سنڌ ۾ زرعي-آبهوائي (Agro-climatic)
علائقن بابت نئين سوچ
ايـــم.ايـــڇ. پـنــهـــــور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
(ايم.ايڇ. پنهور مُندَڀياسي (Meteorological)¨ انگن
اکرن يا ”ڄاڻوڪي“ (Data)
جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو ۽ هُو سنڌ کي اهڙن 9-علائقن ۾ ورهائڻ جي رٿ ڏي ٿو جن جي بنياد
تي زرعي رٿابندي ڪري سگھجي ٿي. ـــــ سنڌيڪار)
اڄ ڪلهه زراعت لاءِ آبهوا جي اهميت کي
ڌيان ۾ گھٽ رکيو ٿو وڃي، توڻي جو آزاديءَ کان اڳ ان تي جوڳو ڌيان ڏنو ويندو هو.
آبهوا (Climate) هڪ وسيع مفهوم وارو لفظ آهي، جنهن ۾ روزاني
توڻي سڄي سال دوران پوندڙ گرمي (تاپو، تاءَ، temperature)،
گِهم (humidity)، وسڪارو (rainfall)،
جھڙالو (cloud cover)، ڪوهيڙو (fog)،
سج جي تابش کان بچاءُ، گھلندڙ هوائون، بخارجڻ (evaporation)
۽ ماڪ-درجو (dew-point) شامل آهن. آبهوا اسان کي گھڻن ئي ٻوٽن (plants)
جو ڦوٽهڙي، گُلِجَڻ (گلَ ٿيڻ/گل ڦُٽڻ جو عمل) ۽ ميوجڻ (ميوو ٿيڻ/ميوو ٺهڻ جو عمل)
لاءِ گھربل ڪل گرميءَ ۽ ڪجھ وڻوٽن (وڻ+ٻوٽو =
وڻوٽو، Plant) کي سندن وري ڦوٽهڙي ۽ گلجڻ کان اڳ ساهي (dormancy)
ماڻڻ لاءِ گھربل ڪل ٿڌ (chill) جو مقدار به ٻڌائي ٿي. آبهوا جا عنصر مختلف
وڻوٽن جي بقا ۽ ستابائيءَ لاءِ مناسب فضائن کي مقرر ڪن ٿا.
برطانيا آبهوا جي اهميت کي محسوس ڪيو ٿي
تنهنڪري بمبئي پريزيڊنسيءَ پنهنجي اثر هيٺ علائقي جو 1878ع ۾، 17x12
انچ ماپ جو هڪ مُندڀياسي نقشو ڇپرايو. اُپکنڊ ۾ برساتن جو پهريون چارٽ 1884ع ۾
(ماپ 19x37 انچ) انڊيا گورنمينٽ ڇپائي پڌرو ڪيو.
1874ع ۾ ڇپيل سنڌ جو پهريون گزيٽيئر (Gazetteer) سنڌ جي مختلف
ضلعن جي آبهوا تي بحث ڪري ٿو. ان کي سڌاري 1876ع ۾ وري ڇپيو ويو. هنٽر جو ”امپيريل
گزيٽيئر آف انڊيا“ (1886ع) آبهوائي نقشا ڏي ٿو. ”سروي آف پاڪستان ائٽلس (Atlas)“
جيڪو 1983ع ۾ جاري ٿيو، سنڌ جي ساڳي اها ئي آبهوائي ورڇ ٻڌائي ٿو جيڪا هنٽر جي
گزيٽيئر 1886ع ۾ لڳ ڀڳ هڪ سَو ورهه اڳ ڏني وئي هئي.
زراعت لاءِ
آبهوا جي اهميت ايتري ته ضروري سمجھي پئي وئي جو صديءَ جي مٽجڻ تي، 1904ع ۾، هر
تعلقي جي مختيارڪار پاران موسم جا بنيادي انگ اکر روزانو گڏ ڪري زراعت جي ڊائريڪٽر
ڏانهن موڪليا ويندا هئا، جيڪو مليل دَور ۾ سالياني سراسري جي انگن اکرن ڏيڻ ۽ ڇپڻ
سان گڏ سنڌ حڪومت جي گزيٽ (سرڪاري خبرنامي، Gazette)
۾ هر سال (1904ع کان پوءِ) ڇپرائيندو هو.
تاريخي ڄاڻوڪي (Historical Data)
زرعي شعبي جا مختلف ايگزيڪيوٽوِ انجنيئر
پڻ پنهنجي آفيس ۾ مندڀياسي اوزار رکندا ۽ ڄاڻوڪي رچيندا هئا. سمورن سرڪاري کيتن
(ٻنين، فارمن، Farms) تي وسڪاري ۽ گھٽ/وڌ تاءَ-پد کي رڪارڊ ڪرڻ
لاءِ مندڀياسي اوزار رکيا هوندا هئا. انڊيا جو مندڀياسي شعبو آبهوا جي اثرن کي
چڱيءَ طرح سمجھندو هو. ان 1945ع ۾ ”آبهوا ۽ انڊين هاري“ (کيتار، Farmer)
نالي ڪتاب ڇپرايو. هن ڪتاب ۾ وسڪاري تاپي (گرمي جو درجو)، مجموعي بخارجڻ ۽ فضائي
داٻ سان گڏ ٽيهنِ ڏينهنِ، ستن ڏينهنِ ۽ چوويهنِ ڪلاڪن ۾ 5 انچِي وسڪاري جي ڪسوٽي
ڏني. اڄ به، ساڳي ڪسوٽي زرعي رٿابندي ۾ ڏيهان ڏيهه ڪم آندي وڃي ٿي.
آبهوا ۾ دلچسپيءَ جو اندازو ان مان ڪري
سگھجي ٿو ته سموريون انگريزي ۽ سنڌي اخبارون اپکنڊ جي مکيه شهرن ۽ جيڪب آباد،
روهڙي، پڊ عيدن، حيدرآباد، ڇور، ڪراچي، منهوڙي ۽ سنڌ جي هڪ يا ٻن ٻين هنڌن جو وڌ ۾
وڌ ۽ گھٽ ۾ گھٽ تاءَ-پد ڇپينديون هيون.
آزادي ملندي ئي، زراعت سان واسطيدار
آبهوا ۾ دلچسپي گم ٿي وئي. ڪيترن ئي سرڪاري ادارن آبهوائي ڄاڻوڪي پئي گڏ ڪئي آهي،
پر ان کي ڪڏهن به مجموعي طرح رٿيو نه ويو آهي جو سالياني سراسري ۽ آبهوائي رويو
ڄاڻي سگھجي. پاڪستاني مندڀياسي شعبو، جنهن وٽ 2300 ملازم آهن، سڄي ملڪ اندر ڪيترن
ئي هنڌن تي آبهوائي ڄاڻوڪي گڏ ڪندو رهي ٿو، پر ان کي گذريل ويهن-پنجويهن سالن ۾
ڪڏهن به هڪ هنڌ ڪَٺو نه ڪيو ويو آهي. انهن وٽ ڏهاڙي ڄاڻوڪي (Daily Data)
داخل ڪرڻ وارا دستخطي رجسٽر موجود آهن. واپڊا (واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي) ڄاڻوڪي
گڏ ڪري ۽ ڇپي ٿي، پر اها اهڙي صورت ۾ ناهي جيئن سنڌ ۾ زرعي ڊائريڪٽر 1946ع کان اڳ
تائين ڇپيندو هو يعني مختلف هنڌن لاءِ مهيني ۽ سال جي حساب سان گھڻي ڊگهي عرصي تي
پکڙيل سراسريءَ جي صورت ۾.
مختلف سرڪاري رپورٽن ۾ ڇپيل ڪجھ نقشن تي
هڪ نظر وجھڻ سان ئي سَمڪ پئجي وڃي ٿي ته اهي 70 ۽ 80 ورهه اڳ ڇپيل مندڀياسي نقشن
تان ورتا ويا آهن. اهي سنڌ کي رڳو ٽن آبهوائي علائقن ۾ ورهائن ٿا:
1.
ڪوسو (Hot)،
گھڻو سوڪاٽيل (گھڻو سوڪ ورتل، Arid) ـــــــــ
مينهن 5-انچن يا 125 ملي ميٽرن (م.م) کان گھٽ.
2.
ڪوسو سوڪاٽيل ـــــــــ
مينهن 5-10 انچ (125-255 م.م).
3.
سڄر (Warm)
اڌ-سوڪاٽيل (Semi-arid) ـــــــــ مينهن 10-14 انچ (255-355 م.م).
هِن ليکڪ (ايم.ايڇ. پنهور) سنڌ جي مختلف
ايراضين لاءِ ڪيترن ئي وسيلن تان 1904-1984ع تائين مندڀياسي ڄاڻوڪي پئي هٿ ڪئي آهي،
جنهن جي بنياد تي سنڌ جو هڪ زرعي-آبهوائي نقشو تيار ڪيو آهي. هڪ نئون پر مکيه عنصر
جيڪو سنڌ جي ڪيترين ئي ايراضين لاءِ ڳولي هٿ ڪيو آهي، اهو آهي ڪل سَـٿيل (گڏ ٿيل،
ڪَٺي ٿيل، Accumulated) گرمي (ساوڻ ۾ 13 ڊگريون سينٽيگريڊ کان مٿي
ڪل ڪَٺي ٿيل گرمي) يا گرمي-ڏساڪ (Heat-index)، جنهن هيٺ
ڪيترائي وڻوٽا (وڻ ٻوٽا) ڦُٽن، وڌن، رسجن ۽ ميوو/اناج يا ڌاڳو ڏين ٿا.
گرمي-ڏساڪن لاءِ ڏيهان ڏيهي مڃيل ڪسوٽي
”ڪل پد-ڏينهن“ (Total Degree-days) آهي يعني 13
کان 37 سينٽيگريڊ جي وچ ۾ رهندڙ تاءُ. انهن ٻن انتهائن کان هيٺ گھٽ يا مٿي وڌ
گرميءَ درجي ۾ ڪيترائي اپ-تاپيري (Sub-tropical)¨
وڻوٽا پنهنجو سڦل ڦوٽهڙو بند ڪري ڇڏن ٿا.
سنڌ جي پيڄارڪي (آبپاشي هيٺ، Irrigated)
ميدانن ۾ (جتي واهه جو پاڻي پڪيءَ طرح مهيا ٿئي ٿو) سالياني مينهن جي اهميت گھٽجي
وئي آهي. وسڪارو ٿر ۽ ڪوهستان لاءِ اهم آهي جيڪي پوريءَ طرح رڳو مينهن تي ڀاڙن ٿا.
بخارجڻ ۽ وسڪاري ۾ فرق کي ڏسي سوڪهڙي جي
درجيبندي ڪجي ٿي ۽ ان نُڪتي کي ذهن ۾ رکي چئي سگھجي ٿو، ته ننگر پارڪر ۽ مِٺي
تعلقن جي ڏکڻ-اوڀرائين چهنب کان سواءِ، جيڪا اڌ سوڪاٽيل ايراضي آهي، باقي سڄي سنڌ
سوڪاٽيل آهي. سوڪاٽ وڃي اتي دنگ ٿئي ٿو جتي پڪ سان پيڄارڪ (Irrigation)
پاڻي ميسر آهي.
ڪل گرمي-ڏساڪن
جي مدد سان موسمي يا آبهوائي نقشو تيار ڪرڻ لاءِ ٻي مکيه ڪسوٽي ”ڪل سياري-سياٽو“ (Total
Winter Chill) آهي، جنهن کي ”سياٽٖي-ايڪو“ (Chill Unit)
سڏجي ٿو. سياري-سياٽو 7.2°س (ست
ڏهائي ٻه پد ڊگري سينٽيگريڊ) کان هيٺ 0°س (ٻڙي
پد ڊگري سينٽيگريڊ) تائين ڪل ساليانا ڪلاڪ آهي. وڻوٽن جي سياري واري ساهي/ننڊ جي
پڄاڻيءَ جو مدو سياٽي-ايڪن ۾ ڪٿجي ٿو ۽ اهو پورو ڪرڻ کان پوءِ وڻوٽا وري ڦُٽڻ شروع
ڪن ٿا. سياٽي-ايڪا گُلجڻ، ميوجڻ ۽ ڪيترن ئي ليماڻن (ليمي جهڙو/جيان، سٽرس، Citrus)
ميون جي پيدائش/اُپت تي اثر ڪن ٿا. ڪيتريون ئي ڀاڄيون سياري-سياٽي جي گھرج رکن
ٿيون.
9-علائقن جي ڇنڊڇاڻ
سنڌ جو آبهوائي يا موسمي نقشو تيار ڪرڻ
لاءِ هن ليکڪ سنڌ جي 14 هنڌن، جن ۾ ڪراچي (صدر) به شامل آهي، جي ڪيترن ئي ورهَن تي
ٻڌل ڄاڻوڪي گڏ ڪري، ان جي بنياد تي نومبر ۽ فيبروري جي وچ ۾ سياٽي-ايڪن ۽ مارچ کان
آڪٽوبر تائين ساوڻيءَ جون گرمي-ڏساڪون تيار ڪيون آهن جن ۾ سياٽي-ايڪن ۽ گرمي-ڏساڪن
لاءِ وروڌي عنصرن کي ريٽيو ويو آهي.
ان ڄاڻوڪيءَ
وسيلي سنڌ جو هڪ زرعي-آبهوائي نقشو تيار ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ کي نوَن علائقن ۾
ورهائي ٿو. انهن مان ٽن علائقن کي گرمي-ڏساڪ جي فرق سبب ٻِن ٻن اُپ-علائقن ۾
ورهايو ويو آهي. ان ڪري هن نقشي ۾ 9 سياٽي-ايڪا ۽ 12 گرمي-ڏساڪ علائقا ٺهي پيا
آهن.
علائقو-1
هن ۾ روهڙيءَ کان جيڪب آباد تائين ايراضي
شامل آهي جنهن کي مارچ ۽ آڪٽوبر جي وچ واري عرصي دوران سٿجندڙ/ڪَٺي ٿيندڙ ڪل
گرميءَ جي حساب سان 4696 گرمي-ڏساڪ ۽ 420 سياٽي-ايڪا آهن. اها سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ
ڪوسي ايراضي آهي پر ڪنهن به طرح سڀ کان وڌيڪ ٿڌي ناهي، جيئن اڻ-امڪاني طرح
علائقي-2 ۾ ٿئي ٿو.
هن ۾ ٻه اپ-علائقا ”الف“ ۽ ”ب“ آهن. سڀ
کان وڌيڪ ڪوسو حصو ”الف“ آهي جيڪو ٺُل، شڪارپور، ڳڙهي ياسين ۽ ڳڙهي خيرو تعلقن جي
وچ ۾ اچي وڃي ٿو. هن ايراضيءَ جي گھڻي ڪوساڻ اتر ۾ سبي ۽ ڪڇي ضلعن جي ميدانن ۾
موجود وسيع رڻ سبب آهي. ايئن ٿو لڳي ته بلوچستان ۾ ٽيمپل ديرا (ديرا مراد جمالي)
سنڌ جي جيڪب آباد کان وڌيڪ ڪوسو آهي، ۽ ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته اهو سڄي اپکنڊ ۾ سڀ
کان وڌيڪ ڪوسو هنڌ آهي.
اوڀرائون حصو
”ب“ ٻيو اپ-علائقو آهي جنهن ۾ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، روهڙي، گھوٽڪي، پنو عاقل، اُوٻاوڙو ۽
ماٿيلو تعلقا اچي وڃن ٿا. اهو ايترو ڪوسو ناهي ۽ ساوڻ گرمي-ڏساڪ موجب علائقي-2 سان
ملندڙ جلندڙ بيهي ٿو.
علائقو-2
هن ۾ سڄو لاڙڪاڻو ضلعو، دادو ضلعي جو
منڇر جي اتر وارو حصو ۽ خيرپور ميرس کان موري تائين، سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري واري
سنهي پٽي شامل آهي. هيءَ سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ ٿڌي ايراضي آهي ۽ منجھس 550
سياٽي-ايڪا آهن، جيڪي پنجاب جي مرڪزي علائقن سان برابري ڪن ٿا. آزاديءَ کان اڳ
هيءَ ايراضي ليماڻن ميون، ڏاڙُهن ۽ شرابي انگورن جي لحاظ کان مشهور هئي.
1918-1920ع ۾ ٽنهي قسمن جا ميوا ڏيساوري واپار لاءِ به اپايا ويندا هئا، جيئن ان
ايراضي جو زرعي آفيسر بارڪزئي ٻڌائي ٿو. ويجھڙ وارن ورهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ان جي
ليماڻن ميون کي ڪِين جھڙو ڪري ڇڏيو آهي، ٻيا ٻه فصل ته مورڳو گم ٿي ويا آهن.
ساوڻ ۾ لڳ ڀڳ 4500 گرمي-ڏساڪن جي ڪري اهو
جيڪب آباد کان گھٽ ڪوسو آهي. ڪوٽ ڏيجي ٽڪرين واري اپ-علائقي ”الف“ جي ايراضي ساوڻ
۾ وڌيڪ ڪوسي ٿئي ٿي ۽ ڪوساڻ ۾ جيڪب آباد کان ٻئي نمبر تي اچي ٿي.
جيئن ته کيرٿر جبل ٿـڌين اترادي هوائن کي
رنڊائي ٿو ان ڪري سياري ۾ پارا پوَن ٿا. اهو جابلو سلسلو شهدادڪوٽ کان سيوهڻ تائين
سمنڊ-سطح کان 5600-7200 فُوٽ مٿي اوچي ڳاٽ بيٺو آهي. جيڪڏهن مناسب وڻوٽا مهيا ڪجن
۽ اپ-تاپيري هيٺاهين زمين تي ڪوسن علائقن ۾ ميون اپائڻ واري ٽيڪنالاجي اختيار ڪئي
وڃي ته هن علائقي ۾ ڪيتريون ئي اهي ميويدار جنسون اپائي سگھجن ٿيون جن جا وڻوٽا
سياري ۾ پن ڇاڻي ڇڏيندا آهن.
ان سان گڏ هتي
ڏاڙهون، پِرسيمَن (Persimmon، ٽماٽي جهڙو هڪ جپاني ميوو) ۽ لوڪاٽ (Loquat)
۽ مٿين ويڪرائي-ڦاڪ وارن اپ-تاپيري علائقن جا ڪيترائي ميورا اپائي سگھجن ٿا.
علائقو-3
هن ۾ اوڀرائين
ناري وارو سوراهه (Sorah) ۽ پڊ عيدن ۽ ڏکڻ ۾ دولت پور شامل آهن. هن
علائقي ۾ به علائقي-2 جيان ساوڻ ۾ گرمي وڌيڪ آهي (4450-4500 گرمي-ڏساڪ) ۽ سياري ۾
علائقي-1 کان ڪجھ وڌيڪ ٿڌو آهي. ايئن علائقي-2 کان ايندڙ ٿـڌين هوائن جي گُهلڻ سبب
ٿئي ٿو جيڪي سٿجي 450 سياٽي-ايڪا ٿين ٿا.
علائقو-4
هن ۾ نواب شاهه،
سانگھڙ، سَن ۽ سڪرنڊ شامل آهن. هن کي 360 سياري سياٽا ڪلاڪ آهن ۽ منجھس 4450
گرمي-ڏساڪ (اهي ساڳيون لاڙڪاڻي ۽ پڊ عيدن واريون) آهن. هن علائقي جي گرمي ماڻهن
لاءِ ايڏي سخت ناهي جيتري علائقي-2 جي، ڇو ته هتي سيارو ڪجھ آڳاٽو اچي ۽ ڪجھ دير
سان ختم ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح هتي سياري مُند جي ڪل ڊيگھ ڪجھ وڌيڪ آهي پر ساوڻ جا
ڪاڙها علائقي-2 ۽ 3 کان ڪجھ گھٽ آهن.
علائقو-5
هن ۾ هالا، ٽنڊو آدم، کپرو، ٽنڊو ڄام،
ميرپورخاص ۽ مَـٽياري اچي وڃن ٿا. هيءُ علائقو حيدرآباد، ڪوٽڙي، ڄام شوري (علائقي-9)
کان ڪجھ ٿڌو آهي توڻي جو گرمي-ڏساڪون 4200 اٿس. هيءُ علائقي-6 کان ڪجھ ڪوسو آهي.
ان جو ساوڻ ٺيڪ اٺن مهينن تي پکڙيل آهي ۽ سياري سياٽا 300 ايڪا. هتي مقامي انب ۽
لِچي جي جنسن (Lychee cultivars، سنڌي ٻير
جيترو ڏاڍو مِٺو ميوو) کي هر سال باقاعدي ڳڀيرو رکن ٿا. گھٽ سياٽي وارا ڪي پن-ڇاڻو
(Deciduous) ميوا پڻ هتي اپائي سگھجن ٿا. رات ۽ ڏينهن جي وچ ۾ تاءَ جو فرق 15°س آهي ۽
ان ڪري ڪيترائي وڻوٽا سڄو ساوڻ ڦٽندا/وڌندا رهن ٿا.
آبهوا جي لحاظ
کان اهي عنصر سنڌ جي هن ايراضيءَ کي سڀ کان وڌيڪ اُپائتو/لاڀائتو ٺاهن ٿا.
علائقي-5، 6 ۽ 7 مٿان اپريل کان سيپٽمبر تائين عربي سمنڊ کان هِندي رڻ ڏانهن تيز
گھلندڙ هوائن جي ڪري دز مٿي اڏامندي رهي ٿي. دز جو اهو تهه ڏينهن جي وقت ۾ سج جي
تابش کان بچاءَ جو ڪم ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هن علائقي کي ڏينهن جي پهرن ۾ علائقي-1،
2، 3 ۽ 4 جي ڀيٽ ۾ ٿـڌڪڙو ۽ رات جي پهرن ۾ ڪوسڙو رکي ٿو. علائقي-1، 2، 3 ۽ 4 ۾ جُون
مهينو سڀ کان وڌيڪ ڪوسو ٿئي ٿو، پر انهن جي ڀيٽ ۾ هتي سال جو سڀ کان وڌيڪ ڪوسو
مهينو مئي آهي.
علائقو-6
ڪنهن زماني ۾
هيٺين (لوئر) سنڌ سڏجندڙ، جنهن نالي پٺيان لوئر سنڌ (ڪوٽڙي) بئراج جي رٿابندي ڪئي
۽ اها ٺاهي وئي. هن ايراضيءَ کي نسبتن هلڪو ساوڻ آهي جيڪو عام طرح مارچ جي ابتدا
سان شروع ٿئي ٿو ۽ آڪٽوبر جي پڄاڻيءَ تائين هلندو رهي ٿو. هتي جا سيارا پڻ هلڪا
آهن پر ٿڌو جنوري 200 سياٽي-ايڪا ڏي ٿو. هن علائقي ۾ هڪ ننڍڙي ايراضي (علائقي-6
”ب“ سڏيل آهي) ميرپور بٺوري، سجاول، ميرپور ساڪري ۽ گھوڙا ٻاري تي ٻڌل آهي، منجھس
سيارا ۽ ساوڻ ڪجھ هلڪا ٿين ٿا ۽ ان ڪري هتي اهڙي آبهوا رهي ٿي جيڪا اڌ-تاپيري (Semi
tropical) علائقن جي آبهوا سان ملندڙ جُلندڙ آهي تنهنڪري پام آئل (Palm
oil)، انناس، کاڄا (ونگڙا، Cashew)، اَٽيمويا (Atemoya،
سيتا ڦل جي نسل جو ڳاڙهي رنگ وارو ميوو)، مئڪيڊيميا (Macadamia)
۽ ٻيا وڻوٽا اپائڻ لاءِ ٺاهوڪي آهي.
علائقو-7
هيءَ سامونڊي
علائقي واري ايراضي آهي. منجھس اڌ-تاپيري ساوڻ ۽ لڳ ڀڳ 100 سياٽي-ايڪا ۽ 3700-3800
گرمي-ڏساڪون موجود آهن. هن ۾ علائقي-6 ”ب“ وارا ساڳيا فصل اپائي سگھجن ٿا.
علائقو-8
هي علائقو دادو
۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي اولهاون جبلن تي ٻڌل آهي جيڪي 2000-6800 فوٽ اوچائي رکن ٿا. ان
۾ 700-2000 سياٽي-ايڪا سٿجي اچن ٿا ۽ اتي جا ساوڻ هلڪا آهن. هيءُ علائقو هر قسم جا
پن-ڇاڻو وڻوٽا اپائي سگھي ٿو، جيڪڏهن پاڻي ميسر هجي.
علائقو-9
هي علائقو حيدرآباد، ڄام شوري، ڪوٽڙي
ايراضي تي ٻڌل آهي. ساوڻ ۾ پنهنجي پاڙيسري ايراضين کان ڪجھ ڪوسو آهي ۽ وٽس 150
سياٽي ڪلاڪن وارو هلڪو سيارو آهي. علائقي-9 جي هيءَ درجيبندي حيدرآباد جي
1904-1984ع تائين (80 ورهن تي) پکڙيل سراسري ڄاڻوڪي تي بيهاريل آهي ۽ ان ڪري صنعتي
گرمي هنن سراسرين لاءِ ذميوار نه ٿي سڏي سگھجي.
ٽڪرين تي ٻڌل
هئڻ ڪري هيءَ ايراضي سياري ۾ سڄر ۽ ساوڻ ۾ ڪوسي آهي. صنعتي گرمي ايندڙ ورهن ۾ هتي
ڪجھ ڪوساڻ اڃا وڌائيندي.
ميويدار/ڦلائتا فصل، جيڪي مختلف علائقن ۾
اڀاري سگھجن ٿا، هيٺينءَ ريت آهن:
کجيون: علائقو-1،
2 ۽ 3 (سنڌ ۾ ملندڙ کجيءَ جون سڀ جنسون). علائقو-4، 5 ۽ 6 (کجيءَ جون رڳو اهي
جنسون جيڪي مينهن سَهي سگھن).
ليماڻا: گرئپ فروٽ (Grape fruit) سڀني علائقن ۾، نارنگي (Mandarins)
علائقو-1، 2 ۽ 3 ۾، نارنگيون ۽ ليما علائقو-1، 2 ۽ 3 ۾، ۽ ٽئنجلاس (Tangelos)
علائقو-4، 5 ۽ 7.
انب: سڄيءَ
سنڌ ۾، پر گُلجڻ لاءِ علائقي-6 ”ب“، 7 ۽ 9 ۾، نومبر کان جنوري تائين پيڄارڪ پاڻي
بند رهڻو آهي.
ڪيوڙو:
علائقي-1 کان 7 تائين مختلف جنسون.
چِڪُو (Sapodilla):
علائقو-5، 6 ۽ 7.
انگور: علائقو-1،
2، 3، 4 ۽ 5.
گھٽ سياٽو پن-ڇاڻو ميوا: علائقو-1،
2، 3، 4 ۽ 5.
مندڀياسڪ (مندڄاڻڪ) = Meteorologist
مندڀياسي
(مندڄاڻي) = Meteorological
نوٽ: انگريزيءَ ۾ ڪنهن موضوع جي ڄاڻو/مڃيندڙ/سيکڙاٽ لاءِ عام
طرح ”-اِسٽ“ پڇاڙي ڪم ايندي آهي پر سنڌي ۾ سِکيل/استاد/ماهر لاءِ ”ڄاڻڪ“ ۽
شاگرد/سيکڙاٽ لاءِ ”ڀياسڪ“ (اڀياسڪ) ڪم آڻي، انهن ٻنهي کي مخصوص مفهوم ڏئي سگھجي
ٿو. - سنڌيڪار
¨ تاپير = ڪوساڻ وارو
= تپ وارو، ڪوسو (Tropic) (ڪوسو ڪمربند). اپ-تاپير (Sub-tropic). تاپيري (Tropical)
No comments:
Post a Comment