ليکڪ: پروفيسر عزيز الدين احمد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
احمد شاهه ابداليءَ جو لشڪر پھچندي ئي سِکَ جنڊيالا جو گهيرو لاهي ستلج اُڪري، پرينءَ ڀر هليا ويا. سندن نيت اها هئي ته عورتن ۽ ٻارن کي ٻيلي ۾ پھچائي ۽ لِڪائي، موٽي اچي، ابداليءَ جو مقابلو ڪجي، پر احمد شاهه ابداليءَ جي لشڪر کين ايتري مھلت نه ڏني ۽ سندن پِيڇو ڪيو. لڳ ڀڳ 30 هزار سِک عورتون ۽ ٻار بچائڻ لاءِ انهن کي پنھنجي بچاءَ-گهيري ۾ آڻيو، مقابلو ڪندا، پوئتي هٽندا ويا. ڏيڍ سَو ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ۽ ڇٽيھن ڪلاڪن تائين هلندڙ اِن ويڙه ۾ سِکن جو ڏاڍو جاني نقصان ٿيو. ٻارن ۽ عورتن جي سنڀال ڪندي، هِن ويڙه ۾ 10 هزار سِک، جن ۾ گهڻائي عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن جي هُئي، ماريا ويا. ان واقعي کي سِکن جي تاريخ ۾ ’وڊا گلو گهاڙا‘ يعني وڏِي ڪنڌَ-ڪور يا وڏي قتلام جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.
اتان احمد شاهه ابدالي امرتسر موٽيو. هُن سِکن جي سڀ کان
مقدس گوردواري يعني ’هر مندر‘ کي بارود سان اُڏائڻ جو حڪم ڏنو ۽ چوڦير جايون به
ڊهرايون. سکن جو پوتر تلاءُ ماڻهن ۽ ڍورن جي گوشت، هڏن ۽ گند سان ڀريو ويو. انهيءَ
هر مندر جي هڪ سِر بارود جي ڦاٽڻ سبب، ٿِڙِي اچي، احمد شاهه ابداليءَ جي نَڪ تي
لڳي، کيس ڦَٽي رکيو. هُو مِٺن-پيشابن جو مريض هو. نَڪ جي ان ڦٽ ۾ پڇاڙڪن ڏينھنِ ۾
ڪينئان پئجي ويس. اهو ڦٽ به هن جي موت جو هڪ سبب ٿيو. احمد شاهه ماڻهن کي ڊيڄارڻ
لاءِ سِکن جي سِسين سان ڀريل 50 ڇَڪڙا لاهور موڪليا.
ڪَٺورتا جي ان ڏيک باوجود احمد شاهه سِکن ۾ ڊِڄ پيدا نه ڪري
سگهيو، پر ان جي ابتڙ سندن دلين ۾ ڌارين حڪمرانن خلاف ڌڪار ۽ بُڇان ۾ واڌارو ٿيو.
سِک وري به گڏ ٿيڻ شروع ٿيا ۽ وڏيءَ ڪنڌ-ڪور جي ڏاکڙي کان پوءِ ٽن مھينن ۾ ئي ايڏا
سگهارا ٿي ويا، جو سرهند جي افغان صوبيدار کي هنن هٿان هار جو مُنھن ڏِسڻو پيو.
جسا سنگهه اهلو والا ۽ تارا سنگهه گهيبا جالنڌر ٻيٽاري تي قبضو ڪري ورتو. چڙهت
سنگهه سڪر چڪيا ۽ ڀنگي سردارن راويءَ کان جھلم تائين پکڙيل علائقي ۾ پنھنجي
هَلندِي سَرندِي وڌائي ڇڏي. ڏِياريءَ جي مھيني ۾ لڳ ڀڳ 60 هزار هٿياربند سِک، سوار
۽ پيادا امرتسر چوڌاري مِڙي ويا. سندن مقصد ڪنڌ-ڪور جو پلئه ڪرڻ هو.
امرتسَر ويجهو سِکن ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي وچ ۾ ويڙه ٿِي،
جيڪا فيصلو ڪندڙ ثابت نه ٿي. احمد شاهه لاهور هليو ويو ۽ سِکن ٻيلن جي راهه ورتي.
احمد شاهَه سِکن سان ڳالهائڻ لاءِ ايلچِي روانا ڪيا، پر سِکن ايلچين سان ڳالهيون
ڪرڻ بدران وٽن جيڪو ڪجهه هو، کَسي، انهن کي لاهور موڪليو. احمد شاهه ابداليءَ سِکن
جو خاتمو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿِي، مايوسيءَ جي حالت ۾ قنڌار موٽي ويو.
ابداليءَ جو قنڌار موٽڻ ۽ سِکن جو قصور جي پٺاڻ حاڪم عثمان
خان کي ماري قبضو ڪرڻ. چڙهت سنگهه هٿان افغان سالار سَربُلند خان کي هار جو صدمو
سَھِڻو پيو. اهڙيءَ طرح جھان خان کي به سکن جي هٿان ڦڙڦوٽ جو شڪار ٿيڻو پيو. 1764ع
۾ سکن لاهور تي قبضو ڪري افغان صوبيدار کي ماري ڇڏيو. انهن هڪٻئي مٿان سوڀن سِکن
جي هلندي سرندي ملتان کان ڊيراجات تائين پکيڙي ڇڏي.
پنجاب ۾ سکن جي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ لشڪري سگهه ڌارين ڦورن
لاءِ هڪ للڪار جي حيثيت رکي پئي. احمد شاهه ابداليءَ سکن خلاف جھاد جو اعلان ڪري
ڇڏيو ۽ بلوچ سردار، امير نصير خان سان ملي، سکن جي لشڪري سگهه کي چِٿڻ جو فيصلو
ڪيو. ان جھاد جي آڙ ۾ پٺاڻ ۽ بلوچ لشڪر سان گڏجي پنجاب تي ڪاهه ڪئي، پر هِن ڀيري
هُن کي هار ڏِسڻي پئي ۽ هُو سکن جي لشڪري سگهه کي چِٿڻ جي حسرت دل ۾ کڻي قنڌار
موٽي ويو.
1766ع ۾ احمد شاهه ابداليءَ پنجاب تي اٺين ڪاهه ڪئي. ان مھل
لاهور سکن جي قبضي هيٺ هو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ پھريون مقابلو رهتاس ۾ ٿيو. سِکَ
جھلم، گجرات ۽ سيالڪوٽ، هر هنڌ افغان لشڪر تي چڙهت ڪندو رهيو. اهي جيئن ته گوريلا
ويڙه جا ماهر هئا، ان ڪري اهي لاهور جي قلعي ۾ گهيرجي ويھي وڙهڻ بدران لاهور شھر
جي ٻھراڙين ۾ پکڙجي ويا ۽ وجهه ملندي افغان لشڪر کي پريشان ڪندا رهيا.
احمد شاهه ابدالي سکن جي جنگي هنرمنديءَ مان اَڙجي ويو ۽
هاڻي جھاد بدران سِک سردار لھڻا سنگهه کي پنجاب جي صوبيداريءَ جي آڇ ڪيائين ۽ کيس
درٻار ۾ اچڻ جو نياپو موڪليائين. لھڻا سنگهه اها آڇ ٿُڏيندي، چوائي موڪليو ته هُو
پنھنجيءَ قوم جو سودو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. احمد شاهه ابدالي لاهور مان روانو ٿي،
پھريائين امرتسر ۽ پوءِ جنڊيالا پھتو. سِکَ ٽولا ٺاهي سندس لشڪر جي پُٺ ۾ ڌَڪ
هڻندا رهيا. احمد شاهه زِچ ٿي، سک سردارن کي نياپو ڪيو ته ’جيڪڏهن اهي نوڪريءَ ۾
اچن ته هُو کين ڀليڪار چوندو ۽ جيڪڏهن وڙهڻ ئي گُهرن ٿا، ته کُليل ميدان ۾ اچي
مقابلو ڪن.‘ سکن ٻئي رايا رد ڪري ڇڏيا. انهن وڙهڻ گهريو پئي پنھنجي طريقي پٽاندر.
امرتسر ويجهو سکن ويڙه هلندي هڪ ڀيرو وري جھان خان کي
هارايو ۽ ڦَٽيو به. پوءِ چئني پاسن کان افغان لشڪر تي ڌَڪا ڌڪي جو سلسلو جاري
رکيو. سک لشڪر امير نصير خان بلوچ کي هارائي، کانئس احمد شاهه ابداليءَ جو سمورو
مال متاع ڦري ورتو.
هاڻي حالت اها ٿي وئي، جو سڄي پنجاب ۾ احمد شاهه ابداليءَ جو وس رڳو ان ٽُڪري تي هلندو هو، جتي سندس لشڪر جو ڊاٻو هوندو هو. اهڙيءَ حالت ڪري، ابداليءَ جي لشڪر ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي ۽ پنج هزار سپاهي بنا موڪل، گُسائي، پاڪ پتڻ جي راهه وٺي افغانستان ڀڄي ويا. فوج ۾ عام بغاوت جي ڀوَ کان ابداليءَ قنڌار موٽي وڃڻ جو اعلان ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح پنجاب جي عوام کي منجهانئس نجات ملي.
No comments:
Post a Comment