فلسفو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
تعارف
ويهڻ ويڄن وَٽ، جي سِکين ته سَگهو ٿئين،
اڳين عادت مَٽ، ته اگها عاجز نه ٿئين.
اڳين عادت مَٽ، ته اگها عاجز نه ٿئين.
فلسفي جو اصطلاح قديم يونان جي هڪ
وڏي فلسفي انيگزاگورس استعمال ڪيو ۽ هڪ روايت موجب ان جي معنى آهي ”ڏاهپ سان
پيار“. فلسفو انگريزي ٻوليءَ جي لفظ ”فلاسافي“ جي معنى ظاهر ڪري ٿو جيڪو قديم
يوناني ٻوليءَ ۾ ٻن لفظن ــــــ فِيليو (پيار) ۽ سوفيا (ڏاهپ) جي ميلاپ سان ٺهيو
ــــــ ’ڏاهپ سان پيار‘ يعني ’ڄاڻ‘. جڏهن اسين چئون ٿا فلسفو معنى ڄاڻ، تڏهن هڪدم
ذهن ۾ سوال اڀري ٿو ته ڇا سائنس اسان کي ’ڄاڻ‘ سان مالامال نه ٿي ڪري؟ (يوناني
ٻوليءَ ۾ ’سائنس‘ جي معنى به ’ڄاڻ‘ ئي آهي.) هائو، برابر، سائنس اسان کي ڄاڻ جا
سمنڊ مهيا ڪري ٿي، پر ڇا هر سائنس فلسفو آهي؟ ڇا فلسفي جي مهيا ڪيل ڄاڻ ۽ سائنس جي
مهيا ڪيل ڄاڻ جي وچ ۾ ڪو فرق آهي؟
جواب ها آهي.
فلسفي جي مهيا ڪيل ڄاڻ ۽ سائنس جي
مهيا ڪيل ڄاڻ ڌار قسم جي آهي. هر سائنس جيڪا ڄاڻ مهيا ڪري ٿي، اها حقيقت جي رڳو
ڪنهن هڪ حصي جي ڄاڻ آهي.