قاتل بهاري سنڌ مٿان ڪاهيندا پيا اچن
بهاري روڪيو- سنڌ بچايو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ مٿان نئين ڪاهه جاري آهي.
بنگلاديش مان قاتل بهارين جا ڪٽڪ سنڌ تي ڪڙڪي رهيا آهن. سنڌي ماڻهو ڇا هن ڌاري
لشڪر جو مڙس ٿي مقابلو نه ڪندا؟
اڳوڻي زماني ۾ به قبيلن، قومن ۽
ملڪن تي ڪاهون ۽ چڙهايون ٿينديون هيون ۽ هاڻي به ٿين پيون. اڳوڻي زماني ۾ ههڙي
ڪاهه جو ٻڌي جبلن جي چوٽين تي وڏا مچ ٻاري سڄي قبيلي کي خبردار ڪيو ويندو هو ۽
مقابلي لاءِ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو ويندو هو. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تيز رفتار قاصد ڊوڙندا
هئا. جيڪي جتي هوندا هئا اهي اتي پنهنجا ذاتي سڀ ڪم ڇڏي، ڪلي ڪوڏيا ٿي، دشمن سان
مقابلي لاءِ جنگ جي ميدان ڏانهن ڊوڙندا هئا ۽ سڀني کي للڪاريندا هئا. ڪونڌر ڪنڌ
ڪپائي ديس ۽ قوم تان سر گھوري سرها ٿيندا هئا يا نيٺ دشمن کي ماري مڃائيندا هئا.
سٿين، هون، آريا، يوناني ۽ ايراني ڪاهه ڪندڙ ڪٽڪ جڏهن سنڌ تي ڪڙڪيا، تڏهن سنڌين
حملي جي خبر ٻڌڻ شرط ايئن ڪيو. هنن ڪڏهن کٽيو ته ڪڏهن هارايو، پر ائين ڪڏهن به ڪو
نه ٿيو ته حملو ٿئي ۽ ان جو سنڌين پاران ڪو به مقابلو نه ٿئي.
سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۾ اڄ
پهريون ڀيرو هڪ رهزن ۽ قاتل ڪٽڪ سنڌ تي بنا مقابلي چڙهي رهيو آهي. اڄوڪي دَور ۾ ٻي
ڪنهن قوم تي اهڙي خطرناڪ دشمن جي ڪاهه ٿئي ها، ته هڪدم خطري جا گھگھو وڄي وڃن ها،
فوراً هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو وڃي ها، پارليامينٽ گڏ ٿئي ها، ريڊيو ۽ ٽيليويزن
تان قومي گيت وڄن ها، قوم کي مقابلي لاءِ للڪاريو وڃي ها ۽ هٿياربند فوجن کي
هوشيار رهڻ جو حڪم ملي ها، پر هينئر ايئن پيو لڳي ڄڻڪ ڪجھ به نه ٿيو آهي، سڀ خير
آهي!- اها حالت نه هئڻ گھرجي.
بهاري انهن لکين قاتل ماڻهن جو
ٽولو آهن جن پنهنجي خوني، وحشي ۽ گندي فطرت جي ابتدا ان ئي ڌرتي تي ڪئي جنهن تي
ڄاوا، نپنا ۽ وڏا ٿيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اهي ڀارت ۾ بهار صوبي جا رهاڪو هئا جتي
انهن پنهنجن جھيڙن کي مذهبي رنگ ڏئي پنهنجي ڏيهه واسين کي وحشين جيان ڪُهڻ شروع ڪيو ۽ هزارين مائرن جون جھوليون اجاڙي، پيئرن کي نپٽو
ڪري ۽ ٻارڙن جا وڏا ڪهي کين ڇورو ڇنو ۽ يتيم ڪري ڇڏيو. نيٺ اتان ڌڪجي ۽
ڌڪارجي نڪري ويا ۽ وڃي بنگال (هاڻوڪي بنگلاديش) ۾ رهيا.
انهن جھڙا، انهن جا ٻيا ڀائر،
ڀارت جي ٻين علائقن کان ڀڄي اچي سنڌ ۾ پهتا ۽ اچڻ سان ئي سنڌ جي پيداواري وسيلن ۽
شهرن تي ائين ڪڙڪيا جيئن ڪنهن فصل تي مڪڙ، ۽ پهرين سَٽ ۾ پناهه ڏيندڙ محسن سنڌي
ماڻهن کي جاهل، ڄٽ ۽ ڳنوار سڏي سنڌي ٻولي کي ڪورٽن، دفترن ۽ يونيورسٽين مان ڪڍرائي
سنڌ کي ون-يونٽ جي زنجيرن ۾ جڪڙائي ڇڏيائون.
اهو ساڳيو ڪم بنگال ۾ بنگالي قوم
خلاف قاتل بهاري ڪندا رهيا. بنگالين کين پنهنجي ڌرتيءَ تي پناهه ڏني، پر هنن جلادن
موٽ ۾ اهو اجورو ڏنو جو سادن، سٻاجھن، سچار ۽ سلڇڻن بنگالين کي جاهل، ڄٽ، ڳنوار،
اسلام دشمن، پاڪستان دشمن، علحدگي پسند ۽ ڀارت جو ايجنٽ سڏي قتل ڪرڻ شروع ڪيو.
بنگالين کان سندن ٻولي کسڻ جو ڪوشش ڪئي ۽ کين ثقافتي طرح غلام بنايو. بنگالي عوام
جڏهن به پنهنجن ڦريل قومي حقن کي موٽائي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن قاتل بهارين
پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن جو ساٿ ڏيندي انهن جي دلال ۽ ڀاڙيتو فوجيءَ جو ڪم ڪيو ۽
بنگالي عوام جي هر حق پرست جدوجھد کي پٺيءَ ۾ خنجر هنيو. 1970ع ۾ بنگالي عوام جڏهن
پنهنجن قومي ۽ جمهوري حقن لاءِ آواز پئي اٿاريو، تڏهن هڪ پاسي پنجابي-پناهگير ڦورو
حڪمرانن مٿانئن فوجي ڪاهون پئي ڪيون، ته ٻي پاسي هي قاتل بهاري نه رڳو انهن فوجين
سان گڏ هئا، پر انهن جماعت اسلامي جي جھنڊي هيٺ ”الشمس“ ۽ ”البدر“ جھڙيون قاتل،
رهزن، انسان دشمن ۽ نيم فوجي تنظيمون ٺاهي، بنگالي عوام جو ڪوس پئي ڪيو. اهي قاتل
بهاري ئي هئا جن ڪڏڪندڙ بنگالي ٻارڙن جي سينن ۾ سنگينون ٽُنبي مٿي کنيو. ٽن لکن
کان وڌيڪ بنگالي عورتن ۽ نياڻين جا ارهه ڪَپيا ۽ سندن لڄون لٽيون ۽ مجموعي طرح
ٽيهه لک بنگالي ماڻهن --- مردن، عورتن توڙي ٻارڙن --- جو قتل عام ڪري چنگيز، هلاڪو
۽ هٽلر جي بربريت ۽ ظلم کي به مات ڏئي ڇڏي. هنن بهاري قاتلن جا خوني چنبا بنگالي
عوام جي رت سان رڱيل آهن ۽ سندن ٻُوٿن تي سامراجي گند ۽ ڪِنُ ٿڦيو پيو آهي.
گذريل چاليهن سالن کان سنڌ ۽
سنڌين جي وجود خلاف جيڪي سازشون ٿي رهيون آهن، سنڌين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي حقير
ٿورائي (اقليت) ۾ بدلائڻ جا جيڪي ڪڌا ڪرتوت پيا ٿين، انهن سازشن ۽ ڪرتوتن ۾ پنجاب
ڦورو طبقن سان گڏوگڏ پناهگير ڦورو ٽولو به اڳ اڳرو رهيو آهي. بهارين کي سنڌ ۾ آباد
ڪرڻ دراصل سنڌ ۾ سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي مڪروهه ۽ خوفناڪ سازش آهي.
سنڌ مٿان اڳ ئي ٻين صوبن ۽ ملڪن
کان ايندڙ ڌارين ماڻهن جو ڳَرو بار آهي. سنڌ جي معيشت تباهه ٿيندي پئي وڃي. سنڌين
کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي روزگار نه ٿو ملي، سنڌين کي پنهنجن اباڻن پَڊن ۽ شهرن ۾
اوپرو ڪيو ويو آهي، ڪڏهن فوجون پيون گوليون وسائن، ته ڪڏهن ڪٽر پناهگير پرست سنڌ
دشمن ٽولي جا دهشتگرد داداگير ٿا سنڌي ماڻهن کي ڪُهن ۽ ساڙن.
ڪٽر سنڌ دشمن پناهگير دهشتگرد
ٽولو ۽ سندس ڳجھا توڙي پڌرا حواري، بنگالي عوام جي قاتل بهاري لوڌ کي سنڌ ۾ آباد
ڪرائي، هڪ طرف پنهنجي ڳڻپ ۽ دهشتگرد قوت کي وڌائڻ گھري ٿو، ته ٻي طرف سنڌين کي
ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪري سنڌ جي شهرن ۽ پيداواري وسيلن تي دائمي طرح قابض ٿيڻ گھري
ٿو. جيڪي بهاري پنهنجي تاريخي اباڻي ڌرتي --- بهار --- ۾ امن ۽ سُڪون سان رهي نه
سگھيا، جيڪي گذريل چاليهن سالن کان بنگال ۾ رهندي پنهنجا مفاد ان ڌرتيءَ جي رهاڪن
سان ڳنڍي، ان ڌرتيءَ جي محسن ماڻهن جا خيرخواهه نه ٿي سگھيا، سي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن
سان جيڪي ڀلايون ۽ ڀال ڪندا، انهن جو اندازو هر ماڻهو ڪري سگھي ٿو.
چار لک بهارين ٽيهه لک بنگالين جو
ڪوس ڪيو ۽ انهن جي کربين رپين جي ملڪيت کي
باهيون ڏنيون. هتي سنڌ ۾ انهن جي خيرخواهه ساٿي ۽ ڪٽر پناهگير پرست دهشتگرد
ٽولن سنڌي عوام سان جيڪي ويل وهايا آهن، اهي
ڪنهن کان به لڪل ناهن. جيڪڏهن انهن دهشتگرد ٽولن سان بهارين جھڙا قاتل وحشي
درندا به ملي ويا، ته سنڌين جو حشر ڇا ٿيندو، اهو سڀ ڪو سمجھي سگھي ٿو.
سنڌ اڳي ئي ڌاري آباديءَ جي
زبردست دٻاءَ هيٺ آهي ۽ انيڪ سياسي، سماجي، معاشي، اقتصادي، ثقافتي ۽ نفسياتي
مسئلن جو شڪار آهي. سنڌ ۾ بک ۽ بيروزگاري عام ٿي چڪي آهي. ٻئي پاسي ٿر ۽ ڪوهستان ۾
زبردست ڏڪار آهي ۽ مجموعي طرح سنڌي ماڻهو بک ۽ بيوسي ۾ مبتلا ڪيا ويا آهن. هاڻي
سنڌ ڪنهن به طرح ڌاري آباديءَ جي دٻاءَ کي سَهي نه ٿي سگھي. سنڌي ماڻهو اڳ ئي
ڌارين کي هتان ڪڍڻ لاءِ جدوجھد پيا ڪن ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار کان بيزار آهن.
ڌارين کي هتان ڪڍڻ بدران، اٽلو، هي قاتل بهاري ڪٽڪ اچي رهيا آهن. سنڌ دشمن ۽ سنڌي
دشمن اردو پريس انهن کي ”محصور پاڪستاني“ يا ”جلاوطن پاڪستاني“ جهڙا ناجائز نالا
ڏئي کين سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ لاءِ ماحول سازگار بنائي رهي آهي.
جن ماڻهن پاڪستان جي ڌرتيءَ کي
ڏٺو ئي نه آهي، جن جو پاڪستان جي ڪنهن به علائقي يا حقيقي قوم سان ڪو به تاريخي
ناتو ناهي، جن جو پاڪستان جي ڪنهن به علائقي يا وسيلي تي ڪو به تاريخي حق نه آهي، اهي ڪيئن ٿا پاڪستاني سڏي سگھجن!؟
بهاري ڪنهن به طرح پاڪستاني ناهن.
اهي ڀارت کان ڀَڳل وحشي، قاتل، جلاد، رهزن ۽ فرعون صفت دهشت گرد آهن، جن بنگالي
عوام جي رت سان هولي کيڏي ۽ هاڻي سنڌ ۾ راڱا ڪرڻ لاءِ گھرايا پيا وڃن.
جيڪڏهن سعودي يا لبيا حڪمران ٽولي
کي سندن مسلمان هجڻ سان همدردي آهي، ته انهن کي سنڌ مٿان مڙهڻ ۾ مدد ڇو پيا ڪن ۽
پنهنجن ملڪن ۾ آباد ڇو نه پيا ڪن!؟
ڇا سنڌ ڪو بين الاقوامي يتيم خانو
آهي، جو پنهنجي ڌرتيءَ جو ڌڪاريل غدار جتان ٿو تڙجي، ته ڌُو اچيو سنڌ ۾ ڪري؟ برمي،
سيلوني، افغاني، ايراني يا ڀارتي ڀاڄوڪڙ جڏهن به پنهنجي وطن سان غداري ڪرڻ سبب
تڙيو ويو آهي، تڏهن ان جو رخ سنڌ ڏانهن ئي رهيو آهي، ڇو؟ ۽ سمورن ڌارين جو اهو ئي
سنڌ دشمن ارادو پئي رهيو آهي، ته ڀل ڌڪاريل ڌاريا سنڌ ۾ آباد ٿين، ڇو؟
پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن پنهنجي
فوجي ۽ سازشي قوت ۽ غدار سنڌي وڏيراشاهيءَ جي مدد سان هر تڙيل ۽ غدار ڌاريي کي سنڌ
مٿان پئي مڙهيو آهي.
سنڌي ماڻهوءَ هاڻي پنجابي-پناهگير
ڦورو طبقن، سندن عالمي آقائن ۽ ڏيهي غدارن جي بدمعاشين کي پرکي ورتو آهي ۽ ڪنهن به
ڌاري ڦوروءَ کي سنڌ مٿان مڙهجڻ نه ڏيندو.
سنڌي عوام جي
سجاڳيءَ کان ڊڄي سازش ڪري ائين به چيو وڃي ٿو، ته بهارين کي پاڪستان جي ٻين صوبن ۾
آباد ڪيو ويندو.
سڀ کان پهرين ڳالهه، ته جڏهن اهي
قاتل بهاري ”پاڪستاني“ آهن ئي ڪو نه، ته پوءِ کين پاڪستان ۾ ڇو گھرايو وڃي؟
ٻي ڳالهه، ته اهي چاليهن سالن کان
بنگال ۾ رهن پيا ۽ اتي جي حڪومت کين اتي ئي رهائڻ لاءِ تيار آهي، پر ان شرط تي ته
ان ڌرتيءَ جا وفادار ۽ شريف شهري ٿي رهن، ته پوءِ پاڪستان آڻڻ جو ڪهڙو سبب؟
ٽين ڳالهه، ته پاڪستان جي هاڻوڪي
ڍانچي ۾ اها ڪهڙي ضمانت آهي، ته اهو وحشي ٽولو سنڌ ۾ نه ايندو، جڏهن ته پاڪستان جا
ٻيا صوبا انهن کي پاڻ وٽ ٽِڪائڻ لاءِ تيار به نه آهن. پاڪستان جا ٻيا صوبا ته
پنهنجن اصلوڪن رهاڪن کي به پاڻ وٽ ٽڪائي نه ٿا سگھن ۽ انهن جا رهاڪو روزانو ريل
گاڏيون ڀريو سنڌ مٿان ڌوڪيندا پيا اچن. ڇا اهو ممڪن هوندو، ته بِهاري اتي ئي رهن ۽
سنڌ ڏانهن نه اچن؟
چوٿين ڳالهه، ته بهارين جا تاريخي
ساٿي، سندن ڀلارا ڀائر، گذريل چاليهن سالن کان سنڌ ۾ ويٺا آهن ۽ سنڌي ٻولي، سنڌي
ثقافت ۽ سنڌي ماڻهن کي خاص طرح سنڌ جي وڏن شهرن مان قطعي تڙي ڪڍڻ ۽ پنهنجو دائمي قبضو
ڄمائڻ لاءِ کلي عام دهشتگردي، داداگيري، ڪوس، قتلام ۽ ڦرلُٽ تي لهي آيا آهن. هاڻي
ته انهن ”سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي“ جو نقاب به لاهي ڦٽو ڪيو آهي ۽ انهن وحشين کي ئي
هنن وحشي بهارين جي گھرج آهي ۽ سندن کاڌو پيتو، خرچ کپو ۽ رهائش جو بار کڻڻ لاءِ
تيار آهن. ڇا اهي چاهيندا ته سندن ظاهري طرح ميسڻا ۽ حقيقت ۾ ڀائر ڪنهن ٻي صوبي ۾
رهن؟
رڳو هڪ ڀيرو اهي قاتل بهاري
هيڏانهن اچن، ٻئي ڏينهن اهي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ نظر ايندا.
حقيقت هيءَ آهي ته قاتل بهارين کي
رڳو ان لاءِ گھرايو پيو وڃي، ته جيئن سنڌي عوام
جي اسريل قومي شعور ۽ انقلابي قوت کي
ڪاپاري ڌڪ هڻي سگھجي ۽ سنڌي ماڻهن کي ٿورائي ۾ تبديل ڪري سنڌ ۾ ڌارين جي دهشتگرد
قوت ۽ ڳڻپ کي وڌائي سگھجي.
سنڌيو!
·
بهارين ۽
ٻين صوبن (خاص طرح پنجاب) ۽ ٻين ملڪن کان ڌاريا گھرائي، ڌارين کي گھڻائيءَ ۽ سنڌين
کي ٿورائيءَ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي،
·
اسان جا
قيمتي ۽ املهه وڏا شهر اسان کان ذري گھٽ کسجي چڪا آهن،
·
اسان جي
سرسبز ۽ آباد زمين جو اٽڪل ٽيون حصو ۽ لڳ ڀڳ سمورا پيداواري وسيلا ڌارين جي ناجائز
قبضي هيٺ آهن،
·
سنڌي
ماڻهو پنهنجن ئي وڏن شهرن ۾ ڪُسجي رهيا آهن ۽ ننڍن شهرن ۾ به سندن مال ۽ جان محفوظ
ناهي،
·
سنڌي
ٻوليءَ کي ذري گھٽ ڏيهه نيڪالي ملي چڪي آهي، وڏن شهرن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ بند ڪئي
وئي آهي ۽ ننڍن شهرن ۾ بند ڪرڻ جون تياريون ٿي چڪيون آهن ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن به
ٻوليءَ کي جيڪي حق ملڻ گھرجن، اهي سنڌي ٻوليءَ کي ملڻ بدران ڌاري ٻوليءَ کي ڏنا
ويا آهن.
سنڌيو، ياد رکو ته:
·
فلسطين ۾
فلسطينين سان به پهريائين ايئن ئي ٿيو هو ۽ پوءِ
يهودين پنهنجي گھڻائيءَ جي زور تي فلسطينين کي پنهنجي ئي تاريخي ملڪ مان تڙي ڪڍيو ۽ فلسطيني اڄ ڏينهن تائين رت
روئيندا پيا رهن ۽ بمن ۽ گولين جي وسڪاري هيٺ ڀسم ٿيندا رهن ٿا.
·
آمريڪا ۾
به، اتي جي اصلي رهاڪن (ريڊ انڊين) سان ايئن ئي ٿيو. ٻاهران آيل ڌارين دهشت،
داداگيري، بارود ۽ بمن جي زور تي ريڊ انڊين کي ماري تباهه ڪري رُڃ ۾ رلائي ڇڏيو.
سنڌيو! ڪجھ سوچيو، ته جڏهن پاڻي
پڳ کان مٿي چڙهي ويو، ته پوءِ سنڌين جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي اقليت ۾ بدلجي ويا، ته پوءِ
ڇا ٿيندو؟
اهي بهاري قاتل ۽ جلاد آهن، وحشي
۽ درندا آهن، انساني روپ ۾ خوني بلا آهن، هنن جو وجود بي حيائي، نمڪ حرامي ۽ غداريءَ
جي خمير مان ٺهيل آهي، هنن جو پير نحوست ۽ نڀاڳ جي نشاني ۽ قتل عام جو پروانو آهي،
هنن جو ذهن مڪر، فتني ۽ فساد جو کورو آهي، اهي هلاڪو، نادر شاهه ۽ هٽلر جو ناپاڪ ۽
نجس روحاني تخم آهن، اهي سنڌ لاءِ فساد، خون، موت ۽ تباهيءَ جو پيغام آهن، اهي
هڪڙي مظلوم قوم (بنگالي قوم) کي رت ۾ وهنجاري، هاڻي ٻي مظلوم ۽ ماريل سنڌي قوم کي
تباهه ڪرڻ پيا اچن، اهي پناهگير دهشتگردن جا اهي ساٿي آهن جيڪي سنڌين کان سنڌ کسي،
پرمار ڦورو قاتلن کي سنڌ جو وارث ۽ آقا بنائڻ گھرن ٿا. بهارين جي اچڻ سان سنڌ
سنڌين جي ڪوس گھر ۾ بدلجي ويندي، سنڌي پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ بدلجي ويندا ۽
سنڌين جو حشر ريڊ انڊين ۽ فلسطينين کان به بدتر ٿي ويندو. چوطرف خونريزي ٿيندي ۽
هن ڌرتيءَ جو رهيو کهيو امن ۽ سڪون به برباد ٿي ويندو.
سنڌيو!
ڇا توهان اهو سڀ ڪجھ ٿيڻ پسند ڪندَو؟
ڇا لکين
سنڌين آڏو ڌرتيءَ جا قاتل سنڌ ۾ داخل ٿي ويندا؟
ڇا سنڌ
کي بيروت ۽ سنڌين کي ريڊ انڊين بنجڻو پوندو؟
ڇا سنڌي
ماڻهو پنهنجي مقدس ڌرتيءَ تي بهارين جي ناپاڪ ۽ قاتل وجود کي برداشت ڪري سگھندا؟
ڇا سنڌي
ماڻهو اهو چاهيندا، ته سندن عظيم سون-ورني ڌرتيءَ کي قتل گاهه ۾ تبديل ڪيو وڃي؟
ڇا هوشو،
هيمون، دودي ۽ فاضل جا وارث، لطيف، سچل ۽ ساميءَ جا پوئلڳ، قاتل بهارين کي سنڌ ۾
آڻڻ ۽ سنڌ ۾ بنگال وارو خوني ڊرامو ورجائڻ جي موڪل ڏيندا؟
جي نه، ته پوءِ:
اوهين سڀ جيڪي سنڌي آهيو،
جيڪي هاري، مزدور ۽ شاگرد آهيو،
وڪيل، ڊاڪٽر، اديب ۽ دانشور آهيو،
پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل، شهري توڙي
ڳوٺاڻا، ننڍا توڙي وڏا آهيو، اوهين سڀ جيڪي سجاڳ، سمجھدار ۽ قومي غيرت رکندڙ آهيو،
اچو ته احتجاج بنجي اٿون،
اچو ته قاتلن خلاف، درندن خلاف،
وحشين ۽ ظالمن خلاف للڪار بنجي اٿون، پاڻ ۾ ٻڌي ڪريون، منظم ٿيون ۽ جدوجھد ڪريون. فتح حق جي ٿيندي، سوڀ حق پرست سنڌي عوام جي
ٿيندي.
(پمفليٽ طور لکيل مواد)
No comments:
Post a Comment