ليکڪ: پروفيسر عزيزالدين احمد
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
احمد شاهه ابداليءَ جون هندستان تي ڪاهون
احمد شاهه ابداليءَ جي جيڪا
تصوير درسي (نصابي) ڪتابن ۾ چِٽي ويندي آهي، اها خاص طرح حقيقت جي ابتڙ آهي. هن جي
هندستان تي ڪاهن جو ڪارڻ اهو ڏنو ويندو آهي، ته هُو ديني عالمن جي دعوت تي هندستان
جي مسلمانن جي مدد ڪرڻ آيو هو، جيڪي سِکن ۽ مرهٽن مان ڦاسي ويا هئا. حقيقتون اُن
دعوا کي ڪُوڙو ثابت ڪن ٿيون.
احمد شاهه ابدالي به هڪ
سلطنت ٺاهيندڙ حملي آور هو. سلطنت ٺاهڻ جي عمل ۾ اصل چورڻو [محرڪ] جذبو مذهب نه هو،
پر هڪ وڏي ۽ ويڪري خودمختيار حڪومت قائم ڪرڻ هو. هو پاڻ سُني عقيدي وارو افغان هجڻ
باوجود نادر شاهه جي يساول يعني ذاتي نوڪر جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيو، جيڪو شيعو به هو ۽
افغان دشمن به. وري هن جو ايڏو معتقد ٿي ويو، جو هن کي دراني فوج جو سالار مقرر
ڪيو ويو. هُو نادر شاهه سان گڏ مارا ماريءَ جي انهن سڀني مھمن ۾ گڏ رهيو، جن جا
تفصيل پڙهندي لڱ ڪانڊارجيو وڃن ٿا، پر ان دور جي وچ ايشيائي ثقافت ۾ اهي ڪارروايون
تلوار رکندڙ صاحبن لاءِ هر ڏينھن جو ڪم هيون.