ليکڪ: مشتاق احمد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سوويت يونين کان پالهي ڌرتي
جڏهن روم ناس ٿيندو ته ڌرتي به تباهه ٿي ويندي، رومين
پنهنجيءَ سلطنت، جنهن دنيا کي پنهنجي سدائين ويڪري ٿيندڙ ڀاڪر ۾ ڀري پئي ورتو، جِي
اجيتيءَ بابت ائين پئي محسوس ڪيو. روسين يا ٺيڪ ٺيڪ چئجي ته سوويتن اها اميد پئي
رکي ته دنيا کي پنهنجي وڌندڙ ڀاڪر ۾ ڀري وٺندا، اهو سوچڻ کان سواءِ ئي ته روس
پنهنجي سر پاڻ ئي پنهنجي نظرياتي ويرين جي جلهه آڏو جُهڪي (جُهري) پوندو. بهرحال،
سوويت يونين وڏو ۽ سگهارو ٿيندو پئي ويو، ايڏو ٻلوانُ جو پنهنجي ڌرتيءَ تي ڪاهي
آيل نازي بدمعاشن کي تڙي ڦٽو ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائيندي، حقيقت ۾ دنيا کي بچائي
وٺي.