ڌرتـــي: منهنجو گهر
(حصو پهريون)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سهيڙ: رياضت ٻرڙو
اداري پاران
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي جي هر ورسيءَ تي، سندس ڪو لکيل/ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپائيندي رهي آهي. هن
ڀيري به ماضيءَ جي مثبت روايت کي برقرار رکندي، ڊاڪٽر صاحب جي ٻارهين ورسيءَ جي موقعي
تي، سندس ٻارهون نمبر ڪتاب، ۽ اڪيڊميءَ جو 32-هُون ڪتاب، ”ڌرتي: منهنجو گھر“
توهان تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون.
اڪيڊميءَ جي مقصدن مان هڪ هِي به آهي ته
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪيل علمي ۽ قلمي پورهيي کي سهيڙي ۽ ڇپائي، عام ماڻهن تائين
پهچائجي، ته جيئن سندس ڪيل ڪم کي سماج ۾ سمجھه ۽ سهپ وڌائڻ لاءِ ڪتب آڻي سگھجي، ڇو
ته علم ۽ ڏاهپ وسيلي ئي ماڻهو هڪ ٻي جي جذبن، احساسن، حقن ۽ فرضن کي نه رڳو
سمجھي سگھن ٿا، پر سماج جي بهتريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھن
ٿا.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ باعمل ۽ جاکوڙي ماڻهو هو، جنهن علم ۽
ڏاهپ وسيلي سماج کي بدلائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر محبتُ هر ان
علم سان چاهه رکندو هو، جنهن جو بنياد عقل، منطق ۽ حقيقت تي ٻَڌل هجي. هن جيڪو به
علمي پورهيو ڪيو سو نج سائنسي ۽ عقلي بنيادن تي ٻڌل آهي. هن سياست، جاگرافي، علم
آڪاس، فزڪس ۽ خاص طرح علم لسان تي گھڻو ڪم ڪيو.
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي بنا ڪنهن سرڪاري امداد جي، صرف ۽ صرف
پنهنجن ميمبرن، دوستن ۽ همدردن جي مدد سان هلي رهي آهي. اڪيڊمي پنهنجن سڄڻن جي
محنتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگھي، جن جي تعاون ۽ قربانين کان سواءِ ايترا مفيد ۽
ڪارگر ڪم هرگز نه ٿي سگھن ها، خاص طرح ساٿي رياضت ٻرڙي ۽ دين محمد
ڪلهوڙي جي قلمي ۽ ذهني پورهيي ۽ ساٿي ستار هڪڙي جي مالي سهڪار کي قدر
جي نظر سان ڏسي ٿي.
آخر ۾ آئون پنهنجن پڙهندڙن، دوستن ۽ سڄڻن جو شڪرگذار آهيان، جن اڪيڊميءَ جي ڪتابن ۽ ماهوار رسالي ’سائنسي
سوچ‘ کي مثبت موٽ ڏني آهي.
ساٿ سلامت،
خادم حسين رند
چيئرمئن، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي
پس منظر
”ڌرتي: منهنجو گھر“ نالي
هيءُ ڪتاب ادا ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 1993ع ۾ لکيو. ان وقت ”کيرٿر سائنس اڪيڊميءَ“
جي پبليڪيشن سلسليوار ”سائنسي سوچ“ جي ٽِين
ڪڙيءَ ۾ ان جو هڪ باب ”اچو ته ’ڌرتي‘ ٺاهيون ۽ ان کي وڍيون“ ڇپيو، جنهن کي
پڙهندڙن تمام گھڻو پسند ڪيو. ان کان پوءِ ”سائنسي سوچ“ جِي چوٿين ڪڙيءَ لاءِ ”ڌرتي
گولو“ نالي هڪ ٻيو مضمون پڻ ڊاڪٽر محبت لکي ڏنو، پر اها ڪڙي ڇپجي نه سگھي.
ورندڙ سال، 1994ع ۾، پندرهن روزه ”عبرت ميگزين“ جي ڊسمبر مهيني جي ٻن شمارن
۾، ان ڪتاب جا ٻه باب ”اسين ڪٿي رهون ٿا؟“ ۽ ”هڪ وڏو چقمق“ ڇپيا. پر
افسوس ته ان معلوماتي ڪتاب جا ٻيا باب اتي ته ڇا، ڪٿي به ڇپجي نه سگھيا! ان کان
پوءِ، 1997ع ۾ ڊاڪٽر محبت جي اوچتي وفات ٿِي، ته ڳالهه ئي ٻِي ٿي وئي. هر رٿا اڌ ۾
رهجي وئي، ۽ مون لاءِ ڊاڪٽر محبت جا ڪتاب ۽ مضمونَ سهيڙڻ هڪ ڪَٺن امتحانُ ٿي پيو.
گذريل 12 سال، ان حوالي سان مون کي پريشان به رکندا آيا آهن ته مون ڊاڪٽر صاحب جي
ڪتابن کي صحيح طور سهيڙيو آهي به يا نه، ۽ اطمينان به ڏيندا آهن ته مون پنهنجي
پوري وِت، وَس ۽ سمجھه آهر ڪم ڪيو آهي.
ڊاڪٽر محبت پنهنجن سڀني مضمونن ۽ ڪتابن کي ٻه ٽي ڀيرا ۽
ڪڏهن ته اڃا به وڌيڪ ورِي ورِي لکندو ۽ لکيل مواد کي سنواريندو ۽ وڌائيندو رهندو
هو. اها سندس عادت هئي، جنهن جو مقصد اهو ئي هو ته لکيل مواد وڌ ۾ وڌ ڀرپور ۽ مدلل
هجي. دليل ۽ سوال سندس سوچ جا محور هئا. اها ئي ڳالهه موجوده ڪتاب ”ڌرتي: منهنجو گھر“ سان به لاڳاپيل آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر
محبت جي وفات کان ايترا ورهه پوءِ ڇپجڻ جو هِڪڙو ئي ڪارڻ اهو آهي ته مون کي ڊاڪٽر
محبت جي ڇڏيل مواد ۾ هن ڪتاب جي فائنل ڪاپي ملي نه سگھي: ڪجھه باب فيئر، جيڪي ڇپيل
هئا، ۽ ٻين بابن جون ٻه ٻه ڪاپيون، جن مان ڪجھه مواد فيئر ڪيل بابن ۾ به سمايل هو.
جڏهن ته هڪ باب ”ڌرتيءَ جو پرانهون عضوو ــــــــ چنڊ“ ملي نه سگھيو، جنهن
جو ذڪر هڪ اڻپُوري فهرست ۾ ڪيل هو. بهرحال، مون سموري مواد کي نظر مان ڪڍيو، قلمي
مواد مان ڇپيل مواد کي خارج ڪيو ۽ هڪ نئين ترتيب سان مواد کي سهيڙيو آهي. ان کان
سواءِ انٽرنيٽ تان مختلف ضروري تصويرون کڻي، ڪتاب جي پُٺئين ٽائٽل تي رنگين ئي
ڇپيون آهن ته جيئن انهن کي درست طور سمجھي سگھجي. پڙهندڙن کي اهي تصويرون مختلف
بابن سان ٺهڪندڙ لڳنديون.
هڪ ڳالهه پڌري آهي ته ڌرتيءَ بابت ڪيتريون ئي نيون کوجنائون
پئي ٿيون آهن، جيڪي هن ننڍڙي ڪتاب جي دائري ۾ اچي نه سگھيون آهن. اميد رکان ٿو ته
پڙهندڙن کي هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو چاهه پيدا ٿيندو،
جيڪو ئي هن ڪتاب جو مقصد آهي.
اهو پڻ ٻڌايان، ته ڊاڪٽر صاحب اسان جي اداري ”کيرٿر
سائنس اڪيڊميءَ“ پاران هڪ ليڪچر ”ڌرتي“ عنوان تحت به ڏنو هو. منهنجي
ٻِي ڪوشش هوندي ته اهو ليڪچر ۽ نئون تحقيقي مواد، هن سلسلي جي ٻي ڪتاب ۾ پيش ڪيان،
جيئن جيڪا تشنگي موجوده ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ پڙهندڙ محسوس ڪن، تنهن کي گھٽائي
سگھجي.
ساٿ سلامت.
- رياضت ٻرڙو
4-اپريل 2009ع
لاڙڪاڻو
ٻه اکر
هيءُ ڪتاب انهيءَ نيت سان لکيو ويو آهي ته نه رڳو هوشيار شاگرد پاڻ سمجھن پر
اهي وڏڙا، جيڪي پنهنجي ايندڙ نسل کي علمي ۽ سائنسي سمجھه سان مالامال ڪرڻ گھرن ٿا،
پاڻ پڙهي، پنهنجن ٻارڙن کي سولائيءَ سان سمجھائي سگھن.
- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ٿورِي ڄاڻ سڃاڻ
اسين ڪِٿي رهون ٿا؟
ڌرتي اسان جو گھر آهي. ڌرتي سمورن ساهوارن جو گھر آهي، ۽ ڌرتي ئي پاڻ وٽ موجود
سڀني، هر شَي جو گھر آهي. اسان جو سمورو کيڏڻ ڪُڏڻ، ڪار وهنوار، جيءَ جياپو ڌرتيءَ
سان ڳنڍيل آهي.
اسان جا
شهر ۽ ڳوٺ به پنهنجن باغن، ٻَنين، ندين، واهن، وارياسن، جبلن، سمنڊن ۽ واسمنڊن
سميت هن ئي ڌرتيءَ تي موجود آهن. ڌرتيءَ جي هڪ ٽُڪري جو نالو سنڌ آهي جنهن
تي اسين سنڌي ماڻهو هزارين ورهن کان پنهنجي زندگي گذاريندا اچون. سنڌ اسان
جي وڏڙن پاران اسان کي مليل ورثو ۽ اسان جي قومي ڌرتي آهي.
سنڌ جي
ڀرپاسي، ويجھڙ ۾ ۽ ان کان پَري پري ٻيا به ڪيترائي ڏيهه آهن جيڪي پڻ ڌرتيءَ
جو هڪ ڀاڱو آهن ۽ تاريخي طور اتي رهندڙ ماڻهن جو قومي ورثو آهن. اسان جي ڌرتيءَ تي
ٻه سَو کان به گھڻا، ڪي ننڍا ۽ ڪي وڏا ڏيهه آهن. سڄي ڌرتيءَ تي لکين شهر ۽ ڳوٺ
آهن. ڌرتي سڀني ماڻهن جو هڪ ڏاڍو وڏو ۽ ويڪرو گھر آهي ۽ اسين ان جا ڀاتي ۽ رهاڪو
آهيون.
هر هڪ
شهر ۽ ڳوٺ ۾ ڪيترائي گھر هوندا آهن جن مان هر هڪ ۾ ڪجھ نه ڪجھ گھر-ڀاتي رهن ٿا.
اسان جي ڏيهه سنڌ ۾ لکين گھر آهن. انهن سڀني جا سڀ گھر ڀاتي ڳڻبا ته سڄيءَ سنڌ ۾
4-ڪروڙ سنڌي رهن ٿا. سنڌ ۾ ٻين ڏيهن کان آيل هڪ ڪروڙ کن ٻيا ماڻهو به رهن ٿا. سڄي
ڌرتيءَ تي سڀني ديسن جا هڙئي رهاڪو 5-ارب کان به وڌيڪ آهن. اهي سڀ ماڻهو ڌرتيءَ تي
ئي رهن ٿا.
انهن
سڀني ماڻهن جو اَن اناج، ڀاڄِي ڀُتي، گوشت مڇي، ميوو، گُل يعني جُملي کاڌ خوراڪ
ڌرتيءَ تي ئي اُپجي، اُڀري، نِسري ۽ وَڌي ويجھي ٿي. گوشت اسان کي جانورن، مڇين ۽
پکين مان ملي ٿو. اسان جي ڌرتيءَ تي لکين قسمن جا جانور رهن ٿا ۽ (ڪجھ کان سواءِ)
هر جنس جي ڳڻپ کربن ۾ ٿيندي. انهن مان ڪيترائي سُڪي زمين تي ۽ ڪيترائي پاڻيءَ تي
يا پاڻيءَ منجھ رهن ٿا. جن جانورن، مڇين ۽ پکين جو گوشت کائون ٿا، انهن کان سواءِ
ٻيا به لکين نمونن، روپن، رنگن ۽ قدبت وارا ڪروڙين جيت جناور، مڇيون ۽ پکي پدمن جي
ڳڻپ ۾ رهن ٿا. ڪيترن ئي قسمن جا پتڪڙا جيوڙا پڻ ڪروڙين-پدمن جي ڳڻپ ۾ ٿيندا.
اَنُ
اناج، ڀاڄيون ۽ ميوا ٻنين، واڙيُن ۽ باغن مان ملن ٿا. اسان جي ڌرتيءَ تي ڪروڙين
قسمن جا وڻ ٻوٽا ۽ گاهه اڀرن ٿا جن مان (ڪجھ کان سواءِ) هر هڪ جنس جي ڳڻپ پڻ پدمن
۾ ٿيندي.
ماڻهو
مِرون، جيت جڻيا، پکي پکڻ، وڻَ ٻوٽا ۽ گاهَه ٻُوڙا سڀ جو سڀ جيئرا آهن، انهن کي
’ساهوارا‘ به سڏجي ٿو، اهي جيوت (حيات، زندگي) رکندڙ آهن. جيوت رکندڙ هر وجود پاڻ
منجھان پاڻ جھڙو نئون نسل (اولاد) ڄڻي ٿو ۽ جيوت کي جٽادار رکڻ لاءِ کيس کاڌ خوراڪ
جي گھرج رهي ٿي. پتڪڙي ۾ پتڪڙي جيوڙي کان ويندي، وڏي کان وڏي وڻ توڻي جانور تائين،
هر ”ساهواري“ لاءِ هڪ گڏيل نالو جئڏ آهي ۽ جئڏن بابت ڇنڊيل ڇاڻيل ۽ اصولي
ڄاڻ کي جياڄاڻ/جياڀياس (بائلاجي، Biology) سڏجي ٿو.
لوهُه،
سونُ، چاندِي، سُرمو، پٿر، پاڻي، مِٽِي ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ پڻ ڌرتيءَ تي جَجھي مقدار ۾
موجود آهي. انهن ۾ ”ساهه“ موجود ناهي، اهي اَجِيوُ آهن، اهي نه ته کائن
پيئن ۽ وڌن ويجھن ٿا ۽ نه ئي وري پاڻ منجهان پاڻ جهڙو نسل ڄڻِن ٿا. اجيو جنسون به
ڪروڙين قسمن جون آهن ۽ ڪجھ کان سواءِ باقي سڀ لکين ٽنن جي مقدار ۾ ڌرتيءَ تي ملن
ٿيون. پٿر جو مثال وٺو. پٿر جي هڪ وڏي ڳنڍي کي ڇِپ چئجي ٿو. ڇِپ ڏاڍي وڏي هوندِي
ته ٽَڪر سڏبو. ٽَڪرن، ڇِپن، پٿرن، بجرِيءَ وغيره جي ڏاڍي وڏي جَٿي کي ڏُونگر،
روهه، جبل يا پهاڙ سڏجي ٿو. سنڌ جي اولهه ۾ جبلن جي هڪ ڊگھي قطار آهي جيڪا ڄڻ ته
اڄوڪيءَ سنڌ ۽ هاڻوڪي بلوچستان جي وچ ۾ دنگو (سرحد) آهي. جبلن جي ان قطار کي کيرٿر
سڏجي ٿو جنهن سان ويجھو ٻيءَ قطار جو نالو هالار آهي. ڪارونجھر جبل
ٿَر ۾ آهي ۽ حيدرآباد جو شهر گنجي ٽڪر تي ٻڌل آهي. سنڌ کان هڪ هزار
کن ڪلوميٽر پري، اتر ۾ هماليه، قراقرم ۽ سليمان جبلن جون
قطارون آهن، جيڪي ڌرتيءَ تي اُوچي ۾ اُوچيون، ڊگھي ۾ ڊگھيون ۽ ويڪري کان ويڪريون
جابلو قطارون آهن ۽ هزارين چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل سندن ايراضي آهي. سڄي ڌرتيءَ تي
سڀ کان اُوچي جابلو چوٽيءَ کي ايوِريسٽ سڏيو وڃي ٿو جيڪا هماليه جبلن جو
حصو آهي، جڏهن ته ٻيو نمبر اوچي چوٽيءَ کي قراقرم-2 (ڪي-ٽُو، K-2) سڏجي ٿو.
جيڪڏهن 19-سَو ماڙ جاءِ ٺاهجي ته ان جي مٿين ڇت انهن چوٽين کان ٿورو هيٺ هوندي.
سڄي ڌرتيءَ تي هزارين جابلو جَٿا ۽ سلسلا آهن جن مان ڪيترائي سامونڊي پاڻيءَ هيٺ
به آهن.
پاڻي هر ”ساهوارو“ پِيئي، واپرائي ٿو. پاڻي نلڪن وسيلي ڌرتيءَ منجھان ڊُوهي ڪڍبو
آهي ۽ کوهه کوٽي به هٿ ڪبو آهي. کَڏُون، کوٻا، کاما، ڍنڍون، ڍورا، نارا، واهه ۽
نديون به پاڻيءَ جا وڏا ذخيرا آهن. ڪڪرن مان وسندڙ مِينهن به پاڻي ئي آهي، پر انهن
سڀني کان ججھو پاڻي سمنڊن ۾ آهي. اسان جي ڌرتيءَ تي ڏهاڪين سمنڊ ۽ 4 وڏا-سمنڊ آهن
جيڪي سڀ پاڻ ۾ مليل آهن. (هن ڪتاب ۾ وڏي-سمنڊ کي واسمنڊ يا آساگر
سڏينداسين. ”واسمنڊ“ معنى ”پري پري تائين پکڙيل سمنڊ“ ۽ ”آساگر“ معنى ”چوڌاري
سمنڊ“ آهي.) آساگر ڪٿي ڪٿي ايڏا ته اونها آهن جو سڀ کان اوچي جابلو چوٽي ان ۾
لاٿي، ٻوڙِي وڃي، ته نه رڳو اها ٻُڏي ويندي پر ان مٿان هڪ-سَو ماڙ جاءِ ٺهيل هجي
ته اها به ٻڏي وڃي. اسان جي ڌرتيءَ جا ذري-گھٽ ٽي ڀاڱا پاڻي ۽ ذري-وڌ هڪ ڀاڱو سُڪل
(خشڪ) آهي.
ڌرتي ڏاڍي
وڏي صوف جيان گولو آهي. ان جي بُونڊ وارو پاسو ’اتر‘ سمجھبو، ته ڦُلڙيءَ وارو
پاسو ’ڏکڻ‘ ٿيندو. ڌرتيءَ جي اتر ۽ ڏکڻ تي برف ئي برف آهي. اها برف به حقيقت ۾
پاڻي آهي پر اتي جيئن ته ٿڌ تمام گھڻي آهي ان ڪري اهو پاڻي ڄمي برف ٿي پيو آهي،
بلڪل ساڳيءَ طرح جيئن ڪنهن ڪارخاني، ريفريجريٽر يا فِرِيزر ۾ برف ٺهندي آهي. سڀني
اوچن جبلن تي به (جن جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 13-هزار فوٽ مٿي يا اڃا وڌيڪ آهي)
12 ئي مهينا برف موجود هوندي آهي جيڪا رجڻ کان پوءِ پاڻي ٿِي ندين ۾ وهي ٿي. سڄي
ڌرتيءَ جو ڏهون حصو برف سان ڍڪيل آهي. ڳڙو به برف جو هڪ قسم آهي جيڪو ڪڪرن مان وسي
ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مُٺ جيترو ٿلهو ڳنڍو هوندو آهي. ٿڌن علائقن ۾ اڪثر ڪري، برف
مينهن جيان وسندي آهي. اها ڪپهه جي سنهي پُوڻيءَ جيان اڇي، ڪُونئري ۽ هلڪي هوندي
آهي ۽ اهو لقاءُ ڏاڍو سهڻو ۽ مَن موهڻو هوندو آهي.
ٻن جبلن
جي وچ ۾ لهواري ميلاپ واري هنڌ ڄميل برف جو ترو ڪڏهن ڪڏهن سج جي تاءَ سبب رجي
پوندو آهي جنهنڪري جبل جيڏي برف جي ڇپ ڪنهن به مهل تِرڪي سگھي ٿي جيڪا پنهنجي
سامهون ايندڙ هر جئڏ توڻي وسنديءَ کي چِٿي، پِيهي ناس ڪري سگھندي آهي. برف جي اهڙن
”جبلن“ کي بارفو (گلئشيئر، Glacier) سڏجي ٿو. ڌرتيءَ تي جبلن جي وچ ۾ هزارين بارفا موجود
آهن.
گھڻن وڻن
جي گھاٽي ۽ ويڪري ميڙ کي ٻيلو يا جھنگ سڏجي ٿو. سنڌ ۾ ڪيترائي ٻيلا
آهن، پر وڃن ٿا ڪَپجندا ۽ کُٽندا ــــــــــ ڪامورا ۽ وڏيرا مِلي ڀڳت ڪري ڪاٺ جي
چوري ڪرائن ٿا، ۽ ڌاڙيلن کي پڪڙڻ جي بهاني به ٻيلن کي باهه ڏئي ساڙيو پيو وڃي.
ٻيلا نه رڳو ڌرتيءَ جي سونهن آهن، پر ڪاٺ مهيا ڪن ٿا، هوا جي گدلاڻ کي گھٽائن ۽
ڌوئن ٿا، منجھانئن مختلف قسمن جا ڪيميائي مرڪب ملن ٿا ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ. لکين قسمن
جا ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ وڏا وڏا وڻ، ٻوٽا، فصل ۽ انهن جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ گاهه موجود آهن
جيڪي پدمين پکين، جانورن ۽ جيتن جو اَجھو به آهن، ته ”امڙ“ به. ڪيترائي ٻيلا سوين
چورس ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن ۽ ڌرتيءَ تي هزارين ٻيلا موجود آهن.
وارِي ته سڀ ڪنهن ڏٺي آهي. ڀِنل واريءَ جا گھرڙا ٺاهڻ يا ان جا گولا ٺاهي هڪ ٻئي کي
هڻڻ ٻارڙن جي وندر ۽ وڻندڙ راند آهي. هر هڪ واهه، نديءَ ۽ سمنڊ ڪناري واريءَ جا ڍڳ
نظر ايندا. سنڌو نديءَ تي جڏهن کان تربيلا ڊئم ٺهيو آهي تڏهن کان سنڌ جي
ايراضيءَ اندر سنڌوءَ جي پيٽ ۾ رڳو وارِي اڏامندي نظر پئي اچي. ڪالاباغ ڊئم
منصوبو ته نه رڳو سنڌو، پر سنڌ کي ئي سُڪائڻ ۽ ڪَلراٺو بنائڻ وارو منصوبو آهي.
واريءَ جا پدمين-پدم ننڍڙا ذرڙا سج جي روشنيءَ جو آئيني جيان اولڙو ڪري چِلڪا،
چمڪا ڪندا رهندا آهن. واريءَ ڀريل ويڪري ايراضيءَ کي ريگستان (صحرا، وارياسو) سڏجي
ٿو. سنڌ جي ڏاکڻي وسيع ريگستان کي ٿر سڏجي ٿو جنهن ۾ واريءَ جا جبل (ڀِٽون) وسڪاري
کان پوءِ دنيا جي هڪ ڪامڻي لقاءَ جي ڏِک ڏيندا آهن. سنڌ جو ٿر ۽ ڪَڇ جو رِڻ
ته اسان وٽ ڄاتل سڃاتل آهن، پر انهن کان سوين ڀيرا وڌيڪ ويڪرو چِين جو گوبِي
رِڻ آهي ۽ ان کان به ويڪرو ۽ دنيا جو سڀ کان ويڪرو رِڻ افريڪا کنڊ ۾ ’صحرا‘
آهي جيڪو هزارين چورس ڪلوميٽر ايراضي رکي ٿو. اسان جي ڌرتيءَ تي سوين ننڍا وڏا
رِڻ/ٿر/ريگستان آهن.
بَجرِي ڄڻ ته پٿريلي وارِي آهي. ملير، ٻولهاڙِي ۽ جھانگارن جي بجري سنڌ ۾ اَڏجندڙ
جاين ۾ عام طرح ڪم اچي ٿي. بجريءَ جا وڏا وڏا جبل لکن جي ڳڻپ ۾ سڄي ڌرتيءَ تي
پکڙيل آهن.
مِينهوڳيءَ
کان پوءِ مِٽيءَ جي سڳنڌ جھڙي دنيا جي ڪا به خوشبوءِ نه آهي. خشڪ زمين ئي
نه، سمنڊن جو ترو به مٽيءَ جي ٿُلهي تهه هيٺ ڍڪيل آهي. سنڌ ۾ گھڻا گُهگھڙا
(رانديڪا، کيڏوڻا) مٽيءَ مان ٺاهيا وڃن ٿا. ٺڪر جا سمورا ٿانوَ پَڪل مٽي آهن. جاين
جي اڏاوت ۾ ڪم ايندڙ سِر پڻ مٽيءَ مان ٺهي ٿي، پر مٽيءَ جو شايد سڀ کان مکيه ڪم
فصل کي وڌڻ ويجھڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي.
گُهلندڙ
طوفان مٽيءَ، واريءَ ۽ بجريءَ جي دَز اڏائي، هِڪڙين شين کي مَهٽي، رهڙي نيون
صورتون ڏيو ڇڏين، ته ڪٿي وري ڊِٻ جا ڍير ٺاهيو رکن. پِرهه واري هِير ۾ سَير ڪرڻ
سان ساهن ۾ سرهاڻ ڀرجيو وڃي پر آنڌاري اکين جي دِيد ئي وڃايو ڇڏي. جنهن سواريءَ جي
ڪلهن تي دنيا جي هر سرهاڻ سواري ڪري هڪَ کان ٻئي هنڌ پهچيو وڃي، ان جو نالو هوا
آهي جنهن ۾ (لڳ ڀڳ سمورا) ”ساهوارا“ ساهه کڻن ۽ جيئنِ ٿا. هوا ڌرتيءَ جي هرڌارِي
(سڀني پاسن تي) هڪ ڏاڍي ٿلهي تهه جي صورت ۾ موجود آهي.
ڌرتي اسان جو گھر آهي جنهن تي مختلف قسمن جي وَڙن وکرن جو انت شمار ئي ناهي.
ڌرتيءَ لاءِ سنڌيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي نالا موجود آهن، جن مان وڌيڪ واهپي ۾ ايندڙ
”ڌر“، ”ڌرت“، ”ڀُو“، ”ڀُون“، ”ڀُونءِ“، ”زمين“ ۽ ”مٽي“ آهن.
* ڌرتيءَ جي جوڙجڪ/بناوت بابت علم
کي ڀُوڄاڻ (ڀُو=ڀونءِ+ڄاڻ)، ڀُوڀياس (ڀون+اڀياس)، ڌرڄاڻ
(ڌرتي+ڄاڻ) يا ڌرڀياس (ڌرتي+اڀياس) چئجي ٿو ۽ مروج انگريزي ۾ ان لاءِ
اصطلاح آهي جِيالاجِي (Geology).
* ڌرتيءَ جي مٿاڇري ۽ اتي جي
رهاڪن ۽ ماحول بابت علم کي ڀولِکا (ڀو=ڀونءِ+لِکا=لِکَ، لکڻ)، ڌرلکا، ڀوسُڌ
(ڀونءِ+سُڌ) يا ڌرسڌ چئجي ٿو ۽ مروج انگريزيءَ ۾ ان لاءِ اصطلاح آهي جاگرافي
(Geography).
* ڌرتيءَ جي مٿاڇري جي ماپ بابت علم
کي ڀوماپ (ڀونءِ+ماپ) يا ڌرماپ چئجي ٿو ۽ مروج انگريزيءَ ۾ ان لاءِ
اصطلاح آهي جاميٽري (Geometry).
ڌرتي ڪيئن ڄائي؟
ڏينهن
مهل ڪنهن کُليل هنڌ تي بيهي جاڏي ڪاڏي نهار اڇلائڻ سان هڪدم ڄاڻي وٺبو ته ڌرتي ڄڻڪ
هڪ ويڪرو فرشُ/پَٽُ هجي، جنهن جي سڀني پاسن تي ڀِت جيان آسماني رنگ جھڙو ۽ لَسو
پردو گولائون مٿي ٿيندو وڃِي اُڀ ٿئي ٿو ــــــــــــ هڪ گُنبذ،
جنهن هيٺان فرش تي اسين بيٺا هجون. ان گنبذ جھڙي آسماني رنگ واري گولائين ڍڪڻ کي ”آسمان“
سڏيو وڃي ٿو. ڪَڪَرَ نه هجن ته سج چمڪندي نظر ايندو.
رات جو
ساڳي هنڌ بيهي ”آسمان“ ۾ نظر وجھڻ سان نظارو ئي ٻيو نظر ايندو. سڀني پاسن تي ۽ اڀ
۾ ننڍا وڏا روشن ۽ ٽمڪندڙ ٽبڪا/جسم لکن جي ڳڻپ ۾ نظر ايندا جن کي تارا/ستارا
سڏيو وڃي ٿو. ڌيان ڏئي ڏسڻ سان، سُڌ پوندي ته انهن جي بِيهڪ هڪ ٻي جي ڀيٽ ۾ اڳتي
پوئتي آهي: ڪي ويجھا آهن، ته ڪي ڏاڍا پري. اهو ساڳيو لقاءُ ڏينهن جو نظر ڇو نه ٿو
اچي؟ ڇا سج ”آسمان“ کان هيٺ آهي؟ چنڊُ موجود هوندي، چنڊَ ويجھو تارا گھٽ ۽ جَھڪا
نظر اچن ٿا، سو ڇو؟ سياري ۾ ”آسمان“ جو لقاءُ هڪ آهي، ته ساوڻ ۾ ٻيو، ڇا
”آسمان“ بدلجي وڃي ٿو يا اهو هوري هوري سُرندو رهي ٿو؟ هِي جيڪي تارا نظر اچن
ٿا، سڄيءَ ڪائنات ۾ رڳو اهي ئي آهن يا ڪي اهڙا به آهن جن تائين اسان جي نظر نه ٿي
پهچي؟ تارن، سج، چنڊ ۽ ڌرتيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي، اهي سڀ شيون وجود ۾ ڪڏهن آيون ۽
ڪيئن ٺهيون؟
اهڙا
ڪيترائي سوال سُڄاڻ ماڻهن آڏو رهيا، ۽ ڄاڻ لاڳيتو وڌندي رهي. اڄ ڄاتو ويو آهي ته سنسار/ڪائنات
اڻکُٽ آهي، ان جي ڪا به آخري حد ناهي، ان جو ڪو به دنگُ، ڪو به ڇيهه ناهي. سنسار
بابت نِت نيون کوجنائون ماڻهوءَ کي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ تپرس ۾ وجھنديون پيون وڃن.
وائڙو
ڪندڙ سنسار ماڻهوءَ لاءِ سدا کان انوکو ۽ عجيب رهيو آهي. ان تي سوچ ويچار ۽ ان
بابت پُڇا ڳاڇا ٻالجتيءَ کان ئي شروع ٿي وڃي ٿي. ساڳيءَ طرح ڌرتيءَ جو اسرارن ڀريو
اڻکٽ خزانو آهي ــــــــــــ ڌرتي ماڻهوءَ ته ڇا، هر ساهواري جي ”وڏي ماءُ“
آهي، ان تان ئي اسين، اسان جو ابو امڙ، اسان جا وڏڙا پنهنجو رزق/کاڌ خوراڪ هٿ ڪري
جِيئِي سگھيا آهن.
ڌرتي ڇا جي ٺهيل آهي؟
ڌرتي ڪيئن ٺهي؟
ڌرتي
ڪڏهن وجود ۾ آئي؟
اهي ۽
اهڙا ڪجھه ٻيا سوال سندس سوچ ۽ سمجھه کي سدائين ڇڪيندا ۽ ڌوڻيندا رهيا.
جوابَ،
ڪنهن ڪيئن ڏنا، ته ڪنهن ڪيئن.
اوائلي
ماڻهوءَ کي ڄاڻ ۽ سمجھه گھٽ هئي پر هُو سچ ۽ حق جو ڳولائو ۽ هر شَي جي غير وهمي
پرک ڪندڙ هو. پوءِ، جڏهن طبقا پيدا ٿيا تڏهن ڦورو طبقن جي ڦورو مفادن جا رکوالا
”عالم“ ۽ ڌرمي/مذهبي اڳواڻ انهن ۽ اهڙن سوالن جا جواب ايڏا ته ڄَٽاڻا ڏيندا هئا جو
ڳالهه کي صحيح سمجھڻ بدران ماڻهن جي ذهنن ۾ وهم، وِسوِسا ۽ ڪُوڙا ڀَرم ڀرجي ويا.
انهن ”اڪابرن“، جيڪي هئا ته ڄَٽ ۽ ڪُڄاڻُو پر پاڻ کي عالم سڏائي ماڻهن کي ڦريندا
هئا، عام ماڻهن کي ٻڌايو ته ڌرتيءَ سان گڏ سڄو سنسار ۽ ان ۾ موجود هر شَي/لقاءُ
ڪِن ديوِيُن ۽ ديوتائن، خدائن، اِلهن ۽ اِلهڙين پيدا ڪيو هو، تنهنڪري انهن جي
پُوڄا ڪيو، ”نذرانا“ ڏئي کين راضي رکو ۽ توهان کي جيڪو ڪجھه اسين ٻڌايون، ان تي ئي
ويساهه/ ڀروسو ڪيو ته ڇوٽڪاريل رهندَو. اهڙن ”ڄاڻن“ جا جيترا وات اوتريون ڳالهيون
ـــــــــــــ هر ڳوٺ، قبيلي ۽ علائقي ۾ نت نيون، آڏيون ابتيون ڳالهيون پيون
هلنديون هيون، ۽ اڻڄاڻُ رکيلَ ماڻهو هِڪڙا ڀروسا ڪري، اهي ڇڏي، وري ٻيا ڀروسا ڪندا
رهيا. ديوين ديوتائن جا اهي تصور حقيقت ۾ قبيلي جي سردارن يا علائقي جي حاڪمن ۽
انهن جي زالن جا نقلي ۽ عڪسي تصور هئا. پوءِ جڏهن بادشاهن جي بادشاهه يعني شهنشاهه
جي حڪمراني قائم ٿي، ته خدائن جي خدا يا ديوتائن جي ديوتا يعني هڪ وڏي ديوتا جو
تصور به ٺهيو. ٻي پاسي هر ان شَي جي پُوڄا به ڪئي ويندي هئي جيڪا ڪنهن به طرح ڏاڍي
سگھاري هجي جيئن وڻن کي لوڏيندڙ هوا، ڪاٺ کي ساڙيندڙ باهه، هر شَي کي لوڙهيندڙ يا
ٻوڙيندڙ پاڻيءَ ۽ اهڙين ٻين شين جي.
هاڻي
جيئن جيئن سچي ڄاڻ ۽ صحيح سمجھه وڌي رهي آهي تيئن اهي ڪُوڙا، ڄٽاڻا وهم گھٽجي رهيا
آهن.
اوائلي
سنڌ (سنڌ-هند) ۾ (عيسوي سن جي ابتدا کان لڳ ڀڳ 6- سَو ورهه اڳ) ڌرتيءَ ۽ سنسار
بابت ۽ ٻي هر شَي تي سوچ ويچار ڪندڙ ماڻهن جو چرواڪ سڏجندڙ ٽولو ٿي گذريو
آهي، جيڪي لوڪايَت نظريو رکندڙ هئا. برِيهاسپتي نالي هڪ
سالڪ/رشِيءَ/ڏاهي کي، جيڪو ڄڻ ته ڏند ڪٿائي تصور آهي، لوڪايت جو بڻ رکندڙ سمجھيو
وڃي ٿو. هن مَتي/نظريي موجب، سنسار جي هر شَي (سج، چنڊ، تارن، ڌرتيءَ، وڻن ٻُوٽن،
پکي پکڻن ۽ ماڻهن مِرُن سميت) چَئن جُزن جي ٺهيل آهي. هر شَي جو هر گُڻ، هر رُوپ،
هر عمل انهن چئن جزن جي گھٽ وڌ ڳڻپ سبب هو. مثال طور، اڄ اسين ڄاڻون ٿا ته آڪسيجن
جا ٻه ايٽم (اڻا، جزا، ذرڙا) ۽ هئڊروجن جا ٻه ايٽم پاڻ ۾ مِلي هئڊروجن آڪسائيڊ
نالي هڪ پاڻياٺ ٺاهن ٿا پر جيڪڏهن آڪسيجن جو هڪ ايٽم ۽ هئڊروجن جا ٻه ايٽم هجن ته
پاڻي ٺهي پوندو. هئڊروجن پَر آڪسائيڊ ۽ پاڻي جي گُڻن ۾ ڏينهن-رات جھڙو فرق آهي.
چرواڪن جو خيال هو ته اهي چار اهم جزا هئا:
1. مِٽِي، 2. پاڻي، 3. باهه، ۽ 4. هوا.
ڪجھه
گِرنٿن (اصل ليکن/لکيتن/لکڻين) ۾ پنجون جزو به بيان ڪيل آهي. يورپ ۾ پڻ ڪجھه عرصو
اڳ تائين سمجھيو ويندو هو ته سنسار جي هر شَي مٿي ڄاڻايل چئن جُزن ۽ پنجين جزي ”اِيٿر“
جي گھٽ وڌ ميلاپ سبب ٺهيل آهي. چرواڪن جي خيال موجب سنسار جو ڪو به ڌڻي، مالڪ،
خلقيندڙ نه هو ۽ نه وري سنسار پنهنجيءَ جوڙجڪ ۽ ڦيرڦار لاءِ ڪنهن ڌڻيءَ جو ڳيجھو
هو.
چِينين جو ويساهه هو ته ڌرتي ۽ آڪاس، اوائل ۾، هڪ ٻي جي ڀاڪر ۾ ڀريل، زال مڙس هئا،
جن کي ڪنهن مَهان-سگھه ڇِڪي، ڇِنهي ڌار ڪيو ۽ ڌرتيءَ کي پَٽَ جيان وِڇايو ته آڪاس
کي ان مٿان ڇَٽ جيان تاڻي جھليو. ان تصور سان ئي ڪجھه ملندڙ جلندڙ پر وقت ۽ علائقي
جي وڇوٽيءَ سبب ڪجھه فرق رکندڙ خيالَ بابل ۽ مصر جي سڀيتائن ۾ به
ملن ٿا. قديم يوناني اڪابرن جا گھڻا خيال ته چرواڪن سان ملندڙ هئا پر انهن وٽ ديوي
ديوتائن جو تصور به هو.
ڏيهه
ڏيهه جا ڏاها ۽ سياڻا پنهنجيءَ پنهنجيءَ سوچ ۽ سمجھه پٽاندر سنسار تي ويچار ڪندا
رهيا. نيٺ ڪاپرنِيڪَس، گَلِيلو ۽ ڪِپلر نالي
فلڪڄاڻڪ/تاراڀياسڪ (تارن بابت ڄاڻ رکندڙ) ئي هئا جن سج چوڌاري ڦرندڙ گِرهن جا ڪجھه
مَتا ڳولي لڌا. ڪجھه عرصو پوءِ نِيُوٽن ٻڌايو ته سنسار جي مادي جو هر ذرو ڳوراٺ
(Gravity) (پاڻ يا پنهنجي وچ/ڳَر ڏانهن ڇڪِيندڙ سگھه) رکي ٿو ۽ ٻي هر ذري
تي اثر وجھي ٿو ـــــــــ اهڙيءَ طرح سنسار جا اسرار ٻاڦورجڻ لڳا.
1609ع ۾ پَرويک
(دُوربيني، ٽيليسڪوپ) جي ايجاد سان تارا ڄاڻڪن کي اهو وجھه ملي ويو ته هر
گِرهه/سياري ۽ تاري/ستاري کي ويجھو ڪري جاچي سگھن.
انهن ڏٺو
ته سج-سرشتي جا سمورا گرهه سجَ چوڌاري ساڳي ئي ڏِس ۾ چڪر هڻي رهيا آهن ۽ پنهنجيءَ
”سَرائِيءَ“ تي به ان ئي ڏِس ۾ ڦرن ٿا. هنن اهو به ڄاتو ته سج پڻ پنهنجيءَ
”سرائيءَ“ تي ڦري ٿو. هنن سج کان ان جي چوڌاري ڦرندڙ گرهن جو فاصلو به ماپڻ شروع
ڪيو جنهن ۾ پڻ هڪ مناسب وِٿي موجود هئي.
سُڄاڻن/سڄاڻڪن/سائنسدانن
اهو به جاچي ورتو ته سج جا سڀئي گرهه هڪ جھڙي ”عادت“ ظاهر ڪن ٿا، تنهنڪري ممڪن آهي
ته اهي سڀ ساڳيءَ مهل ساڳي نموني ٺهيا هجن.
بَفن نالي هڪ سڄاڻڪ، جيڪو فرانس ڏيهه جو رهاڪو هو، 1749ع ۾، اهو نظريو ڏنو ته ڪنهن
زماني ۾ ڪو ڀٽڪيل، پاڻَهُرتو، هوڏِي تارو سج سان ذري گھٽ ٽڪرائجڻ وارو هو پر ان جي
ڀرسان مَٽي ويو. سج، اڄ جيان ان زماني ۾ به ڀڙڪندڙ باهه جو گولو (گئس-گولو)
هو. ويجھو ايندڙ ان تاري جي ڳرڇِڪ سبب سج جي گئس گولي منجھان وڏا وڏا ڳترا
ڇِڄي ڌار ٿيا. اهو تارو ته جنهن تيزيءَ سان آيو تنهن تيزيءَ سان هليو ويو، پر سج
کان ڇڳل ٽڪرا پري وڃي گھٽ وڌ مفاصلي تي سج چوڌاري چڪر هڻڻ لڳا، ۽ پوءِ وقت گذرندي
ٿڌا ۽ نهرا ٿي گرهَه ٿيا.
لڳ ڀڳ اڌ
صدي پوءِ 1796ع ۾، هڪ ٻي فرينچ/فرانسي سڄاڻڪ قطعي ٻيو نظريو ڏنو، جيڪو اڄوڪي ممڪن
سچ جي ويجھو سمجھيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪنهن زماني ۾ سج ڦاٽو هو ۽ ان جا ڪڪر ۽
سنساري (Cosmic) ٻُورو کانئس ڌار ٿي ويا. تَپيَل/تاپيل گئسن جو اهو چُنڌاڙ
(چمڪندڙ ذرڙن وارو جھڳٽو، Nebula) جيئن جيئن ڦرندي ڦرندي گھاٽو ٿيندو ويو تيئن تيز ٿيندو
ويو، تان جو ان جا وڏا وڏا ڇَلا وِچان-ڌِڪڻي (وچ کان پري ڌِڪيندڙ، Centrifugal) زور وسيلي
ڦِٽا ڪيا ويا. اهي ڇلا پري/پرانهون وڃي، سوڙها، ڳُوڙها ۽ گھاٽا ٿي نهرا ٿيا ۽ نيٺ
اڪيلي اڪيلي گرهه جي صورت وٺي بيٺا. انهن مان هڪ گرهه ڌرتي آهي، جنهن جو
نمبر ٽيون آهي.
ڌرتيءَ
جي ڄَم بابت مليل تفصيلن تي سڄاڻڪن کي اڃا به متفق/يڪراءِ ٿيڻو آهي، پر جديد سڄاڻڪ
اهو ڀروسو رکن ٿا ته سج پنهنجن گرهن (۽ انهن مان هر هڪ جي اُپگرهن/چَنڊن) سان گڏ
ساڳيءَ ئي ويرم/گھڙِيءَ ۾ ٺهيو. اهي سمجھن ٿا ته اڄ اسين جنهن کي سج-سرشتو سڏيون
ٿا اهو هڪ کرب کان به ڪجھه وڌيڪ ورهه اڳ، ذرڙن جو هڪ ٿڌو ٻُورو هو، پوءِ ڳوراٺي
سگھه واري مَتي سان سهمت ٿيندي، اهي ذرڙا هڪ ٻي جي ويجھو آيا ۽ هڪ ڏاڍيءَ وڏيءَ
وچ-وٽ-ٿُلهيءَ ٿالهيءَ جي شڪل ورتائون. جيئن ته اها ڦرندڙ هئي تنهنڪري وچ-ٿُلهي
ٿالهي ڪجھه وڌيڪ گھاٽن ڇَلن جي شڪل وٺي وئي. ٿالهيءَ جو اهو ٿلهو وچ سج آهي ۽ ان
چوڌاري ڦرندڙ ڇلا گھاٽا ٿيندا، ڳُتبا ۽ نهرا ٿيندا ويا. گئس جا گھاٽا ڳُوڙها اهي
ڳنڍا گئس جي ذرڙن ۽ ننڍن ڳوڙهن کي پاڻ ڏانهن ڇِڪڻ لڳا. گئس ٿڌي ٿي ڪوسِيءَ
”پاڻياٺ“ جي شڪل ورتي. هوري هوري اڃا وڌيڪ ٿڌو ۽ نهرو ٿيڻ کان پوءِ، وقت جا وهڪرا
اڪرندي، اهي گرهه (۽ اپگرهه) ٿي پيا.
هي نظريو
(ٻين اسرارن سان گڏ) سمجھائي ٿو ته ڇو سج ۽ ان جا سمورا گرهه ساڳي ڏس ۾ (پنهنجي
پنهنجي ”سرائي“ تي) ڦِرن ۽ (سج چوڌاري) چڪر هڻن ٿا، ۽ اهو پڻ ته ڇو سج-سرشتي جي
گرهن جي بيهڪ/حالت/پوزيشن ايڏي سنوَت ۾ ۽ لڳ ڀڳ مناسب ٺهڪندڙ وِٿيرڪي آهي.
۽ اهڙيءَ
طرح، ڪي پنجاهه هزار-لک (4-5 ارب) ورهه اڳ، پولار ۾ ڀٽڪندڙ اَرُوپ ۽ نِڪمي سنساري
ٻُوري جي مَهان ڪَڪرَ ٿڌو، سوڙهو، گھاٽو ۽ ڳُوڙهو ٿي، اسان جي گرهه ــــــــــ ڌرتيءَ
ــــــــــ جي صورت ۾ جنم ورتو. (ڌرتيءَ جي ڄمار 4-ارب، 60-ڪروڙ ورهه چئي وڃي ٿي.)
ڌرتيءَ جي ڄمار
ڪُڄاڻن
(ڪِني ڄاڻ رکندڙ، ڄاڻ کي ڪِني مقصد لاءِ ڪم آڻيندڙ) يا ٺَڳ ”عالمن“ پنهنجن خود غرض
وهمي ڀرمن جي بنياد تي، اهو پئي ٻڌايو آهي ته سنسار، پنهنجي سڀ ڪجھه سميت، پنجن
ڇهن ڏينهن ۾، ڪي ست-اٺ هزار ورهه اڳ ٺاهيو ويو ۽ ان کي ٺاهيندڙَ سندن ٻڌايل
ديويُون ديوتا هئا يا ديوتائن جو ديوتا هو. (”ديوتا“ ماڻهوءَ جھڙو پر وڏي سگھه
رکندڙ خيالي وهم ئي آهي.) انهن جهالت ڀرين، ڄَٽاڻين، ڪُوڙين ۽ وهمِي ڳالهين کي غلط
ثابت ڪندڙ رڳو اها هڪ شاهدي ئي ڪافي آهي ته ماڻهوءَ جي وجود جي ثابتي ڏهنِ کان
ٽيهنِ لکن سالن تائين پراڻِي آهي. ٻيا ”ساهوارا“ ماڻهوءَ کان به لکين ۽ ڪروڙين
ورهه اڳ موجود هئا. ڌرتيءَ جي ڄمار لڳ ڀڳ 4-ارب، 60-ڪروڙ ورهه ٿيندي. ۽ ان کان به
اربين ورهه اڳ سج جو چُنڌاڙ موجود هو... (ان کان به اڳي اها ڪهڪشان/ کيرپٽو/گَس
وجود ۾ اچي چڪو جنهن جو، اسان وارو سج-سرشتو ته هڪ معمولي ذرو آهي. اهو گس اڃا به
هڪ وڏي گس جو حصو آهي... ۽ اهڙا ڪروڙين مهاگسَ ته جديد پرويکن وسيلي ڏسجي چڪا آهن.
ايئن ٿو ڀانئجي ته اسان جو سنسار سدائين، موجود رهيو آهي.)
پر اسين
ڌرتيءَ جي ڄمار جو ڪاٿو ڪيئن ڪري سگھيا آهيون؟
ڪي ماڻهو
جانور جا ڏند ڳڻي ان جي ڄمار ٻڌائي سگھندا آهن. ٻار جا ڏند ڳڻي ان جي ڄمار ٻڌائي
سگھجي ٿي ــــــــــ کيرولي ڏند عام طرح ڇهين مهيني کان ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا ۽ عام
طرح ڇهين سال ڇڻي پوندا. چووِيهنِ ورهن جي ڄمار واري نوجوان جا ڏند گھڻو ڪري 28
ملندا.
هڏي ۾ ڪئلشم
نالي هڪ عنصر هوندو آهي. ڪنهن به جانور جي ڪا به هڏِي ڪيتري پراڻي آهي، (سا ڳالهه)
ڪئلشم جي اڀياس وسيلي ٻڌائي سگھبي... ۽ اهڙيءَ طرح مختلف شين جي اڀياس لاءِ ڌار
ڌار طريقا هوندا آهن. هر شَي جي حقيقت تائين پهچ جو ڪو نه ڪو طريقو ٿئي ٿو. ڪو به
عقلمند ماڻهو نَهَن/چَنبن سان کوهه نه کوٽيندو، ڪوڏر سان لَپا هڻي اونهو وڃڻو
پوندو. اهڙيءَ طرح، ڄَٽاڻن ڌُڪن ۽ وهمن تي ڀاڙڻ بدران ڌرتيءَ جي ڄمار لاءِ به ڪو
نه ڪو صحيح طريقو ڳولڻو پوندو. پر ڌرتيءَ جي ڄمار ڪَٿڻ جو ڪو به ڀروسي جوڳو
ماڻ/ماپو/ڪاڇو ويجھڙ ماضيءَ تائين ميَسر ڪو نه هو. ڌرتيءَ جي اڀياس ڪندڙ
(ڀُوڀياسڪ/ ڌَرڀياسڪ/ڀُوڄاڻڪ/ڌَرڄاڻڪ) سرواڻ سُڄاڻُن ڪي ڏيڍ سَو ورهه کن اڳ ڌرتيءَ
جي مٿاڇري تي پٿر/ڇِپ/ٽڪريءَ جي ٺهڻ جي تپاس جو ڪم پاڻ تي کنيو. انهن ڏٺو ته
ڌرتيءَ جي مٿاڇري واريون اهي ٽَڪريون هڪ ٻي مٿان تَهن جيان سَٿيَل هيون، ۽ هنن اهو
به ڏٺو ته هر تهه/سطح تي مختلف قسمن جي جيئاڪ/جيئرن وجودن (جانورن، وڻن، ٻُوٽن
وغيره) جا پاهڻيَل (پٿر ٿي ويَل)جسم موجود هئا. مثال طور، هنن اڄوڪن ڪيترن
ئي اوچن جبلن جي ٺوس ڇِپن ۾ اهڙن جانورن جا پاهڻ/پنڊ پاهڻ (فاسلز، fossils) ڳولي ڪڍيا
جيڪي حقيقت ۾ سمنڊ جا رهاڪو هئا ۽ کين اڄوڪن برف سان ڍڪيل قطبي علائقن ۾ دفن ٿيل
انهن جانورن جا هڏا/جَسا مليا جيڪي ڪوسن علائقن (تاپيَر/تائپتي/”ڪوسي ڪمربند“ جي
هيٺاهن ميدانن) جا رهاڪو هوندا آهن.
ڌرتيءَ
جو مٿاڇرو اڄ به هوري هوري بدلبو رهي ٿو. نديون خشڪ ٿين، ويڪريون ٿين يا وهڪرا
بدلائن ٿيون، جبلن جا ڳپل ڇِپن ۽ پٿرن جي صورت ۾ ڇڄِي هيٺ ڪِرن ۽ نوان ٽَڪر ٺاهن
ٿا. باٺوها (آتش فِشان، باهه اوڳاڇيندڙ جبل) هِڪڙا جبل رجائي ٻيا ٺاهن يا
اڳلن کي نئون روپ ڏين ٿا، تنهنڪري ڪي اڳوڻا ٻيٽ ٻڏي ٿا وڃن ته ڪي نوان ظاهر ٿين ٿا
۽ اهڙو ٻيو گھڻو ڪجھه ٿيندو رهي ٿو. اڳ به ايئن لاڳيتي ۽ هوري هوري ۽ ڪڏهن ته تيز
تيز تبديلي (جيئن زلزلو تبديلي آڻي ٿو) ٿيندي رهي هوندي. هيءُ جو سمنڊن کان سوين
ميل پري، اوچن جبلن جي تهن ۾، سامونڊي جانور پُوريا پيا آهن ۽ ڪوسن علائقن جي ٻيلن
جا وڻ ۽ جانور اڄوڪن ٿڌن علائقن ۽ برفاني اونهاين ۾ لڪل آهن، سو ڇو؟ اڄ کان رڳو
50-هزار ورهه اڳ سنڌي سمنڊ ملتان تائين پکڙيل هو ۽ اڄوڪيءَ سنڌ جو سڄو
ميداني علائقو پاڻيءَ هيٺ هو. سمنڊن جي تري کان جبلن جي چوٽ تائين، ۽ تاپيَر (ڪوسي
ڪمر-بند وارن) ٻيلن کان قطبن جي رُڃ تائين اها تبديلي لکين ورهن ۾ ٿي هوندي.
ويهِين
صديءَ جي ابتدا تائين مس وڃي اهو طريقو/وسيلو ٺهيو جيڪو ٻڌائي سگھي ته ڌرتيءَ جي
ڄمار ڪيتري آهي. ان طريقي/وسيلي جو نالو آهي تِرورائي ڦڙتي
(ريڊيو-ايڪٽِوِٽِي، radio-activity) ۽ جڏهن اهو لڀِي پيو تڏهن ڌرتيءَ جي ڄمارَ جو ليکو
هزارَ ته ڇڏ، لکن ۾ به نه، ڪروڙن کان به ٽپي، اربن ورهن ۾ وڃي بيٺو. (”ترورائي
ڦڙتي“ بدران ”ڪِرڻا ڦڙتائپ“ اصطلاح به ڪم آڻي سگھجي ٿو.)
هِڪڙا
ماڻهو، جن کي مجوسي سڏجي ٿو، پاري يا شِيهي کي سونَ ۾ بدلائڻ جو جتن ڪندي پنهنجون
ڄمارون ۽ ملڪيتون اجايو وڃائي ويٺا. انهن جو ڪم ۽ طريقو ڄٽڪو هو، پر اها حقيقت آهي
ته ڪيترائي عنصر ڪِن خاص طريقن موجب ۽ ڪِن خاص مُدتن ۾ هڪ مان بدلجي ٻيو ٿي پوَن
ٿا، جيئن يورينِيَم نالي عنصر مناسب حالتن ۾ وقت جي هڪ وڏي عرصي کان پوءِ
بدلجي شيهو ٿي پوي ٿو. اهڙيءَ تبديليءَ جو سبب ڇا آهي؟
ان جو
ڪارڻ ترورائي-ڦڙتي (ڪرڻا ڦڙتائپ) آهي. اها ڪجھه عنصرن (جيئن يورينيم) کي هوري هوري
ڳاري، ڀوري، سادي عنصر (جيئن شيهي) ۾ بدلائي ڇڏي ٿي. ڳرڻ/ڀُرڻ/بدلجڻ جو اهو مدو
ورهن ۾ ڪَٿي سگھجي ٿو.
ان
ترورائي ڦڙتيءَ واري طريقي پٽاندر جڏهن ڪجھه ٽڪرين/ ڇِپن/پٿرن جي ڄمار ڪئي وئي
تڏهن انهن جي ڄمار 300-ڪروڙ (3-ارب) ورهه بيٺي. سڄاڻڪ سمجھن ٿا ته اڃا به جُھونيون
ٽَڪريون موجود هونديون. ان ڪري سڄاڻڪ هاڻي سڌو سادو ڀروسو رکن ٿا ته ڌرتيءَ جي
ڄمار 4-ارب 60-ڪروڙ ورهن تائين بيهي ٿي.
ڪجھه اُماڙا
ڪرڻا-ڦڙت چڪاس هيٺ آندا ويا آهن. رات جي وقت ڪنهن ڪنهن مهل، اُڀ ۾ اوچتو هڪ ڊگھي
لاٽ ڪندڙ ”تارو“ نظر ايندو آهي جنهن کي سنڌيءَ ۾ عام طرح ”اُماڙِي“ سڏيو وڃي ٿو.
اماڙو (”ڪِرندڙ يا کِڙندڙ تارو“، ميٽئور، Meteor) لوهه يا پٿر جو، مَٽر جي داڻي جيتري
ڳوڙهي کان ويندي ٽَنن ۾ وزن رکندڙ ڳَنڍو آهي جيڪو سج-سرشتي ۾ گھمندو/ڦرندو/ڀٽڪندو
رهندو آهي. جڏهن ڌرتيءَ جي فضا ۾ داخل ٿئي ٿو ته ڌرتيءَ جي ڳوراٺ سبب هوا سان
گسندو/رهڙجندو لاٽ يا اماڙِي پيدا ڪندو آهي. ننڍو اماڙو ته هوا ۾ ئي گَسِي ڳري وڃي
ٿو پر وڏو اماڙو گسي وڃڻ باوجود ڌرتيءَ تي اچي ڪِري ٿو. اماڙن جا ڌرتيءَ تائين
سلامت پهچي ويل ڪيترائي ڳنڍا دنيا جي ڪيترن ئي مِيوزمن ۾ سنڀالي رکيا ويا آهن.
سڄاڻڪ سمجھن ٿا ته اماڙا به ڌرتيءَ سان گڏ ئي ڄاوا آهن. انهن جي ڪِرڻا ڦڙت پرک/موک
ٻڌائي ٿي ته انهن جي ڄمار ساڍا ٽي يا 3 ارب ورهه ٿيندي.
ڇِپون/پٿر/اماڙا
نهرا جسم آهن، انهن کي نهرو ٿيڻ ۾ به ڪو وقت لڳو هوندو. اها ڪَٿ ڪرڻ کان پوءِ
سمجھيو وڃي ٿو ته ڌرتيءَ جي ڄمار 4-ارب 60-ڪروڙ ورهه آهي.
ڌرتي گولو/ڇا ڌرتي گول
آهي؟
ڌرتي
جيڪڏهن گولو آهي، ته اسين تِرڪي ڇو نه ٿا ڪِرون؟
اهو سوال
عام طرح ٽوڪ منجھان، ڏند ٽيڙي، پڇيو ويندو آهي ۽ سوال ڪندڙ سمجھندو آهي ته هن وڏِي
ڪا کيپ کٽي آهي. اهو سوال هر ان ماڻهوءَ کان پڇيو ويو آهي جيڪو چوي ته ڌرتي ڪنهن
ڏاڍي وڏي صوف جيان گولو آهي. (ڦيٿو ۽ مُنڊِي ”گول“ ۽ چِدو ۽ بال ”گولو“ سڏڻ
گھرجن.) اهو سوال ڪيڏِي نه وڏي اڻڄاڻائي، جهالت، بيوقوفي، مورکپائي ۽ ڇَسائي رکي
ٿو! ان جو اندازو هر ان ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح هوندو، جنهن کان اهو سوال پڇيو پئي
ويو آهي.
پاڻ کان
هزارين کرب ڀيرا وڏي چقمق تي جيڪڏهن لوهه جو ذرو رکيو وڃي ته ڇا ڪو به عقلمند
ماڻهو اهو سوال پڇندو ته اهو ڇو تِرڪِي نه ٿو ڪِري؟ ڌرتي هڪ ڏاڍو وڏو چقمق آهي، ان
تي تفصيل سان پوءِ ڳالهائبو.
ڇا توهان
کي ڄاڻ آهي ته هڪ ماڻهو ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪيترڙو آهي؟ اچو ته ڀنجُو کڻي، ڳوهي،
ماڻهوءَ جيترو پُتلو ٺاهيون. هڪ ڪمري جيتري مٽيءَ جي چَڪيءَ مان گھڻا پتلا ٺهندا؟
سڄي ڌرتيءَ تي جيتريون جايون آهن انهن مان گھڻا ماڻهوءَ-پتلا ٺاهي سگھبا؟ ۽ سڄيءَ
ڌرتيءَ مان ڪيترا پتلا ٺهي سگھندا؟
ڌرتيءَ
جو وزن (مايو) 000,000,000,000,000,000,000,000,6 ڪلوگرام (يعني 1024x6 ڪلوگرام) آهي. هڪ نوجوان جو وزن عام
طرح 50 ڪلوگرام ٿئي ٿو، جيڪڏهن هر ننڍي وڏي، ٻار توڙي ٻڍي جو وزن 50 ڪلوگرام به
سمجھيو وڃي ته به گھٽ ۾ گھٽ 000,000,000,000,000,000,000,2112
پتلا ٺهندا!
جيڪڏهن
ڌرتيءَ جي سڀني ماڻهن جو وزن (جيڪو ڌرتيءَ جو حصو آهي) ڌار ڪيو وڃي، ته به انهن جي
ڪل وزن کان ڌرتي لڳ ڀڳ 000,000,000,42240
ڀيرا وڏي آهي يعني سڄي ڌرتيءَ جا سڀ ماڻهو جيڪڏهن هڪُ وَٽُ هجن ته به اهڙا 4224
ارب وَٽَ گھربا تڏهن وڃي ڌرتيءَ سان برميچي سگھبا! ايڏو وڏو گولو هجي ۽ وري زبري
چقمق جا گڻ به رکندو هجي، ته ان تان ماڻهو ته ڇا سمنڊن جي پاڻيءَ جي ترڪڻ جو به
سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
ڌرتي جيڪڏهن ڏاڍو وڏو گولو ناهي، ته ڪيئن آهي؟
هن ئي
ڌرتيءَ جي اربين رهاڪن کي، جيڪي ڪجھه نه ڪجھه عقل، ڄاڻ، سمجھه رکن ٿا، اها سُڌ ئي
ناهي ته ڌرتي گولو آهي، ته ڪيئن آهي؟ ۽ جي گولو ناهي، ته پوءِ ان جي بناوت ڪيئن
آهي؟
ڪي ماڻهو
بنا دليل جي، انڌَ تي چون ٿا ته ڌرتي صوف جيان گولو (Sphere) ناهي، پر مانيءَ جيان گول (Circle) آهي، ۽ ڪي
اهڙا به آهن جي ڌرتيءَ کي چَوڪنڊو (Square) فرش سمجھن ٿا!
پُراڻي
زماني جا مصرِي اهو ويساهه رکندا هئا ته چَوڪنڊِي ڌرتيءَ مٿان چئني پاسن
وارن جبلن (جي ٿوڻين) تي ڌاتوءَ جي ٽوپي (اُڀ، ”آسمان“) بيٺل آهي. جڏهن سج لهي وڃي
ٿو ۽ رات ٿئي ٿي تڏهن سندن وهمي ڀروسي موجب سندن ويساهيل خدا (ديوتا) تارن کي
ڏوريُن ۾ لڙڪائي سڄي رات جھلي بيهن ٿا.
جُھونا هندو
اهو ڀروسو رکندا هئا ته ڌرتي انتهائي ويڪرِي ٿالهيءَ جيان آهي جنهن کي چئني پاسن
کان بيٺل چار سگھارا هاٿي پنهنجن پُٺَن تي کڻي بيٺا آهن. (شايد کانئن اهو سوال ڪيو
ويو هوندو ته اهي هاٿي ڇا تي بيٺا آهن؟ تنهنڪري هنن چيو ته) اهي چارئي هاٿي پهاڙن
کان وڏي ڪَڇُونءَ جي کوپي تي بيٺل آهن. (شايد وري پڇيو ويو هوندو ته اهو ڪڇون ڇا
تي بيٺل آهي؟) ڪڇون وري جابلو قطارن کان ڊگھي ڊمڻ بلا جي مٿان ويٺو آهي ۽ اها ڊمڻ
هڪ پراسرار سمنڊ ۾ تري رهي آهي (۽ اهو سمنڊ ڇا تي آهي؟ اهو سوال شايد نه پڇيو ويو،
يا ان جو جواب نه هو!؟)
جُهونا چِيني
وري اهو ٻڌائيندا هئا ته هڪ ويڪري تغاريءَ (تئِيءَ، ڪڻڇِيءَ) جھڙي ڌرتي ڏاڍي وڏي
ڏيڏر جي پُٺيءَ تي رکيل آهي ۽ ڏيڏر جي گھمڻ ڪري ڌرتي ڌُڏي ٿي. (۽ ڏيڏر ڇا تي ويٺو
آهي ۽ گھمي ٿو!؟)
پراڻي
زماني جا سنڌي ايئن وسهندا هئا ته ڌرتي ڍڳي جي سِڱ تي بيٺل آهي ۽ ڍڳو ٿڪجِي
جڏهن ڌرتيءَ کي ٻي سڱ تي آڻي ٿو تڏهن ڌرتي ڌڏي ٿي. (اهو ڍڳو ڇا تي بيٺو هو!؟)
آڳاٽن
ڏينهنِ ۾ اهڙين سوچن جو وڏو سبب ڄاڻ جي کوٽ ۽ پرک ۽ پروڙ جي اڻهوند هو. اهي ماڻهو
پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ جھڙوڪ بند/قيد هئا، خاص طور انهن ڪڏهن سمنڊ جو ڊگھو سفر نه
ڪيو هو. اميريڪي کَنڊن (اتر اميريڪا ۽ ڏکڻ اميريڪا) جي ته پندرهين صديءَ
کان اڳ ڪنهن کي به ڄاڻ نه هئي ۽ کين اها به سُڌ نه هئي ته وٽن جيڪڏهن ڏينهن هو، ته
هن ئي ڌرتيءَ تي ساڳيءَ مهل ڪنهن ٻي هنڌ رات هئي، ۽ هِنن جي مٿان به ”آسمان“ هو ته
هُنن جي مٿان به!
توهان
جيڪڏهن اُوچيءَ جاءِ تي بيهي، هر پاسي نظر وجھندا ته ڌرتي توهان کي کَڏن، کوٻن ۽
دڙن وارِي پر سنوت ۾ ”وڇايل“ ڏيکاربي، تان جو ڪجھه پري اوهان کي ڪجھه به ڏسڻ ۾ نه
ايندو ۽ اوهين ايئن وسهندا ته ڌرتي ۽ ”آسمان“ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. (شايد ان ڪري ئي
پراڻي زماني وارا چِيني اهو ڀروسو رکندا هئا ته ڌرتي ۽ ”آسمان“ پاڻ ۾ ڳنڍيل
هئا ۽ پوءِ هڪ ٻي کان ڌار ڪيا ويا!) جيڪڏهن توهين نديءَ ڪناري يا سمنڊ جي ڪنڌيءَ
ڀَرِ بيهي پاڻيءَ کي ڏسندا ته ڪجھه پرڀرو ”آسمان“ توهان کي پاڻيءَ سان ملندي
ڏيکاربو. ڇا ڌرتي ڪٿي به ”آسمان“ سان ملي ٿي؟ عام اک سان ڏسبو ته ڌرتي ۽ ”آسمان“
ملندي ڏيکاربو. عام اک سان معمولي مشاهدو اسان کي گھڻي ڀاڱي غلط ڄاڻ ڏيندو آهي. ان
ڪري پرک ۽ پروڙ، تجربو ۽ تدبر به ڏاڍا اهم آهن.
جُهوني
جڳ جا ڪجھه ماڻهو ٻين جي ڀيٽ ۾ (اڄ جيان) وڌيڪ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ هئا، انهن جي
سمجھه عام رواجي سمجھه کان مٿڀري هئي. انهن سج، چنڊ، تارن، گرهن ۽ نِکَٽن کي ڪجھه
وڌيڪ ڌيان سان ڏٺو، انهن سج-گرهڻ ۽ چنڊ-گرهڻ تي ڌيان ڌريو، انهن سانجھيءَ ۽ فجر
جو، سياري ۽ اونهاري توڙي سرءُ ۽ بهار ۾ اڀ جي تارن کي ويچار هيٺ آندو. انهن نه
رڳو پري پري تائين سير ڪيا پر سامونڊين ۽ ٻيڙياتن سان به ڪچهريون ڪيون ۽ ظاهر آهي
ته وٽن ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڄاڻ ججھي ٿي. پراڻي سنڌي، هندي، مصري، بابلي،
نينوائي، سميري ۽ چيني، ۽ ڪجھه پوءِ يوناني سڀيتائن ۾ ڪيتريون
ئي اهڙيون ڳالهيون ملن ٿيون جيڪي ان وقت جي ڏاهن رواجي سوچن کان نرالي ۽ سڌريل
نموني بيان ڪيون.
عيسوي سن
جي ابتدا کان به پوڻا ڇهه سَو ورهه اڳ يونان جي ڪجھه ڏاهن ڌرتيءَ کي سمنڊ مٿان
پَـٿاريل ٻيٽ کان ٻي نموني پئي سمجھيو. انهن سمجھيو پئي ته ڌرتي ڏاڍو وڏو گولو هئي
۽ سج پڻ خدا نه، پر باهه جو گولو هو. انهن ۽ سنڌ-هندُ، مصر ۽ عراق جي ڏاهن، پنجن
گرهن ــــــــــ عطارد (مرڪيورِي، ٻُڌ)، زهره (وينس، شَڪر/وِهائُو)، مريخ (مارس،
اڱارو)، جُوپِيٽر (مشترِي) ۽ سَئِٽرن (ڇنڇر) بابت به ڄاڻي ورتو هو. پر هنن ايئن
پئي سمجھيو ته ڌرتي ڪائنات جو وِچُ هئي ۽ سج، چنڊ ۽ ڄاڻايل پنج گرهه ان جي چوڌاري
پئي ڦريا. انهن ڄاتو پئي ته اهي ست ئي ساڳيءَ سطح تي نه، پر هڪ ٻي کان هيٺ مٿي هئا
جنهنڪري ست تهه پئي ٺهيا ۽ ان ڪري ئي هنن سمجھيو ته ”آسمان“ ست هئا ۽ انهن کان
مٿان ”عرش“، جنهن ۾ باقي تارا ٽنبيل هئا.
هوري
هوري پرک، پروڙ، ڄاڻ ۽ سمجھه سڌرندي، وڌندي ۽ وِيجھندي وئي. اڄوڪي سلجھيل ماڻهوءَ
ڌرتيءَ بابت گھڻو ڪجھه ڄاڻي ورتو آهي. هاڻي ته ماڻهوءَ ڌرتيءَ کان گھڻو پري پولار
۾ وڃي ڌرتيءَ جا فوٽو ڪڍيا آهن (جن ۾ ڌرتي هڪ گولو نظر اچي ٿي) ۽ ان گولي کي ڦرندي
ڏٺو آهي.
توهان
ڪڏهن ”آسمان“ تي ڌيان ڏنو آهي؟ جيڪي تارا سانجھيءَ جو اوڀر ۾ ڏيکاربا آهن، اهي
آڌيءَ رات ٺيڪ وچ تي ۽ فجر مهل اولهه ۾ هوندا آهن. ڇا ”آسمان“ سُرندو، رڙهندو رهي
ٿو؟ جيڪي تارا اونهاري ۾ ڏسي سگھبا آهن، اهي سياري ۾ نظر نه ايندا. اونهاري ۾
”گَسُ“، وڏي کٽ ۽ وِڇون/ڀَــٽون ”جوڙيندڙ“ تارا ڏيکاربا ته سياري ۾ وري تارن جو
سٽاءُ ئي ٻيو هوندو... ڇا هر مند ۾ ”آسمان“ بدلجي ٿو؟
توهان
بِي.بِي.سِي. لنڊن تان خبرون ٻڌيون هونديون. خبرون ٻڌائيندڙ چوندو ته هن وقت
پاڪستان ۾ رات جا سوا اَٺ، ڀارت ۾ پوڻا نَـــوَ، بنگلاديش ۾ سوا نوَ ۽ هتي لنڊن جي
واچن ۾ ڏينهن جا سوا ٽي ٿيا آهن! ٺيڪ ان مهل گڏيل امريڪي رياستن (گ.ا.ر. يعني
يُو.ايس.اي) جي هڪ وڏي شهر نيويارڪ ۾ صبح جا لڳ ڀڳ ست ٿيا هوندا. ايئن ڇو آهي؟
ٿورو
عرصو اڳ تائين سنڌ جي اتر ۾ افغانستان کان پريان هڪ وڏو ڏيهه ”سُويت يونين“
(يونين آف سُويت سوشلسٽ ريپبلڪس) نالي موجود هو جيڪو هاڻي ٽوڙيو ويو آهي. اهو ايڏو
ته ”ڊگھو“ هو جو ان جي اڀرندي سرحد وٽ سج اڀرندي نظر ايندو هو ته اُلهندي سرحد وٽ
سانجھي هوندي هئي! ۽ اهو اوهين ڄاڻندا هوندا ته اتر قطب وٽ ڇهه-ماهو ڏينهن
هوندو آهي ته ڏکڻ قطب تي ڇهه-ماهي رات، اڄ ڪلهه (جُون-جولاءِ 1993ع) اتر
قطب تي ڏينهن آهي ۽ ڏکڻ قطب تي رات. ايئن ڇو؟
سمجھو
ڪري ته ڌرتيءَ جي سڀني ڏيهَن ۾ ۽ چئني ساگرن (وڏن سمنڊن) ۾ (مختلف هنڌن تي بيٺل
پاڻي-جهازن ۾) اسان جو ڪو نه ڪو سنگتي موجود آهي. اسان وٽ هڪ اهڙي
پَرٻولڪ/پَرواڪڻو (ٽيليفون) آهي جنهن وسيلي انهن سڀني سان هڪ ئي وقت ڳالهائي ۽
جواب ٻڌي سگھجي. انهن کان جيڪڏهن سوال پڇبو ته هن مهل وٽن ڪيترو وقت ٿيو آهي، ته
خبر اٿوَ، جواب ڪهڙو هوندو؟
سڀ سنگتي
جيڪو وقت ٻڌائيندا، ڇا اهو ساڳيو هوندو؟
نه، هر
سنگتيءَ جو ٻڌايل وقت ڌار ڌار، صبح جي ستين وڳي کان وٺي رات جي ستين وڳي تائين ۽
وري صبح جي ستين وڳي تائين هوندو. ڪٿي صبح هوندو ته ڪٿي منجھند، سانجھي ۽ اڌ رات.
ايئن ڇو آهي؟
ڇا توهان
چنڊ-گرهڻ مهل چنڊ تي ڌرتيءَ جو پوندڙ پاڇو ڏٺو آهي؟ مڪمل چنڊ-گرهڻ مهل چنڊ
تي پهريائين ڪمان جهڙو پاڇو ظاهر ٿيندو، هوري هوري وڌندو ۽ چنڊ کي ڍڪيندو ويندو،
تان جو پورو چنڊ پاڇي هيٺ اچي اونداهو ٿي ويندو، ۽ پاڇو ويندو هٽندو. اهو به ڪمان
جيان هوندو تان جو وري چنڊ اڳ جيان چانڊوڪي پکيڙيندي نظر ايندو. چنڊ تي ڌرتيءَ جو
پاڇو گول ڇو؟
ڇا توهان
کي سيرَ سفر جو شوق آهي؟ آءٌ هڪ ”ڊگھي“ سَير تي وڃي رهيو آهيان. ڇا توهين
به مون سان هلندا؟ هي سير اولهه طرف نَڪ جي سِيڌ ۾ ڪنداسون پر نتيجو؟ مون جڏهن
پهريون ڀيرو اهو سفر ڪيو، تڏهن آخر ۾ پاڻ به تپرس ۾ پئجي ويو هوس. ڇا اوهين تيار
آهيو؟ اچو ته هلون.
ٺهي
سنبري سَير لاءِ نڪري پيا آهيون، حيدرآباد کان ٺيڪ اولهه طرف نڪ جي سيڌ ۾.
اسين مزي سان سير ڪندا، لقاءَ ۽ نظارا ڏسندا، جبل لتاڙيندا بلوچستان ۾ اچي
پهتا آهيون. ڇا توهان کي سُڌ آهي ته اڃا اولهه ۾ هلنداسون ته ڪهڙي ڏيهَه ۾ هلي
رَسنداسون؟ ٺيڪ، ايران ۾. ايران جي لڳ ڀڳ سڄي ايراضي اسان جي اُتر ۾ پکڙيل
آهي ۽ رڳو 3 سَو ميل پنڌ ڪري سڄو ايران اتر ۾ ڇڏي اسان کي عباس بندرگاهه
وٽان ايراني يا عربي نار ۾ لهڻو پوي ٿو. هتان ڪجھه پرڀرو ڏکڻ ۾ گڏيل
عرب امارتن (گ.ع.ا. يعني يُو.اي.اِي) جو سامونڊي ڪنارو آهي. هاڻي 4-سَو ميل
ٻيا به پنڌ ڪري بحرين جي گادِي مناما ۾ پهتا آهيون جيڪو اُڪري سعودي
عرب جي گادِي رياض اسان جي ڏکڻ ۾ ڏيڍ سَو ميلن کان پوءِ ايندي. پريان
ڏکڻ ۾ مدينو ۽ ان جي ڏکڻ ۾ 300 ميل پري مَڪو آهي. ڏيڍ سَو ميل ٻيا
اڪري سعوديءَ جي هڪ سرحد، ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتا آهيون. هِتي
ڳاڙهي سمنڊ جي ويڪر 300 ميل آهي جنهن کان پوءِ مصر جي سامونڊي ڪنڌي اسان جي
پيرن هيٺ آهي. اهڙيءَ طرح ايشيا کنڊ مان نڪري، اچي افريڪا کنڊ ۾
پهتا آهيون. هاڻي مصر جي اسنا شهر ۾ پهتا آهيون. مصر جي گادِي قاهره
اسان جي اتر ۾ 300 ميل پري ٿيندي. هاڻي اسان جو اڳيون پنڌ مصر جي رِڻ جي
اتر ۾ ٿيندو تان جو اسين اچي لبيا پهچون، جتي اهو ئي رڻ اسان جي کاٻي پاسي،
ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي. جڏهن ان رڻ جا 1100 ميل لتاڙينداسون تڏهن لبيا جو 300 ميل ميداني
علائقو اسان جي اڳيان هوندو جنهن کان پوءِ الجيريا اسان جي سامهون آهي.
الجيريا جو هڪ رڻ ته اسان جي اتر ۾ آهي جنهن جي ڏاکڻي ڪِناري سان سفر ڪندي ”گرِينوِچ
مِين ٽائيم ليڪ“ ٽپي الجيريا جو ٻيو رڻ آرپار اُڪرڻو پوندو. هاڻي اسين ماريطانيا
جي چهنب جهڙي اترادِي سرحد اڪري اولهه صحرا ۾ پهتا آهيون، ۽ هتي ئي موراڪو
جي ڏاکڻي سرحد به آهي جا اسان جي اتر ۾ 10 ميل کن پري ٿيندي. مصر، لبيا، الجيريا ۽
موراڪو وارا رڻ ڄڻڪ هِن رڻ-ڏيهه ـــــــــــ اولهه صحرا ــــــــــــ جي سامهون
ڪالهوڪا ٻار آهن ۽ سنڌ جو ٿر ڄڻڪ اڃا ڄائو ئي ناهي، ماءُ جي پيٽ ۾ آهي!
هِتي واريءَ جي جبل جيڏين ڀِٽن ۾ ڀٽڪندي، رڃ جا ”واڪا“ ٻڌندي ماڻهو جيڪر رُلي مري
وڃي. اڳي دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي ٿر کي اڻکُٽ، اَپار سمجھيو ويندو هو. اڄ ماڻهوءَ جي
ذهني ۽ جسماني ڪشالن ۽ سائنسي ڪارنامن جو ڪمال آهي جو هتي به کيکڙا (لاريون) هلن
ٿا ۽ موٽر گاڏين جي ڊوڙ جا مقابلا ٿين ٿا. اولهه صحرا کان پوءِ دنيا جو ٻيو نمبر
وڏو ساگر ائٽلانٽڪ اسان جي آڏو آهي جنهن جي آئيُن بندرگاهه ۾ ڪجھه
آرام ڪرڻو اٿئون. اهڙيءَ طرح افريڪا کنڊ پُورو ٿيو ۽ اسين ان جي اتر واري حصي ۾
سير ڪري هتي اچي رَسيا آهيون. ائٽلانٽڪ جِي اسان جي سامهون ويڪر 24-سَو ميل آهي.
سوين فوٽ اوچيون ساگري ڇوليون اسان جي آجيان ڪنديون ۽ اسان کي هيٺ پاڻيءَ ۽ مٿي
اُڀ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نظر نه ايندو. اهو پار ڪري ”اولهه پام بِيچ ٻيٽ“
اڪري اتر اميريڪا کنڊ جي هڪ وڏي ڏيهه گ.ا.ر. جي سمنڊ ۾ وڌيل آڱر جهڙي اهم
سامونڊي بندرگاهه ميامي ۾ پهتا آهيون. ساگر جو سير ۽ سفر ڪيئن رهيو؟ ڇا
توهان کي وڻيو؟
هن ”آڱر“
جي ڊيگھه 250 ميل ۽ ويڪر 60 ميل کن ٿيندي، جنهن تان اُڪرڻ کان پوءِ وري به سمنڊ
اسان جي آڏو آهي جنهن جي هِتي ويڪر 800 ميل ٿيندي. هاڻي اسين اتر ۽ ڏکڻ-اميريڪي
کنڊن جي وچ ــــــــــ لاطيني اميريڪا ـــــــــــــ ۾ ميڪسيڪو
جي اوڀرائين ڪنڌيءَ تي پهتا آهيون. اسان جي آڏو ميڪسيڪو جو پيٽ 600 ميل آهي جنهن
کان پوءِ ان جي بندرگاهه ڪُلياڪن وٽان ميڪسيڪو نار ۾ لهي، 50 ميل
ترِي ڪيليفورنيا باجا جي سنهڙي سوڙهي خشڪيءَ تي پهچنداسون جيڪا ويڪر
۾ 30 ميل به نه ٿيندي. توهان کي سُڌ آهي ته هاڻي اسان جي سامهون ڇا آهي؟ ڌرتيءَ جي
چئني ساگرن جو سرموڙ پَئسفِڪ (سانتيڪو) ساگر، بلڪل ٺيڪ. جتان اسان کي اڪرڻو
آهي اتان اهو لڳ ڀڳ 7-هزار ميل ويڪرو آهي!
300 ميل
ترڻ کان پوءِ هڪ ٻيٽ ”الِيجاس ٽَڪري“ آيو، ۽ 42-سَو ميل ٻيا ترڻ کان پوءِ ”مِڊ
وي (وچراهه) ٻيٽ“. هاڻي اسان ڏيهان ڏيهي ڏينهنمَٽ ليڪ جي مٿان
اڪرنداسون جيڪا هن وقت اسان کان 75 ميل پري آهي. اتان 3-هزار ميل وري به سانتيڪي
ساگر جو سير ڪندي ”وولڪانو ٻيٽ“ تي پهتا آهيون جتان 12-سَو ميل اتر ۾ جپان
آهي. جپان کي ”اڀرندڙ سج جو ديس“ ۽ ”ڌرتيءَ جو در“ به سڏبو آهي (اڀرندڙ سج جو ديس
حقيقي طرح آسٽريليا آهي جنهن تي سج جا ڪرڻا جپان کان اڳ پوَن ٿا ۽ لهندڙ سج جو ديس
”ايقئيڊر“ کي سڏڻ گھرجي)، پر جپان! جپان ته ايشيا کنڊ ۾ آهي! ۽ سانتيڪو
ساگر پار ڪري آياسين. اوڀر چيني سمنڊ کان ٿيندي چين جي هڪ سامونڊي
بندرگاهه فوچو تي پهتا آهيون. هاڻي چين جو 16-سَو ميل ويڪرو پيٽ لتاڙڻو
آهي، جنهن کان پوءِ برما آهي. برما جا 400 ميل پنڌ ڪري اچي آسام
(ڀارت) ۾ پهچنداسون، جنهن جي اسان جي سامهون ويڪر 300 ميل ٿيندي، ۽ ان کان پوءِ
آهي بنگلاديش، سونار بنگلاديش. (ڇا توهان کي ڄاڻ آهي ته بنگلاديش ڪڏهن ٺهيو
۽ ڇو ٺهيو؟) بنگلاديش کان پوءِ اسين ڀارت جي اڀرندِي بنگلاديش-ڀارت سرحد تي
پهتا آهيون جتان ڪلڪتو شهر ڏکڻ ۾ ۽ نيپال ڏيهه اتر ۾ اسان کان ڏيڍ
سَو ميل پري آهن. 600 ميل ٻيا سَير ڪري اچي گنگا نديءَ مٿان الهه آباد
جي ڏکڻ ۾ رَسيا آهيون ۽ هاڻي؛ جي هڪ هزار ميل ٻيا به سفر ڪنداسون ته ڪٿي هونداسون؟
سنڌ جي ڀارت سان ملندڙ سرحد تي! ڏيڍ سَو ميل پري، هوءَ آهي حيدرآباد!
حيدرآباد
کان اولهه طرف نڪ جي سِيڌ ۾ سفر ڪيو اٿئون، مٿان ”آسمان“ ئي رهيو، ميداني پَٽَ،
جابلو قطارون، وڏا رِڻ، ٻه ساگر، ڪيترائي سمنڊ ۽ بندرگاهه ۽ ٽي کنڊ لتاڙي وري به
اچي حيدرآباد ڀِيڙا ٿياسون. ايئن ڇو ٿيو؟
اهڙو سفر
ڌرتيءَ جي ڪنهن به شهر مان، ڪنهن به هڪ مقرر طرف ۾ ڪنداسون ته نيٺ ڦري اچي ان ئي
شهر ۾ پهچنداسون. سفر ته اسان پنهنجيءَ سمجھه موجب سِيڌ ۾ ڪيو، پر جيئن ته ڌرتي گولو
آهي، ان ڪري اسان کي احساس ئي نه ٿيو ته ڪيئن ڦري اچي ساڳي شهر ۾ پهتاسون.
ڇا توهان
ڪنهن ڏينهن سنئين سنواٽي روڊ تي بيهي پري کان ايندڙ بس/ٽرڪ کي ڌيان سان ڏٺو/جاچيو
آهي؟ روڊ جيستائين سنوت ۾ آهي تيستائين ڇا توهان ڏسي سگھندا؟ ڇا بس/ٽرڪ روڊ تي
ايندي ئي سڄي ڏيکاربي يا پهريائين ان جو مٿيون حصو ۽ پوءِ، چڱو ويجھو پهچڻ کان
پوءِ ان جا ڦيٿا ڏسڻ ۾ ايندا؟
توهان
چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته پاڻي ”سدائين“ سنوت ۾ بيهندو آهي. اچو ته سمنڊ جي ڪنڌيءَ تي
بيهي پريان ايندڙ پاڻيءَ-جهاز کي جاچيون. ڇا سڄو جهاز هڪ ئي وقت نظر ايندو؟ نه،
پهريائين ان جو بُرج (يا سڙهه) ڏسي سگھبو ۽ چڱو ويجھو پهچڻ کان پوءِ ان جو هيٺيون
ڀانڊو (ڪَٺِڻو) نظر ايندو. ايڏو وڏو، جبل جيڏو جهاز توهان کي رڳو 25 ميل پري هوندو
ته مورڳو نظر ئي نه ايندو. ڇو؟
ڌرتي سنئين ڇو ٿي نظر اچي؟
ڇا توهان
کي خبر آهي ته اسان جون اکيون ڏسڻ جي معاملي ۾ غلطي ڪنديون ئي رهنديون آهن؟ هوائي
جهاز جڏهن اڏامندو وڃي تڏهن ان جو قدبُت، جيترو حقيقت ۾ هوندو آهي، ڇا اوترو ئي
نظر ايندو يا ان کان ننڍو؟ جيڪا شَي جيتري پري، اها اوتري ننڍي نظر ايندي. رات جو
سفر ڪندي ڪنهن شهر ۾ جرڪندڙ روشنيون ڪمانَ/وَنگ جيان نظر اينديون، ڇو؟ ڌرتيءَ ۽
سمنڊ جو پاڻي به بظاهر سنوت ۾ ڏيکارجن ٿا، پر حقيقت ايئن ناهي.
هڪ صوف
يا کينهون کڻو ۽ ان جي ابتڙ پاسن تي ٻه سنها ڪوڪا کوڙيو. جيڪڏهن صوف يا کينهونءَ
کي ڌرتي ۽ ڪوڪن کي جبل سمجھيو وڃي، ته ڇا انهن ”جبلن“ جي چوٽين تي بيٺل ماڻهو هڪ
ٻي کي ڏسي سگھندا؟ هماليا ۽ قراقرم جابلو قطارون اسان جي اتر ۾ ڪجهه سَو ميل پري
آهن. انهن ۾ نانگا پربت جي اوچائي 28-سَو فوٽن کان گھٽ ناهي. اها اسان کي ڇو نظر
نه ٿي اچي؟ اهو سڀ ڪجھه ڌرتيءَ جي گولائيءَ جي ڪري آهي. ڌرتي سنوَت ۾ هجي ها، ته
ڪنهن به اوچيءَ جاءِ تان سڄي ڌرتيءَ جون سموريون اوچيون جايون نظر اچن ها.
اسين
جيڪڏهن، مثال طور، ايئن وِسهون ته ڌرتي گولو نه، پر سنوَت ۾ آهي، ته پوءِ، مٿي ڏنل
سوالن جي جوابن سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڳولڻا پوندا.
ڌرتي
سنوَت ۾ آهي، ته ڪيئن؟ مانيءَ جيان گول، چَوڪنڊِي يا اڃا به ڪنهن ٻِي شڪل ۾؟ ڪيتري
ٿُلهي آهي؟ ڌرتيءَ جي هيٺين پاسي ڇا آهي؟ ڇا اها پولار ۾ آهي يا ڪنهن شَي تي بيٺل؟
جي بيٺل، ته ڇا تي؟... وري اها شَي ڇا تي؟... ۽ اها شَي ڇا تي؟ سج ۽ چنڊُ اولهه ۾
”لهڻ“ کان پوءِ ڪاڏي وڃن ٿا؟ جي اهي ”آسمان“ ۾ آهن، ته ڇا ڌرتيءَ جي هيٺين پاسي به
”آسمان“ آهي ۽ اهي ان ۾ اسان کان اوترو ئي پري آهن جيترو اسان کان مٿي ڏيکارجن ٿا؟
ڇا اهي ڪنهن اونداهي غار يا سمنڊ ۾ وڃي لِڪن ٿا؟ جي ها، ته پوءِ، اها غار ۽ اهو
سمنڊ ڪِٿي/ڇا تي آهن؟ پوءِ اهي اوڀر پاسي ڪيئن ٿا پهچن؟ ۽ اڀرڻ کان اڳ ڪٿي هوندا
آهن؟ ڇا سج سچ پچ اڀرندو ۽ لهندو آهي؟ ــــــــــ يا ڌرتيءَ جي گولو هجڻ ڪري ۽
ڦيري سبب ڌرتيءَ جو هڪ پاسو ان جي سامهون ايندو ۽ ٻيو پاسو ان جي سامهون هٽندو رهي
ٿو جيڪو حصو سج جي سامهون ايندو وڃي ان تي پهريائين صبح ۽ پوءِ منجھند ۽ جڏهن اهو
پاسو سج سامهون ڦري وڃي ته رات ٿئي ٿي؟ ڇا ڌرتيءَ جي هيٺين پاسي ڪنهن به طرح پهچي
سگھجي ٿو؟ ڌرتيءَ جي ”ڪنارن“ کان پوءِ پرتي ڇا آهي؟ ڌرتيءَ جي ”ڪنارن“ تي ڪهڙا
ڏيهه آباد آهن ۽ وچ ۾ ڪهڙا؟ ساگر ۽ سمنڊ ڇا ڌرتيءَ جي وچ تي آهن؟ جي ”ڪنارن“ تي
آهن ته انهن جو پاڻي ڇَڻِي ڪرندو آهي يا نه؟ جي نه، ته ڇو؟ ۽ جي ڇڻندو آهي ته ڪاڏي
ويندو آهي؟
ڌرتي
جيڪڏهن سنوَت ۾ هجي ها ته ان جي هر ڏيهه ۽ ساگر تي هڪ ئي مهل ڏينهن ٿئي ها ۽ هڪ ئي
مهل رات، پر هن وقت سنڌ ۾ منجھند آهي، ته اميريڪي کنڊن تي اڌ رات، ۽ لنڊن ۾ صبح.
ڇو؟
اهي سڀ
شاهديون ٻڌائن ٿيون ته ڌرتي گولو آهي.
No comments:
Post a Comment