10/02/2012

ڇا ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مَٽائي سگھندي؟- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڇا  ايم  ڪيو  ايم  سنڌ  دشمن  ۽
دهشتگرد  فطرت  مَٽائي  سگھندي؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

عوامي آواز جي 13- جنوري 1997ع واري اشاعت ۾ شايع ٿيل ٻه خبرون اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائن ٿيون. هڪ خبر جي هيڊنگ آهي: الطاف مهاجر لفظ تان هٿ کڻي ويو، سگھارن ادارن سان سرچاءُ. ان جي سب-هيڊنگ چوي ٿي: هاڻ هُو ايم ڪيو ايم لاءِ متحده قومي موومينٽ جا لفظ استعمال ڪندو، رليف جي خاطري. عوامي آواز جي رپورٽر ٻڌايو آهي، ته ايم ڪيو ايم جو سربراهه الطاف حسين مهاجر لفظ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ الطاف حسين پنهنجي تنظيم کي متحده قومي موومينٽ جو نالو استعمال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ايم ڪيو ايم ۽ نگران حڪومت سان لاڳاپيل ذريعن کان سڌ پئي آهي، ته ملڪ جي سگھارين قوتن الطاف حسين کي مشروط طور ان ڳالهه تي راضي ڪري ورتو آهي، ته هو پنهنجي تنظيم جي پرچار متحده قومي موومينٽ جي نالي سان ڪري ته... مهاجر لفظ تان هٿ کڻڻ جي صورت ۾ سندس تنظيم کي سڄي ملڪ ۾ منظم ٿيڻ لاءِ مدد ڪئي ويندي... ۽ ماضيءَ جي روش کي تبديل ڪيو وڃي ته سندس گرفتار ساٿين کي آزاد ڪرڻ لاءِ ويچاريو ويندو... الطاف حسين پڻ کين يقين ڏياريو ته هُو پنهنجي تنظيمي سرگرمين جي پرچار متحده قومي موومينٽ جي نالي سان ڪندو ۽ کيس پڻ ”مهاجر قومي موومينٽ“ جو نه، پر متحده قومي موومينٽ جو قائد چيو ويندو. ذريعن موجب الطاف حسين کين چيو ته تنظيم جي ساک لاءِ ضروري آهي، ته سندس گرفتار ساٿين کي آزاد ڪري مٿن داخل ڪيل ڪيس واپس ورتا وڃن. چونڊن جي سلسلي ۾ سندس روپوش ساٿين کي منظر عام تي اچڻ ڏنو وڃي، ته هو ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي تنظيم کي نئين سر منظم ڪري وٺندو. هن سگھارين قوتن کي يقين ڏياريو، ته سندس ساٿي ٻيهر ماضيءَ کي ڪو نه ورجائيندا.
هن خبر مان ڄاڻ ملي ٿي ته:
1.       ملڪ جون سگھاريون قوتون ڪجھ مشروط نموني ايم ڪيو ايم کي سڄي ملڪ ۾ منظم ڪرڻ جي سلسلي ۾ مددگار ٿيڻ چاهن ٿيون، جنهن جو هڪ ثبوت ان نموني فراهم ڪيو ويندو ته دهشتگردي، قتل، اغوا، آتشزني، غنڊه گردي، داداگيري ۽ ڦرلٽ وغيره ۾ گرفتار ڪيل ۽ گھربل ايم ڪيو ايمي بدمعاشن کي هڪ پاسي آزاد ڪيو وڃي ۽ ٻئي پاسي روپوش ٿيلن کي ظاهر ٿي ”ڪم“ ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
2.       جيئن گذريل حڪومتن کان گھر ڪندو رهيو آهي، تيئن الطاف حسين چاهي ٿو ته سگھاريون قوتون سندس انهن ساٿين کي ڇوٽ ڇڏي ڏين، جيڪي قتل، اغوا ۽ دهشتگرديءَ جهڙن ڪيسن سبب گرفتار يا روپوش آهن، ته جيئن ايم ڪيو ايم منظم ٿي سگھي ۽ ان جي ”ساک“ بحال ٿئي.
3.       ڏوهن ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي حيثيت ۽ عدالتن پاران انصاف ڪرڻ ۽ انصاف پلئه وجھڻ جي حيثيت ثانوي آهي. قانون محض سودي بازيءَ لاءِ ڪم ايندڙ قوت بڻايل آهي. ذهن ۾ رکڻ گھرجي، ته مهاجر قومي موومينٽ هجي يا متحده قومي موومينٽ، تنظيمي نالي جي اختصاري صورت ۾ ايم ڪيو ايم ئي رهندي، البت مهاجر سان دائرو محدود رهندو ۽ متحده سبب وسيع ٿي ويندو. مهاجر سبب ان جو تعصبي تشخص قائم ۽ ظاهر رهندو، جڏهن ته متحده سبب ان جو غير تعصبي تشخص ٺهندو. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم حقيقي کي مهاجر جو ٺيڪيدار ۽ چيمپئن ٿيڻ جو وجھ ملندو، جيڪا اڳ ئي کلي عام سنڌ کي ورهائڻ ۽ ڏاکڻو صوبو ٺاهڻ جي مهم هلائي رهي آهي. اهو ٻڌائڻ جي شايد ئي ضرورت محسوس ٿيندي، ته ٻئي ايم ڪيو ايمون سگھارين قوتن جي واهر سان هلي رهيون آهن ۽ سگھارين قوتن جي ناڪيلي پنجاب جي مستقل مفاد جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي پنهنجي پسند موجب ملڪ ۾ حڪومتن جي ڀڃ ڊاهه ۽ جوڙجڪ ڪري ٿو.
ٻي خبر جي هيڊنگ آهي: ايم ڪيو ايم جي واويلا اجائي آهي، سندن آڏو ڪا به رڪاوٽ نه وڌي آهي- ممتاز ڀٽو. ان خبر جي سب-هيڊنگ چوي ٿي: مون (ممتاز ڀُٽي) وڏ وزارت سنڀالڻ کان پوءِ ساڻن (ايم ڪيو ايم وارن سان) اڳوڻيءَ حڪومت جي زيادتين جي ازالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي. سندن ڪارڪن آزاد ڪيا ويا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به سندن خلاف ڪاروائيءَ کان روڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي کان عوامي آواز جو بيورو مهدي شاهه وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي نگران وڏي وزير ممتاز علي ڀُٽي ايم ڪيو ايم جي ان الزام کي بي بنياد قرار ڏنو آهي ته ايم ڪيو ايم وارن کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان ايم ڪيو ايم جا مخالف ناهيون. ان ڪري مان حڪومت ۾ اچڻ شرط هنن سان ماضيءَ ۾ ٿيل زيادتين جي ازالي جي ڪوشش ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم خلاف ڪيترائي ڪيس واپس ورتا ويا آهن ۽ سندن بيشمار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ کين سياست ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هُو ايم ڪيو ايم خلاف ڪاروائي نه ڪن. اسان ايم ڪيو ايم کي تحفظ فراهم ڪيو آهي. ان باوجود هنن پاران شڪايتون قابل افسوس آهن.
هن خبر مان ڄاڻ ملي ٿي ته:
1.       ايم ڪيو ايم جا اهي قاتل ۽ دهشتگرد ۽ ڌاڙا، ڦرون، لٽ مار، اغوا ۽ آتشزني ڪندڙ ڪارڪن، جن تي عوام ۽ حڪومت پاران ڪيس داخل ڪيل آهن ۽ جيڪي گرفتار ڪيل آهن، انهن تان ڪيس واپس ورتا ويا آهن. اهڙا ”بيشمار“ ايم ڪيو ايمي ڪارڪن آزاد ٿي چڪا آهن ۽ انهن سان گڏ روپوش ڏوهارين کي به اجازت ڏني وئي آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمي آزاديءَ سان ڪري سگھن ٿا.
2.       اڳوڻيءَ حڪومت اهڙن ايم ڪيو ايمي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪري ۽ کين گرفتار ڪري زيادتي ڪئي هئي جنهن جو ”ازالو“ ان نموني ڪيو ويو آهي! اهو ڪارنامو سنڌ جي موجوده نگران وزير اعليٰ ممتاز علي ڀُٽي سرانجام ڏنو آهي، ڇو ته هُو ايم ڪيو ايم جو مخالف ناهي ۽ سونَ تي سهاڳي طور هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به هدايت ڪئي آهي، ته ايم ڪيو ايم خلاف ڪاروائي نه ڪن.
3.       ان هوندي به ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کي شڪايت آهي ته ايم ڪيو ايم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ نه پيو ڏنو وڃي!
اها ڄاڻ پرائڻ کان پوءِ فطري طور ڪي سوال اُڀري اچن ٿا:
1.       ڇا عوام ۽ حڪومت پاران جن قاتلن ۽ دهشتگردن ۽ لٽيرن خلاف ڪيس داخل آهن، اهي سڀ اجايا ۽ غير ضروري آهن؟ جي ها، ته پوءِ ڇو نه سڄي ملڪ جي سڀني جيلن ۾ قيد سڀني ڏوهارين ۽ ملزمن کي ڇڏي ڏنو وڃي ۽ ڇو نه سڀني ملزم ڀاڄوڪڙن خلاف داخل ڪيل ڪيس واپس ورتا وڃن!؟ ايم ڪيو ايم جي پاڇي ۾ پلجندڙ قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين خلاف اها رعايت ڇو؟ ڇا هن ملڪ ۾ ٻن قسمن جو قانون آهي؟
2.       ايم ڪيو ايم ڇو هزارين قاتلن، دهشتگردن ۽ ٻين ڏوهارين کي پنهنجي پناهه ۾ پالڻ ضروري سمجھيو آهي؟ غوث علي شاهه کان ويندي ممتاز علي ڀُٽي تائين گذريل ڏهن سالن دوران سنڌ جو اهو ڪهڙو وڏو وزير آهي، جنهن کان ايم ڪيو ايم اهو مطالبو نه ڪيو هجي ته سندن ڇانوَ ۾ پلجندڙ دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي آزاد ڪيو وڃي؟
3.       پاڪستان ۾ قانون ۽ عدليه جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ ڇا اهي رڳو حڪمرانن جي مرضيءَ تي ڪنهن به مهل بيشمار ڏوهاري ڇڏي ڏيڻ لاءِ آتا رهن ٿا؟ جن ماڻهن جي جان، مال، عزت ۽ حق کي انهن قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين کان نقصان پهتو، ان جو انصاف ڪير پلئه وجھندو؟ ڇا ان عمل وسيلي سڄي ملڪ جي بدمعاشن کي اهو سبق نه ٿو ملي، ته اهي به ڪنهن نه ڪنهن نام نهاد سياسي ۽ در حقيقت دهشتگرد پارٽيءَ ۾ وڃي پناهه وٺن؟ ڇا دهشتگرديءَ کان متاثر ٿيل ماڻهو قانون ۽ عدالت جو در کڙڪائڻ ڇڏي ڏين؟ پوءِ اهي ڪاڏي وڃن ۽ ڇا ڪن؟
4.       ڇا ايم ڪيو ايم ايڏي اشراف تنظيم آهي، جو هزارين قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي پالڻ، انهن جو ڀرجھلو ٿيڻ ۽ پاڻ وٽ رکڻ باوجود زباني طرح جيڪڏهن اهو چوي ٿي، ته اها ماضيءَ کي نه ورجائيندي، ته مٿس اعتبار ڪجي؟ ڇا ان ڪڏهن اهو مڃيو آهي، ته اها برابر ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث رهي آهي ۽ سندس ڪارڪن ڏوهاري آهن؟
5.       1989ع واري پ پ حڪومت ۽ اڄوڪي نگران وزير اعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جي بيانن ۾ ايم ڪيو ايم جي حوالي سان ڪهڙو فرق آهي؟ ڪالهه ان دهشتگردن سان ٺاهه ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڏوهارين کي ڇڏيو. اڄ هي رڳو ان کي راضي رکڻ لاءِ پيو ڏوهاري ڇڏي، پر پوءِ به ڇا ايم ڪيو ايم راضي ٿي؟ ايم ڪيوايم ته آهي ناجائز ۽ غير قانوني مطالبا ڪندڙ تنظيم. اها ته تڏهن به مطالبن جي سياست ڪندي هئي جڏهن ڄام صادق سان گڏائي سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻائي وئي هئي! پوءِ اڄ کانئس ڪيئن ٿي اميد رکي وڃي، ته اها سنڌ جي علائقي تي قبضو ڪرڻ ۽ پاڪستان ٽوڙي مهاجرن لاءِ بين الاقوامي سرحدون مقرر ڪرڻ کان گھٽ مطالبي تي راضي ٿي ويندي!؟
سنڌ/پاڪستان سان حبداريءَ خلوص ۽ وفاداريءَ جا اهي ٺيڪيدار ۽ چيمپئن جيڪي ايم ڪيو ايم سان ياريءَ ۽ ڀائپيءَ جون ڳالهيون ڪندي ٿڪجن ئي ڪو نه ٿا، جيڪي دهشتگردن جي مارجڻ ۽ قيد ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي ٽارزنن سان گڏجي ”رنج و الم“، ”غم و اندوهه“ جا ڪوڪارا ڪندي پاڻ پَٽي رهيا آهن، جن جي واڇن مان گِڦ نه ٿي سُڪي، مٿو ڌوڙِ ۽ مُنهن ڇائِي ڪري ڇڏيو اٿن، اهي جيڪا وڻين نڪ جي پَڪائي ڪندي، رڳو ڪجھ گھڙين لاءِ پنهنجن بنا بريڪ سڏڪن کي روڪي ۽ ٻه منٽ فضيلت سان انسانن جيان ڳالهائڻ جي همت ڪندي، گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ٻڌائڻ جي تڪليف گوارا ڪن، ته ايم ڪيو ايم پنهنجي وجود جي پهرئين ڏينهن کان اڄ تائين اهو ڪهڙو عمل ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به طرح سنڌ/پاڪستان سان وفاداريءَ ۽ سڄڻائپ جي دائري ۾ آڻي سگھجي، جنهن کي سنڌين/پاڪستانين سان خلوص جي مثال يا شاهديءَ طور پيش ڪري سگھجي يا گھٽ ۾ گھٽ ايترو ته ٻڌايو، ته آخر اوهان کي ايم ڪيو ايم جي پيٽ ۾ پلجندڙ قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين سان ئي همدردي ڇو آهي؟ اسان کي حيرت آهي ته فاروق دادا، ريحان ڪاڻي، ارشد ڪي ٽو ۽ جاويد تِيلي جھڙن بي رحم قاتلن ۽ ڄاتل سڃاتل دهشتگردن جي موت تي ته اوهان جي اکين مان ڳوڙها وهي هلن ٿا (سُڪن ئي نه ٿا) ۽ سڏڪن ۾ پئجي ٿا وڃو، پر انهن ۽ اهڙن جي هٿان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٻورين ۾ بند ڪيل، بغلن ۾ پيچڪش چڀائي ساڙيل ۽ هڏين ۾ ڊرل مشينن سان سوراخ ڪري چچري ماريل بيگناهه ماڻهن جي موت تي هڪ لفظ نه ٿو اُڪلي! اهڙن ماڻهن کي قاتلن جو يار ۽ انسانيت جو غدار ڇو نه سڏجي؟
ايم ڪيو ايم جي حقيقت ۽ فطرت
1.       10- جُون 1978ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي پٺيان ”گلبرگ“ ريسٽورنٽ ۾، جيڪو هاڻي ”فوڊ هِي فوڊ“ ريسٽورنٽ سڏجي ٿو، هڪ پريس ڪانفرنس وسيلي ”آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن“ (اي پِي ايم ايس او) جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. اي پِي ايم ايس او جي اغراض يعني منشور جو هڪ نمايان نُڪتو چوي ٿو: ”سنڌ ۾ مهاجرن کي آباديءَ جي نسبت سان اقتدار ۽ ملازمتن ۾ حصو ڏيارڻ، ٻيءَ حالت ۾- پاڪستان جي وفاق ۾ مهاجرن لاءِ هڪ الڳ پنجون صوبو وجود ۾ آڻڻ لاءِ آئيني جدوجهد ڪرڻ.“
2.       14- آگسٽ 1979ع تي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار سامهون هڪ مظاهري ۾، جيڪو آفاق شاهد ۽ حسيب هاشميءَ پاران بهارين کي سنڌ ۾ گھرائڻ لاءِ منظم ڪيو ويو هو، الطاف حسين پهچي ويو ۽ نعرا هڻندي پاڪستان جي قومي جھنڊي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيائين. ڪجھ عرصو پوءِ آمريڪا ويو ۽ جڏهن موٽيو ته جادوئي نموني وڏو ليڊر بڻايو ويو.
3.       18-مارچ 1984ع تي مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. اي پِي ايم ايس او جي اغراض و مقاصد جو پهريون نُڪتو هو: پاڪستان جي رهاڪن جي وچ ۾ احترام ۽ برابريءَ جي بنياد تي اتحاد ۽ يڪجهتي پيدا ڪري پاڪستان کي وڌ ۾ وڌ مستحڪم ۽ طاقتور ٺاهڻ، جيڪو ايم ڪيو ايم جي اغراض و مقاصد مان خارج ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي هڪ بانيڪار ميمبر، طارق مهاجر، چواڻي: ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي. (ڏسو: تڪبير، 9- جولاءِ 1992ع)
4.       1980ع ۾ عظيم احمد طارق اي پِي ايم ايس او جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان تنظيم جي پروگرام ۽ مقصدن جي باري ۾ هڪ پمفليٽ لکيو هو، جنهن ۾ چيو ويو: ”مهاجرن کي سندن حقن جي تحفظ لاءِ انهن جي اعليٰ تهذيبي ۽ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي واڌاري لاءِ هڪ صوبو فراهم ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته برصغير جي اردو ثقافت بي زمين هوندي به پنهنجي ڪردار نڀائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان کي به زمين فراهم ڪري ڏني وڃي. (ڏسو: الطاف حسين ڪي عزائم اور ارادي، ص 163 ۽ 166)
5.       31- آڪٽوبر 1986ع تي حيدرآباد جي پَڪي قلعي ۾ تقرير ڪندي، الطاف حسين چيو: ”اڳ ۾ اسين آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيا هئاسون، آزادي حاصل ڪري ورتي، ته هاڻي وطن ڳولي رهيا آهيون... ضرورت پئي ته بندوق وسيلي به حق حاصل ڪرڻ کان نه لنوائينداسون. اسان جي آڏو رڳو هڪ رستو آهي ۽ اهو آهي فتح يا موت.“ (ڏسو: امن، 1- نومبر 1986ع)
6.       8- آگسٽ 1986ع تي ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جلسو ڪندي، الطاف حسين چيو: اسان پنهنجي سِر سان ڪفن ٻڌي ڇڏيو آهي. پنهنجن مقصدن جي تڪميل لاءِ اسان کي جتان به مدد ملندي، اها وٺنداسون، پوءِ اها اوڀر کان ملي يا اولهه کان، اتر کان ملي يا ڏکڻ کان. سنڌين جيڪڏهن مهاجرن جي حقن لاءِ ساٿ نه ڏنو ۽ انهن کي قوميت تسليم نه ڪيو، ته اهي به پنهنجا حق حاصل نه ڪري سگھندا... مهاجر هڪ الڳ قوميت آهن، اسان کي جيڪڏهن آئيني تحفظ نه مليو ته... پاڪستان... بچي نه سگھندو.“ (ڏسو: جسارت، 9- آگسٽ 1986ع)
7.       19- نومبر 1994ع تي روزنامه عوام خبر ڏني ته: ”موجوده سرحد برقرار نهين رهه سڪتي، اب صرف سنڌ ڪِي تقسيم پر بات هوگي- الطاف حسين“ خبر ۾ ٻڌايو ويو ته ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين مهاجر صوبو جوڙڻ جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن چيو آهي ته ”مون مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي، پر هاڻي مفاهمت رڳو ٻن الڳ صوبن جي جوڙجڪ تي ئي ٿي سگھي ٿي.“ سنڌ ۽ پاڪستان سان حبداريءَ جا دعويدار ايم ڪيو ايم جي سپرمين ۽ سپريم ليڊر جي انهن بيانن جي ڪهڙي وضاحت ڪندا. اهي بيان اهڙن هزارين بيانن مان ڪجھ آهن، خرارن مان رڳو هڪڙي مٺ سنڌ/پاڪستان جي حبداري جا ٺيڪيدار ايم ڪيو ايم جي رڳو ڪنهن هڪ اهڙي عمل جي نشاندهي ڪن، جيڪو سندن عقل موجب سنڌ/پاڪستان سان وفاداريءَ ۽ خلوص جو مظهر هجي. اسان جي دعويٰ آهي ته هر هڪ مثال جي موٽ ۾ ايم ڪيو ايم پاران هڪ سوَ کان وڌيڪ انسان دشمن، سنڌ دشمن ۽ پاڪستان دشمن مثال پيش ڪنداسون. ايم ڪيو ايم پاران دهستگردن، قاتلن ۽ بدمعاشن سان سڪ پريت جا هيٺ رڳو ڪجھ مثال پيش ڪجن ٿا: مهاجرن کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيا وڃن. الطاف حسين (امن 13 جون 1987ع) (نوٽ: الطاف حسين پاران مهاجر لفظ جو استعمال مختلف مقصدن لاءِ مختلف مفهومن ۾ استعمال ٿيندو رهندو آهي. هتي ۽ اهڙن ٻين بيانن ۾ مهاجر جو مطلب آهي ايم ڪيو ايم جا تربيت يافته دهشتگرد. اردو ڳالهائيندڙ رڳو ايم ڪيو ايم جا حمايتي ناهن، اهي ٻين ڪيترين ئي تنظيمن ۾ پڻ آهن، جن سان ايم ڪيو ايمي دهشتگرد وڙهندا ئي رهيا آهن، تنهنڪري هٿيار ڏيڻ جو مطالبو انهن لاءِ ناهي.) 31 آڪٽوبر 1986ع تي حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ جيڪي ڪيمپون قائم ڪيون ويون، انهن ۾ پٺاڻن خلاف گاريون ڪڍيون ويون ۽ کانئن زوريءَ چندو ورتو ويو. ان تاريخ تي حيدرآباد ويندي سهراب ڳوٺ وٽ پٺاڻن تي فائرنگ ڪئي وئي. انهي سلسلي ۾ جڏهن الطاف حسين سميت ڪي ئي ٻيا به گرفتار ڪيا ويا، تڏهن 27- ڊسمبر 1986ع تي ايم ڪيو ايم جو هڪ اعليٰ سطحي وفد سنڌ جي گورنر ليفٽيننٽ جنرل جهانداد خان ۽ وزيراعليٰ سيد غوث علي شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجن ٽن نڪتن وارن مطالبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اهي ٽي نڪتا هئا: الطاف حسين جي آزادي، (ايم ڪيو ايمي ڪارڪنن تي داخل) ڪيسن جي واپسي ۽ متاثر ٿيل ماڻهن جي مدد. (نوائي وقت، 28- ڊسمبر 1986ع). 3- ڊسمبر 1988ع تي پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ 59 نڪاتي هڪ ٺاهه ٿيو، جنهن کي ڪراچي-معاهدي جو نالو ڏنو ويو. ”معاهدو ڇو ڀڳو؟“ جي عنوان هيٺ اقبال يوسف لکي ٿو: مختصر جواب هي آهي ته جن قوتن ايم ڪيو ايم کي پ پ پ سان ٺاهه جي موڪل ڏني هئي، انهن ئي قوتن ايم ڪيو ايم کي معاهدي کان ڌار ٿيڻ جو حڪم ڏنو. اها به تلخ حقيقت آهي، ته الطاف حسين ڪنهن ٻئي جي اشارن تي راند پيو کيڏي... ايم ڪيو ايم جون مجرماڻيون سرگرميون وڌنديون پئي ويون، هن جا ڪارڪن ڏوهن ۾ ملوث هئا، ان جي وزيرن جون سرڪاري گاڏيون هٿيار ڍوئڻ لاءِ استعمال پئي ٿيون. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد بلديائن جا سمورا وسيلا ايم ڪيو ايم پنهنجي سياسي ۽ غير سياسي ۽ ڏوهاري سرگرمين لاءِ ڪم آڻي رهي هئي.“ (ڏسو: ڪراچي پيپرز، ص 47-48). 22- سيپٽمبر 1989ع تي ڪراچيءَ جي ڊِي آءِ جِي افضل شگريءَ جي رپورٽ ۾، جيڪا ’دي مسلم‘ ۽ ’ڊيلي نيوز‘ ۾ شايع ٿي، چيو ويو ته ”ايم ڪيو ايم سياسي نه، پر دهشتگرد جماعت آهي. هن تنظيم جا جيڪي مقصد ظاهري طرح بيان ڪيا پيا وڃن، اهي درحقيقت ان جا اصلي مقصد ناهن. هيءَ تنظيم اڃا وڌيڪ هٿياربند ٿي، پاڪستان خلاف خطرناڪ قوت بڻجي اڀرندي.“ 23- آڪٽوبر 1989ع تي ايم ڪيو ايم پاران معاهدو ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ اهو به چيو ويو ته اسان هڪ مهينو اڳ ئي (ڳجھ ڳوهه ۾) آءِ جي آءِ سان اتحاد ڪري ڇڏيو هو. اهڙيءَ طرح ايم ڪيو ايم پنهنجي سازشي ڪارڪردگيءَ تان پاڻ ئي لَٽو لاهي ڇڏيو، پر عادت موجب ٺاهه ٽوڙڻ جو الزام پ پ پ تي ئي آندو. 1989ع دوران دهشتگردي، قتل، اغوا وغيره جھڙن ڏوهن ۾ ملوث ۽ گرفتار ڪارڪنن کي بيگناهه قرار ڏيندي، انهن جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. حڪومت مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪيو ته ايم ڪيو ايم حڪومت خلاف مهم هلائيندي پنهنجن دهشتگردن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو ۽ 1990ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ڪرائي ڇڏيا.
ڄام صادق علي ۽ الطاف حسين جي اتحاد سان هاڻي سنڌ ۾ اها حڪومت ٺهي، جيڪا پاڪستان جي سڄي تاريخ دوران ڪيل ظلمن جي ڀيٽ ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ بدترين، وحشي، ظالم ۽ داداگير حڪومت هئي ۽ مرڪز ۾ ان جو اتحادي نواز شريف هو. اسٽيل مل جي خزاني سان لوهي در ٺهيا ۽ مختلف پاڙن جي اهم لنگھن تي ٺوس ڪنڪريٽ ۾ کوڙي ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن کي ايم ڪيو ايم جي حاڪميت هيٺ مفتوح بڻايو ويو، جتي ڪي ئي اذيت گھر قائم ٿيا ۽ ماڻهن تي بدترين تشدد ڪيو ويندو هو. ايم ڪيو ايم پنهنجن غدارن لاءِ موت جو پيغام ڏيندڙ بينر نمايان جڳهن تي هنيا ۽ گولين جو مينهن وسائڻ لاءِ ڪلاشنڪوفن جا وات کولي ڇڏيا. الطاف حسين ”ڪرامتون“ ڏيکاريندڙ پير صاحب بڻجي ويو، ايتريقدر جو جمال گھوٽي جي پنن تي به مُڇون رکندڙ الطاف حسين جون تصويرون اڀري آيون! هن دور ۾ 37 ته رڳو اهي پوليس آفيسر قتل ڪيا ويا، جن الطاف حسين جو هٿيار ٿيڻ کان انڪار ڪيو، دهشتگردن تي قانون موجب ڪيس داخل ڪيا ۽ انهن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ئي دور ۾ پريس خلاف بدترين دهشتگرديءَ جو مظاهرو ٿيو، بندوق جي زور تي اخبارون ۽ رسالا ڦريا ويا ۽ ڪيترن ئي صحافين تي حملا ٿيا. ٻئي پاسي ڄام صادق جون انتقامي ڪاروايون ۽ ارهه زورايون جاري هيون، تان جو قبر ڀيڙو ٿيو. سنڌ ۾ ڏوهه ان حد تائين وڌي ويو ۽ اهو به خود حڪومت پاران، جو ڏوهارين خلاف فوجي ڪاروائي جي گھرج اڻٽر بڻجي وئي. ان وقت خود ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان کي چوڻو پيو ته، ”سنڌ آپريشن حڪومت ۾ موجود دهشتگردن جي سڃاڻپ لاءِ ڪيو پيو وڃي.“ (ڏسو: 21- جون 1992ع جون سڀ اخبارون.) ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ مهذب ماڻهو مرحوم محمد خان جوڻيجي چيو، ته ايم ڪيو ايم هڪ دهشتگرد تنظيم آهي. (ڏسو: دي مسلم، 20- جون 1992ع) ۽ ان وقت ملڪ جي فعال وزيراعظم مسٽر نوازشريف کي ته ڏاڍي وڏي ڳالهه ڪرڻي پئي. هن چيو، ”پاڪستان کي بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي.“ (ڏسو: 22- مئي 1992ع جون سڀ اخبارون) ۽ هن اعلان ڪيو ته: اذيت گھر قائم ڪرڻ وارن کي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي. (ڏسو: 27- جون 1992ع جون سڀ اخبارون) اڄ ملڪ جي صدر فاروق لغاريءَ انهن ڏينهن ۾ چيو هو: ايم ڪيو ايم جي عمران فاروق جو تعلق ڀارتي انٽيليجنس ايجنسي ”را“ ۽ ڀارتي ملٽري انٽيليجنس سان آهي. ان ڳالهه جي وزيراعظم نوازشريف کي خبر آهي، پر هُو عمران فاروق کي گرفتار ٿيڻ نه ٿو ڏئي.“ هن وڌيڪ چيو ته فوج جي ترجمان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جناح پور ٺاهڻ گھري ٿي، پر ايم ڪيو ايم کي موجوده حڪومت تحفظ ڏئي رهي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته نوازشريف کي خوف آهي ته الطاف حسين سندس سازشن کي بي نقاب نه ڪري رکي. (ڏسو: نوائي وقت، راولپنڊي، 1- سيپٽمبر 1992ع)
ڪالهوڪو وزيراعظم نوازشريف، جنهن چيو هو ته اذيت گھر قائم ڪرڻ وارن کي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي ۽ سنڌ ۾ آپريشن پاڪستان کي بچائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، ۽ اڄوڪو صدر فاروق لغاري، جنهن ڪالهه چيو هو ته نواز شريف حڪومت ايم ڪيو ايم ۽ ڀارتي انٽيليجنس ايجنسين جي ايجنٽن کي پناهه ۽ تحفظ پئي ڏئي. اڄ اهي ٻئي ايم ڪيو ايم جا عاشق ٿي پيا آهن. نوازشريف کي ايم ڪيو ايم خلاف پنهنجي ئي جاري ڪيل فوجي آپريشن هڪ بدمعاشي پئي نظر اچي ۽ فاروق لغاري پاڻ ويٺو ”ايم ڪيو ايم خلاف ظلمن“ جو گيت ڳائي ۽ پنهنجي مقرر ڪيل نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي وسيلي ”بيشمار“ دهشتگرد پيو آزاد ڪرائي. سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ته اقتدار جي بکين پاڪستاني حڪمرانن وٽ ميڻ جو نڪ آهي يا لوسڻ جو! انهي آپريشن دوران 22 کان وڌيڪ اذيت گھر ڳولي لڌا ويا، جتي سوين ماڻهن کي مختلف انسانيت سوز اذيتون ڏئي ماريو ويو هو ۽ هزارن جي ڳڻپ ۾ ڪلاشنڪوفون، رائيفلون، پستول، ريوالور ۽ ٻيا هٿيار ۽ لک کان وڌيڪ گوليون هٿ ڪيون ويون. اشفاق چيف جهڙا ڪي ئي دهشتگرد گرفتار ٿيا، جن ڀارتي تربيتي ڪئمپن ۾ سکيا وٺڻ کان سوين انسانن جي قتل تائين جو اعتراف ڪيو. جنرل آصف نواز چيو: ”ماڻهو ايم ڪيو ايم جي ظلمن ۽ قائم ڪيل گھيري کان تنگ ٿي پيا هئا.“ (ڏسو 23- جون 1992ع جون سڀ اخبارون) پر الطاف حسين جو اهو ئي رينگٽ جاري رهيو، ته ايم ڪيو ايم جي معصوم ۽ بيگناهه ڪارڪنن تي ظلم پيو ٿئي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي اطلاعات سيڪريٽري امين الحق ”دهشتگرد“ جي جاءِ تي ”مهاجر“ جو لفظ ڪم آڻيندي پنهنجي مرشد جا لفظ ورجايا ته مهاجرن سان غداري ڪئي وئي آهي. (ڏسو: پاڪستان ٽائمز، 25- جون 1992ع)
6.       ايم ڪيو ايم ڪي ئي ٽارچر سيل (اذيت گھر) قائم ڪري رکيا هئا، جن مان هڪ لائنز ايريا ۾ هو جنهن جو انچارج جاويد لنگڙا هو، جيڪو آپريشن هلندي ڀارت ڀڄي ويو، جتي سندس ڀاءُ بي جي پِي جو اهم اڳواڻ آهي. جاويد لنگڙا تي چاليهن کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن. سڄي علائقي کي لوهي دروازن سان قلعي بند ڪيو ويو هو. ڊپٽي ڪمشنر جي چوڻ موجب، اسان کي لوهي دروازي کان اڳتي وڃڻ نه ڏنو ويندو هو. (نوائي وقت، 26 جولاءِ 1992ع) ۽ رينجرس جي ڪرنل صفدر جي چوڻ موجب، اسان ڪي ئي ڀيرا لائنز ايريا ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر علائقي جي عوام جي سلامتيءَ ۽ تحفظ کي خطري سبب ائين نه ڪري سگھياسون. (ڏسو: نوائي وقت، 22- جون 1992ع) اهو اذيت گھر هڪ ڪواٽر ۾ قائم هو جنهن جي چوديواري ۾ اسٽيل جون پليٽون چڙهيل دريون ٺهيل هيون، جتان فائرنگ ڪري ماڻهن کي دهشتزده ڪيو ويندو هو. سڄي ڪراچي مان گھربل گھڻن ايم ڪيو ايم جي ڏوهارين کي هتي آندو ويندو هو ۽ الطاف حسين جي حڪم تي گھٽ ۾ گٽ 45 ماڻهن کي ڦاسي ڏني وئي هئي. خالد نعيم عرف خالد ڪمشنر جي چوڻ موجب، هتي ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سان اختلاف رکندڙن کي وحشتناڪ سزائون ڏنيون وينديون هيون، ڊرل مشينن، لوهه جي سيخن، زنجيرن، ڦاهي جي ڦندن ۽ بجلي جو جھٽڪو ڏيندڙ اوزارن سان اذيتون ڏنيون وينديون هيون. سهيل جاويد کي زمين هيٺ پاڻيءَ جي ٽئنڪي ۾ ٻوڙي ماريو ويو. لاشن کي مختلف هنڌن تي ڦٽو ڪرڻ جو ڪم آءٌ (خالد) ڪندو هئم... جاويد لنگڙو ايم ڪيو ايم پاران ڪيل دهشتگردي جي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاروائين جو مُک ڪردار هو.
7.       ايم ڪيو ايم جي ”دهشت جي علامت“ سمجھيو ويندڙ دهشتگرد اشفاق چيف ٻڌايو ته 8 ماڻهن کي سليم شهزاد جي حڪم تي اغوا ڪيو، پيلي ڪوٺي (هڪ ٽارچر سيل) ۾ ڪرفيو سبب نه پهچائي سگھيم، ته انهن کي گولي هڻي ڇڏي. لاشن کي منگھو پير جي علائقي ۾ ساڙي ڇڏيو، قصبه ڪالوني ۾ سنڌين جي گھرن کي باهيون ڏنيون. بدر اقبال ۽ عامر خان کي قتل ڪرڻ جو حڪم مليو، هڪ پجيرو جيپ ۾ انهن جي موجودگيءَ جي شڪ سبب فائرنگ ڪئي، ته ان ۾ ويٺل پير پاڳاري جو نياڻو مارجي ويو. ڪائونسلر انور کي الطاف حسين جي باڊي گارڊ شوبي قتل ڪيو هو. شوبي عرف شعيب، الطاف حسين کي ڏاڍو ويجھو هو. هن هڪ ڏينهن مشهور ڳائڻي سان الطاف حسين کي اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسڻ جو ڏوهه ڪيو، تنهنڪري الطاف حسين جي هدايت تي سليم شهزاد هٿان ماريو ويو. ”تڪبير“ جي ايڊيٽر جو گھر اسامه قادري جي نگراني ۾ ساڙيو ويو هو. (ڏسو: نوائي وقت، 21- آڪٽوبر 1992ع ۽ 23- آڪٽوبر 1992ع) ڪجھ عرصو پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي، اشفاق چيف وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي قتل ڪرڻو آهي. اهي هدايتون صفدر باقري ۽ سليم شهزاد ڏيندا هئا. ايم ڪيو ايم پاران جيڪا ”شرفا ڪميٽي“ ٺاهي وئي هئي ان جا ميمبر اهي هئا، جيڪي پاڻ کلي عام دهشتگردي ڪندا هئا. ڪو زمانو هو، جو مان به ايم ڪيو ايم کي مظلومن جي پارٽي سمجھندو هئم پر جڏهن به ڪنهن بيگناهه جي قتل جي خبر ٻڌندو هئم. ته دلي رنج ٿيندو هو.“
8.       جسارت 18- آگسٽ 1994ع، خبر ڏني ته دهشتگرد اشرف لنگڙا اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب مارجي ويو. سندس قريبي ساٿي ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو سيڪٽر انچارج خرم زخمي حالت ۾ اسپتال مان ڀڄي ويو. اشرف لنگڙو ڪجھ مهينا اڳ جيل مان آزاد ٿيو هو، سندس گھر ڀاتين چيو ته اشرف کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو آهي. خبر ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ”گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اشرف لنگڙي جون پوليس ۽ فوج تي هٿياربند ڪاهون جاري هيون ۽ پوليس هن جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان ڊڄندي هئي.
9.       اشفاق چيف، جاويد تيلي، فاروق دادا، فهيم ڪمانڊو، جاويد لنگڙا، نديم ڪمانڊو، ارشد ڪي ٽو، مجيد ڌوٻي، علي موٽا ۽ اهڙن ٻين سوين دهشتگردن جيان ايم ڪيو ايم جو هڪ دهشتگرد ريحان ڪاڻو به هو. 28- آگسٽ 1972ع تي لياقت آباد-1 ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍڙي ڄمار واري دهشتگرد کي پڻ اشفاق چيف ۽ ڪيترن ئي ٻين جيان دهشت جي علامت طور سڃاتو ويندو هو. پوليس رڪارڊ موجب 1992ع ۾ مخالف ٽولي جي هڪ نوجوان سميع کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڏوهاري بڻجندڙ هن دهشتگرد نَڄاڻ ڪيترا قتل ڪيا ۽ نڄاڻ هن ڪيترن ماڻهن کي پنهنجي حڪم تي پنهنجي ڪوبرا گروپ وسيلي قتل ڪرايو. سوين ماڻهن رڳو هن جي ڊپ کان علائقي مان لڏي ويا ۽ هزارين ماڻهو سندس علائقي ۾ ويندي ڊڄندا هئا. ٻورين ۾ بند لاش ملڻ کان پوءِ هن شخص کي ٻوري جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. پهرين آڪٽوبر 1994ع تي لياقت آباد جي خالد بن وليد مارڪيٽ ۾ ڇهن ماڻهن کي ماري ڇڏيائين. لياقت آباد جي ئي سپر مارڪيٽ ۾ ٻي منزل تي قائم سب رجسٽرار جي آفيس ۾ 10 ماڻهن کي گولين سان پروڻ ڪيائين ۽ پاڪ ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جي آفيس تي چڙهائي ڪري 12 ڪارڪنن جا هٿ پير ٻڌي گولين جو مينهن وسايائين، ڪراچي ضلعو مرڪزي (لياقت آباد) جي پنجن ٿاڻن تي 1993ع کان 1996ع تائين ريحان ڪاڻي خلاف 66 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 26 قتل جي سلسلي ۾ هئا جن موجب هن ڪل 50 ماڻهو قتل ڪيا. 24 ورهين جو ريحان ڪاڻو ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي سڀ کان خطرناڪ ٽولي ”ڪوبرا گروپ“ جو سربراهه ڪيو ويو، جنهن کي فاروق دادا جي موت کان پوءِ اها ذميواري ڏني وئي. هو ڪيترن ئي ڌاڙن ۽ سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي ساڙڻ جي ڏوهن ۾ پڻ ملوث هو. هن جي منطقي موت تي ڏک جا واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙيندي، هڪ معصوم حق پرست جو بيهماڻو قتل سڏيندي هڙتال جو اعلان ڪيو (ڏسو: ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪي داستان ص 224-230).
اسان هتي بلڪل ٿورا ۽ مختصر مثال ڏنا آهن، ته جيئن ايم ڪيو ايم جي فطرت جي مختلف پاسن جي جھلڪ نظر اچي سگھي. هاڻ جيڪڏهن اهو ياد رکون، ته آڪٽوبر 1993ع جي عام چونڊن ۾ الطاف گروپ پاڻ ئي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندي، پر صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ حصو وٺندي سگھارين قوتن تي اهو الزام آندو ته کيس قومي اسيمبليءَ جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو هو، ته سولائيءَ سان ان نتيجي تي پهچي سگھجي ٿو ته ايم ڪيو ايم سدائين بليڪ ميلنگ جي سياست ڪندي رهي آهي. پنهنجي پاران ڪيل بدمعاشين جو الزام ٻئي تي آڻيندي، ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ چوندي، دهشتگردي ۽ انسانيت سوز ڏوهه ڪندي، پنهنجي وطن جي غدار، لالچي ۽ بدمعاش تنظيم آهي جيڪا ڪنهن به طرح ۽ ڪيڏين به وڏين رعايتن تي راضي نه ٿيڻ وارو رويو رکي ٿي. ايتريقدر جو نگران حڪمران جڏهن پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي ئي قانون جي لتاڙ ڪندي، عدالتن کان مٿان ئي مٿان ايم ڪيو ايم جا ”بيشمار“ بدمعاش ۽ دهشتگرد آزاد ڪري چڪا آهن، تڏهن به ايم ڪيو ايم جي رڙ مٿان رڙ پئي پوي، ته اسان کي آزاديءَ سان چونڊن ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو پيو وڃي. مضمون جي اڳ ۾ ڄاڻايل خبرن جي چوٿين ڏينهن تي اسلام آباد جي بيورو رپورٽر جي خبر ڇپي آهي ته ”صدر لغاري پاران ايم ڪيو ايم کي رعايتون، مک اڳواڻ آزاد ڪرڻ جو حڪم. انهي خبر جي سب هيڊنگ چوي ٿي: ايم ڪيو ايم جي شڪايتن جو ازالو ڪري هڪ هفتي اندر کين رليف پئڪيج ڏنو وڃي، سنڌ حڪومت کي هدايتون جاري. ايم ڪيو ايم کي تازي رليف پئڪيج هيٺ هڪ سَو کان وڌيڪ اهم ايم ڪيو ايمي اڳواڻ ۽ ڪيترائي ڪارڪن آزاد ٿي ويندا- ذريعا (ڏسو: عوامي آواز، 17- جنوري 1997). ايم ڪيو ايم بابت گذريل ڏهاڪو سالن جو تجربو ٻڌائي ٿو ته ايم ڪيو ايم ان رعايت تي به راضي نه ٿيندي، پر حڪمرانن جو اهو ”ايم ڪيو ايم جي شڪايتن جو ازالو“ ايم ڪيو ايم لاءِ رليف پيڪيج وارو رويو ثابت ٿو ڪري ۽ سبق ٿو ڏئي ته:
1.       پاڪستان ۾ قانون ۽ عدالتن جي حيثيت حڪمرانن جي نظر ۾ رڳو هڪ اهڙي هٿيار جهڙي آهي، جنهن کي پنهنجي مرضيءَ سان، جيئن وڻين تيئن ۽ جنهن جي خلاف يا حمايت ۾ چاهن، ان جي خلاف يا حمايت ۾ استعمال ڪري سگھن ٿا. اهڙي طرح قانون ۽ عدالت جي حيثيت ثانوي ٿي پوي ٿي ۽ ماڻهن کي گھرجي ته انهن تي اعتماد نه ڪن.
2.       جيڪي به سماج دشمن ۽ عوام دشمن ڏوهاري آهن، انهن کي گھرجي ته اهي ايم ڪيو ايم جھڙين بدمعاش ۽ دهشتگرد تنظيمن جي جھنڊي هيٺ جمع ٿين يا وري حڪمرانن جي پناهه ۾ اچن، ته هر قسم جي قانوني پابنديءَ کان آجا ٿي ويندا.
3.       ايم ڪيو ايم جھڙيون تنظيمون وڌڻ ويجھڻ گھرجن، انهن جي لاءِ ئي جائز ناجائز رعايتون به آهن، ته رليف به.
4.       اقتدار جا بکيا حڪمران ۽ ايم ڪيو ايم جھڙيون دهشتگرد تنظيمون ڏوهن جي ٻنيءَ ۾ ڏوهارين جو فصل پوکي چڪيون آهن. پاڪستان ۾ آئيندي رڳو ان ئي فصل جي قدر و قيمت ۽ عزت هوندي. انهيءَ ئي عوامي آواز (17- جنوري 1997ع) ۾ خبر شايع ٿي آهي ته سنڌ سرڪار پاران ڪراچيءَ کي فري پورٽ بڻائڻ جي منظوري. عادت موجب حڪمرانن اها ساڳي ئي لفاظي ڪم آندي آهي ته ڪراچيءَ کي فري پورٽ بڻائڻ جي صورت ۾ روزگار جا موقعا سڀ کان وڌيڪ سنڌين کي ڏنا ويندا. حڪومتي ڌر جي اهم اڳواڻ پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ ٻڌايو، ته نگران وفاقي حڪومت کان پڪيون خاطريون حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ کي فري پورٽ بڻائڻ تي راضي ٿي وئي آهي. پاڪستان ۾ جڏهن ته قانون ۽ عدالتن آئين ۽ علائقائي حقن جي ڪا اهم حيثيت ئي ناهي. اتي اهي نام نهاد پڪيون خاطريون ڇا ڪري سگھنديون؟ ڇا سنڌ ۽ پاڪستان جي سڄي تاريخ ۾ ڪا هڪ به اهڙي پڪي خاطري موجود آهي، جنهن تي عمل ڪيو ويو هجي؟ 1940ع واري قرارداد ۾ پڪي خاطري ڏني وئي هئي، ته مسلمان اڪثريت وارن علائقن کي خودمختار ۽ سوورين (پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ) بڻايو ويندو، ڇا ان تي عمل ٿيو؟ خود سنڌ جي موجوده نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي جي سنڌ نيشنل فرنٽ جو منشور ان حوالي سان ڇا ٿو چوي؟ ڇا سنڌ کان ڪراچي کسي جڏهن وفاق بڻائي وئي هئي تڏهن ڪي به ”پڪيون خاطريون“ نه ڏنيون ويون هيون؟ ون-يونٽ ٺاهڻ مهل ”پڪين خاطرين“ جو حشر ڪهڙو ٿيو؟ سنڌو تي ڊيم ٺاهڻ مهل ڏنل پڪيون خاطريون ڪاڏي ويون؟ سرڪار وڏي اوهان جي پڪين خاطرين بابت اسان وٽ چڱي نموني پروڙ ۽ پرک موجود آهي. اوهان جيڪي سنڌ جي ننڍڙن ڪارخانن ۾ سنڌين کي معمولي نوڪريون، ملازمتون نه ٿا ڏياري سگھو، اوهان جيڪي سنڌين کي مليل چند ملازمتن جو تحفظ نه ٿا ڪري سگھو، اهي اسان کي ڪراچي فري پورٽ بڻائڻ جي سلسلي ۾ ڪهڙيون پڪيون خاطريون ڏئي ٿا سگھو؟ اسان کي توهان جي ڏنل ڪنهن هڪ معمولي پڪي خاطري تي به ڪا پڪ ناهي، ڪراچي فري پورٽ ته تمام وڏي ڳالهه آهي. توهان به ڪوڙا آهيو، ته اوهان جون پڪيون خاطريون به ڪوڙيون آهن. اسان جيئن ڪالا باغ ڊيم وسيلي سنڌ کي سرسبز ڪرڻ جو منصوبو نه قبوليو آهي، تيئن ڪراچي فري پورٽ وسيلي سنڌين کي باروزگار بڻائڻ جي پڪي خاطري به نه قبولينداسين. ڪراچي کي فري پورٽ بڻائڻ جي نئين سر اٿاريل ڳالهه تڏهن هڪ ڀيرو وري شدت سان اڀري آهي، جڏهن برطانيا جي وزيراعظم جان ميجر پاران ڪجھ ڏينهن اڳ پاڪستان جي سرڪاري دوري مهل رياض شاهد رپورٽ ڪندي چيو، برطانيا سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي فري پورٽ بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي ۽ برطانيا جي وزيراعظم جان ميجر جو پاڪستان جو ٽن ڏينهن وارو دورو به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. (ڏسو: عوامي آواز، 14 جنوري 1997ع)
اسان سنڌين جي ذهنن ۾ اهي سڀ اوهان جون رٿيل رٿائون اڄ به تازيون آهن، جن وسيلي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڦيرڦار يا سندس وجود ئي مورڳو گم ڪري ڇڏڻ جون سازشون سٽيون ويون هيون. ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي اها سازش پاڪستان ٺهندي ئي پهرئين مهيني کان موجود آهي. اسان کي ياد آهي مولانا دين محمد وفائي جو اهو ايڊيٽوريل، جيڪو هن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاقي علائقو بڻائڻ جي موضوع تي لکيو هو، ته اڄ پناهگيرن جي گھرن ۾ گيهه جا ڏيئا پيا ٻَرن ۽ سنڌين جي گھرن ۾ غم جي اوندهه ڇانيل آهي. سنڌ ان وقت به زبردست احتجاج ڪيو هو. ايتري قدر جو، سنڌ مسلم ليگ جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري آغا غلام نبي پٺاڻ جوشيلي تقرير ڪندي اهو چتاءُ ڏنو هو ته ڪراچيءَ کي جيڪڏهن سنڌ کان ڌار ڪيو ويو، ته اسين قرارداد پاڪستان ڦاڙي ڦٽي ڪنداسون. (ڏسو: الوحيد، 11- فيبروري 1947ع) ۽ الوحيد جي ايڊيٽر ايترو به لکيو، ته قائداعظم انهيءَ فيصلي تان هٽڻ وارو ناهي، سواءِ ان جي، ته سنڌ بلڪل عليحدگي جو اعلان ڪري، هڪ مستقل رياست جي صورت ۾ پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش ڪري. ”سنڌ ڪي نسلي مسائل“ جي ليکڪ شهزاد منظر اهو حوالو ڏيندي لکيو آهي، ته جنهن اخبار تحريڪ پاڪستان ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو، جنهن جي خدمتن کي پاڻ قائداعظم ساراهيو هجي، ان پاران پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال جي عرصي اندر ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ خلاف ان قسم جي شديد رد عمل مان سنڌي عوام جي جذبن کي پهچندڙ صدمي جو اندازو ٿئي ٿو. (ڏسو: ص- 88) اسان کي خبر آهي ته ون-يونٽ ٽوڙڻ مهل هڪ مهم هلائي وئي هئي، جنهن ۾ ڀاڙيتو ۽ نام نهاد دانشورن وسيلي اهي مفروضا پکيڙيا ويا ته ڪراچي سنڌ کان ڌار هوندي، ته سنڌ وڌيڪ خوشحال ٿيندي. اسان کي اها به ڄاڻ آهي ته ڪراچي صوبا محاذ جي الطاف احمد کان ويندي پاڪستان مهاجر رابطا ڪائونسل جي صدر نصرت مرزا تائين، نواب مظفر کان محسن ڀوپالي تائين، صوبا اردو ديس جي اڳواڻ فاروق الحسين جيلاني (جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي پٽيشن لاءِ وڪيل به هو) کان ”اب سنڌ تقسيم هونا چاهيي“ جي ليکڪ ڊاڪٽر سليم حيدر تائين، ايم ڪيو ايم حقيقي جي آفاق احمد کان ويندي ”مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن“ ۽ ايم ڪيو ايم الطاف گروپ تائين، سڀ جو سڀ ساڳي جڳهه جا ڪوئا آهن جيڪي ان جي ڀتين کي کوکلو ڪندي، ڪيرائڻ چاهن ٿا. اڄ انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ ڦريل دولت ۽ تربيت يافته دهشتگردن جي قوت ايم ڪيو ايم الطاف گروپ وٽ وڌيڪ آهي، جنهن جي ڇانو ۾ پلجندڙ قاتلن، دهشتگردن ۽ ڏوهارين کي بنا قانوني چاره جوئي جي ڇوٽ ڇڏيندي، ايم ڪيو ايم کي رعايت ۽ رليف جي نالي ۾ هڪ ڀيرو وري سنڌ دشمن ڪارروائي ۽ کليل دهشتگردي جو موقعو ڏنو پيو وڃي.
ايم ڪيو ايم حقيقي گروپ جي جھنڊي هيٺ ڏاکڻي صوبي لاءِ سنڌ دشمن تحريڪ هلائيندڙ آفاق احمد، جيڪو ڇهه سال اڳ تائين الطاف حسين جي ٻانهن ٻيلي هو، 1992ع ۾ ٻڌايو ته الطاف حسين غيرملڪي آقائن کي ڪراچي ڀَتي تي ڏيڻ ٿو چاهي. (ڏسو: جسارت، 12- جولاءِ 1992ع). انهي کان اڳ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل تسنيم صديقي جو ايم ڪيو ايم جي چيرمئن عظيم احمد طارق جي نالي اهو خط، جنهن ۾ هن ٻڌايو هو ته مسٽر اوڪلي (آمريڪي سفير) جي حيدآباد واري دوري دوران سنڌ جي عليحدگي جي موضوع تي سنجيده گفتگو ٿي ۽ سنڌ يونيورسٽي جو گھيرو ڪرڻ ۽ حيدرآباد تي قبضو ڪرڻ لاءِ گلشن شهباز ۽ خدا ڪي بستي سان گڏ ٻيون به رهائشي اسڪيمون شروع ڪيون ويون ۽ ڪرڻيون آهن. (ڏسو: هلال پاڪستان، 14- ڊسمبر 1989ع) کي ذهن ۾ رکندي، اي پي ايم ايس او ۽ ايم ڪيو ايم جي اغراض و مقاصد يعني منشور جي مکيه (۽ ڄاڻايل) نُڪتن کي ذهن  ۾ تازو ڪندي ايم ڪيو ايم پاران گذريل لڳ ڀڳ ڏهن ورهن جي عرصي تي پکڙيل عملي دهشتگرد ۽ سنڌ دشمن عمل کي نظر ۾ رکي اسان اڄوڪن ۽ آئينده ٿيندڙ پاڪستاني حڪمرانن، باشعور سياستدانن، وطن دوست ماڻهن ۽ سجاڳ ذهنن جي آڏو هڪ سوال رکون ٿا، ته نگرانن پاران رعايتن ۽ رليفن ۽ ازالن کان پوءِ، ڇا ايم ڪيو ايم پنهنجي سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد فطرت مٽائي سگھندي؟
(عوامي آواز، 22 ۽ 23-جنوري 1997ع)

No comments:

Post a Comment