ليکڪ: پروفيسر عزيز الدين
احمد
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
احمد شاهه
ابداليءَ جون ڪاهون ۽ پنجاب جا عوام
کادا پِيتا لاهٖي دا تٖي باقِي
احمد شاهٖي دا
احمد شاهه ابدالي افغان قوم جو سورهيه ته آهي، جو هُن دنيا
جي نقشي تي پھريون ڀيرو افغانستان جو چِٽ چِٽيو، پر وچ-ايشيا جي ڪاهيندڙن جيان هُو
به پنجاب جي عوام لاءِ ڦورُو ئي ثابت ٿيو.
احمد شاهه ٻاويھَن ورهيَن ۾ پنجاب جي رستي هندستان تي نوَ ڪاهُون ڪيون ۽ جيڪو ڪجهه وَر چڙهيس، ڪابل
کڻي ويو. ان ڪري، اها چوڻي عام ٿي ته ”کادا پيتا لاهي دا تي باقي احمد شاهي دا“.
ڪجهه ته هُن جي لشڪر ڦريو ۽ ڪجهه هُو جنگِي خرچ جي شڪل ۾ هِتان ميڙي کڻي ويو.
ماڻهن جي سوين سالن جي ڪَئِي ڪمائي انهن نوَن ڪاهن ۾ ڪابل ۽ قنڌار جي بازارن ۾
وڪامجڻ لڳي. ابداليءَ جي ڦرلٽ ايڏو نالو ڪڍيو، جو جڏهن به هُو لشڪر وٺي پنجاب
ڏانھن روانو ٿيندو هو، ته پٺاڻن جا بُکيا اگهاڙا خونخوار قبيلا ڦرمار لاءِ هُن جي
لشڪر سان گڏجي ويندا هئا. اهي قبيلا انهن باراني علائقن جا رهاڪو هئا جتي ٻني ٻارو
ڄڻڪ هيو ئي ڪو نه ۽ ڦرلٽ کان سواءِ تڳڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ڦرلٽ کي روزگار جو پڪو وسيلو
سمجهيو ويندو هو.
انهن ڏينھنِ ۾ دهليءَ جو بادشاهه اَٺ ئي پھر شراب ڪباب، راڳ
رنگ ۽ هزارين ٻانِهيُن سان ’ميل جول‘ وڌائڻ ۾ رُڌل رهندو هو. پنجاب جي ترڪ گورنر
شاهنواز خان پنھنجي ڀاءُ يحيا خان کي، جيڪو دهليءَ جي وزير قمرالدين خان جو نياڻو
هو، لاهور جي حاڪميءَ کان زوريءَ لاهي ڪاٺ ۾ وجهرائي ڇڏيو هو، پر يحيا خان وفادار
نوڪر جي واهر سان ڀَڄي پنھنجي سھري وٽ دهليءَ وڃي پھتو. شاهنواز کي ڳڻتيءَ اچي
ورايو، ته متان قمرالدين خان مورڳو کيس حاڪميءَ تان لاهڻ سان گڏ سزا به نه ڏئي
ڇڏي، ان ڪري هُن سِڌو احمد شاهه ابداليءَ کي خط لکيو، ته جيڪڏهن تون هندستان کي
زيرِ ڪرين، ته ’تون بادشاهه ۽ آءٌ وزير‘، دهلي پڪل انب جيان تنھنجي جهول ۾ ڪِرڻ
لاءِ آتي آهي.