/هڪ/
حقيقت ڇا
آهي؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
/هِڪۡ/
سنڌيءَ ٻوليءَ جو هڪ عام مروج ٻول آهي، جنهن جي اصل، معنى ۽ مفهوم بابت ’جامع سنڌي لغات‘ (ج س ل) ٻڌائي ٿي ته:
هِڪُ: صفت: ]سن. ايڪ[ هڪ جو انگ =
هڪڙو
- ڳاڻيٽي جو عدد - ايڪو (اصل سنسڪرت ”ايڪن“ آهي. ”اي“ معنى اچڻ ۽ ”ڪن“ معنى وڃڻ. ايڪن معنى پاڻيهي اچي پاڻيهي وڃي يعني اڪيلو - ڇڙهو. اڪين جو اچار ڦيرائي ايڪ، هيڪ، هڪ ۽ هڪڙو ٺهي ٿو).
يعني
/اي/۽/ڪن/ جي ميلاپ وسيلي ٺهيل مرڪب ٻول (Compound
Word) /ايڪن/ هڪ ڌاتو ٻول آهي، ان جي لفظي معنى ’اچڻ وڃڻ‘ آهي ۽ ان جي حقيقي اچار کي گهٽائي ۽ ڦيرائي /ايڪ، هيڪ، هڪ ۽ هڪڙو/ جهڙا ٻول ٺاهيا ويا آهن!
انهيءَ سلسي ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جن جي وضاحت ۽ ان تي تبصرو هيٺ ڏجي ٿو:
سنسڪرت
جو اثر سنڌيءَ تي ڪيئن پيو آهي، ان لاءِ خود ڀيرومل مهرچند ئي لکي ٿو ته، ”ڪيترا
پنڊت ڌرمي ڳالهين بابت بحث مباحثو ڪندا ئي سنسڪرت ۾ آهن...“
۽ اهڙو
اثر سنڌيءَ جي ڪن نحوي صورتن تي به پيو آهي، جنهن جا ڪجهه مثال ڀيرومل پنهنجي
ڪتابن ”وڏو
سنڌي وياڪرڻ“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ ڏنا آهن، جي هن ريت آهن...
انگن
۾ پهريون آهي هڪ يا هڪڙو، جو اصل سنسڪرت لفظ ”ايڪن“ آهي (سنسڪرت ۾ ”اي“ معنى اچڻ ۽
”ڪن“ معنى وڃڻ ــــــــــ ايڪن معنى جو پاڻهي اچي وڃي.)
هڪ
لفظ جو اهو اشتقاق به ڏاڍو عجيب چئبو!
(ليلا رام ڏيونداس رچنداڻي، ’سنڌي
ٻولي‘
1989]] ص 38-39)
لفظ جو اهو اشتقاق عجيب ڀانئجي يا نه، سنڌيءَ جي ڪجھ عالمن ’ايڪن‘ کي ئي
’هڪ‘ جو ڌاتو، بنياد يا اصل سڏيو آهي.
مرزا قليچ بيگ جن ’هڪ‘ جو ڌاتو ’ايڪ‘ ٻڌائن ٿا:
عددن جو اصل: سنڌي ڳاڻيٽي جا لفظ، يا عدد شماري توڙي قطاري، سڀ پراڪرت جي معرفت سنسڪرت
مان ورتل آهن. ’هِڪ‘ سنسڪرت ’ايڪ‘ ۽ پراڪرت ’ايڪ‘ مان نڪتل آهي. هندي به ’ايڪ‘
آهي.
(’سنڌي وياڪرڻ‘ 4-ڀاڱا ] 1992] ص 244)
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جن پنهنجي ڪتاب ”دي گرامر آف سنڌي لينگئيج“ ]1872[ (ص 185)
۾ چيو آهي ته سمورا سنڌي انگ پراڪرت وسيلي سنسڪرت مان ڦيرايل/ورتل آهن ۽ ڊاڪٽر
غلام علي الانا جن اتان اهو ٽڪرو کڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد“ ] 1974] (ص 77) ۾
بنا ڪنهن تبصري جي آندو آهي.
يعني
’ايڪ‘ بنيادي لفظ آهي ۽ ’هڪ‘ انهيءَ تان ٺهيو آهي، جڏهن ته ’ايڪ‘ سنسڪرت
ٻوليءَ جو لفظ آهي. انهن صاحبن ’ايڪن‘ لفظ جو ذڪر نه ڪيو آهي.
سراج صاحب جن سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي قديم ترين ۽ بنيادي ٻولين مان هڪ سمجھن
ٿا ۽ پاڻ سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت مان ڦٽي ۽ بگڙي نڪتل ٻولي نه ٿا سمجھن. اڃا به
سنسڪرت جي ڪيترن ئي ٻولن کي سنڌي ٻوليءَ جي سرچشمي مان آيل سمجھن ٿا (اهو مڃيندي
ته سنڌيءَ جا ڪيترائي ٻول سنسڪرت اصل مان آهن) سندن راءِ:
سنڌيءَ
جي قدامت جو هڪ وڏو ثبوت انگن مان به ملي ٿو. سنڌيءَ جي انگن مان معلوم ٿئي ٿو ته هند-آريائي زبانن مان پراڻي ۾
پراڻي صورت سنڌي انگن جي آهي. سنڌي ’هڪ‘ کي اسين ’ايڪو‘ به چئون. ٻين ٻولين ۾ اهو
ٻنهي صورتن ۾ موجود آهي. سنسڪرت اڪ ۽ ايڪ، هٽي ــــــــــ ايڪ ۽ هيڪ (اويستا
ــــــــ آيئوا، يوناني ـــــــ ايئس، لئٽن ــــــــ اونس، گاٿڪ ـــــــــ اِنيس.)
سنڌي هڪ جو مثال ان جي وقتي شمار جي صورت ’هيڪر‘، اويستا ’هيڪرت‘ مان ملي ٿو.
(’سنڌي ٻولي‘ ] 1964] ص 61)
يعني
’هڪ‘ ۽ ’ايڪ‘ (ايڪو) سنڌي ٻوليءَ جا ٻول آهن ۽ ائين ئي سنسڪرت ۾ ’اڪ‘ ۽
’ايڪ‘ ۽ دنيا جي ڪجھ ٻولين ۾ لڳ ڀڳ اهڙو اچار رکندڙ ٻول موجود آهن. سندن راءِ مان
پڌرو ٿئي ٿو ته ’هڪ‘ ۽ ’ايڪ‘ (ايڪو) کي سنڌي ٻوليءَ جو اصلوڪو ۽ بنيادي ٻول سمجھن
ٿا پر جتي ڪنهن هڪ لفظ لاءِ ايڏو اختلاف راءِ موجود هجي اتي اها ڳالهه ڪرڻ لاءِ
ڪجھ وڌيڪ مضبوط دليلن جي گھرج رهي ٿي.
چَيمبرس ڊڪشنري ’One‘ (وَن = هڪ) لاءِ
ٻڌائي ٿي ته اهو ٻول پراڻي انگريزي (Old English) ۾ an (اين = ]اي[ + ]ن[)، پراڻي
نورِس ۾ einn (ائِن)،
جرمن ۾ ein (اِين يا
اِئن)، لاطيني ۾ unus (اُونَس)
۽ يوناني ۾ eine (اَئني يا
اوئني) آهي. اڄوڪي انگريزي ۾ مروج a (اي)
بابت وڌيڪ چوي ٿي ته اهو ٻول پراڻي انگريزي جي an جي ٽٽل صورت آهي جيڪو ڪنهن وينجن (Consonant) سان شروع ٿيندڙ ٻول جي آڏو اچي ٿو. (جملي ۾ ’هڪ‘ جو مفهوم پيدا
ڪري ٿو.)
سنڌي ٻوليءَ ۾ /هڪ، هيڪ، ايڪ ۽ اِڪ/ کي بنيادي ٻول طور شامل رکندڙ هيٺيان
لفظ موجود آهن:
· هڪڙو: ذ.
صفت. ]سن. ايڪ = هڪ[ هڪ -
واحد - ڇڙو - اڪيلو - نجو - يڪو.
- هِڪڙائي، هڪڙِي.
· هيڪُ ج هيڪا: ذ. صفت. هڪ - هڪڙو - هڪ
ڄڻو - هڪ عدد - ڇڙو.
- هيڪا ڌئا، هيڪار، هيڪان، هيڪاڻي، هيڪاهه، هڪائي (هيڪايون)، هيڪر،
هيڪڙ، هيڪڙانڊ، هيڪڙائي، هيڪڙو، هيڪلاڻ، هيڪلائي، هيڪلو (هيڪلا)، هيڪلي (هيڪليون)،
هيڪو (هيڪا)، هيڪوٽو (هيڪوٽا)، هيڪونڊو (هيڪونڊا)، هيڪوڻ، هيڪوڻائي، هيڪوڻو،
هيڪاري، هيڪاند، هيڪاندو (هيڪاندا).
· هيکل (ت):
صفت. ]سن. ايڪ = هڪ[ اڪيلو -
اڪيلي سر.
- هيکلو (هيکلا). (ج س ل)
· هيڪاند: (سن.
ايڪانۡت). گڏجڻ، ملاقات. (’تحقيق لغات سنڌي‘)
· ايڪانَت:
(سن. ايڪانَت. ايڪ = هڪ+اَنَت = حد. 0 اَنت = ٻڌڻ)،
اڪيلائي، نويڪلائي، گوشهء نشيني.
· ايڪتا: (سن.
ايڪَتا. ايڪ = هڪ. 0 اِڻ =وڃڻ)، ايڪو،
اتحاد، ٻَڌي. (’سامي ڌاتو ڪوش‘)
· ايڪاسي: (گ.
ايڪاسي. پرا. ايڪاسِ. سن. ايڪاشيت) اسي ۽ هڪ.
· ايڪانوي:
(سن. ايڪانَــوَتِ) نوي ۽ هڪ.
· ايڪٽيهه:
(پرا. ايڪَتِيس. سن. ايڪَتۡرِنشَتۡ) ٽيهه ۽ هڪ.
· ايڪونجاهه:
(گ. ايڪاوَن. پرا. ايڪاوَنَ. سن. ايڪَپَنچاشَتۡ) پنجاهه ۽ هڪ.
· ايڪهتر: (گ.
ايڪوتيرَ. سن. ايڪشَپۡتَ) ستر ۽ هڪ.
· ايڪهٺ: (گ.
ايڪَسَٽَ. سن. ايڪَشَشت) سٺ ۽ هڪ.
· ايڪيتاليهه:
(سن. ايڪَچِتوارِنشَت) چاليهه ۽ هڪ.
· ايڪيهه: (سن.
ايڪَوِنشَت) ويهه ۽ هڪ.
(ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ’تحقيق لغات سنڌي‘ ]1980[)
· ايڪ: صفت. ]سن. ايڪ[ هڪ - واحد -
هڪڙو.
- ايڪادَسِي، ايڪادَشِي:
ث. ]سن. ايڪادَشي[ سنڌي
مهيني جي يارهين تِٿَ (جنهن تي هندو ورت رکندا آهن) - گيارس.
- ايڪائي، ايڪڙ ٻيڪڙ، ايڪلائي (ايڪلايون)،
ايڪلڌارو (ايڪلڌارا).
· ايڪلو ج ايڪلا: ذ. صفت. ]سن. ڪيوَلَ[ هڪ - اڪيلو
- هيڪلو - تنها - ڇڙو. (ث) ايڪلي ج ايڪليون.
· ايڪو ج ايڪا: ذ. صفت. ]سن. ايڪ[ هڪ - هڪڙو
(عدد) - هڪ درجي وارو انگ (1 کان 9 تائين). ايڪتا - اتحاد - ٻڌي. هڪ ڍڳي واري گاڏي
- ڇڪڙو.
- ايڪواڻِي (ايڪواڻيون)،
ايڪوائي (ايڪوايون).
· ايڪوتَر ج ايڪوترو: صفت. ]سن. ايڪ + اُتَّر[ هڪ سيڪڙو
- سَوَ تي هڪ (وياج).
· ايڪهڻو ج ايڪهڻا: ذ. ]سن. ايڪ + آهار[ ڏينهن ۾
هڪ ڀيرو کاڌو...
· ايڪيتالُ: ذ.
واپارين جي اصطلاح ۾ هڪ مڻ ۾ چاليهن سيرن بدران ايڪيتاليهن سيرن جي تور. (ج س ل)
· اِڪِي: صفت. ]سن. ايڪ = هڪ[ اهو عدد
جو ٻن سان نه ونڊجي سگھجي. ”ٻڌيءَ“ جو ضد.
· اِڪو ج اِڪا: ذ. صفت. ]سن. ايڪ = هڪ[ يَڪو -
هڪڙو - هڪ عدد. (ج س ل)
· اڪيلو: (سن.
ايڪَ. هه. ”لا“ پڇاڙي)، نرالو، هڪ ڄڻو، ڇڙو. (تحقيق لغات سنڌي)
مختلف ٻولن جي معنى ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي /يَڪو/ ٻول پڻ ڪم آيو آهي. بهتر آهي
ته ان جي جاچ به ڪري وٺجي.
· يَڪۡ: ذ.صفت.
]ف[ هڪ - ايڪ -
واحد - اڪيلو...
- يڪتارو (يڪتارا)، يڪ
تَهو، يڪ جاءِ، يڪدم، يڪ رنگو، يڪ زبان، يڪ مَنو، يڪتا.
· يَڪو ج يَڪا: ذ. صفت. ]ف[ واحد - هڪ.
· يَڪُو ج يَڪُو: ذ. صفت. هڪ اک وارو -
ڪاڻو...
· يگان: ذ. ]ف. يَڪ+گان[ اڪيلو -
واحد - هڪڙوئي.
- يگانو (يگانا)، يگانگي
(يگانگيون) (ج س ل)
/هڪ، هيڪ، اڪ ۽ ايڪ/ سان گڏ، ليکڪ جي سڌ آهي ته /يَڪ/ کي به ذهن ۾ رکيو وڃي.
انهن، مٿي ڏنل سڀني ٻولن جي وچ ۾ معنوي ۽ اصطلاحي حوالي سان هڪ ساڳيائپ
موجود آهي، اهي پاڻ ۾ هڪ گھاٽو ناتو رکن ٿا. اهي ڪنهن ساڳي ئي ڌاتو ٻول مان اڀرن
ٿا/نڪتل آهن ۽ ان ڪري ئي اشتقاق ۾ هڪ جھڙي معنى ڏانهن اشارو ڪن ٿا. انهن جي وچ ۾
معنوي فرق ساڻن ڳنڍيل پڇاڙين (suffixes) جي ڪري
آهي.
هِتي، ڇا اهو سوال اٿارڻ فطري ناهي ته انهن سڀني ٻولن ۾ ڌاتو ٻول ڪهڙو آهي؟
ليکڪ اهو سوال اٿارڻ به ضروري ٿو سمجهي ته ڌاتو ٻول ڇا انهن ئي مان ڪو هڪ
هئڻ ضروري آهي؟
ڇا اهو ممڪن ناهي ته انهن سڀني ٻولن جو ڌاتو متان مورڳو ئي ڪو ٻيو هجي!؟
مٿي ڏنل سڀني ٻولن کي ڏيان سان جاچڻ کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته وڌيڪ نروار
ٻول /هڪ، هيڪ، اڪ، ايڪ ۽ يڪ/ آهن، ۽ وڏو امڪان اهو آهي ته ڌاتو ٻول انهن ئي مان ڪو
هڪ هوندو پر ليکڪ انهيءَ راءِ جو آهي ته حقيقي پاڙ (root)، اصولي ڌاتو ٻول اڃا ڪو ٻيو آهي. ڪهڙو؟ ليکڪ ائين ڇو ٿو چوي؟
اچو ته لفظن جي آوازن تي ڌيان ڏيون:
/هِڪۡ/ = ]هه[ + ]اِ[ + ]ڪ[
/هِيڪۡ/ = ]هه[ + ]اي[ + ]ڪ[
/اِڪۡ/ = ]اِ[ + ]ڪ[
/ايڪۡ/ = ]اي[ + ]ڪ[
/يَڪۡ/ = ]ي[ + ]اَ[ + ]ڪ[
ڪو اعتراض اٿاري سگھي ٿو ته صحيح اچار /هڪۡ/ نه پر /هِڪُ/ آهي ۽ اهڙيءَ طرح
/هيڪۡ/ درست ناهي پر /هيڪُ/، جيئن ج س ل ڄاڻايو آهي، يا وري /هيڪِ/ درست آهي ۽
/ايڪۡ/ جي بدران درست اچار /ايڪَ/ ٿيندو. پر، ڀانيان ٿو ته، /اِڪۡ ۽ ايڪۡ/ جي اچار
تي ڪو به اعتراض نه اٿاريو ويندو، ۽ جن سببن جي ڪري انهن ٻولن جي اچار تي اعتراض
نه ٿو اٿي ٺيڪ انهن سببن جي ڪري /هِڪۡ، هيڪۡ ۽ ايڪۡ/ تي به اعتراض نه ڪرڻ گھرجي پر
پوءِ به مختصر ڳالهه ٻول ۽ وضاحت جي گھرج، بهرحال، موجود آهي.
(1) هيءُ هِڪُ هٿ
آهي.
(2) هيءَ هڪَ آڱر
آهي.
پهرئين جملي ۾ /هِڪُ/ ۽ ٻئي جملي ۾ /هِڪَ/ ٻول ڪم آيو آهي.
/هِڪُ/ = ]هه[ + ]اِ[ + ]ڪ[ + ]اُ[
/هِڪَ/ = ]هه[ + ]اِ[ + ]ڪ[ + ]اَ[
ٻنهي ٻولن جو (تۡرت)-ڌاتو ساڳيو آهي، ٻئي صفت آهن پر ٻنهي جي مفهوم ۾ معنوي
فرق موجود آهي، ۽ اهو معنوي فرق انهن ٻنهي ٻولن جي ڇيهه وٽ آيل صرفيائن }اُ{ ۽ }اَ{ جي ڪري آهي
جن کي پروس صورت يا پڇاڙي به سڏي سگھجي ٿو.
/-اُ/ پڇاڙيءَ واسطيدار ٻول ۾ مذڪر واحد جو مفهوم وڌايو آهي.
/-اَ/ پڇاڙيءَ واسطيدار ٻول ۾ مؤنث واحد جو مفهوم وڌايو آهي.
انهن ٻنهي ٻولن جو (ترت)-ڌاتو ٿيندو /-هِڪۡ/ = ]هه[+]اِ[+]ڪ[
/اِڪو/ ۾ /-او/ ۽ /-اِڪِي/ ۾ /-اِي/ پڇاڙيون آهن جيڪي ٻول ۾ معنوي فرق پيدا
ڪندي صرفيه جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. ٻنهي ٻولن جو (ترت)-ڌاتو /اِڪۡ/ آهي.
]نوٽ: ’سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽
نحو‘ ليکڪ واحد
بخش شيخ، ’وڏو
سنڌي وياڪرڻ‘ ليکڪ
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ’سنڌي معلم‘ ليکڪ ڊاڪٽر
غلام علي الانا، ’سنڌي
وياڪرڻ‘ (4-ڀاڱا)
ليکڪ مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌي وياڪرڻ جي حوالي سان لکيل ٻين ڪتابن ۾ مٿي ڄاڻايل
پڇاڙين جو تفصيلي ذڪر موجود آهي.[
/هيڪاڻي/ ۽ /هيڪائي/ ٻولن ۾ واريسر /-آڻي/ ۽ /-آئي/ پڇاڙيون آهن تنهنڪري
انهن ٻولن جو (ترت)-ڌاتو ٿيندو /ايڪ/.
/ايڪ/ جو ڦري، مَٽجي /هيڪ/ ٿيڻ ۽ /هيڪ/ جو ڦري، مَٽجي /ايڪ/ ٿيڻ ۽ ساڳيءَ
طرح /هِڪ/ ۽ /اِڪ/ جي هڪ ٻئي ۾ مَٽ سٽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان بحث جوڳي ڳالهه ئي
ناهي. سنڌيءَ ۾ ضمير غائب جي نمائندگي ڪندڙ ٻول ان جو چٽو مثال آهن.
· اِيءُ: ضمير.
]سن. اِوَمۡ[ هيءُ. (ج
س ل)
- ”اِي ڪم الاهي، نه ته
ڪُنن ۾ ڪير گھڙي.“ (شاهه: سهڻي)
- ”هِي منهن ڏئي ٻن، تون وهه کائي نه مرين.“
(شاهه: مارئي)
هِنَ = اِنَ
هُنَ = اُنَ
هُننۡ = اُنَن، اُنهن
هِنَنۡ = اِنَن، اِنهن
هو = او
هي = اي
ليکڪ پاران اهو سوال اٿارڻ بلڪل فطري آهي ته /هِڪ/ ڦري، مَٽجي، وڌي /هيڪ/
ٿيو آهي يا /هيڪ/ ڦري، مٽجي، گھٽجي /هڪ/ ٿيو آهي؟
مختلف لغتن تان چونڊيل، مٿي جيترا به ٻول ڏنا ويا آهن انهن مان ڪنهن ۾ به،
جيڪڏهن، ڪو ٻول ڌاتو طور نشانبر ڪيل آهي ته اهو /ايڪ/ ئي آهي، تنهنڪري، چئبو ته
انهن عالمن جي نظر ۾ ڌاتو ٻول /ايڪ/ آهي جيڪو ڦري، مَٽجي، سُسي يا گَهٽجي /اِڪ/
ٿيو آهي ۽ ساڳين بنيادن تي چئبو ته /هيڪ/ پڻ ڦري، مٽجي، گھٽجي /هڪ/ ٿيو آهي.
ڪن ٻولن ۾ جڏهن تبديلي اچي ٿي تڏهن ڇا سُر آواز سُسندا يعني ڊگھي سُر مان
بدلجي ننڍا سُر ٿيندا آهن؟
جي، ’ها‘، ته ان جي ڪا ثابتي؟
۽ جي مڃجي ته /ايڪن/ ڦري /ايڪ/ ۽ اهو ڦري /اڪ/ ٿيو آهي ته انهيءَ ڳالهه کي
ثابت ڪرڻ لاءِ ڪجھ وڌيڪ دليلن جي گھرج پوندي.
ليکڪ وٽ اهو ڀروسو رکڻ لاءِ ڪيترائي سبب ۽ انهن لاءِ مثال موجود آهن ته ننڍو
سر آواز ٻول جي ڪيترين ئي ترڪيبن ۾ ڦري، مٽجي، وڌي (اندروني تبديليءَ هيٺ اچي)
ڊگھو سر ٿي سگھندو آهي، ۽ ڪيترين ئي ڄاتل حالتن ۾ هڪ معنوي فرق پيدا ڪندو آهي.
ٿورا ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:
فعلي
ٻولن جو ڌاتو ۽ اسم مصدر
لازمي صورت
|
اندروني تبديلي
|
متعدي صورت
|
ٻَـــــرۡ، ٻرڻ
|
] اَ [ وڌي ] آ [ ٿئي ٿو
|
ٻَـــــارۡ، ٻارڻ
|
تَــــرۡ، ترڻ
|
=
|
تَــــارۡ، تارڻ
|
ٺَـــــرۡ، ٺرڻ
|
=
|
ٺَـــــارۡ، ٺارڻ
|
ٺَـــــهۡه، ٺرڻ
|
=
|
ٺَـــــاهۡه، ٺرڻ
|
ڀَــــرۡ، ڀرڻ
|
] اُ [ وڌي ] او [ ٿئي ٿو
|
ڀَــــورۡ، ڀورڻ
|
تُـــــرۡ، تُرڻ
|
=
|
تــــورۡ، تورڻ
|
چُـــــرۡ، چُرڻ
|
=
|
چـــــورۡ، چورڻ
|
رُلۡ، رلڻ
|
=
|
رُولۡ، رولڻ
|
ٿِــــڙۡ، ٿڙڻ
|
] اِ [ وڌي ] اي [ ٿئي ٿو
|
ٿِــــيڙۡ، ٿيڙڻ
|
رِڙِهۡه، رِڙهڻ
|
=
|
رِيڙِهۡه، رِيڙهڻ
|
کِـــڙۡ، کڙڻ
|
=
|
کِـــيڙۡ، کيڙڻ
|
هِـــرۡ، هِرڻ
|
=
|
هِـيرۡ، هيرڻ
|
(اسم مصدر
لفظ ’سنڌي
ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو‘
تان ورتل)
/هِڪ، اِڪ/ ۾ سُر آواز ]اِ[ آهي ۽
مٿي ڏنل مثالن کي سامهون رکي سمجھي سگھجي ٿو ته اهو سر آواز جڏهن ڊگهو ٿئي ٿو تڏهن
]اي[ ۾ بلجي ٿو.
/هڪ، اڪ/ مان سر آواز جي اهڙيءَ ئي تبديليءَ جي نتيجي ۾ /هيڪ، ايڪ/ جنم ورتو آهي
ـــــــــ اها آهي ليکڪ جي راءِ.
ان تبديليءَ کي جيڪڏهن مڃيو وڃي ته اها ڳالهه تسليم ڪرڻ ۾ اڃا وڌيڪ ڳرن
دليلن جي گھرج پوندي ته /ايڪن/ ۽ /ايڪ، هيڪ/ ڦري، مَٽجي، سُسي، اندروني تبديليءَ
هيٺ اچي /اڪ، هڪ/ ٿيو هوندو، جڏهن ته /اڪ، هڪ/ جو بدلجي /ايڪ، هيڪ/ ٿيڻ هڪ مدلل ۽
ٺوس بنياد رکي ٿو.
ڪو اعتراض واريندي چئي سگھي ٿو ته مٿي ڏنل مثالن ۾ سندس راءِ موجب، متعدي
فعل ڦري، مَٽجي، سُس، اندروني تبديليءَ هيٺ اچي لازمي فعل ٿيا آهن.
ڪير به ائين چئي سگھي ٿو ۽ ائين چئي سگھڻ جو کيس حق به آهي پر کيس پنهنجيءَ
راءِ جي حمايت ۾ دليل، بهرحال، آڻڻا ئي پوندا.
لسانيات جي دنيا ۾ طيءِ ٿيل اصول آهي ته ڪو به ڌاتو ٻول ڪڏهن به ڪردنت صورت
مان نه اسرندو آهي. ڌاتو ٻول ننڍي ۾ ننڍو معندار جزو ۽ هڪ آزاد ۽ خودمختار صورت ئي
هوندو آهي. ڌاتو ٻول سان ڪا به پروس صرفيه ڳنڍيل نه هوندي آهي.
شڪ جو ڪو به علاج ناهي. ان هوندي به هيٺ هڪ ڌاتو ٻول ڏئي ان مان ڪردنت صورتن
جي نشاندهي ڪجي ٿي:
·
/وَڍۡ/ = ]و[ + ]اَ[ + ]ڍ[
+ /اَ/ = وَڍَ
+ /آ/ = وڍا
+ /اِ/ = وَڍِ
+ /او/ = وَڍو/وڍيو
+ /اي/ = وَڍي
+ /اڻ/ = وَڍڻ
+ /او/ = وَڍڻو
+ /آ/ = وَڍڻا
+ /اِي/ = وَڍڻِي
+ /اون/ = وَڍڻيون...
سُر آواز جي تبديل جي نتيجي ۾:
وڍ > واڍ
/واڍۡ/ = ]و[ + ]آ[ + ]ڍ[
/واڍ/ + /او/ = واڍو
+ /آ/ = واڍا
+ /اِي/ = واڍي
+ /اُون/ = واڍيون
+ /ڪ/ = واڍڪ
+ /او/ = واڍڪو
+ /آ/ = واڍڪا
+ /اِي/ = واڍڪي
+ /اُون/ = واڍڪيون
وڍائڻ، وڍائڻي، وڍائڻيون... ۽ ٻيا سوين اهڙا /وڍ/ ڌاتو رکندڙ ٻولَ. ليکڪ
پنهنجي هڪ مقالي ”استدلال
جو اهو طريقو غلط آهي“
(ڪتاب ”اچو
ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“ 2000]ع[) ۾ /لِک/ ڌاتو رکندڙ ڪردنت ٻولن جون لڳ ڀڳ 12-سؤ ممڪن سنڌي صورتون
ڄاڻايون آهن.
پَنڌ ـــــــــ پانڌي مڇ، مڇي، ماڇي
مَنڊ ـــــــــ مانڊو ڪڇ، ڪڇي، ڪاڇيلو
ٻڪر ـــــــــ ٻاڪرو ٿر، ٿري،
ٿاريلو
پُڇ ــــــــ پوڇڙ ڪُڏ، ڪوڏ، ڪوڏيو
ٻُڌ ـــــــــ ٻوڌي رُل، رولو، رولاڪ
ڏٿ ـــــــــ ڏوٿي ڏڌ، ڏوڌي، ڏوڌيلو
مِڙ ـــــــــ ميڙو مِٺ، ميٺ، ميٺاڄ
هِر ـــــــــ هيراڪ تِک، تيک
ڏِٺ ـــــــــ ڏيٺ پِن، پينو، پيناڪ
ڪي ئي ٻيا مثال پيش ڪري سگھجن ٿا.
هتي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي ته سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا ٻول به
موجود آهن جن ۾ ]اُ[ بدلجي ]اُو[ ۽ ]اِ[ بدلجي ]اِي[ ٿئي ٿو پر
اهڙي تبديليءَ جي نتيجي ۾ ٺهيل ٻولن منجھ عام طرح ڪو خاص معنوي فرق نه ٿو اچي. ڪجھ
مثال:
نِئڻ ـــــــــ نيئڻ ٿئڻ
(ٿيڻ) ــــــــــ ٿيئڻ
ڏيڻ ـــــــــ ڏيئڻ جئڻ
ـــــــــ جيئڻ
هڪ/اڪ
ڇا مفرد ٻول آهن؟
مفرد لفظ: اهو
لفظ، جو هڪ ئي خودمختار صورت وارو هجي، ۽ جنهن سان ڪا به پروس صورت ملايل نه هجي،
اهڙي لفظ کي ’مفرد لفظ‘ چئبو آهي. ماهرن اهڙن لفظن کي بنيادي لفظ (Primary Word) به سڏيو
آهي. مفرد لفظن جا مثال هي آهن:
/ڇوڪر، پيءُ، پٽ، پت، هاٿي ۽
ڄاڻ/ وغيره
مرتب لفظ:
اهو لفظ، جنهن ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پروس صورتون شامل ڪيل هجن، اهڙي لفظ کي مرتب
لفظ (Complex Word) چئبو آهي. مثال طور:
/سُپَت، واڄَٽ، پُٽيتو، کٽمٺڙو،
اڻهوند، اَڄاڻ، اڻڄاڻپ، ڏُتــڙ، سڄڻ، سچيتائي، ڪُپتيو/ وغيره.
مرڪب لفظ:
...مرتب ۽ مرڪب لفظ ۾ اهو ئي ته خاص فرق آهي، يعني مرتب لفظ اهو آهي جنهن سان هڪ
يا هڪ کان وڌيڪ پروس صورتون شامل هجن... پر مرڪب (Compound) لفظ جي حالت ۾، ٻه يا ٻن کان
وڌيڪ خودمختار صورتون (مفرد لفظ) گڏيل هونديون آهن، ليڪن ان سان ڪا به پروس صورت
گڏيل ڪا نه هوندي آهي. مثال طور:
/گھر
ڌڻي، آگ گاڏي ۽ پروس/ لفظَ.
(ڊاڪٽر غلام علي الانا، ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘ ]1987[ ص 24 ۽ 30)
]نوٽ: ليکڪ کي
الانا صاحب جن پاران ڏنل ڪجھ مثالن سان اختلاف آهي. هتي مقصد گھربل اصطلاحن جي وصف
۽ وضاحت آڻڻ آهي.[
/ايڪن/ ٻول جا /اي/ ۽ /ڪن/ جيڪڏهن ٻه جز آهن ۽ هر هڪ جز جي پنهنجي سر، آزاد
صورت ۾، ڪا مقرر معنى آهي ته، /ايڪن/ کي هڪ مرتب ٻول قرار ڏيڻو پوندو. ليکڪ نه ٿو
ڄاڻي ته سنسڪرت ٻولن جي ڊڪشنري ۾ ڪو اهڙو ٻول يا ڪي اهڙا ٻول موجود آهن يا نه جن ۾
/ايڪن/ (ترت)-ڌاتو ٻول طور ڪم ايندو هجي، جيئن /پروَسيڪو/ ٻول ۾ /پروس/ (ترت)-ڌاتو
ٻول طور ڪم آيو آهي. ٻيو ته، /ايڪن/ جي اصطلاحي معنى سچ پچ ”هڪ“ ئي هجي، بحث جوڳي
ڳالهه آهي، تنهنڪري /ايڪن/ بحث کان خارج آهي.
اچو ته اڳ ۾ ڪجھ ٻين ٻولن تي ڌيان ڏيون:
لفظ ترت
ڌاتو پڇاڙي
ليکڪُ = ليکڪ +
/اُ/.
|
/-اُ/
سنڌيءَ جي ڄاتل سڃاتل مذڪر واحد لاءِ هڪ پڇاڙي
|
ليکڪا = ليکڪ +
/آ/.
|
/-آ/
سنڌيءَ جي ڄاتل سڃاتل مؤنث واحد لاءِ هڪ پڇاڙي
|
ليکڪۡ = ليک +
/ڪۡ/.
|
/-ڪ/ هڪ
پڇاڙي جيڪا عام طرح ’دار‘ يا ’وار‘ جي معنى ڏئي ٿي ۽ مذڪر جي حوالي سان ’وارو‘ ۽
مؤنث جي حوالي سان ’وارِي‘ جو مفهوم پيدا ڪري ٿي.
|
· /ليکۡ/ سُر
جي تبديليءَ وسيلي /لِکۡ/ مان اسريو آهي.
|
|
بيهڪَ = بيهڪ +
/اَ/.
|
/-اَ/
سنڌيءَ جي ڄاتل سڃاتل مؤنث واحد لاءِ هڪ پڇاڙي
|
بيهڪۡ = بيهه +
/ڪۡ/.
|
/-ڪ/ هڪ
پڇاڙي جيڪا ڪيترن ئي ٻولن ۾ واسطيدار ٻول واري حالت جي نشاندهي ڪري ٿي.
|
ڪنڀارڪو=ڪنڀارڪ +/او/.
|
/-او/
سنڌيءَ جي ڄاتل سڃاتل مذڪر واحد لاءِ هڪ پڇاڙي.
|
ڪنڀارڪي=ڪنڀارڪ +/اِي/.
|
/-اِي/
سنڌيءَ جي ڪيترن ئي مقرر ٻولن ۾ مؤنث واحد لاءِ ڄاتل سڃاتل هڪ پڇاڙي.
|
ڪنڀارڪ =ڪنڀار +/ڪ/.
|
/-ڪ/ هڪ
پڇاڙي جيڪا ڪيترن ئي ٻولن ۾ جڏهن اچي ٿي تڏهن ان ٻول سان واسطيداري جو مفهوم
پيدا ڪري ٿي.
|
· /ڪنڀار/ ۾
/-آر/ هڪ پڇاڙي آهي.
|
سنڌيءَ جا ڪي ٻول هيٺ ڏجن ٿا جن ۾ هڪ مرڪب ٻول سان ڪي پڇاڙيون ڳنڍجي انهن کي
مرتب ٻول ۾ تبديل ڪن ٿيون:
ٻپاڙو = /ٻِه/ + /پاڙ/ + /او/
- ٻُپڙي، ٻُپور، ٻڄِڀو، ٻه لَڙهو، ٻه لَپي، ٻه هٿيو، ٻه تارو، ٻه ٽِڻ،
ٻپارو، ٻه جويو، ٻچِتو، ٻرقمي، ٻِسَر، ٻِڪَنو، ٻلاٽو، ٻواٽو، ٻپهري.
هيٺ ڪي مرتب ٻول ڏجن ٿا جن م ڌاتو ٻول کي پرکڻو آهي:
ٻِل، ٻِلهه، ٻِلهڻ، ٻِلهڙ، ٻِياني، ٻِهار، ٻنهي، ٻِئڙ، ٻهاڻ، ٻيو، ٻيون،
ٻِئُوڻ، ٻِيڻ، ٻِي، ٻن.
ٻِٽو = /ٻٽۡ/+/او/
ٻِٽي = /ٻٽۡ/+/اي/
ٻِٽا = /ٻٽۡ/+/آ/
ٻِٽيون = /ٻٽۡ/+/اُون/
ٻِٽائي = /ٻٽۡ/+/آئي/
ٻِٽُ = /ٻٽۡ/+/اُ/
ٻِٽَ = /ٻٽۡ/+/اَ/
توڙي جو هنن ٻولن ۾ ڌاتو ٻول /ٻٽ/ ڀائنجي ٿو پر ڇا اهو ئي سچ پچ ڌاتو ٻول آهي؟
جواب
آهي، ”نه“.
·
ٻِٽَ: ث. ٻه پوتيون يا چادرون... ٻٽي چادر... ٻه ڳنڍيل ڪپڙا. تترن جا ٻه
ڳنڍيل پڃرا. ٻه-سانگي ڪاٺي -
ٻيلنگهه. ڪن به ٻن شين جي گڏ هجڻ جي حالت. ٻٽائي- ٻيڻ...
·
ٻِٽَ
ج ٻٽَ: ذ. ]س. دۡوِ = ٻه[ ٻن آڱرين سان مقعد کي هنيل
ڌڪ...
·
ٻِٽَ،
ٻٽُ: صفت. ٻه گڏ - ٻيلهه - جوڙو - جُٽ. ڪلهو ڪلهي ۾ - شامل - گڏ... (ج س ل)
/ٻِٽ/ ۾ /ٻِ (ٻه)/ ڌاتو آهي ۽ /ٽ/ هڪ پڇاڙي آهي جيڪا ڌاتو جي معنوي موجودگي واري حالت يا ان
سان واسطيداريءَ جو مفهوم پيدا ڪري ٿي.
هيٺ ڏنل
ٻولن ۾ ساڳئي ڌاتو کي محسوس ڪريو:
ــــــــــ ٻارهو، ٻاراهي،
ٻاروهي، ٻارهو، ٻارِس، ٻارَس، ٻاون، ٻاونجاهه، ٻائيتاليهه، ٻاهتر، ٻاهٺ، ٻاچُو،
ٻاڪُو، ٻاڪَ، ٻٽونگر، ٻٽيهه، ٻٽيهو، ٻٽيهي ۽ ٻَٽورَ.
·
ٻَکُ
ج ٻَکَ: ذ ]سن. وڪشَسَ = ڇاتي[ ٻنهي ٻانهن سان وڌل ڀاڪر...
/ٻک/ ۾
/ٻَ (ٻه)/ ڌاتو آهي ۽ /ک/ هڪ پڇاڙي جيڪا سنڌيءَ جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ /-ڪ/ جهڙي مفهوم جي نمائندگي ڪري ٿي. مثال: وائک.
ــــــــــ ٻپهري، ٻيجڙ، ٻيجهڙ،
ٻيچتي، ٻيچرو، ٻيڌارو، ٻيڪڙ، ٻيکڙ، ٻيلهه، ٻيگهڙو، ٻيگهو، ٻيل، ٻيلهه، ٻيلاس، ٻيلانگ، ٻيلپ، ٻيلڙو، ٻيلپڻ، ٻيلڻ، ٻيلهار، ٻيلهاڙو، ٻيلهڙ،
ٻيئي ۽ ٻيلي.
/ٻِي/ = ]ٻ[ + ]اي[
/ٻِ/ = ]ٻ[ + ]اِ[
انهن
ٻنهي ٻولن ۾ به ڌاتو /ٻِ (ٻه)/ آهي.
ـــــــــ ٻيڻِ، ٻيڻُ، ٻيڻي،
ٻيڻائي، ٻيڻائڻ، ٻيهار، ٻيهر، ٻيئر، ٻيئار ۽ ٻيئڙ.
/ٻي/ = ]ٻ[ + ]اي[
/ٻِ/ = ]ٻ[ + ]اِ[
انهن
ٻولن ۾ به ڌاتو /ٻِ/ آهي.
/ٻُڪُ،
ٻُڪڙ ۽ ٻُڪي/ ۽ /ٻِڪَ، ٻِڪو ۽ ٻڪي/ ۾ واريسر بظاهر ڌاتو ٻول /ٻُڪُ/ ۽
/ٻِڪ/ آهي، پر ڇا حقيقت ائين آهي؟
ڇا انهن
ٻولن ۾ /ڪ/ هڪ پڇاڙي ناهي؟
·
ٻِڪ
ج ٻِڪون: ث. ]سن. دۡوِ = ٻه[ پتن جي تاس ۾ ٻن داڻن وارو پتو ـــــــــ دُڪي.
·
ٻُڪڙُ
ج ٻڪڙَ (ٿ): ذ. اهو هنڌ
جتي ٻن ڀٽن جا منهن اچي پاڻ ۾ ملن.
·
ٻُڪي
ج ٻُڪيون: ث. اَنَّ جي لپَ... (ج س ل)
]نوٽ: ج
س ل ۾ /ٻُڪي/ ٻول جون جيتريون به معنائون ڏنل آهن انهن ۾
’لپَ‘ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ’لَپَ‘ جي معنى ”ڪنهن
شيءِ سان ڀريل مُٺ ـــــــــــ هٿ جي تريءَ جيترو مقدار ـــــــــــ جيترو هٿ ۾ اچي. هٿ ڏونگهيءَ وانگر جهلڻ جي حالت...“ ڏنل آهي، ۽ اها نسبتاً درست آهي. ’ٻُڪي‘ ۽ لَپ ۾ فرق آهي.[
·
ٻُڪُ
ج ٻُڪَ: ذ. هٿن جي
چيچ وارن پاسن کي پاڻ ۾ ملائي جهلڻ جي حالت.
]نوٽ ٻه گڏيل لپون برابر آهن هڪ ’ٻڪ‘ جي. اڳي هڪ عورت
ويهي جنڊ ڦيرائيندي هئي ۽ ٻي عورت ’ٻڪي‘ وجهندي هئي، اهڙيءَ
طرح شاديءَ مراديءَ تي جيڪا ’ٻڪي‘ ورهائبي هئي ان ۾ عام طرح مٺائي جو ’ٻُڪ‘ ڀري ڏبو هو.[
’ٻن‘ جو
تصور مٿي ڏنل سڀني ٻولن ۾ موجود آهي، ان ڪري، /-ڪ/ کي هڪ پڇاڙي ئي سمجهڻو پوندو.
/جَتڪو،
ڄٽڪو ۽ واڻڪو/ ۽ /جتڪي،
ڄٽڪي ۽ واڻڪي/ ٻولن تي
ڌيان ڏيو. انهن سڀني ٻولن ۾ /-او/ ۽ /-اي/ پڇاڙيون آهن، جيڪي ڌار ڪرڻ کان پوءِ باقي (ترت)-ڌاتو ٻول /جتڪۡ، ڄٽڪۡ ۽ واڻڪۡ/ بچن ٿا. ڇا انهن کي مفرد يا ڌاتو ٻول سڏي سگهبو؟
جواب
آهي، ”نه“.
هاڻي،
عدد 3 ۽ عدد 6 ساريو.
/ٽِڪَ
(ٽِرڪَ)، ٽِڪو (ٽرڪو) ۽ ٽڪي (ٽرڪي)/ ۽ /ڇَڪو ۽ ڇَڪِي/ ۾ ڇيهڪ آواز، جيڪي پروس صرفيائون، پڇاڙيون آهن. ڌار ڪيون وڃن ته باقي ٻول بچندا: /ٽِڪ (ٽرڪ)/ ۽ /ڇَڪۡ/ پر ڇا انهن ٻولن کي ڌاتو سڏي سگهبو.
جواب
آهي، ”نه“
/ٽِ
(ٽِر)/ = ]ٽ[ + ]اِ[
/ٽي/ = ]ٽ [+ ]اي[
/ٽِڪ (ٽرِڪ)/ جو ڌاتو /ٽي (ٽري) يا ٽِ
(ٽِر)/ آهي.
/ڇَڪ/ جو ڌاتو /ڇَ (ڇهه)/ آهي.
بلڪل
ساڳي طرح /هِڪ، اڪ/ جو ڌاتو /هِه، اِ/ آهي ۽ /ڪ/ ان ۾ پڇاڙي هڪ پروس صرفيه آهي.
/هِڪ،
اِڪ/ مفرد ٻول ناهي.
واضح دليلن جي روشنيءَ ۾ ليکڪ /اِڪ، ايڪ، هِڪ، هيڪ/ مان
ڪنهن هڪ به ٻول کي اصولي ۽ عملي طرح ڪنهن مفرد ٻول، ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي معندار جز، هڪ پاڙ (Root) جي ڪسوٽيءَ
تي پورو لهندي نه ٿو ڀانئي. انهن سڀني ٻولن ۾ هڪَ پروس صرفيه،
هڪ پڇاڙي /-ڪ/ ڳنڍيل آهي جنهن ڪري چوي ٿو ته اهي سڀ مفرد ٻول نه
آهن پر مرتب ٻول آهن. ليکڪ جي نظر ۾ انهن سڀني جو حقيقي پاڙَ ٻول، هڪ ٻئي ۾ مٽجي سگهندڙ، /اِ، هِه/ آهي.
/اِ، هِه/ هڪ مفرد ٻول:
هتي، اهو
سوال اٿڻ/اٿارڻ بلڪل فطري آهي ته، ڇا اهو مفرد ٻول سنڌيءَ جي ٻولَ کاڻ ۾ ڪٿي به
پنهنجو ڪو وجود رکي ٿو؟
هڪ صاف ۽
سنڌو جواب آهي، ’ها‘.
هن مقالي
جي ابتدا ۾ /هڪ، هيڪ، اڪ، ايڪ/ (ترت)-ڌاتو رکندڙ جيڪي به ٻول ڏنا ويا
آهن، انهن سڀني ۾ اهو عملي طرح پرکيل، اصولي، حقيقي پاڙ
ٻول موجود آهي. تِهائين وڌيڪ چِٽو ۽ کَرو ٿيڻ لاءِ اسان کي اوس اهو سمجهڻو پوندو
ته سنڌي ٻول-کاڻ ۾ موجود ڌاتو ٻول عام طرح ڪهڙيءَ صورت ۾ وجود رکن ٿا، ۽ ڇا اهي پنهنجيءَ مفرد، ڌاتوئي صورت ۾،
هڪ مڪمل لفظ طور ڳالهايا وڃن ٿا.
(1)
انهيءَ سوال جو جواب آهي، ”بيحد گهٽ، ورلي“. سنڌيءَ
ٻولي جي ٻول-کاڻ ۾ ڌاتو ٻول عام طرح پنهنجي اصولي ڌاتوئي صورت ۾ وجود نه ٿا رکن، انهن سان ڪا نه ڪا پروس صرفيه عام طرح ڳنڍيل رهي ٿي.
سنڌي ٻوليءَ جي پهرين
مکيه خاصيت يا خاص ڳالهه هيءَ آهي ته:
”سنڌيءَ جي ڪهڙي به لفظ جو پهريون توڙي پويون اکر ’ساڪن‘ ڪونهي“، سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ
۾ يا ته ڪو حرف علت، يا ته ڪا اعراب، آهي ئي آهي.
(ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ص 323)
ليکڪ کي
ڀيرومل جن جي راءِ سان هڪ قسم جو اختلاف آهي. ٻئي پاسي اها حقيقت آهي ته سنڌيءَ جي
لڳ ڀڳ سڀني عالمن سنڌي ٻولن جي ان خاصيت جو ذڪر پئي ڪيو آهي پر ليکڪ جي نظر مان
اڃا سوڌو اهڙي ڪا ڀرپور ۽ مدلل لکت نه گذري آهي جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ان گڻ جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي هجي.
ڀيرومل
جن سنڌيءَ جي ان گڻ جي ساراهه ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ جي ’سنڌي گرامر‘ (ص 31) تان هڪ ٽڪرو به آندو آهي جنهن جو ترجمو هيٺ ڏجي ٿو.
· ان واڪيدار (Vocalic) پوڇڙائپ (Termination) جي ڪري
سنڌيءَ پاڻ وٽ هڪ لچڪ سانڍي رکي آهي، ۽ ان سان گڏوگڏ واڄيداري (Sonorousness) پڻ، جنهن کان ٻيون جديد ڏيهي ٻوليون پوريءَ طرح وانجهيل آهن.
سنڌيءَ
جي اها خوبي پنهنجي جاءِ تي پر سندس اهو ئي گڻ ان جي ڌاتو ٻولن جي اصولي صورت کي
لڪائي ڇڏڻ جو ڪارڻ ٿي پيو آهي.
رڳو ٻه
مثال ڏجن ٿا:
/ڊُڪ،
ڦوڪَ، ڪوڪَ، تورَ، ڊڄُ، ڄمُ، لڪُ، چيرُ، کاڌِ، لاٿِ، ڏيٺِ/ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي
اسم ٻولن جو اصولي (ترت)-ڌاتو ٻول /ڊُڪۡ، ڦوڪۡ، ڪوڪۡ، تورۡ، ڊڄۡ، لِڪۡ، چِيرۡ،
کاڌۡ، لاٿۡ ۽ ڏيٺۡ/ آهن.
اهڙا
سمورا ڌاتو ٻول عام طرح پنهنجي ڌاتوئي صورت ۾ ڪم نه ٿا اچن، اهي پنهنجي ڇيهه وٽ متحرڪ رهن ٿا. ظاهر آهي ته انهيءَ تحرڪ
جو ڪارڻ ٻول جي ڇيهه وٽ ڪم ايندڙ سُر آواز آهي، جيڪو بهرحال، هڪ پروس صرفيه ٿي ڪم
اچي ٿو.
(2)
]اِ[ هڪ سُر آواز آهي ۽ اهو به ننڍو. جڏهن ته، سنڌيءَ ۾ گهڻي کان گهڻيون ڪم ايندڙ پڇاڙيون سر آواز تي ئي ٻڌل آهن، اهي جڏهن ان آواز
سان، ۽ ڪنهن به ٻئي سر آواز سان ملنديون تڏهن جوڙپ بدران جذب پذيريءَ جو عمل وڌيڪ
ٿيندو. (مثالَ هيٺ)
]هه[ هڪ گسڪيدار (Fricative) اوسرڳ (Aspirated) آواز آهي ۽ ان جي ٺهڻ جو هنڌ يا مخرج (Point of articulation) نڙگهٽ آهي پر سمورن وينجن (Consonant) آوازن ۾ اهو اڪيلو آواز آهي جيڪو بي ڀُڻو (Voiceless) به آهي ته
ڀڻڀڻو (Voiced) به. (ڏسو ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘، ليکڪ علي نواز حاجن خان جتوئي، ص 65، 66، ۽ 70-71)
۽ ]هه[ جي ئي سلسلي ۾، ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه جيڪا ليکڪ چوڻ گهري ٿو، اها
هيءَ ته، دنيا ۾ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ڪو به ٻيو اهڙو
سُر يا وينجن آواز موجود ناهي جيڪو وات کي پوريءَ طرح بند رکڻ وسيلي اچاري سگهجي
جڏهن ته ]هه[ اڪيلو آواز آهي جيڪو وات کي
پوريءَ طرح بند رکندي ڦڦڙن جي هوا کي نڙ گهٽ وٽ
ڌوڪ ڏئي نڪ مان خارج ڪبو ته به ]هه[ جهڙو ڀڻڪو
پيدا ٿي سگهندو.
وينجن
آوازن جي وسرڳائي پنهنجي جاءِ تي پر سنڌيءَ جي خاص ڪري ]ڦ[ ۽ ]ڇ[ جهڙن بي ڀڻن ۽ ]م[، ]ن[، ]ڻ[، ]ل[، ]ر[، ۽ ]ڙ[ جهڙن اوسرڳ ڀڻڀڻن جي ڪڍ هوا جو
هڪ ]هه[ جهڙو ڦڦڪو به ڪن حالتن ۾ پنهنجي
ليکي اڀريو اچي.
سنڌي
جيئن ته بنيادي طرح هڪ سُريلي ٻولي آهي ۽ گهڻي کان گهڻيون سرائتيون پڇاڙيون ڪم آڻي
ٿي ان ڪري ]هه[ جهڙي آواز سان به سندن پائداري
قائم نه ٿي رهي سگهي جڏهن ته اهو ]هه[ ڪنهن مهل
به، ڪنهن به، خاص ڪري ننڍي سر ۾ بدلجي سگهي ٿو.
ڌاتو ٻول
|
* /وَڍۡ/
|
* /سَتۡ/
|
* /ههِ/
|
* /اِ/
|
...+/اَ/
|
وڍَ
|
ستَ
|
هِئه. هَه
|
اِئَه، اَ
|
...+/اِ/
|
وڍِ
|
ــــــــــ
|
هِئه، هِه
|
اِئِه، اِ
|
...+/اُ/
|
وڍُ
|
ــــــــــ
|
هِئُه، هُه
|
اِئُه، اُ
|
...+/او/
|
وڍو ۽ وڍيو
|
ستو (هفتو)
|
هِئو، هو
|
اِئو، او
|
...+/آ/
|
وڍا
|
ستا
|
هِئا، ها
|
اِئا، آ
|
...+/اِي/
|
وڍِي
|
ستِي
|
هِئي، هِي
|
اِئي، اِي
|
...+/اُو/
|
وڍُو
|
(ستُو)
|
هِئُو، هُو
|
اِئُو، اُو
|
...+/اي/
|
وڍي (مضارع)
|
ستي (واحد جي
حالت عام)
|
هِئي، هي
|
اِئي، اي
|
...+/اَو/
|
وڍَو (ندائي حالت)
|
ستَو
|
هِئَو، هَو
|
اِئَو، اَو
|
...+/اون/
|
ــــــــــ
|
ستون
|
هِئون، هون
|
اِئون، اون
|
...+/اُون/
|
وڍون (وڍ جو
جمع ۽ مضارع)
|
ستُون، ستيون
|
هِئُون، هُون
|
اِئُون، اُون
|
...+/اين/
|
وڍين (مضارع)
|
ستين
|
هِئين، هِين
|
اِئين، اين
|
...+/اِين/
|
ــــــــــ
|
ستِين
|
هِئِين، هِين
|
اِئِين، اِين
|
...+/آن/
|
وڍان > وڍيان (مضارع)
|
ستان (جمع جي
حالت عام)
|
هِئان، هان
|
اِئان، اَن
|
نوٽ ڪريو
ته /هِه، اِ/ سان ڪهڙا ٻول ٺهيا آهن جيڪي اڄ به ڳالهايا وڃن ٿا.
/اِ،
هِه/ جي اهائي ڪمزوري اهو ممڪن ڪارڻ ڀائنجي ٿي جنهن جي ڪري /-ڪ/ پڇاڙي انهن ٻولن سان ڳنڍجي رهي ٿي. جڏهن ته /ٻ (ٻه)/ ۽ /ڇ (ڇهه)/ جهڙن ٻولن سان اها ساڳي ئي پڇاڙي پنهنجي ساڳئي ڪارج لاءِ ڳنڍجي به ٿي ته
ڌار به ٿئي ٿي.
/ٻ/ +
/ڪ/ = ٻِڪ + /او/ = ٻڪو
+ /اِي/ = ٻڪِي
/ڇ/ +
/ڪ/ = ڇڪ + /او/ = ڇڪو
+
/اِي/ = ڇڪي
/اِ/ +
/ڪ/ = اِڪ + /او/ = اِڪو
+ /اِي/ = اِڪي
/هِه/ +
/ڪ/ = هِڪ + /اُ/ = هڪُ
+ /اَ/ = هڪَ
هاڻي هيٺ
ڏنل ٻولن ۾ معنوي فرق کي محسوس ڪريو.
* /اِڪ/ + /او/= اِڪو * /ايڪ/ +
/او/ = ايڪو
+ /آ/ = اِڪا
+ /آ/ =
ايڪا
+ /اِي/ = اِڪي .......
ڪنهن ٻول
۾ /اِ/ وڌي. مٽجي جڏهن /اي/ ٿئي ٿو تڏهن معنوي فرق پيدا ڪري ٿو.
(3)
ڪنهن به ڌاتو ٻول سان جڏهن به ڪا ٺهڪندڙ پڇاڙي ڳنڍجي ٿي تڏهن ان ۾ هڪ معنوي فرق
پيدا ٿئي ٿو. جيئن /ڇ ، ٻه/ ۽ /ڇَڪ، ٻِڪ/ جي وچ ۾ هڪ معنوي فرق موجود آهي تيئن
اصولن /اِ، هه/ ۽ /اڪ، هڪ/ جي وچ ۾ به هڪ فرق موجود هئڻ گهرجي پر
اڄ اسان وٽ /اِڪ، هڪ/ هڪ ڌاتو ٻول جي صورت ۾ موجود آهي. ائين ڇو ٿيو آهي؟
انهيءَ
سوال جي جواب، ليکڪ سنڌ جي تاريخ، سماجي اٿل پٿل، ٻوليءَ جي اڻ-لکيل صورت، پنهنجي ٻوليءَ ڏانهن بي ڌياني ۽ پرڏيهي ٻولين جي بالادستيءَ ۾
ڳولي لهي ٿو. تفصيلن ۾ وڃن بدران اچو ته ’هڪ‘ ۽ ’هڪڙو‘ ٻولن جي مثال ۾ ان کي
ڳوليون.
/هڪ/ ۽
/هڪڙو/، ڇا ٻنهي جي وچ ۾ ڪو معنوي فرق موجود آهي؟
مٿي لغتن
مان جيترا به ٻول ڏنا ويا آهن انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به انهن ٻنهي ٻولن جي وچ ۾ ڪنهن به معنوي فرق جي نشاندهي نه ڪئي وئي آهي، ايتري قدر جو اشارو به نه ڪيو ويو آهي، پر ليکڪ انهن ٻنهي ٻولن جي وچ ۾ هڪ اصولي معنوي فرق کي محسوس ڪري ٿو.
ائين
سمجهڻ يا مڃڻ ته /هڪڙو/ ۾ /ڙو/ ائين ئي اجايو، بيڪار، خواه مخواهه وڌي ويو/وڌايو
ويو آهي ۽ ان جي ڪري ڪو به فرق پيدا نه ٿو ٿئي، ڀانيان ٿو
ته سنڌي ٻوليءَ سان هڪ مذاق برابر هوندو.
ڇا /ڄام
۽ ڄامڙو، هَٽ ۽ هٽڙو، ڳوٺ ۽ ڳوٺڙو، ڪَم ۽ ڪمڙو/ ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي ٻولن جي وچ ۾ ڪو به معنوي فرق موجود ناهي؟
جي ”ها“،
ته /هڪ ۽ هڪڙو/ جي وچ ۾ معنوي فرق موجود نه هجي، عقل کان بعيد ڳالهه ٿيندي، پر
لغتون شاهد آهن ته سنڌيءَ ۾، انهن ٻن لفظن جي وچ ۾، اهو اصولي فرق قائم نه رهي
سگهيو آهي.
/هڪ/ +
/ڙ/ + /او/ = هڪڙو
+/اِي/= هڪڙِي
/ڙ/ سنڌي
جي ڪيترن ئي ٻولن ۾ ’سان واسطيدار‘ (جنهن ٻول جي پٺيان اچي ان سان واسطيدار) جو مفهوم ۽ ڪيترن ئي ٻولن ۾ تصغير
(جنهن ٻول جي پٺيان اچي ان کان ننڍائي) جو مفهوم پيدا ڪري ٿي پر سنڌيءَ جي ٻول
/هڪڙو/ سان /هڪ/ جي ڀيٽ ۾ اهڙو ڪو به مفهوم لاڳاپيل ناهي. ڇو؟
ائين ڇو نه چئجي ته ’هڪ‘ ۽ ’هڪڙو‘ جي وچ ۾ اصولي معنوي فرق کي گم ڪري، وڃائي ويٺا
آهيون؟
بلڪل
ائين يا لڳ ڀڳ ساڳين سببن جي ڪري /اِ، هِه/ سان لاڳاپيل پڇاڙي /-ڪ/ جو به عملي طرح ٺهندڙ مفهوم گم ڪري، وڃائي ويٺا آهيون ۽ اڄ، /اِڪ، هڪ/ کي هڪ مفرد ٻول سمجهون
ٿا.
(4) /اِ، هِه/ سان سُرائتيون پڇاڙيون ملائڻ کان پوءِ اسان ڏٺو ته /هِي، هو، هي ۽
هُو/، جيڪي ضمير غائب جا ٻول آهن، کان سواءِ ڪي ٻيا معندار ٻول /ها/ ۽ ڪنهن حد تائين
/هان/ هئا.
=هِي /هِه/ + /اِي/
/اِي/
پڇاڙيءَ سان منسوب تصور هڪ ڊگهو بحث گهري ٿو جنهن جي هتي
گنجائش ناهي، اها رڳو مؤنث ڪندڙ پڇاڙي ناهي، ٻول ۾ ڪي ٻيون تبديليون به آڻي ٿي.
’ڏوڏي‘، ’ڌوٻي‘، ’ڏوٿي‘ مرد به ٿي سگهي ٿو ته عورت به، ڇوڪرو به ٿي سگهي ٿو ته
ڇوڪري به ۽ اهڙيءَ حالت ۾ انهن لفظن جي پويان ايندڙ اسم واحد به ٿي سگهي ٿو ته جمع
به.
/هِي/ +
/اُ/ = هيءُ
+ /اَ/ = هيءَ
/هِيءُ/ ـــــــــ مذڪر واحد
/هِيءَ/ ـــــــــ مؤنث واحد
/هِي/ ـــــــــ عدد واحد توڙي جمع ۽ جنس مذڪر توڙي مؤنث.
هُو = /هِه/ + /اُو/
/-اَو/ پڇاڙيءَ سان منسوب تصور پڻ هڪ ڊگهو بحث گهري ٿو جنهن جي هتي گنجائش
ناهي. /ماڻهو، پَهرُو، واڳُو، تارُو، ڦورُو، لاڏُو، ناچُو/ ۽ اهـڙا ٻـيـا ڪـي ئـي ٻـول عام طرح مذڪر واحد سمجهيا ويندا
آهن. پر /-اُو/ پڇاڙي اهڙو ڪو به مفهوم پيدا نه ٿي ڪري، جي ائين هجي ها ته انهن ٻولن جو مؤنث، واحد ۽ مذڪر ضرور هجن ها. /-اُو/ پڇاڙيءَ جي ڪري انهن ٻولن ۾ اهو گڻ پيدا ٿي پيو آهي جو مؤنث به آهن ته
مذڪر به ۽ واحد به آهن ته جمع به.
/هُو/+/اَ/
= هوءَ
/ هُو/
کي عام طرح مذڪر واحد سمجهون ٿا.
/هو/ کي
مؤنث واحد طور مقرر ڪيو اٿئون.
/هُو/
اصولي طرح مذڪر واحد به آهي ته جمع به ۽ مؤنث واحد به آهي ته جمع به.
’هيءُ‘
جو ڌاتو سنسڪرت ’اِوَم‘، ’هُو‘ جو ڌاتو عربي ’هُوَ‘ (۽ سنسڪرت هو = هِي) تي بحث ڪري سگهڻ ليکڪ لاءِ ممڪن ناهي پر سنڌيءَ جي /هُو،
هِي، هي، هيءَ، هوءَ/ جهڙن
ضمير غائب ٻولن کي سنڌي بڻ مان آيل سمجهي ٿو.
]نوٽ سنسڪرت ’هو‘ ۽ ’اِوَم‘ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. /-اَم/ هڪ پڇاڙي آهي.[
هڪ ۽ يارهن (يارهه):
اهڙيءَ طرح يارهن کان ويهن تائين ڳڻڻ لاءِ ايڪا
پهرين ڳڻبا آهن ۽ ڏهاڪا پوءِ ڳڻبا آهن. پر ويهن کان پوءِ سنڌيءَ ۽
ٻين ڏيهي ٻولين ۾ ساڳيو طريقو يعني ساڳي سٽاء رهندي آهي، يعني ته ايڪا پهرين
چئبا آهن ۽ ڏهاڪا پوءِ چئبا آهن. پر سنسڪرت، فارسي، انگريزيءَ ۽ ٻين آريائي ٻولين ۾ سٽاء ان جي ابتڙ هوندي آهي يعني ته
ڏهاڪا پهرين ۽ ايڪا پوءِ ڳڻبا آهن، تنهن ڪري چئبو ته سنڌي ٻوليءَ واري اها سٽاء غير آريائي آهي. مثال طور:
سنڌي سنسڪرت فارسي لاطيني
(لئٽن) انگريزي
ايڪويهه - بيست ويڪ Viginti unus Twenty One
ٻاويهه - بيست
ودو Viginti duo Twenty Two
ايڪٽيهه - سِي وي Triginti unus Thirty One
ڪاش
الانا صاحب جن ايڏي وڏي ڳالهه ڪرڻ ۽ ان جو دليل آڻڻ کان اڳ سنسڪرت جا گهربل لفظ ڳوليا ۽ انهن جي بناوت تي غور به ڪيو هجي ها!
جنهن به
ماڻهوءَ رڳو ’جامع سنڌي لغات‘، ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۽ ’سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ‘ کي ۽ انهن ۾ ڄاڻايل لفظن کي مٿاڇري نظر سان به ڏٺو هوندو اهو
چٽيءَ طرح چوندو ته ڳڻپ بابت سنسڪرت جي حوالي سان مٿي ٻڌايل ڳالهه غلط آهي. (ڏسو هن مقالي جي ابتدا ۽ ’ايڪيهه‘ ’ايڪٽيهه‘ ۽ اهڙا ٻيا لفظ.)
انهيءَ ۾
ڪو شڪ ناهي ته ’ويهه‘ (20) کان مٿي انگن جي ڳڻپ ۾ جتي به ’هڪ‘ استعمال ٿئي ٿو
اتي ان جو اچار ’ايڪ‘ آهي. ايڪويهه، ايڪٽيهه، ايڪيتاليهه، وغيره. پر ’ايڪ‘ هروڀرو
سنسڪرت جو لفظ ئي آهي ۽ سنڌيءَ ان تان کنيو آهي، بهرحال، هاڻي
بحث جوڳو نه رهيو آهي. انگن جي حوالي سان سنڌيءَ ۽ سنسڪرت ۾ هڪ جهڙائي موجود آهي ۽
ٻنهي ٻولين ۾ ڳڻپ گڏوگڏ هلي ٿي، پر سنڌي ۾ ’يارهن‘
۽ سنسڪرت ۾ ’ايڪادش‘ ٻول ڌيان اوس ڇڪن ٿا.
سنڌيءَ ۾
’يارهن‘ ٻول ڇو آهي، ’ايڪارهه‘ ڇو ناهي؟
ويهه (20)
تائين ڳڻپ ۾ يارهن ۽ انهن کان پوءِ وارن انگن ۾ لڳ ڀڳ سڀ ٻوليون ايڪي جو انگ اڳ ۾
رکن ٿيون ۽ ڏهاڪو پوءِ چون ٿيون، ان جو ڪارڻ، ٻنهي هٿن ۽ ٻنهي پيرن جي آڱرين کي مثال بنائيندي سمجهيو ٿو وڃي ته انسانذات وٽ اوائلي ۽ جهوني
ڳڻپ ويهن تائين هوندي هئي. سنڌيءَ ۾ ’ويهه‘ بدران ’ڪوڙي‘ لفظ
به ڪم ايندو آهي ۽ اڄ به ٻه ويِهون، ٻه ڪوڙِيون، ٽي ويهون، تي ڪوڙيون وغيره چوندي
وڏي ڳڻپ ڪئي ويندي آهي.
سنڌي ۾
يارهن کان ارڙهن (اٺرهه، اٺارهه) تائين ڳڻپ ۾ ’ڏهه‘ جي بدران /-اَرهه/ يا /-آرهه/ ڪم اچي ٿو، سواءِ ’چوڏهن‘ جي (۽ چوڏهن نرالو ڇو آهي، ان تي ايندڙ واري ڳالهه ٻول ڪبي)
جڏهن ته سنسڪرت ۾ /دشن/ ڪم اچي ٿو. ڪن عالمن جي راءِ آهي ته سنسڪرت جو /دشن/ ڦري /-اَرهه/، /-آرهه/ ٿيو آهي.
ايڪادش > ايڪارهه > اي آرهه > يارهه > يارهن.
(سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ليکڪ غلام علي الانا، ص 108)
]نوٽ الانا صاحب جن فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته لاڙ ۾ بدين
طرف گهڻا ئي ماڻهو ’ڪارهه‘ ۽ ’يارهه‘ به چوندا آهن. لطيف به ’ڪارهن‘ لفظ ڪم آندو
آهي:
”ڪارهين ڏينهن ڪرم،
وريو ويراڳن جو.“
۽ اهو
حوالو ڀيرومل جن جي ڪتاب ’سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ‘ (ص 133) تان ورتل
ڄاڻايو آهي. حوالو ڏنل ڪتاب ۽ صفحي تي ”اگيارهه“ يا ”گيارهه“ لفظن جي ڄاڻ به ڏنل
آهي.[
ڇا اهو
فطري ناهي ته ”ايڪادش
> ايڪارهه > اي آرهه > يارهه > يارهن جي لڙهه ۾ ’ڪارهن‘،
’اگيارهه‘ يا ’گيارهه‘ کي رکڻ جي هنڌ بابت پڇا ڪئي وڃي؟
ڇا سنڌي
ٻوليءَ ’ايڪادش‘ کي بگاڙي ’يارهن‘ ڪيو آهي؟
’جامع سنڌي لغات‘ تان ورتل ٻولن ۾، جيڪي هن مقالي جي ابتدا ۾ ڏنل آهن، /ايڪادَسي، ايڪادَشي/
ٻول ڄاڻايل آهن، جيڪي ساڳئي اچار سان سنڌ جي هندن ۾ مروج آهن. سنڌي ٻوليءَ انهن کي
بگاڙيو ناهي.
·
يارهن: صفت. (سن. ايڪادش. اڪادشن. پرا. ايڪادهن) ڳڻڻ جو انگ 11 - هڪ+ڏهه - ڪارهن - گيارس. (ج س ل)
’جامع
سنڌي لغات‘ پراڪرت ٻول ’ايڪادهن‘ ڄاڻايو آهي پر مرزا قليچ بيگ جن اهو ٻول ’ايئاره‘
ٻڌائن ٿا.
·
يارهن، پراڪرت ايئاره، سنسڪرت ايڪادشن.
(’سنڌي وياڪرڻ‘، ص 245)
ڊاڪٽر
ارنيسٽ ٽرمپ بلڪل چٽو ڪري ’اي آرهه‘ ڄاڻايو آهي ۽ الانا صاحب جن سندس حوالو ’سنڌي ٻولي جو بڻ بنياد‘ ۾ ص 88 تي آندو آهي.
سنڌي ۾: يارهه، يارهن
پراڪرت ۾: اي آرهه
فارسي ۾: گيارهه
سنسڪرت ۾: ايڪادشن
’ايڪيهه‘
کان ايڪانوي‘ تائين جيڪي به انگ ’هڪ‘ (ايڪ) اچار رکن ٿا انهن سڀني کي سنڌي ٻولي
’ايڪ‘ ئي اچاري ٿي، پوءِ نيٺ ڪهڙا ممڪن ڪارڻ ٿي سگهن ٿا جن جي ڪري رڳو هڪ ٻول
’ايڪادشن‘ جو ’ايڪ‘ قائم نه رکي سگهي؟
ڇا سنڌي
ٻوليءَ سچ پچ به ’ايڪادشن‘ بگاڙي ’يارهه‘ ۽ پراڪرت ‘اي آرهه‘ ۽ فارسيءَ ’گيارهه‘ ڪيو آهي؟
فارسي اڄ
به ’يڪ‘ ٻول قائم رکيو اچي، ’بيست يڪ‘ (ايڪيهه) چوي ٿي، پر ان ۾ به ’ڏهه‘ جي
نمائندگي ڪندڙ /-آرهه/ ڇو آهي؟
انهن
سوالن جو جواب، هڪ حد تائين هڪ آوازي تبديليءَ جي ذڪر کان پوءِ ڪيو ويندو.
سنڌي ۾
مضارع جو متڪلم واحد ۽ جمع جوڙڻ لاءِ /-آن/ ۽
/اُون/ پڇاڙيون ملايون وڃن ٿيون:
/مَـــرۡ/ + /آن/ = مَران
/مَـــرۡ/ + /اُون/ = مَرون
/مَــارۡ/ + /آن/ = ماريان
/مَــارۡ/ + /اُون/ = ماريون
ٻنهي
ڌاتن جو ڇيهڪ آواز عام چواڻي ساڪن آهي پر هڪ ڌاتو سان /-آن ۽ -اُون/ پڇاڙيون ملن ٿيون ته ]ي[ جو آواز نه ٿو اڀري پر ٻئي ڌاتوءَ سان ساڳيون ئي پڇاڙيون ملڻ مهل ]ي[ جو آواز اڀري اچي ٿو، ڇو؟
ساڳيءَ طرح ”ماريان“
(= مار+آن) ـــــــــــ هتي به ’آن‘ پڇاڙي گڏجي ٿي ۽ ’يه‘ جو اچار پاڻمرادو پيدا ٿئي ٿو.
(’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘ ليکڪ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ص 128)
الانا
صاحب جن به ساڳي ئي ٻول جو ذڪر ڪيو آهي ۽ /مار/ جي بدران /مارِ/ ٻول آندو آهي.
(سنڌي ٻولي جو اڀياس، ص 115) سندن راءِ موجب جن ٻولن جي ڇيهه وٽ آواز /اِ ۽ اِي/
هجي ۽ انهن سان جڏهن اهڙي ڪا پڇاڙي ملي ٿي جنهن جو شروعاتي
آواز /اَ- ۽ آ-/ هجي تڏهن ]ي[ پيدا ٿئي ٿو. (ص 115-116) ۽ پنهنجي راءِ سان
تضاد بياني ڪندي ص 41 تي چون ٿا ته سڀ زمان ڌاتن مان ڦٽي نڪرن ٿا... ۽ زمان مضارع ۾ ضميري پڇاڙين جا ٻه سيٽ آهن: (01) -آن، -اُون؛ مثال: هلان، هلون، ۽ (02) -يان، -يون، مثال: ماريان، ماريون. هڪ هنڌ ٻڌائن ٿا ته
/مارِ + آن/ = ماريان ۽ ٻئي هنڌ چون ٿا
/مارۡ+يان/ = ماريان! ليکڪ جو موضوع انهن
ڳالهين تي وڌيڪ بحث جي موڪل نه ٿو ڏئي. هتي ليکڪ جو مقصد رڳو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان
ڇڪائڻ آهي ته ٻن صورتن جي ميلاپ وٽ مخصوص حالتن ۽ شرطن هيٺ ]ي[ جو آواز اڀري اچي ٿو.
/هِه،
اِ/ + /-اَرهه، -آرهه/ = هيارهه،
اِيارهه
۽ اسان
پرکيو آهي ته ننڍو سُر ]اِ[ ڪن ٻولن ۾
وڌي /اِي/ ۽ /اي/ ٿئي ٿو.
’اي
آرهه‘ سَو سيڪڙو سنڌي مزاج موجب ڦري ايارهه، يارهه
ٿي سگهي ٿو.
پراڪرت
جو ’اي آرهه‘ ۽ سنڌي جو ’يارهه‘ ڪنهن به طرح سنسڪرت جي ’ايڪادشن‘ مان اسريل ناهي.
’ايڪادشن‘
ته ’اي آرهه‘ ۽ ’يارهه‘ جي ڀيٽ ۾ گهڻو پوءِ، سماجي اوسر جي اهڙي ڪنهن ڏاڪي تي ٺهيو
آهي جڏهن ڌاتو ٻول /هِه، اِ/ سان /ڪ/ پڇاڙي ڳنڍجي ۽ پوءِ مخصوص مفهوم وڃائي /اي، هي/ جو مستقل جز ٿي
چڪي هئي.
هيٺ ڏنل
ٻن تبديلين تي ڌيان ڏيو:
1. ايڪادشن مٽجي گيارهه ٿيو آهي.
2. هيارهه، ايارهه مَٽجي گيارهه ٿيو
آهي.
انهن ٻنهي مان ڪهڙي تبديلي وڌيڪ ممڪن ۽ عقل جي ويجهو آهي؟
جواب (2)
جي حمايت ۾ وڃي ٿو.
ليکڪ
’گيارهه‘ کي ’هيارهه‘ ’ايارهه‘ جو مٽيل يا بگڙيل اچار نه ٿو سمجهي پر ڪنهن
آڳاٽي سمي، جڏهن اڃا سنسڪرت هِتي نه پهتي هئي يا ان جو سماجي طرح ڇائنجڻ عمل ۾ نه
آيو هو تڏهن هِتي جي ٻولين ۾ اها تبديلي اچي چڪي هوندي (اهو نڪتو اڃا وڌيڪ ويچار
گهري ٿو).
۽ ليکڪ
اويستا جي ’ايئوا‘ ۽ ’هيڪرت‘ ۽ فارسيءَ جي ’يَڪۡ‘ ۽ ’گيارهه‘ ٻولن کي ان روشني ۾ جاچڻ جي سڌ رکي ٿو.
No comments:
Post a Comment