10/02/2012

دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون تحفو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

رات جو ٻي وڳي، 6 فيبروري 1997ع شروع ٿئي، اڃا ٻه ڪلاڪ مس گذريا هئا. اخبارن جي آفيسن ۾ اطلاع پهتو، ته اورنگي جي هڪ ويران علائقي ۾ اڇلايل، سوڙ جي ڇَوَ ۾ ويڙهيل ۽ گولين سان پروڻ ٿيل هڪ لاش مليو آهي. اهو ڪالهه شام تائين جيئري طارق ارتضيٰ جو لاش هو. جيڪو سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر (ايس آءِ) جي عهدي تي اورنگي ٽائون جي حد ۾ مکيه طرح امن امان جي فضا قائم رکڻ ۽ نظرداري ڪرڻ جي ڊيوٽي ڏيندڙ هو. طارق ارتضيٰ اورنگي ٿاڻي جي حد ۾ اڍائي ورهين تائين پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪرڻ کان پوءِ رڳو هڪ مهينو اڳ بدلي ڪري مومن آباد ٿاڻي تي رکيو ويو هو. هو اربع ڏينهن (5- فيبروري) شام جو چئين وڳي تائين ڊيوٽي ڏئي پنهنجي موٽر سائيڪل نمبر ڪي سي وي 1811 تي سوار ٿي، پنهنجي گھر (نارٿ ناظم آباد، بلاڪ 1، گھر 117) روانو ٿيو. گھر پهچڻ جو اطلاع نه مليو ۽ جاچ باوجود نه لڌو، ته سمجھيو ويو، ممڪن آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو هجي، تان جو رات دير سان سندس لاش مليو. ڊاڪٽرن جي چوڻ موجب سندس بدن جي مختلف حصن تي سخت اذيتن جا نشان موجود هئا ۽ هن جي سِسيءَ ۾ چار گوليون لڳل هيون، جيڪي مٿس سوڙ جي ڇَوَ ۾ جيئرو بند ڪرڻ کان پوءِ وسايون ويون هيون. طارق ارتضيٰ اڻ پرڻيل، جوان ۽ سگھارو مرد هو. هو هڪ انتهائي ذهين ۽ دلير ۽ پنهنجيءَ حد ۾ ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف انتهائي ڦڙتيءَ ۽ سرگرميءَ سان ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس آفيسر هو. رڳو 14 ڏينهن اڳ پنهنجيءَ نگرانيءَ ۾ ڇاپو هڻائي اورنگي ٽائون، بلاڪ ڊي، جي هڪ خالي پلاٽ ۾ لڪايل هٿيارن جو ججھو ذخيرو کوجي ڪڍيو هئائين، جيڪو اتي دهشتگرد ڪاروائين لاءِ پُوريو ويو هو. هُو هٿياربند دهشتگردن ۽ ڏوهارين آڏو جھڪڻ يا انهن جو ڳيجھو ٿيڻ بدران انهن جي خلاف مڙسيءَ، دليريءَ ۽ ڦڙتيءَ سان ڪاروايون ڪندڙ پوليس عملدار هو، جنهنڪري دوست يار کيس طارق ڪمانڊو پڻ سڏيندا هئا.
طارق ارتضيٰ جهڙو ڦڙتيلو، دلير ۽ قانون پسند ۽ دهشتگردن ۽ ڏوهارين جو دشمن ماڻهو دهشتگرديءَ ۽ ڏوهن جي سرپرستن لاءِ اک جو ڪنڊو ۽ روح جو روڳ هو. ان قسم جي ماڻهن جو وجود دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ جو موت آهي. دهشتگرد ۽ ڏوهاري اهڙن ماڻهن جي وجود کان هِيسيل ۽ ڊنل رهن ٿا ۽ کين پنهنجن غليظ مقصدن جي تڪميل واري راهه ۾ رنڊڪ سمجھن ٿا. طارق ارتضيٰ انهن عزت لائق پوليس آفيسرن مان هڪ هو، جن جي بي مثال جدوجھد سبب ڪراچيءَ ۾ ڊگھن وڳوڙن معيشت، سياست ۽ فصيلت تباهه ڪندڙ قتلامن، اغوائن ۽ هڙتالن ۽ ٻين دهشتگرد ڪاروائين کي ٻنجو اچي ويو ۽ نيٺ گذريل ٻن ورهين دوران هڪ حد تائين امن امان جي فضا قائم ٿي سگھي هئي.
امن دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ لاءِ موت ثابت ٿئي ٿو، تنهنڪري مقعو ملندي ئي دهشتگرد انهيءَ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. گذريل ٻن سالن دوران دهشتگردن جي ڀاڄوڪڙ سردار پاران جيڪو پٽڻو پئي پٽيو ويو، انهيءَ جو هڪ وڏو سبب اها امن ڀري فضا هئي، ڇو ته ان جي ڪري کين پنهنجي دهشت قائم رکڻ جو موقعو نه ٿو ملي ۽ دهشت جو خاتمو عملي طرح دهشتگردن جي روحاني ۽ مادي ۽ سياسي غلاميءَ مان نجات جو ڪارڻ ٿي پوي ٿو. هشام الظفر، ايم ڪيو ايم جي هڪ دهشتگرد، 27- جون 1995ع تي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو هو ته:
”لنڊن کان دهشتگرديءَ جي هدايت ڪوڊز (ڳجھن اشاراتي لفظن) ۾ ڏني ويندي آهي. ڪراچيءَ ۾ جيڪڏهن امن هوندو، ته چيو ويندو آهي ته ايم ڪيو ايم ختم ٿي وئي آهي، ان کي جيئرو ڪيو. انهن لفظن جو مطلب آهي ته دهشتگردي ڪيو، بدامني وڌايو. بدامني وڌايو، انهيءَ لاءِ ته جيئن ايم ڪيو ايم جي زندهه هجڻ جو احساس موجود رهي، ڪنهن کي قتل ڪرڻو هجي، ته چيو ويندو: ”ان کي ڏسو.“ دهشتگردي وڌائڻ لاءِ ايئن به چيو ويندو آهي، ته ”ڪجھ ڪيو.“ ان قسم جا ڪي ئي ڪوڊ مختلف قسمن جي ڪاروائين لاءِ مخصوص آهن.
انهيءَ ڪانفرنس کان 2 ڏينهن اڳ، 25- جون 1995ع تي اسلام آباد ۾ ئي پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي هڪ ٻئي دهشتگرد محمد تقي عرف خالد تقي عرف ملڪ سڪندر عرف ”مامون“ جيڪو عبدالمجيد عرف ”ڇَتُو“ جو پٽ آهي، ٻڌايو ته:
پهريون ڀيرو اسان (جي ٽولي) جيڪو ڪيس ڪيو، جنهن لاءِ واضح حڪم مليا هئا، اهو هِي هو ته جيڪو به سنڌي يا پي ايس ايف (پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن) جو ماڻهو نظر اچي، ان جو ڪيس ڪرڻو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ان کي قتل ڪرڻو آهي. سهيل اڪبر اچي اسان کي چيو، ته جيڪي به سنڌي يا پي ايس ايف جا ڇوڪرا نظر اچن، انهن جو هن طرح (آڱر سان گوليون هلائڻ جو اشارو ڪندي) ڪيس ڪرڻو آهي... ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ خدا داد ڪالوني ۾ جيڪا اسان جي علائقي لائنز ايريا جي ويجھو ئي اسان جي سيڪٽر ۾ آهي، اسان چار سنڌي قتل ڪيا. مون سان گڏ نعيم چَم، جيڪو اڄ ڪلهه سيڪٽر انچارج آهي، تسليم، مجيد ڌوٻي ۽ نويد، چار پنج ڇوڪرا (يعني دهشتگرد) گڏ هئا.
ياد رهي ته هي اهو ئي خالد آهي، جيڪو ناهيد بٽ جي ايم ڪيو ايمي ڊرامي ۾ خالد بٽ جو ڪردار ادا ڪندي، ناهيد بٽ جو ڀاءُ ٿيو هو، جڏهن ته حقيقي زندگيءَ ۾ هن جو ڀاءُ نه ڪجھ ٻيو رشتو رکندڙ هو.
هشام الظفر پنهنجيءَ پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ ٻڌايو هو ته:
”فيبروري 1994ع کان ايم ڪيو ايم جڏهن احتجاج جي نالي ۾ دهشتگردي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، تڏهن ڪراچيءَ جي مختلف سيڪٽر انچارجن پنهنجيءَ نظرداري هيٺ دهشتگردي ڪرڻ لاءِ ڪي ئي گروپ ٺاهيا. انهن ۾ ”خالد تقي بٽ گروپ“، جنهن ۾ خالد تقي سان گڏ جاويد اڪرم، ثاقب ۽ مجيد ڌوٻي سميت 15 کن ڇوڪرا شامل آهن، اولڊ سٽي ايريا، لياقت آباد، لائنز ايريا، سوسائٽي، ڪلفٽن، ڊفينس ۽ پي آءِ بي ڪالوني جي علائقي ۾ پنهنجون ڪاروائيون ڪندو آهي. اهو ٽولو پوليس عملدارن جي قتل ۽ (ايم ڪيو ايم) حقيقي جي ماڻهن جي قتل ۽ انهن تي فائرنگ ۾ ملوث آهي. اهو ٽولو حقيقي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل منصور احمد چاچا جي قتل ۾ به ملوث آهي. ان کان سواءِ ”فاروق دادا گروپ“ آهي، ان گروپ ۾ انيس ترڪ ۽ امين ستار سميت لڳ ڀڳ ڏهه ڇوڪرا شامل آهن، انهن جي ڪاروائين جو علائقو پاڪ ڪالوني، بلديه ٽائون، ناظم آباد ۽ گلبهار ايريا آهن. هي ٽولو 1994ع جي عيدالفطر مهل بلديه ۾ رينجرس جي ڪيپٽن ۽ چئن سپاهين سميت بلديا ٽائون جي ايس ايڇ او جي قتل ۾ ملوث آهي. (ياد رهي ته پيرپاڳاري جي نياڻي کي به انهيءَ ٽولي ئي قتل ڪيو هو)... ”فهيم ڪمانڊو گروپ“ ۾ آصف صالح ۽ محمود سميت ڇهه ست ڇوڪرا شامل آهن. اهو گروپ فيڊرل بي ايريا، نارٿ ڪراچي ۽ ناظم آباد جي علائقن ۾ سرگرم آهي ۽ نئين ڪراچي جي اڳوڻي ايس ايڇ او بهادر علي جي قتل ۾ ملوث آهي...
”مبين ٽونٽا گروپ“، ”جاويد خان گروپ“، ”جاويد مائيڪل گروپ“، ”اصغر گروپ“ ۽ ”محمد شاهه گروپ“ ۽ انهن جي ڪاروائين بابت ڄاڻ ڏيندي هشام الظفر وڌيڪ ٻڌايو ته ”خالد انجم گروپ“ جنهن ۾ احترام الحق، ڪمال انصاري تارا، آصف حسين، ظفر ظفرو سميت ڏهه ڇوڪرا شامل آهن ۽ اهو گروپ اورنگي ٽائون ۽ قصبه ڪالوني جي علائقي ۾ وارداتون ڪندو آهي. (ياد رهي ته طارق ارتضيٰ انهيءَ ئي علائقي ۾ قتل ڪيو ويو آهي)... سڀني گروپن کي ڪاروائين جي هدايت سيڪٽر انچارجن ۽ مرڪز (نائن زيرو يعني الطاف حسين جي گھر) وٽان ملندي آهي. مرڪز کي دهشتگرديءَ جون سموريون هداتيون الطاف حسين جي حڪم تي، عام طرح سندس سيڪريٽري نديم نصرت پهچائيندو آهي. ايم ڪيو ايم پنهنجي هڪ هِٽ لِسٽ (Hit list) رکندي آهي. ان هٽ لسٽ ۾ گھڻي ڀاڱي پوليس عملدار، ايم ڪيو ايم جا سياسي مخالف، ايم ڪيو ايم ڇڏي ڪنهن ٻي پارٽي ۾ ويندڙ ۽ اهي ماڻهو شامل هوندا آهن، جيڪي ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪم ڪندا آهن، ان لسٽ جي منظوري به باقاعدي لنڊن کان الطاف حسين ڏيندو آهي.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته خالد ارتضيٰ دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيو آهي ۽ انهيءَ ۾ به ڪو شڪ ناهي، ته نگران حڪومت نه رڳو دهشتگرديءَ، قتل ۽ اغوا جھڙن ڏوهن ۾ ملوث ڪيترن ئي دهشتگردن کي اليڪشن کان اڳ آزاد ڪيو هو، پر اهي ۽ ٻيا سوين روپوش رهندڙ دهشتگرد پڻ اليڪشن وارن ڏينهن ۾ ڪراچي جي روڊن تي ڇيڪ گھمندي ڏٺا ويا. سندن مَن وڌيل هو، ايتريقدر جو بي بي سي جي رپورٽ موجب: اليڪشن واري ڏينهن ايم ڪيو ايم جي ڌڙن حق پرست ۽ حقيقي جا دهشتگردَ پوليس، رينجرس، ۽ ملٽري جي پهري باوجود کلي عام هڪ ٻئي جي ووٽرن کي اغوا ڪندا ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا. نَڄاڻ، حڪمرانن جون اهي ڪهڙيون مصلحتون آهن، جو قانون کان مٿاهان ٿي ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي، انتهائي انسان دشمن ڏوهن ۾ ملوث دهستگردن کي به ايڏو ته ڇڙواڳ ڇڏين ٿا، جو خود قانون جا محافظ عملدار به انهن جي گولين ۽ عذابن جو نشانو بڻجيو وڃن!
اهي نگران ان صدارتي حڪم جي نتيجي ۾ پاڪستان جا واڳ ڌڻي بڻيا جنهن ۾ پاڪستان جي ماڊل ڊڪٽيٽر حڪمران جنرل ضياءَ پاران پنهنجي صدارتي عهدي کي طاقت ۽ ڊيگھ ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل بدناموس اٺين ترميم جو سهارو وٺي، ان حڪومت کي ڊاٿو ويو، جنهن ٻيو ڪجھ بيشڪ نه ڪيو هجي، پر دهشتگرديءَ کي چٿي سنڌ جي رهاڪن کي نسبتاً امن ڀري فضا ٺاهي ڏني هئي. بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪرڻ مهل هڪ الزام اهو به آندو ويو، ته ان جي اقتدار مهل فاروق دادا ۽ فهيم ڪمانڊو جهڙا ڪي ئي ڄاتل سڃاتل ۽ سوين ماڻهن جا قاتل دهشتگرد ”ماورائي عدالت“ قتل ٿي ويا هئا. پنهنجي ان الزام جي پوئواري ۾ اهي ڪورٽ ۾ ڪو جوڳو ثبوت پيش نه ڪري سگھيا، پر سندن انهيءَ الزام دهشتگردن کي اخلاقي قوت پهچائي ۽ انهن پاران اهڙي ڪُوڙي پروپئگنڊا کي سهارو ملي ويو. توڙي جو چيو ٿو وڃي، ته قانون جي نظر ۾ سڀ شهر برابر آهن ۽ انهيءَ ڪري سندن چوڻ موجب ڪو هڪ به دهشتگرد انهيءَ حالت ۾ به مرڻ نه گھرجي، توڙي جو اهو پوليس تي گوليون هلائي رهيو هجي، پر اهي بيگناهه شهر واسي جيڪي رڳو ان ڪري مارجي ويا، جو اهي دهشتگردن جا پوئلڳ نه هئا ۽ اهي گھراڻا جيڪي دهشتگرديءَ جو شڪار ٿي تباهه ٿي ويا، انهن کي انصاف ڪير پلئه وجھندو؟ ڇا انهن سان اها ناانصافي ناهي، جو سندن زندگيون، سهارا ۽ گھر اجاڙيندڙ دهشتگردن کي ”ماورائي عدالت“ آزاد ڪيو وڃي؟
دهشتگردن کي ڏنل ڇوٽ جو نتيجو گذريل پندرهن ڏينهن جي اخبارن ۾ آيل انهن ڏهاڪو کن خبرن مان ٿي وڃي ٿي، جيڪي وڌندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن کي بيان ڪن ٿيون.
3- فيبروري 1997ع تي نيون چونڊون ٿيون ۽ چند ڏينهن کان پوءِ نئين حڪومت اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندي، جنهن جو چونڊيل سربراهه نواز شريف هوندو. هن الاهي بخش سومري جي سربراهي هيٺ لياقت جتوئي، حليم احمد صديقي ۽ ميان اعجاز شفيق تي مشتمل هڪ ڪميٽي تيار ڪري ڇڏي آهي. جيڪا ايم ڪيو ايم سان سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڳالهيون ڪندي. (انهيءَ مقصد سان هڪ ڪميٽي پ پ پ پاران به تيار ڪئي وئي آهي.)
چونڊن ۾ کٽندي ئي 4- فيبروري تي بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي، ايم ڪيو ايم الطاف حسين پاران مقرر ڪيل رابطا ڪميٽي جو اڳواڻ اجمل دهلوي چئي چڪو آهي، ته مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ ٻنهي سان اتحاد ۾ ”دوکو“ کائي چڪا آهيون. نواز شريف اسان جي خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو ۽ پ پ پ اسان جي ”بيگناهه“ ڪارڪنن کي ”ماورائي عدالت“ قتل ڪرايو. هاڻي ٺَڪي ٺوڪي اتحاد ڪنداسين. جيڪا ڌر اسان جا مطالبا مڃيندي، پنهنجن اڳوڻن ”ڏوهن جي معافي“ وٺندي ۽ آئينده ايمانداريءَ سان ”طي ڪيل فيصلن“ تي عمل ڪندي، انهيءَ سان اتحاد ڪرڻ ۽ گڏجي حڪومت ٺاهڻ بابت ويچاريو ويندو.
5- فيبروري تي شام جو طارق ارتضيٰ، هڪ دهشتگردي مخالف پوليس عملدار، اغوا ٿيو ۽ 6- فيبروري جو سج اڀرڻ کان اڳ قتل ڪيو ويو. هڪ حياتي قانون جي نگهباني ڪندي دهشتگرديءَ جو کاڄ ٿي ۽ وڌيڪ هڪ گھر اجڙي ويو. سَوڙ جي ڇَوَ ۾ گولين سان پروڻ ٿيل لاش نئين حڪومت لاءِ دهشتگردن پاران هڪ ”تحفو“ آهي، خبر ناهي اهڙا ڪيترا تحفا ڏنا ويندا، پر طارق ارتضيٰ جو لاش وقت جي حڪمرانن آڏو هڪ وڏو سوال به آهي، ته اهي پنهنجن مخصوص مصلحتن جو شڪار ٿي، پنهنجي ئي جوڙيل قانون جي لتاڙ ڪندي، اڃا ڪيترا دهشتگرد آزاد ڪندا، انهن کي ڪيترو ڇڙواڳ ڇڏيندا ۽ انهن جي سردار آڏو ڪيترو جھڪندا؟
۽ خاص ڪري سنڌ جا امن پسند ۽ قانون پسند رهواسي ۽ قانون جا بااصول محافظ ڪيستائين سندن انهن مصلحتن جي اڏي تي قانون دشمن دهشتگردن جي گولين جي ڀيٽا ٿيندا رهندا؟
(برسات، 19-فيبروري 1997ع)

No comments:

Post a Comment