ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
امير تيمور ۽ هندستان تي سوڀ
امير تيمور جي هندستان تي ڪاهه جو اصل سبب هِتان جي دولت ڦرڻ هئي. دهليءَ جي تخت تي قبضو رکندڙ تغلق گهراڻو نااهل ۽ ڪمزور هو، جنھن جي نتيجي ۾ هندستان طوائف الملوڪيءَ (ڇت ڪتائي) جو شڪار ٿي پيو هو. انهن حالتن مان فائدو وٺڻ لاءِ امير تيمورَ هندستان تي، جيڪو پنھنجي سوکيءَ پوکيءَ ۽ سُکيي ستابي هئڻ سبب سونِي جهرڪي سڏيو ويندو هو، ڪاهه جو فيصلو ڪيو. امير تيمور پنھنجيءَ آتم ڪٿا ”تزڪ تيموريءَ“ ۾ اها ڳالهه مڃي آهي، ته هندستان تي ڪاهه ڪرڻ کان اڳ ۾ اِن ڏيھه بابت ڄاڻ گڏ ڪئي هئي ۽ جڏهن کيس پڪ پئجي وئي، ته ڪاهه سان کيس اڻمَيو مال ملندو، تڏهن ئي هُن ڪاهه جو ارادو ڪيو.
پنھنجيءَ اصل غرض تي ڍَڪ
رکڻ لاءِ تيمور به هندستان تي ڪاهه کي ڪافرن خلاف جھاد جو نالو ڏنو. اهي ڪافر ڪير هئا،
جن خلاف تيمور جھاد ڪرڻ نڪتو هو! جن شھرن کي تيمور ۽ اُن کان اڳ سندس پٽ پير محمد
جي لشڪر پنھنجن پيرن هيٺان لتاڙيو، انهن سڀني جا حڪمران مسلمان هئا. ملتان، تلمبه،
اُچ شريف، پاڪپتن، ديپالپور ۽ دهلي، انهن سڀني شھرن ۾ هن جي ويڙھ مسلمانن سان ئي
ٿي. پنجاب جو گورنر (حاڪم) شھاب الدين مبارڪ خان هو ۽ دهليءَ جي تخت تي تغلق
حڪمران ويٺل هو. انهن شھرن جي آبادي، جن کي تيمورَ تلوار جو کاڄ ڪيو، گهڻي ڀاڱي مسلمانن
تي ٻَڌل هئي. دهلي، جتي ستن ڏينھنِ تائين عام ڪوس جو حڪم ڏنو ويو، مسلمان حڪمرانن
جي گادي هئڻ سبب مسلمانن سان ڀريل هئي. تيمور جو اصل مقصد جھاد هجي ها ته هُو
مسلمانن جي شھرن کي ڦُري موٽي نه وڃي ها، پر ڏکڻ هند ڏي وڌي وڃي ها، جيڪو غير
مسلمانن جو ڳڙھ هو. هُو مدراس، مھاراشٽر ۽ اڄوڪن اتر پرديش ۽ بِھار کي سوڀ ڪري ها،
جتان جي وڏي آبادي غير مسلمان هئي. تيمور مسلمانن خلاف ئي جھاد ڪرڻ تي بس ڇو ڪئي؟
تزڪ تيموريءَ ۾ پاڻ تيمور لکيو آهي، ته هُن هندستان تي ڪاهه ڪرڻ کان اڳ چينَ تي
چڙهائي ڪري فتح ڪرڻ بابت به سوچيو هو، پر هُن چينَ تي ان ڪري ڪاهه نه ڪئي، جو چيني
شھنشاهه طاقتوَر هو. حقيقت اها آهي ته تيمور سميت ٻين سڀني وچ ايشيائي ڪاهيندڙن،
طاقتور ڪافرن کي ڇڏي، سدائين هِيڻن مسلمان خلاف جھاد ڪرڻ کي آڳَ ڏني آهي.
هندستان اچڻ کان اڳ تيمور
پنھنجِي اسلام سان نام نھاد محبت جو ثبوت ترڪن سان رتوڇاڻ ويڙهون وڙهي پيش ڪري چڪو
هو. عثمانيه سلطنت جا ترڪ حڪمران ته نج مسلمان هئا. سلطان بايزيد يلدرم، جنھن جي
سلطنت کي تيمورَ تباهه برباد ڪيو هو، پاڻ اسلام جو نالو وٺي ڪافرن خلاف جھاد ڪندي،
اڌ يورپ فتح ڪري چڪو هو. ان ”مجاهد اسلام“ بايزيد يلدرم کي تيمورَ شڪست ڏئي قيد
ڪيو ۽ بَند ۾ ئي سلطان جو موت ٿيو.
وچ ايشيا جي هِن وحشي ۽
خونخوار تاتاريءَ، جنھن کي ماڻهو ’خدائي تازيانه‘ (خدا جو چھبڪ) سڏيندا هئا، اسلام
جي نالي کي ڦرلٽ، هوَس پرستيءَ ۽ پنھنجن ڪِريل مقصدن کي سھڻو رنگ ڏيڻ لاءِ ڪم
آندو. اهو ڪم ڪندڙ هُو (تيمور) تاريخ جو آخري ماڻهو ڪو نه هو. هِن خِطي جي تاريخ
شاهد آهي ته وحشي ڪاهيندڙن ۽ ظالم آمرن پنھنجن گندن غرضن کي ڍَڪ ڏيڻ لاءِ مختلف
دورن ۾ اسلام جي مقدس نالي کي هر هر ڪم آندو آهي.
*
(ڇپيل: روزاني ’الوحيد‘ ڪراچي، 27 آگسٽ 1992ع)
No comments:
Post a Comment