ٻوليءَ ۾ ڦيرڦار
جي اڀياس لاءِ
اهم ٻوليڄاڻِي
وِڻڪن جي چونڊ
(Isolating
Significant Linguistic Variables for the Study of
Variation in Language(
ليکڪ:
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو
سنڌيڪار: ڊاڪٽر محبت
ٻرڙو
نِشانڪ ميڙا (Notational
Conventions):
( ) ٻوليڄاڻي وِڻڪي جي نشاندهي ڪندڙ
// ويڻڪ جي وائياڄاڻي نمائندگي جي نشاندهي ڪندڙ
[
] وڻڪي جي ويڻڪ فهم جي نشاندهي ڪندڙ
ٻوليءَ ۾ ايندڙ
ڦيرڦار جي اڀياس لاءِ پهريون ڪم ٻوليڄاڻِي وڻڪَن (Linguistic
variables)
جي هڪ محدود ڳڻپ ۾ چونڊ ڪرڻ آهي. ٻوليڄاڻي وڻڪن جي سڃاڻپ کان اڳ، خود ٻوليڄاڻي
وڻڪي جي سُوجهه (Notion) تي هڪ سڀَار (General) ابتدائي نگاهه، اڀياس دوران ٻوليڄاڻي وڻڪي ڏانهن هڪ
محقق (Researcher) جي رويي کي سمجهڻ ۾ پڙهندڙ جي
مدد ڪندي.
هڪ ٻوليڄاڻي
وڻڪو چيمبرس (Chambers) ۽ ٽرڊگِل (Trudgill) (1880:60) جي وضاحت موجب:
· هڪ ٻوليڄاڻِِي ايڪو (Lingusitic unit) جنهن جا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ويڻڪ (varients) موجود هجن ۽ ٻين سماجي ۽/يا ٻوليڄاڻي وڻڪن سان هم
آهنگ ڦيرڦار هيٺ ايندڙ هجي.
لابوفۡ (Labov)
1966 جي سرواڻ (Pioneering) ڪم تي پيڙهه
رکندي، ٻوليءَ ڪيئن ڦيرَ ڪري ۽/يا تبديل (change) ٿئي ٿِي ــــــــ اهو سٽاءُ جاچڻ ۾ مدد ڪرڻ
لاءِ ٻوليڄاڻي وڻڪو ميدان ۾ آندو ويو. تبديلَ، ائين ٿو
ڀائنجي ته ٻوليءَ تي اثرانداز ٿيندڙ هڪ سڀاويڪ رڪن آهي. هڪ اڻٻَڌ (non-fixed) وجود طور ٻولي لاڳيتو هڪ وهڪ جي حالت ۾ رهي ٿي، جنهن
دوران ان جون ڪي صورتون ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڇوهيون ۽ اوتريون ئي وڌيڪ سڃاڻپ جوڳيون ٿين ٿيون. تبديل سان گڏ ٻولي جاگرافيائي ۽ سماجي ڦيرڦار جي اثر
هيٺ به اچي ٿي ۽ جنهن ماحول ۾ ٻولي واهپي ۾ رهي ٿي انهيءَ حالت کي نظر ۾ رکندي
ٻوليءَ کي ڦيرڦار هيٺ ايندڙ ڏسي سگهجي ٿو. اها ڦيرڦار ٻوليڄاڻي تبديل جي ميدان ۾
اهميت جوڳو اظهار آهي ڇو ته ٻوليڄاڻي ڦيرڦار دوران اها تبديل اَٽل ٿي سگهي ٿي.
ٻوليڄاڻي وڻڪو
هڪ ڀاڙيندڙ (dependent) وڻڪو ٿئي ٿو، انهيءَ حوالي سان
ته اهو ٻاهرين عنصرن (اڻ-ڀاڙيندڙ وڻڪن) جيئن سماجي طبقي، ڄمار، جنس وغيره تي
دارومدار رکي ٿو. جڏهن انهن اڻ-ڀاڙيندڙ وڻڪن مان ڪو هڪ، سڀ يا ڪي
جزا مٽجن ٿا، تڏهن سمجهيو ٿو وڃي ته ٻولي تبديل ٿيندي. ڦيرڦار جيئن
ته اڀياس جو هڪ مکيه حوالو آهي، ان ڪري اها اميد رکي وڃي ٿي ته ٻوليڄاڻي وڻڪو
ٻوليائي تبديلي جو رخ ڄاڻڻ جي معاملي ۾ هڪ اهڙي وکر (tool) جو ڪم ڪري
ٿو جنهن کان ڪنڌ ڪڍائي نه ٿو سگهجي.
سوشيو-لِنگئسٽڪ پَيٽَرنۡس (Socio-linguistic Patterns، سماجي-ٻوليڄاڻي ڍنگ) ۾ لابوفۡ لکي ٿو ته هڪ ڳالِڪ (Speech، ”ڳالهائيندڙ“) برادري جي سماجي-ٻوليڄاڻي اڀياس ۾ ٻوليڄاڻي وڻڪو هر هر ۽ ڪيترائي ڀيرا ظاهر
ٿيڻ گهرجي ته جيئن ڇنڊڇاڻ لاءِ چڱو چوکو مواد گڏ ڪري سگهجي. بِرٽين (Britain) 1991:56 اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اهو }ٻوليڄاڻي وڻڪو{ تڏهن خصوصي اهميت وارو ٿي پوي ٿو جڏهن اهو، مثال طور مختلف قسمن جي ماحولن ۾ واياڄاڻِي (Phonological) وڻڪن جي
معاملي ۾، ڇيد ڪندڙ (عنصر ٿي) ڪتب اچي ٿو.
ٻيو ته، لابوف (1991:8) وڌيڪ چوي ٿو ته ٻوليڄاڻي وڻڪو اَڏپي (structural) هجڻ گهرجي: هڪ ٻوليڄاڻي وڻڪي کي انهيءَ حد تائين لاڳو-ٿيندڙ (applicable) هجڻ گهرجي جو جڏهن به هڪ وڏي اڏپ (structure)، ممڪن حد تائين سڄي جو سڄِي، جاچجي
ته اهو ان ۾ به ايڪيَل (united) هجي.
ٽيون ته، ان کي
جڏهن سماجڄاڻِي (sociological) ماڻَن (parameters) يا ٻوليڄاڻي
وڻڪن جي ناتي سان ڏٺو وڃي ته اهو تمام گهڻو تَهدار (stratified) هجڻ گهرجي.
سنڌي ۾ ڪهڙا
وڻڪا اهميت جوڳا هئا، سنڌي ٻوليءَ جو جيئن ته اهڙي نڪتهء نگاهه کان اڀياس نه ٿيو
هو تنهنڪري اها ڄاڻ ڪنهن ٻئي حوالي سان پڌري ٿيڻي هئي. اوائلي اڀياسن جي ان کوٽ ڪي
گنڀير رنڊڪون پيدا نه ڪيون ڇو ته ابتدائي سوالنامو ايترو ته وسيع ٺاهيو ويو هو جو
اهو سنڌي ٻوليءَ جي سڄي وائيوئي (phonemic) سرشتي کي
پنهنجي دائري ۾ آڻي سگهي ۽ ان ڪري، ممڪن اهميت وارو ڪو به وڙ (item) ان ۾ اچي ٿي ويو پر ان هوندي به اهو ضروري هو ته
اڀياس کي وڌيڪ مکيه وڻڪن تائين محدود رکجي.
انهن وڻڪن کي
کوجڻ لاءِ، نيٺ جيڪو طريقو (method) ڪم آندو ويو
اهو ڏاڍو ڪارائتو هو يعني ماڻهن کي ڳاليندي }ڳالهه ٻول ڪندي{ ٻُڌو وڃي،
کانئن سندن ٻولي بابت سوال پڇيا وڃن ۽ شروعاتي ڳالهه ٻول دوران جيڪي لڌَپون (findings) ملن انهن وسيلي اڳواٽ ترتيب ڏنل سوالنامي جي اثرائپ (effectiveness) کي چڪاس ڪجي.
ڪنهن به مقامي
رهاڪو سان ڳاليندي، جيڪو ابتدائي مواد هٿ آيو اهو هو پَيسو، مَيدان،
عَورت ۽ قَوم جهڙن لفظن جو اچار جنهن ۾ يا ته هڪ ’اَي‘ موجود هو يا وري ’اَو‘ جيڪو ڪنهن
لفظ جي منڍ يا وچ ۾ آيو ٿي. هتي جن وڻڪن جو ذڪر مقصود آهي انهن جو تعلق
سنڌي ٻسرن (disphthongs) /اَي/ ۽
/اَو/ جي مَٽ سَٽ سان آهي. پڙهيل ۽ مراعات يافته شهري ئي انهن کي ٻِسرو (disphthong) اچارن ٿا جڏهن ته اڻپڙهيل ۽ ڳوٺاڻن جي ڳالهه ٻول ۾
اهي يَڪسُرا (monophthongs) آهن.
شروع ۾ /اَي/ ۽
/اَو/ ٻُسرن کي اسان ڌار ڌار وڻڪي جي حيثيت ڏني پر پوءِ اسان ان سوچ جي خلاف فيصلو
ڪيو جنهن جا سبب هيـٺيان هئا:
پهريون، جڏهن
اسان پنهنجي گڏيل ڪيل ڄاڻ (data) جي چڪاس ڪئي
تڏهن اسان ڄاڻي ورتو ته ڳاليندڙ انهن کي هڪ ٻُسري يا يڪسري
طور مقرر صورت ۾ نه ٿا وٺن. اهي، جن انهن کي ٻُسري طور ڳاليو ٿي انهن
پنهنجي سڄي ڳالهه ٻول دوران انهن }جي آواز{ کي ائين
برقرار رکيو ٿي ۽ اهڙو ئي رويو انهن ڳاليندڙ جو هو جن انهن کي يڪسُرو ڳاليو ٿي.
جن ماڻهن انهن
کي يُڪسرو پئي ڳاليو تن انهن ٻنهي /اَي/ ۽ /اَو/ کي يُڪسرو ئي برقرار رکيو ٿي، اهو
چوڻ جو مطلب هي آهي ته جنهن ڳاليندڙ (اَو) جي بدران (او) پئي
چيو ان پنهنجي ڳالهه ٻول ۾ لاڳيتو (اَي) جي بدران به (اي) وڻڪو ڪم ٿي آندو.
ڳاليندڙ انهن ٻنهي وائيَن (phonemes، صوتين) لاءِ هڪ
ڪَرو رويو برقرار رکيو ٿي.
/اَي/ ۽ /اَو/
کي اڪيلي وڻڪي طور چونڊي جاري رکڻ جو ٻيو وڏو سبب ان حقيقت مان ڦٽي نڪري ٿو ته
انهن هڪ ڳاليندڙ جي ڳالهه ٻول ۾ ان وڻڪي جو واهپو ٻُسري ۽/يا يَڪسري طور تمام گهڻو هر هر نه پئي ٿيو. ٻوليڄاڻي وڻڪن کي چونڊڻ جي ڪسوَٽي اها گُهر ڪري ٿي ته جنهن وڙ کي هڪ وڻڪي طور چونڊيو وڃي اهو اوس هر هر (لابوف، 1966:03) ڪم اچڻ گهرجي. انهيءَ }کوٽ{ تي قابو رکڻ
لاءِ اسان انهن ٻنهي وائيَن کي ٻن بدران هڪ ٻوليڄاڻي وڻڪي ۾
سمائي رکيو.
ٻن ٻسرن کي هڪ نمايان وڻڪي جي حيثيت ڏيڻ وارو اهو رويو جيڪو اسان اختيار ڪيو، اهو
طريقو آهي جيڪو ٻين سماجي-ٻوليڄاڻي اڀياسن، خاص ڪري عربي
ٻولي جي اڀياسن ۾ ڪم آندو پئي ويو آهي. (ڏسو شمِدۡت 1974، 1985، جابر
1987 ۽ ختاني 1992)
اهم سمجهي
چونڊيل ٻيو وڻڪو اهو ننڍو وائل (vowel، سُر) آهي
جيڪو لفظ جي آخر ۾ اچي ٿو. جيئن سِرَ، مَکِ ۽ مَسُ. اهو وڻڪو ننڍن وائلن /اَ/، /اِ/ ۽ /اُ/ کي سمجهڻ سان
واسطيدار آهي جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ته اهي ڪڍي ڇڏجن.
ڪڍي ڇڏڻ (deletion) جو اهڙو عمل، ائين ٿو ڀائنجي
ته، خاص ڪري نوجوان ڳاليندڙن جي ڳالهه ٻول ۾ ظاهر ٿيو پئي. جن جو ٻوليءَ سان بلڪل
سڌو تعلق هو تن وٽ نئين رِواجيَل (innovative) ويڻڪ يعني
وائل ڪڍي ڇڏڻ جي حوالي سان انتهائي درست ڪَٿَ (approximation) موجود هئي.
ڪن پوڙهن ڳاليندڙن، جن وائل ڪڍي ڇڏڻ جي معاملي ۾ ناپسند جو اظهار ڪيو، اسان جي ان
مشاهدي جي تصديق ڪئي.
سنڌي ٻولي جي هڪ
مکيه خصوصيت اها آهي ته لفظ واياڄاڻي طرح (phonologiccally) هڪ وائل-ڊگهي، ننڍي ۽/يا گُهڻي (nasilized، نڪائين) تي ختم ٿئي. اها خصوصيت هڪ يا ٻن انڊو-آريَن ٻولين ۾، جن ۾ ڪشميري(1) به شامل آهي، ڏيکارجي ٿي. سَڌائت اچار واري (articulatory) اها عادت
ايتري ته پختي آهي جو جڏهن ڪو لفظ، لکت جي صورت ۾ به، ڪنهن وائڄڻ (consonant، وينجن) تي ختم ٿئي ٿو ته به اڃا سوڌو هڪ
ننڍي وائل /اَ/، /اِ/ يا /اُ/ سان اچارجي
ٿو. شرٽ (Shirt) (1978) ٻڌائي ٿو ته سنڌي ماڻهو ڪيئن اها
سنڌائت اچار واري عادت انگريزي ڳالهائيندي به ظاهر ڪن ٿا. جڏهن هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ
ماڻهو انگريزي ڳالهائيندي توهان کي اهو ٻڌائي ته هن گورنمينٽ اسڪول ۾ تعليم
حاصل ڪئي آهي‘ تڏهن هو پهريان ٻه لفظ ’گورنمينٽَ اسڪولَ اچارڻ کان سواءِ رهي نه
سگهندو. پنهنجي بيان کي اجاگر ڪندي هو هڪ جمل ڪم آڻي مثال ڏي ٿو: ”مون ساڻسِ
انجامُ ڪيو.“ هن جملي ۾ شرٽ اسان کي ٻڌائي ٿو ’اسين اهو ڏسي سگهون ٿا ته هر لفظ يا ته ڪنهن گهڻي وائل يا وري ننڍي وائل تي
ختم ٿئي ٿو، ۽ جملا ڀلي هزارن جي ڳڻپ ۾ گڏ ڪيا وڃن، بنا ڪنهن هڪ به ڇَڏَڇوٽ جي،
نتيجو ساڳيو هوندو.‘
وائل ڪڍي ڇڏڻ جي
حوالي سان ڏسي سگهجي ٿو ته واياڄاڻي (phonological) تحرير ويڻڪَن جي واهپي تي ڪو به اثر نه ٿي وجهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ڪنهن خاص
ويڻڪ جي پسند، اڳيان يا پٺيان ايندڙ وائيي (phoneme) جي پسند هيٺ
نه ٿي هلي. جيئن اڳي طَي ڪري آيا آهيون ته اها هڪ سنڌي خصوصيت آهي ته هر لفظ جو
ڇيهه ڪنهن نه ڪنهن وائل تي ٿيڻ گهرجي، ۽ ان معاملي ۾ اها ڳالهه ڪا به حيثيت نه ٿي رکي ته اهو لفظ ڪنهن وائل سان شروع ٿئي ٿو يا وائڄڻ سان. مثال طور هيٺ ڏنل جملن جو بيان هن نُڪتي کي چٽو ڪري ٿو، اهي ٻئي
جملا تڏهن هر هر پئي بيان ٿيا جڏهن اسان ماڻهن سان خيالن جي ڏي وٺ پئي پئي.
1- • هنَ ملڪَ ۾ امنَ امانَ جي صورتحالِ ڏينهون ڏينهن خرابُ ٿيندي
پئي وڃي.
• هنۡ ملڪَ ۾ امنُ امانۡ جي صورتحالِ ڏينهون ڏينهن خرابۡ ٿيندي پئي وڃي.
2- • اڄُ
ڪلهَه جا نوجوان مائٽنِ }مائٽرنِ{ جو چوڻُ ئي ڪو نَه ٿا مڃينِ.
• اڄۡ ڪلهَه جا نوجوانۡ مائٽنِ }مائٽرنِ{ جو چوڻ ئي ڪونۡ ٿا مڃين.
مٿين مثالن ۾
ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيترن ئي وائڄڻن پٺيان ۽ وائل رکندڙ (vocalic) ۽ وائڄڻ
رکندڙ (consonantal) ٻنهي جي ابتدائي
صورت اڳيان وائل ڪڍي ڇڏڻ جو عمل ٿئي ٿي.
وائل وڻڪو سنڌ
جي سنڌي ڳالهائيندڙ برادرين ۾، جن ۾ لاسِي، لاڙِي ۽ ڪَڇِي(2) محاورا (dialects) شامل آهن، ٿورڙو محاورائي (dialectal) فرق موجود
آهي. گريئرسن (Grierson) 1968:169 ]1919[ ٻڌائي ٿو ته لاسي محاورو وچولي محاوري سان ساڳيائپ (similiarity) رکڻ جي حوالي سان سڃاڻي سگهجي ٿو
سواءِ ڪجهه مثالن جي، جن ۾ ممڪن آهي ته آخري وائل ڪيرايو وڃي ۽ ان ڪري لفظ چٽيءَ
طرح هڪ وائڄڻ تي ختم ٿئي ٿو. وائل ڪڍي ڇڏڻ وارو عمل، بهرحال، ڪڇِي ۽ لاڙِي ۾ ايترو
عام ناهي، خاص ڪري انهن علائقن ۾ جتي آخري ننڍو وائل ڪڍي ڇڏڻ جو مضبوط رجحان موجود
آهي. هيٺ ڏنل مثال سنڌي محاورن بابت محقق جي پنهنجي ڄاڻ جي بنياد تي جدول جي صورت
۾ پيش ڪجن ٿا:
وچولو لاڙِي
ڀاءُ ڀا
پيءُ پِي
ماءُ ما
وِيهَه وِي
ٽِريهه (ٽِيهه) ٽِي }ٽيهۡه{
جوءِ جو
هرڻُ هرنۡ
چانهِه چانهۡه
ٺاهِه ٺاهۡه
ڳالهائجِ ڳالهائجۡ
شامَ شامۡ
جاءِ جا
ٽيون وڻڪو جيڪو سنڌي ۾ ڦيرڦار جي اڀياس جي لاءِ چونڊيو ويو اهو بيڀُڻي (voiceless) مورڌني (retroflen) بندشي (stop)
}وائڄڻ{ /ٽ/، ڀڻڀڻي (voiced) مورڌني
بندشي }وائڄڻ{ /ڊ/ ۽ وسرڳ (aspirated) ڀڻڀڻي بندشي }وائل{ /ڍ/ جي ڪڍ
ايندڙ ڀڻڀڻي مهارئين (aveolar) لرزشي (trill) ’ر‘ جي
موجوديءَ يا اڻموجوديءَ سان واسطيدار آهي جيئن مائٽر (مائٽ)، جنڊر
(چنڊ) ۽ ڏڍر (ڏڍ) لفظن ۾ اچي ٿو.
(ر) وڻڪي سان
لاڳاپيل ڄاڻ گهٽ آهي پر ميَسر ساهت (Literature)، جيڪو گهڻي ڀاڱي گريئرسن (1919)، بلوچ (1965) ۽ الانا (1976) مهيا ڪري ڏنو آهي، جي بنياد تي اهميت جوڳي ڄاڻ چونڊڻ لائق ٿي سگهيا آهيون
جيڪا جاچ هيٺ آندل ڳالڪ برادرين ۾ ٻن ويڻڪن تي روشني وجهڻ ۾ مدد ۽
ويڻڪن ۾ فرق جي وضاحت ڪري ٿي.
گريئرسن، 1919 ۾ لکندي، پرکيو ته مخصوص محاورن
پٽاندر ’ر‘ جو آواز بدليو پئي: لاڙِي ۾، هن چيو ]ر[ اچار دوران
ڪڍي ڇڏيو پئي ويو جيئن ٽري بدران ٽي، کُنڊر بدران کنڊ ۽ ڏڍر بدران ڏڍ، جڏهن ته
سرولي ۽ وچولي ۾ اها }ر{ اچاري پئي وئي.
لڳ ڀڳ پنجاهه
ورهه پوءِ بلوچ (1965) ۽ الانا (1967) ڏٺو ته اهو
لرزشي ]ر[ رڳو سرولي ۾ اچاريو ٿي ويو ۽
وچولي سميت ٻئي ڪنهن به ۾ محاوري ۾ ان جو اچار موجود نه هو.
چٽيءَ طرح ڏسي سگهون ٿا ته (پراچين ڏيهي) ]ر[ جي اچار کان ]ر[ نئين رواجيل (innovative) ويڻڪ جي ڪڍي ڇڏڻ تائين هڪ وڏي ٻوليڄاڻي تبديلي واقع
ٿي چڪي.
فرض ڪري سگهون
ٿا ته اها تبديلي وڌندڙ سجاڳي سان لاڳاپيل آهي جيڪا خاص ڪري 1936 کان
پوءِ، جڏهن سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪري ان کي هڪ پاڻ تي ڀاڙيندڙ (independent) صوبو ٺاهيو ويو ۽ عام طرح 1930 ۾ سنڌي ۾ تعليم ٿيڻ جي ڪري پيدا ٿي. تعليم ۾ واڌ جو سڌو مطلب اهو ته معياري سنڌي
لکيت ڏانهن وڌندڙ واقفيت ٿيڻ جنهن ۾ ]ر[ کي اخبارن،
درسي لکپڙهه وغيره ۾ خارج ڪيو ويو، ۽ اهو وڏو امڪان آهي ته لکيت جي ان وڌيل ۽ لاڳيتي واقفيت تعليم يافته ماڻهن تي اثر وڌو جنهنڪري اهي ]ر[ نه اچاريندا هئا.
ان مان تت ڪڍي
سگهون ٿا ته اسان جي ٻنهي ڳاليندڙ برادرين ۾ ]ر[ کي ڪڍي ڇڏڻ
پڙهيل کي ظاهر ڪندڙ ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ]ر[ جي اچار
(پراچين ڏيهي ويڻڪ) کي جهوني ۽ اڻپڙهيل جو گڻ سمجِهي سگهجي
ٿو.
وچولي محاوري
بابت هڪ ٻيو مکيه وسيلو خوبچنداڻي (1961) جو ڏنل مختصر جائزو آهي. وچولي
محاوري بابت خوبچنداڻي جي ذڪر هيٺ لکت ۾ اهو متان عجيب ڀانئجي ته وائڄڻ رکندڙ ٽولي ٽر، ڊر، ڍر بابت ڪو به حوالو
موجود ناهي. ممڪن آهي ته اهو ان ڪري ٿيو هجي ته لکيل متن سان گڏ خوبچنداڻي رڳو
پنهنجو ڳالهائڻ مشاهدي هيٺ آندو هجي. توڙي جو هو پاڻ کي وچولي محاوري جو مقامي رهاڪو ڄاڻائي ٿو، اهو ذهن ۾ ضرور رکيو وڃي ته هن جي ڳالڻ تي متان ان ڪري
اثر پيو هجي جو هن پنهنجي جوانيءَ (teenage) ۾ ئي سنڌ
مان لڏپلاڻ ڪئي (ڏسو خوبچنداڻي، 1961:03) ساڳيءَ طرح
الانا جي تحرير (1991، ]1963[) به آهي. توڙي جو هن پنهنجي ڳالڻ جو ڇيد ڪيو، جنهن بابت
هو سمجهي ٿو ته وچولي محاوري سان تعلق رکي ٿو، ٽر، ڊر ۽ ڍر جي معاملي ۾ ڪو به حوالو نه ٿو ملي جنهن مان اهو مطلب وٺي سگهون ٿا ته لاڙِي محاوري جو اثر، جيڪو سندس اصلي محاورو آهي، مٿس اڃا سوڌو موجود آهي
۽ اهو ئي ]ر[ ڪيررائڻ (elision) جو سبب آهي.
اهڙي اثرائتي
جائزي جي نتيجي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهن ٽنهي وڻڪن کي اڀياس جو مامرو (crux) بنايو وڃي، توڙي جو، جيئن هر هڪُ مَيسر ڄاڻ/سوالنامي
مان کوجي وٺندو، دلچسپي جو ڪارڻ اهي وايا (phones، صوتَ) نه هئا. ابتدائي خيالن
جي ڏي وٺ دوران، جن ۾ اهي به شامل آهن، جيڪي سوالنامي کي چڪاسڻ لاءِ ظاهر ٿيا،
خصوصي ڏيان انهن وڻڪَن تي ڏنو ويو آهي.
نوٽۡسۡ (Notes):
(1) انهيءَ
سلسلي ۾ چڱو چوکو ناٺاهه موجود آهي ته ڪشميري ٻولي درحقيقت
ٻولين جي ڪهڙي گهراڻي سان تعلق رکي ٿي: ڪي ان کي انڊو‑ايراني ٻولين جي داردي سٿ ۾
رکن ٿا. انهيءَ سان گڏ داردي ڪڏهن ڪڏهن ٻولين جو انڊو‑آرين شاخ (اتر‑اولهائين
ٽولي) ۾ شامل سمجهي ويندي آهي. تفصيلي بحث لاءِ ڏسو گريئرسن، 1968 ۽ ڪِرسٽل (Crystal) 1992.
(2) ٻولي جي ڄَڻڄاڻِي (Genetic) تفصيل موجب، ڪڇِي کي سنڌي جي هڪ محاوري طور درجبيند
ڪيو ويندو آهي. اها حقيقت آهي ته هاڻي ڪڇ ڀارت ۾ گجرات صوبي جو هڪ حصو آهي ۽ ان جو
مطلب هي آهي ته ڪڇي ڳالهائيندڙ اڪثر ڪري پاڻ کي گجراتي ڳالهائيندڙ سمجهندا آهن.
(تفصيلي بحث لاءِ ڏسو الهه ڏنو، 1948).
ڪتابَسُڌ
(Bibliography)
الانا، غلام علي، ”سنڌي صوتيات“ 1967. ادبيات
پبليڪيشن، حيدرآباد.
Allana, G. 1991. The Arabic Element in Sindhi
(Dissertation submitted in 1963 to the University of London for the partial
fulfilment for the degree of M.A in Linguistics). Lahore: Muktab-e-Danishwaran.
Alladina, Safdar. 1984. The status of Kachchi in India and Britain implication for language
teaching. Paper read at the conference on Language without a Written
Tradition and their Role in Education, 1984 London.
Baluch, N.A. 1965. Introducing a comprehensive dictionary
of classical and current Sindhi: In Dil, A.S Studies in Pakistani
Linguistics 93-114. Lahore.
Britain, D. 1991. Dialect and Space: a geolinguistic
study of the speech variables in the Fens.
Ph.D. thesis, University
of Essex.
Chambers, J.K and Trudgill, P. 1980. Dialectology. Cambridge:
Cambridge University Press.
Crystal, D. 1992. An Encyclopedic Dictionary of
Language. Oxford:
Basil Black well.
Greirson, G. [1919] 1968. Linguistic Survey of India.
Volume VIII Part II. Delhi:
Motilal Bansaridas.
Jabeur, M. 1987. A Sociolinguistic Study in Tunisia:
Rades. Ph.D thesis, University
of Reading.
Khtani, A.S. 1992. The Impact of Social Change on
Linguistic Behaviour. Ph.D. thesis, University of Essex.
Khubchandani, L.M. 1961. The Phonology and Morphophonemics
of Sindhi. M.A. dissertation, University
of Pennsylvansia.
Labov, W. 1966. The Social Stratification of English in New York City. Washington D.C.
Centre for Applied Linguistics.
……… 1972. Sociolinguistic Patterns. Oxford: Basil Blackwell.
Schmidt, R.W. 1974. Sociolinguistic Variation in Spoken
Egyptian Arabic: An examination of the concept of Diglossia. Ph.D.
dissertation, Brown
University.
Shirt, G. 1978. Traces of Dravidian elements in Sindhi: The Indian
Antiquary Volume II 292-293.
No comments:
Post a Comment