو ويو هو، ان جو مُلهه ٻه لک دينار هو ۽ ان جي مائٽن جي زيورن جو اَگهه چار لک دينار ـــ ان کان سواءِ ٻيو به غنيمت (ڦرلٽ) جو مال محمود غزنويءَ جي وَر چڙهيو. پنج لک غلام ۽ ٻانِهيون به ورهايون ويون. اسلام جو جهنڊو اُوچو ڪرڻ جو فائدو اسلام کي ته ڪجهه به نه مليو، پر محمود غزنويءَ ۽ ان جي لشڪر کي ڏاڍو گهڻو غنيمت جو مال مليو.
جئه پال کي ويڙه ۾ هارائڻ کان پوءِ محمود غزنويءَ هٿان جنھن
ذلت جو مُنھن ڏِسڻو پيو، ان تي شرمندو ٿي، هُن مٿي جا وار ڪُوڙايا ۽ ٻرندڙ باهه ۾
ٽپو ڏئي، پرواني جيان ساهه ڏنو.
جئه پال کان پوءِ هُن جون ٻه پيڙهيون پنھنجي ڌرتيءَ جي
سنڀال ڪندي، ترڪن سان جٽاءُ ڪنديون رهيون، پر ويڙه جو فيصلو انهن جي خلاف ٿيو. پر،
ڇا اڄ تائين جي تاريخ ۾، ورهيل هر ويڙه ۾ سوڀ سچ کي ئي ٿي آهي؟ جيڪڏهن پنھنجي ديس
جو بچاءُ ڪندڙ پاڻ ۾ ناٺاهيءَ سبب ٻَڌل نه هجن ۽ ويڙه جي تياري نه ڪئي هجين، ته
هار انهن جو مقدر ٿي پوندي آهي. پنجاب جي سنڀاليندڙن سان به اهو ئي ٿيو. جئه پال،
ان جي پُٽ آنند پال ۽ ڏوهٽي جئه پال (ٻئي) پرڏيھي ڪاهيندڙن خلاف جيڪا ويڙه وڙهي،
اها ڌرتيءَ ماءُ جي بچاءَ جي هڪ اهڙي ويڙه هئي، جنھن کي اڄوڪي دنيا ۾ سڀ کان وڏي
مقصد لاءِ وڙهي ويندڙ ويڙه سمجهيو وڃي ٿو ۽ ويڙهاڪ سوين شابسن جا حقدار ليکيا وڃن
ٿا.
محمود غزنويءَ جِي پنجاب ۽ هندستان ۾ دلچسپي رڳو ايتري هئي،
ته هِتان غزنويءَ جي خزاني ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ مال ۽ دولت هٿ ڪئي وڃي. هن کي هندستان ۾
پنھنجي حڪومت ٺاهڻ سان ڪا به دلچسپي ڪا نه هئي، ڇو ته هو خوارزم ۽ ترڪستان ۾ ڏاڍو
ڦاٿل هو. خوارزم ۽ ترڪستان منجهان چين جِي واپاري واٽ لنگهندي هئي. اهو علائقو
محمود جي نظرن ۾ وڌيڪ فائدي وارو ۽ اهم هو. محمود غزنويءَ جي پنجاب ۽ هندستان تي
ڪاهن جو مقصد ان مان پڌرو ٿي وڃي ٿو ته سموريون ڪاهون فصلن جي لاباري کان ترت پوءِ
ٿيون يعني ان وقت جڏهن پنجابين جا گهر فصلن ۽ ٻين زرعي جنسن سان ڀريل ۽ روڪڙا رپيا
به ججهي ڳاڻاٽي ۾ هوندا هئا. محمود غزنويءَ هندستان جي غير مسلم سپاهين تي ٻڌل هڪ
لشڪر به تيار ڪيو، جنھن کي هُو پاڻ سان گڏ ترڪستان جي مسلمانن کي مارڻ لاءِ وٺي
ويو.
غزنوي گهراڻو ڪجهه ورهيه پنجاب تي حڪومت ڪندو رهيو. انهن کي
اقتدار تان لاهي غورين لاهور تي قبضو ڪيو. شھاب الدين محمد غوري گومل لَڪ جي واٽ
وٺي سنڌ کي ڦرڻ کان پوءِ پنجاب تي ڪڙڪيو ۽ 1185ع ۾ لاهور جي قلعي کي اُجاڙڻ کان
پوءِ گنگا جمنا ماٿرين ڏانھن روانو ٿيو. غورين کان پوءِ غلام گهراڻي جي حڪومت ٺھي
۽ وري تغلق اقتدار تي ويٺا.
No comments:
Post a Comment