قانون ڇا آهي؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
اچو ته ان کي هڪ مثال سان سمجھون.
توهان ڪو وڏو پٿر کڻي اڇلايو. اهو پٿر هر
حالت ۾ ڌرتيءَ تي ڪرندو. ان ڪري ڪرندو جو ڌرتيءَ کي ڇِڪ آهي. اهو ڇڪ جو اثر هڪ مخصوص
حد تائين فضا ۾ عمل ڪري ٿو. جيستائين ڪا به شَي ڌرتيءَ جي فضا ۾ هوندي، ان تي
ڌرتيءَ جي ڇڪ اثر ڪندي. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته اڇلايل پٿر ڌرتيءَ فضا ۾ هجي ۽
ڌرتيءَ تي نه ڪري. اهو عمل جيڪو باقاعدي، لاڳيتو، اڻٽر نموني ٿئي ۽ ٿيندو رهي، اهو
قانون آهي.
هن معاملي ۾ هڪ ٻي ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ جهڙي
آهي. اها هيءَ ته قانون انساني ذهن، سمجھ، سوچ، خيالن جا پابند نه هوندا آهن. بيشڪ
سڄي ڌرتيءَ جا ماڻهو ڪروڙين ڀيرا بيهي سوچين ته اهو اڇلايل پٿر ڌرتيءَ فضا ۾ هئڻ
باوجود ڌرتيءَ تي نه ڪري، ته اها خام خيالي ۽ اجائي سوچ هوندي. سوچڻ سان قانون
بدلجي نه ٿو سگھي. قانونُ سوچن، خيالن جو پابند، ڳيجھو ناهي. قانون سوچ کان آزاد
آهي، معروضي آهي.
البت اهو ٿي سگھي ٿو ته اڇلايل پٿر ويجھو
ڪري يا پرڀرو، ڪرڻ وقت ٻن چئن ٽڪرن ۾ ڀڄي پوي يا نه به ڀڄي. جنهن عمل بابت به اهو
شڪ هجي ته اهو ٿئي الائي نه، جيڪو باقاعدي، لاڳيتو، هر حالت ۾ نه ٿئي، اهو قانون
ناهي.
انساني سماج ۽ ان جي اوسر به قانونن جي
پابند آهي. سماج جو ٺهڻ پيداواري لاڳاپن جي ڪري ٿيو، پيداواري لاڳاپا پيداواري
قوتن جي ڪري وجود ۾ آيا ۽ پيداواري قوتون آهن: 1- ڪم ڪندڙ ماڻهو، ۽ 2- اهي اوزار
جن وسيلي پورهيو ڪيو وڃي. ماڻهو ئي آهي جيڪو پيداوار ڪري ٿو تنهنڪري رڳو ماڻهو ئي
سماج ٺاهي رهي ٿو. سماج ۾ ئي ماڻهو ماڻهو ٿيو، ذهن پرايائين، هنر سکيائين، ڄاڻ
وڌايائين، ٻولي سکيو، ثقافت ٺهي. ٻي ڪنهن به ساهه واري وٽ نه سماج آهي ۽ نه ئي
سمجهه، نه ٻولي ۽ نه ئي هنر. ٻيو هر ساهه وارو رڳو اها ڪرت ڪري ٿو جيڪا جبلي،
موروثي طرح وٽس وڏڙن کان آئي آهي.
انساني سماج اسرندو رهي ٿو. پيداوار ۾،
پيداواري قوتن ۾، علم، ادب ۽ فن ۾، تاريخ ۽ تهذيب ۾، سڀ شي ۾ مجموعي واڌارو اچي ٿو.
ڪي شيون اڻ گھربل، غير ضروري، غير واسطيدار ٿي، ختم ٿي وڃن ٿيون، ته ڪيتريون ئي
نيون شيون، نين ضرورتن ۽ نين واسطيدارين سان وجود ۾ اچن ٿيون. سماج جي رنگارنگي ۽
گوناگوني ان ڪري آهي.
ابتدائي، شڪاري، راڄوڻو سماج ختم ٿيو ۽
ان مان غلامداري سماج جنم ورتو. غلامداري ختم ٿيو ۽ ان مان جاگيرداري سماج ڄائو ۽
ان ختم ٿي وري سرمائيداري کي جنم ڏنو جنهن جي ڪُک مان ڪميونسٽ سماج اسري پيو (سوشلسٽ
سماج ان غير طبقاتي ڪميونسٽ سماج جو اهو دؤر آهي جنهن ۾ سرمائيدارڪا رشتا فنا ٿين
۽ ڪميونسٽ ناتا وڌن ويجھن ٿا).
غير طبقاتي سماج جي نفي ٿي، اهو ختم ٿي
ويو، ڳري ڀُري ڊهي ويو. ان نفيءَ جي جدلي نفي آهي سٺو، سيبتو، سلڇڻو، سڄاڻُ (سائنسي)
غير طبقاتي (ڪميونسٽ) سماج. طبقاتي سماج (پنهنجن ٽنهي دورن سميت) اهو ڏاڪو، وٿ،
عبوري دؤر آهي جنهن ۾ هڪ نفيءَ جي جدلي نفي ٿئي ٿي. ڪو به ناڻهو، ماڻهن جو ٽولو يا
طبقو ٻين قانونن جيان انهيءَ قانون کي به ڊاهي، ابتو ڪري، ورائي، بيڪار بنائي نه
ٿو سگھي.
ڇا هر ماڻهو، هر سماج قانون جو پابند
آهي؟
ها، پڪ سان آهي.
ڇا هر ماڻهو، هر سماج قانونن آڏو بي وس
آهي؟
ها، پڪ سان آهي، جيڪڏهن انهن جي ڀڄڪڙي
ڪندو. ماڻهو وس وارو رڳو ان حالت ۾ ٿي سگھي ٿو جڏهن انهن قانونن موجب هلندو.
جيڪڏهن توهين سؤ گرام جو وٽ پاڻيءَ ۾
وجھندا، ته اهو ٻڏي ويندو. پر اهو ساڳيو وٽ پلاسٽڪ يا جست جي وڏي ٿالهيءَ جي وچ تي
رکي پاڻي مٿان رکو، اها ترندي. لوهه جي سُئي ٻڏي وڃي ٿي پر لوهه جو جهاز ترندو رهي
ٿو. ايئن ڇو آهي؟ ڇا پاڻي جي اُڇل واري قانون ۾ ڦيرو اچي ويو يا ماڻهوءَ ان موجب
ڪم ڪري ان کان فائدو ورتو؟
پاڻي ۾ وڌل هر شَي پنهنجي مقدار جيترو
پاڻي اُڇالي، اٿلائي، چاڙهي ٿي. هي آهي قانون. اڇاليل، اٿلايل، چاڙهيل پاڻيءَ جو
مقدار وزن ۾ جيڪڏهن وڌل شَي کان ڳرو آهي ته شَي ترندي، پر جي هلڪو آهي ته شَي ٻڏي
ويندي. انهيءَ قانون موجب عمل ڪري ماڻهوءَ پاڻيءَ جهاز ٺاهيو ۽ اهو تري ٿو. پاڻيءَ
جهاز جو پاڻيءَ ۾ ٻڏل حصو (تر) ويڪرو ۽ کوکلو آهي، جنهنڪري اٿلايل پاڻيءَ جو وزن
جهاز جي وزن کان وڌيڪ آهي ۽ ان ڪري جهاز تري ٿو. پاڻيءَ جهاز جي وزن جيترو لوهه جو
ڳنڍو کڻي پاڻيءَ ۾ وجھندا، ته اهو ٻڏي ويندو، ڇو ته اهو پنهنجي وزن کان وڌيڪ وزن
جيترو پاڻيءَ جو مقدار اٿلائي نه سگھيو. ماڻهو قانون موجب ڪم ڪندو، ته نفعو
پائيندو، ابتڙ ڪم ڪندو ته ڪِيتو لوڙيندو.
قانون موجب سوچي سمجھي عمل ڪرڻ وسيلي
هزارين فائدا ماڻي سگھجن ٿا. سڙهه واري ٻيڙي. هوا چَڪِي، هوا نلڪو، هوائي جهاز وغيره
هوا جي داٻ جو فائدو وٺي هلن ٿا. پاڻيءَ چڪيون، پاڻيءَ بجلي، پاڻيءَ جهاز وغيره، پاڻي
جي داٻ جو فائدو وٺن ٿا.
مادو خلقي، پيدا ڪري نه ٿو سگھي ۽ نه ئي
ان کي فنا ڪري، ختم ڪري سگھجي ٿو، البت هڪ شڪل ٻي شڪل ۾ تبديل ٿي، بدلجي سگھي ٿو. هي
آهي مادي جي لافاني هجڻ جو قانون. بيڪار پٿر، مٽيءَ، گند ڪچري کي ڪارائتو بنائي
سگھجي ٿو. ٽامي، جست، لوهه ۽ سونَ جي ڳنڍن، ڳوڙهن مان ڪاتيون، ڪهاڙيون ۽ ڪارايون،
ڪرٽ ۽ ڪات ۽ زيور ٺهي سگھن ٿا، ٽامي ۽ جست جي ميلاپ سان ڪنجھو، ڪچي لوهه مان
فولاد، فولادي ڳنڍي مان ڦيٿو. مختلف خاصيتن ۽ مختلف مادن جي ميلاپ سان اڃا به ٻين
خاصيتن ۽ شڪلين وارا نمونا ٺاهي سگھي ٿو، مادي جي ڳنڍي کي تروِرن ۽ تابڪاري ۾ بدلائي،
شڪل تبديل ڪري سگھي ٿو پر فنا نه ٿو ڪري سگھي ۽ ساڳيءَ طرح ”ڪجھ به نه“ مان ”ڪجھ“
ٺاهي نه ٿو سگھي. ڪا به هستي ”ڪجھ“ مان ”ڪجھ“ ته ٺاهي سگھي ٿي پر ”ڪجھ به نه“ مان ”ڪجھ“
نه ٿي ٺاهي سگھي. ٻاڦ کي ٿڌو ڪري پاڻيءَ ۽ پاڻي کي ٿڌو ڪري برف ٺاهي سگھجي ٿي ۽
ساڳيءَ طرح برف کي ڪوسو ڪري پاڻي ۽ پاڻيءَ کي ڪوسو ڪري ٻاڦ ٺاهي سگھجي ٿو. جيڪڏهن
ڪو ايئن چوي ته ”ڪجھ به نه“ (يعني ٻاڦ) مان ڪجھ (يعني پاڻي) ٺهيو يا مادو (پاڻي)
ڦري فنا (ٻاڦ) ٿي ويو ته ان کي هڪ جهالت ئي چئي سگھجي ٿو. ٻاڦ مان پاڻي ۽ پاڻيءَ
مان ٻاڦ ٺهي سگھن ٿا پر ”ڪجھ به نه“ مان ٻاڦ يا پاڻي ۽ پاڻي يا ٻاڦ مان ”ڪجھ به
نه“ ٺهي، اهو ممڪن ڪونهي. مادو نه تخليق ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي فنا، ان جون رڳو
شڪلون بدلائي سگھجن ٿيون. قانون چئبو ئي ان عمل کي آهي جيڪو هر حالت ۾، لاڳيتو، باقاعدي
معروضي طرح وجود رکي. مادو لافاني آهي، اهو هڪ قانون آهي.
ماڻهو قانون آڏو بيوس آهي جيڪڏهن انهن جي
ڀڃڪڙي ڪندو، ۽ ڪجھ قدر وس وارو آهي جيڪڏهن انهن موجب عمل ڪري.
ڇا قانونن موجب هلي يا انهن جي ڀڃڪڙي ڪري،
سماجي اوسر کي ڍلو يا تيز ڪري سگھجي ٿو؟
قانون چئبو ئي ان عمل کي آهي جيڪو هر
حالت ۾ لاڳيتو، باقاعدي ۽ معروضي طرح ٿئي، ان ڪري جيستائين اها شي موجود آهي (جنهن
سان قانون لاڳو ٿئي ٿو، مثال طور سماج) تيستائين قانون جي ڀڃڪڙي نه ٿي ڪري سگھجي.
سازگار حالتن ۾ ٻج جو زمين اندر ڦاٽڻ ٻج
جي نفي آهي (ٻج جو ٻج جِي حيثيت ۾ وجود ختم ٿي وڃي ٿو) ۽ ان جي جدلي نفي اها آهي
ته اسان کي وڌيڪ، ججھو، نسبتاً بهتر لاڀ (ٻج، فصل) ملي. پر جيڪڏهن ڪو ٻج کي ساڙي
ڇڏي! نفي ته اها به آهي! اها به نفي برابر آهي پر جدلي نفي ناهي، اها غير جدلي نفي
آهي. ٻجُ ٻجَ جي حيثيت ۾ رهيو ئي ڪو نه، ٻج لاءِ سازگار حالتون ان کي مليون ئي ڪو نه،
ته لاڀ وري ڪٿان ملندو؟
جيڪڏهن ڪنهن سماج کي ئي ختم ڪري ڇڏجي، ته
پوءِ اوسر ٿيندي ڪيئن؟ سماج موجود هوندو، سماجي حالتون موجود هونديون، ته سماج کي
اوسر ڪرڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگھي.
البت سماجي اوسر ۾ رخنو وجھي سگھجي ٿو،
ان کي ڪجھ وقت لاءِ پوئتي ڌڪي سگھجي ٿو، ان کي رنڊائي سگھجي ٿو. ٻوڏُون، ڪاهُون،
لڙايون، تباهيون، وَبائون وغيره ڪجھ عرصي لاءِ رنڊڪ وجھي سگھن ٿيون. ڪا قوم ٻي قوم
تي ڪاهي وڃي ۽ وڃي اتان جي صنعت، حرفت، معدنيات، پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري، ماڻهن
کي غلام بنائي رکي، ته اوسر جي رفتار ۾ گھٽتائي، رنڊڪ ٿي سگھي ٿي. دنيا جون قديم
ترين، انتهائي پراڻيون تهذيبون سنڌي، سميري، بابلي، نينوائي، مصري، يوناني، رومن
وغيره اڄ سماجي ڊوڙ ۾ ان ڪري ئي پوئتي آهن، جو وقت بِوقت مٿن آفتون ڪڙڪنديون رهيون
يا پرڏيهي ڪاهون، جلهون ٿينديون رهيون، لڙايون لڳيون، مفتوح ٿيون، ڦرجي ويون، ڌارين
سندن وسيلن تي قبضا ڪيا، ماڻهن، ذهنن، علمن کي تباهه ڪيائون ۽ غلام بنائي رکيائون.
سنڌي تهذيب مٿان ايرانين، يونانين، عربن، ارغونن، ترخانن، پٺاڻن، مغلن ۽ انگريزن
جون ڪاهون ڪي معمولي ته نه هيون. جيڪڏهن اڄ کان 5 هزار سال اڳ سنڌ ۽ بابل جي وچ ۾
ڏيتي ليتي ٿي پئي سگھي، سنڌ ۾ وسيع پيماني تي اناج جي پوک ٿي پئي سگھي، اهڙي نفيس
۽ نازڪ ململ ٺهي پئي سگھي جو ان جو تاڪيو هڪ ڇلي (مُنڊيءَ، ويڙَهه) مان ٽپي سگھي،
پَٽ پٽيهر جو پهراڻ عام هو، مختلف قسم جي چوپاين جا وڏا وڏا ڌڻ پلجي پئي سگھيا،
ماڻهو پٿر ۽ ٽامي جو دؤر ٽپي ڪنجھي واري دؤر ۾ داخل ٿي چڪا هئا (ان دور ۾ يورپي
قومون اڃا وحشت، بربريت ۽ پٿر جي دؤر ۾ گذاري رهيون هيون). ماڻهو، زبردست سڌريل
شهرن جو ڄار ۽ شهرن جو زبردست سڌريل نظام رائج ڪري چڪا هئا وغيره، اهي ڇو اڄ انهن
قومن کان صديون پوئتي هجن ها جيڪي ان دؤر ۾ کانئن صديون پوئتي هيون؟
ايرانين ۽ يونانين سنڌ مٿان تڏهن ڪاهيو
جڏهن هتي غلامداري سماج پوريءَ طرح ڇانيل هو. عربن جي ڪاهه وقت اسين جاگيرداري
سماج ڏانهن ٽپي رهيا هئاسون، مغلن ۽ انگريزن جي ڪاهن وقت جاگيرداري سماج ۾ هئاسين،
۽ اڃا تائين آهيون، پر سنڌي سماج اڄ سرمائيداري دؤر ڏانهن وکون وجھي رهيو آهي. جيڪڏهن
سنڌي، سميري، بابلي، مصري وغيره تهذيبن مٿان پرڏيهي ڪاهون ۽ تباهيون نه هجن ها، ته
پڪ اسين يورپي ملڪن کان اڳ سرمائيداري ۾ پهچي چڪا هجون ها ۽ ٿي سگھي ٿو ته ڪيترن
ئي علائقن ۾ سوشلسٽ دؤر هلي رهيو هجي ها.
سرمائيدار ۽ سامراجي ملڪ ڄاڻي ٻجھي
پورهيت انقلاب ۾ رخنو وجھي رهيا آهن. دنيا جي ڦرلٽ مان پتيون، ڪجھ سهولتون، ڪجھ
رشوتون، ڪجھ وِهه-وٽيون ڏئي، اهي پنهنجي قوم جي پورهيتن جي جدوجهد کي انقلابي راهن
تان ڦيرائي جمهوري ۽ سڌارڪ يار بنائڻ گھرائن ٿا.
ترقي ڪندڙ (واڌاريندڙ) ملڪن مان گھڻن ۾
هڪ يا ڪجھ ماڻهن جي ڊڪٽيٽري (ڏاڍ مڙسي) ٿاڦيل آهي. اتي جي جمهوريت پسند ۽ انقلابي
قوتن کي ٽئنڪن هيٺان چيٿاڙيو وڃي ٿو. سوچن ۽ لوچن تي خوني پهرا ويهاريا ويا آهن.
روشن خيال ماڻهن جو ڪوس عام آهي. بلوچستان تي ٻه ڀيرا ۽ سنڌ تي هڪ ڀيرو فوج چاڙهي
وئي آهي.
پر ڇا سماجي اوسر جو عمل بيهجي ويو؟
نه.
جيستائين سماج آهي، سماجي پيداواري عمل
آهي، ان کي ڪيترو به پوئتي ڌڪيو يا رنڊايو وڃي، جنهن به سطح تي هوندو يا جنهن سطح
تي پهچايو وڃي، وري اتان اڳتي اسرندو. گذريل 25 سؤ سالن دوران سنڌي ماڻهو 22 سؤ
سال ڌارين جا غلام ٿي رهيا، ڦرلٽون ۽ تباهيون ڏٺائون، ڏسي رهيا آهن، پر وري وري
اسري رهيا آهن. دنيا جي ڪا به طاقت کين لاڳيتو، دائمي محڪوم رکي نه ٿي سگھي.
No comments:
Post a Comment