10/02/2012

سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ  دوستيءَ  جي  نالي  ۾
دڙڪي  واري  سياست
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جڏهن کان وٺي هڪ مخصوص دهشتگرد ٽولي جي سردار سنڌ کي ورهائي پنهنجي پسند جي ڪڌا مقصد رکندڙ ماڻهن لاءِ هڪ ڌار صوبو ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن کان ڪن سنڌي جاگيردارن کي، جيڪي بدقسمتيءَ اسان جي سنڌ جي سياست به ڪندا آهن، سنڌي اخبارن ۾ مختلف قسمن جا وڏيراڻا بيان ڇپرائڻ جو جھڙوڪر نئون وجھ ملي ويو آهي. ڀانئجي ايئن ٿو ته پنهنجي روايتي ڄٽاڻي سوچ ۽ رويي ۾ ڪا به علمي، اصولي ۽ سياسي تبديلي آڻڻ بدران، ڪا به اڳ-ڳڻ ڪرڻ ۽ ڊگھي نظر رکڻ بنا، لاهي پاهي لٻاڙي بيان بازيءَ تي زور ڏنو ويو آهي --- ”دَٻِ درخاشَ دِينوءَ تي!“ اهڙا اهڙا بيان نظرن آڏو اچن ٿا، جو هوند ڪو ’راڪاس برڙ باڪاس‘ ئي انهن کي عملي ويس پهرائي سگھي، ماڻهوءَ جي وس کان ته ٻاهر آهي --- ’مهاجر پاڻ کي سنڌي سڏائين/سمجھن، نه ته کين سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويندو، ڌرتيءَ تان تڙي ڪڍبو، جيئرو رهڻ نه ڏبو، ڌرتيءَ ۾ دفن ڪيو ويندو، وغيره وغيره.‘
انگريز پرمار جي چُوسي اڇلايل هڏيءَ، ٽڪر-ڀور ۽ چاپلوسيءَ تي پليل جاگيردارشاهي (جنهن کي سنڌيءَ جي هڪ سياسي اصطلاح ۾ ”وڏيراشاهي“ به سڏيو ويندو آهي) جيڪڏهن ايڏي ئي لائق فائق، اڪابر ۽ مڙس ماڻهو هجي ها، ته سنڌ هڪ خود مختيار جي حيثيت ۾ پنهنجي مڪمل آزادي ۽ اقتدار اعليٰ (sovereignty) بچائي ۽ برقرار رکي سگھي ها. سندس نالو ۽ نقشو ايئن مٽايو نه وڃي ها، ان جي سموري پيداواري ۽ روزگاري وسيلن کي پرڏيهي پناهگيرن ۽ ڌرتيءَ ڌڪاڻن جي حوالي نه ڪيو وڃي ها، جن اڳتي هلي انهيءَ ئي هٿ کي ڏنگڻ شروع ڪيو جنهن کين کير پياريو ۽ انهيءَ ڌرتيءَ کي وڍڻ جو ورد ڪيو جنهن کين پناهه ڏني! اها جاگيردارشاهي چند ٽَڪن عيوض يا عياشيءَ جي خسيس لالچ تي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻولي وڪڻي ڏيڻ يا ڇڏي ڏيڻ لاءِ تيار هوندي آهي!
سياست ۾ دڙڪو به ٿيندو آهي پر ايڏو سکڻو ۽ هوائي به نه!
ٻي ڳالهه:
دڙڪو ڪنهن کي ڏيو ٿا؟
”مهاجرن“ کي!
(”مهاجرن“ کي ڇو، دهشتگردن کي ڇو نه؟)
دهشتگرد اهو ئي ته چاهين ٿا، هنن جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته هڪ مخصوص آباديءَ (جنهن کي اهي ”مهاجر“ سڏن ٿا ۽ ان لفظ ۾ لکين اهڙن ماڻهن کي به شامل ڪن ٿا، جيڪي تاريخي، تهذيبي، تمدني، ثقافتي، لساني، اخلاقي ۽ ذهني طرح سنڌي آهن جيئن ميمڻ، ڪاٺياواڙي، گجراتي، ڪڇي وغيره) سان ويڙهه ۽ وير واري فضا پيدا ڪئي وڃي. اهي ان مخصوص آبادي ۾ هزارين چالبازين، بدمعاشين ۽ غنڊاگردين وسيلي ڊپ ۽ هراس ويهاري انهن کي هتان جي حقيقي ۽ تاريخي قومن سان هٿرادو ٽڪر ۾ آڻي، انهن کان نفرت ڏياري، منجھن اجايو احساس محرومي ۽ عدم تحفظ پيدا ڪري پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۽ پنهنجي عوامي ۽ سياسي سگھ بڻائڻ گھرن ٿا. هڪ بي بنيادي دڙڪو، ڇا ان آباديءَ کي اسان کان ڌڪي ڌار نه ڪندو؟ اسان ڏانهن نفرتون نه ويهاريندو؟ ۽ ڇا ان آباديءَ وٽ دهشتگردن جي اڳواڻي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا راهه بچندي؟
سمورا ”مهاجر“ ته ڇا، سمورا اردڪ ماڻهو به دهشتگردن جا حمايتي ۽ پوئلڳ ناهن --- اها ڳالهه هميشه لاءِ ياد رکڻ گھرجي!
اها اسان جي سياستدانن جي ڪوتاهه بيني ۽ جهالت آهي، جو اهي دهشتگردن جي پسند جو لفظ ”مهاجر“ ورجائينديون رهن ٿيون ۽ گھربل معيار جو سياسي، نظرياتي، علمي ۽ اخلاقي ڪم نه ڪري سگھڻ سبب پنهنجو سياسي اثر ۽ پرچار اردڪ آباديءَ ۾ نه پکيڙي سگھيون آهن. ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ پ پ پ (پاڪستان پيپلز پارٽيءَ) ۾ شامل آهن ۽ دهشتگردن جي انتهائي ڪوشش آهي ته پ پ کي سنڌي پارٽي سڏي/سڏائي، انهن کي پ پ کان ڇني وٺجي. خود اها پ پ جي سياستڪارن جي به نااهلي آهي جو پنهنجو جمهوري پروگرام ۽ منشور اردڪ آباديءَ ۾ ڀرپور نموني نه پکيڙي سگھيا آهن ۽ ان آباديءَ ۾ پنهنجي سياسي سرگرميءَ کي محدود رکي دهشتگردن جي سياسي واڌ جا دروازا کولي ڇڏيا اٿن.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه هجن گھرجي، ته دهشتگردن کي سياسي حمايت رڳو اردڪ آباديءَ جي هڪ حصي، خاص ڪري ڏوهارين (Criminals) مان ملي ٿي، جڏهن ته اردڪ آبادي پاڪستان جي ڪل آباديءَ جو ست سيڪڙو مس آهي ۽ سنڌ جي ڪل آباديءَ جو ويهه سيڪڙو به ناهي. (دهشتگرد پنهنجن ڪڌن مقصدن کي پورو ڪرڻ ۽ پنهنجي آباديءَ کي وڏو انگ رکندڙ ڏيکارڻ لاءِ ”مهاجر“ لفظ ڪم آڻي، انهيءَ ۾ ڪَڇين، گجراتين، ميمڻن، ڪاٺياواڙين، عيسائين، پارسين، بوهرين وغيره سان گڏ هر ان بنگالي، برمي، بهاري وغيره فرد کي ڳڻين ٿا، جيڪو ڪهڙي به غير قانوني ۽ ناجائز طريقي سان سنڌ ۾ سمگل ٿي پهتو آهي.) پر پنهنجي دهشتگرد عمل جي زور تي هنن خاص ڪري اردو اخبارن (جيڪي هونئن به کين پنهنجي حمايت ڏينديون ۽ سنڌين خلاف نفرت پيدا ڪنديون آهن) ڏيهي توڻي پرڏيهي ڪيترن ئي قسمن جي ادارن کان به حمايت حاصل ڪري ورتي آهي. نتيجو اهو ٿيو آهي جو ڪوڙن انگن اکرن ۽ دستاويزن جي بنياد تي عالمي ادارن وٽ پاڻ کي مظلوم ۽ سنڌين کي ظالم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ذري گھٽ ڪامياب ٿيا آهن. انهن جي چالو پر منظم ”سياست“ سان جيڪڏهن سنڌي جاگيردارشاهيءَ جي ”سياست“ جي ڀيٽ ڪجي ٿي ته اها ڪوهين ڏور ۽ جيتامڙي نظر اچي ٿي.
اها جاگيردار شاهي جڏهن دهشتگردن جي قوت کي پُڄي نه ٿي سگھي ته دڙڪي داٻ کان ڪم وٺي پنهنجو طرو اوچو رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ ڪم ظرفي اها، جو دڙڪو دهشتگردن کي به نه، عام اردڪ آباديءَ کي به نه، انهن کي ڏين ٿا، جن کي دڙڪي ڏيڻ جي ڪري دهشتگردن جي قوت وڌي ٿي، ۽ اهو دڙڪو به اهڙو سکڻو، لٻاڙي ۽ وات پيٽو، جو سندن ئي بي عقلي ۽ کوکلائپ کي ظاهر ڪري ٻين کي مٿن کلڻ جو موقعو مهيا ڪري.
دڙڪو دهشتگردن کي ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟
جاگيردارشاهي ٻاهران جيڏي رعبدار ڏِک ڏيندي آهي اندران اوتري ئي ڊڄڻي، ڪانئر ۽ گيدي هوندي آهي. جاگيردارشاهي پنهنجي ئي راڄ ڀاڳ ۾ ڪمزور لاءِ ڪٺور، قاتل ۽ وحشي هوندي آهي ۽ ان جو ڄڻ ٻچو رلائي ڇڏيندي آهي، پر جنهن جي هٿ ۾ ڏنڊو هوندو ان آڏو لور لور ڪندي ۽ پڇ لوڏيندي نظر ايندي آهي. جاگيردارشاهي سمجھي ٿي ته دهشتگردن جي هٿ ۾ پاور آهي.
دڙڪو عوام کي ڇو؟
اهو به جاگيردارڪي ذهنيت جو اولڙو آهي جيڪا عوام خلاف ’واڙ جي سوئر‘ برابر آهي، جاگيردارشاهي سمجھي ٿي ته ائين ڪرڻ سبب متان عوام ۾ سندس ڪرندڙ ساک کي هٿي ملي پوي، نه ته اها هيءَ حقيقت بخوبي ڄاڻي ٿي ته سندس دڙڪي جو اردڪ عوام ۽ دهشتگردن تي ڪو به اثر نه ٿيندو (۽ شايد، اهو ڄاڻي ٿي يا نه ٿي ڄاڻي ته سندس ان حرڪت جي ڪري دهشتگردن کي ئي فائدو ٿيندو).
جڏهن جمهوري رويا پنهنجي حقيقي روح موجب سگھارا هوندا آهن تڏهن دڙڪو پنهنجو مفهوم وڃائي ويهندو آهي، تڏهن ڳالهيون ٿينديون آهن، پنهجي عمل وسيلي پاڻ کي بهتر ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪبيون آهن، پنهنجين سوچن کي منطق، فلسفي ۽ نظريي جي آڌار تي سائنسي اصولن موجب پيش ڪيو ويندو آهي ۽ عقل ۽ علم جي برتري سوڀ ماڻيندي آهي.
(سياست ۾) دڙڪو ڪير ڏيندا آهن؟
ڊڪٽيٽر، غاصب، بدمعاش، دهشتگرد، داداگير، بليڪ ميلر، غنڊا ۽ ڌاڙيل يا وري اهي لوٺيا، جن جو گذر سفر ٻئي ڪنهن نموني نه ٿي سگھندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهي به دڙڪو ڏيندا آهن جڪي ڀاڙيا يا ڏٻرا هوندا آهن، پر اهي پرپٺ دڙڪو ڏيندا آهن ۽ ان کي ”ڌنوڻ“ يا ”ڀڻڪڻ“ چئبو آهي.
سياست ۾ دڙڪي مهل سڀ کان بدترين روپ غاصب ۽ آمر جو هوندو آهي. تاريخ ۾ ٻين ڏيهن کي ڇڏي سنڌ جي حوالي سان رڳو هڪ مثال مختصر احوال لاءِ پيش ڪري سگھجي ٿو.
جنرل ايوب ۽ جنرل ضياءالحق پاڪستان جي 48 وَرهِي تاريخ جا ويهه ورهيه پنهنجي ڊڪٽيٽريءَ وسيلي کائي ويا. هڪ جي دور ۾ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ٻئي جي دور ۾ سنڌين کي. ٻنهي جي وس ۾ جيترو به ۽ جهڙو به ظلم ڪري سگھڻ ممڪن هو سنڌ، سنڌيءَ ۽ سنڌين سان ٿيو. هزارين ماڻهن کي جسماني طرح ايذايو ۽ ماريو ويو --- لالچ تنهن کان ڌار --- توهان ڏسندا ته رڳو جاگيردارشاهي ۽ ڪاموراشاهي ئي هئي جنهن سندن آڻ مڃي، خدمت ڪئي ۽ هڏيون چوسيون. مجموعي طرح سنڌي عوام نه ته سندن دڙڪي دهمان ۾ آيو ۽ نه وري لالچ يا هٻڇ ۾. اهي ته حڪمران هئا، سندن وس ۾ پاڪستان جون سڀ کان وڌيڪ سگھاريون قوتون هيون، قانوني پڇاڻي کان آجا هئا ۽ جيڪو وڻين ٿي، سو ڪري سگھيا پئي. ڇا سنڌين پنهنجي ٻولي ڇڏي، ڌرتيءَ تان هٿ کنيو، سياست کي تياڳيو، ماٺ ڪري ويهي رهيا؟
سنڌين جو مثال پاڪستان جي ٽڪري ۾ سڀ کان وڌيڪ مظلوم ماڻهن جو مثال آهي، جيڪي هر پاسي کان قادري گھوڙن جي گھيري ۾ آيل ۽ واڳن جي ور چڙهيل آهن، جن سڄيءَ ڄاتل تاريخ ۾ ڏک وڌيڪ ۽ سک نه جھڙا ڏنا آهن...
سياست ۾ دڙڪي جو نتيجو؟
نفرت، ۽ اڃا وڌيڪ نفرت.
دڙڪن وسيلي ماڻهن کان پنهنجون ٻوليون، ثقافتون ۽ تهذيبون نه ٿيون ڇڏرائي سگھجن.
دڙڪو ممڪن آهي ته ڪجھ عرصي لاءِ ڪجھ ماڻهن جي ذهنن تي دٻاءُ وجھي کين ماٺو ڪري سگھي (پر انهن جي من مان به مير نه ٿو ڪڍي سگھي) ۽ ان لاءِ به هڪ شرط آهي ته دڙڪو ڏيندڙ سنڌي جاگيردارشاهيءَ جَهِڙي پير-چاٽو کودڙي نه هجي.
ظلم، جبر، ڏاڍ، ڏهڪاءَ، دڙڪي ۽ داٻ وسيلي ماڻهن جي ٻولي، ثقافت ۽ تهذيب برابر تبديل ڪري سگھجي ٿي، پر ان لاءِ لازم آهي ته گھٽ ۾ گھٽ پنجن نسلن تائين اهو سلسلو برقرار رکيو وڃي. اهڙو هڪ مثال آمريڪي ڪارن (نيگروز) جو آهي جن کي لاڳيتو هڪ سَو ورهين تائين نظر ۾ رکندي هڪ ٻئي کان ڇني، ماريندي، قتل ڪندي ۽ دٻائيندي پنهنجي ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو.
سنڌ ۾ دهشتگردن سدائين گھربل فرد يا ڌر کي اڪيلي سر ڌمڪي ڏئي پنهنجي داٻ هيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ـــــــ اخبارن جي مالڪن کي، اخبارن ۾ لکندڙ ليکڪن کي، مخصوص نوڪرين تي ڪم ڪندڙ ڪامورن کي، دڪاندارن کي، وغيره. مثال طور هنن ڪڏهن به ايئن نه چيو ته جيڪي واپاري کين ”چندو“ نه ڏيندا، انهن کي قتل ڪيو ويندو. ان جي بدران ”چندو“ نه ڏيندڙ اڪيلي دڪاندار کي نقصان رَسائيندا، ۽ ان جي ڪري ڊڄي ٻيا پاڻ ئي ”چندو“ ڏيڻ شروع ڪري ڏيندا. ”تڪبير“ جي ايڊيٽر صلاح الدين کي ڪيترائي مالي نقصان رسائڻ ۽ ذهني تڪليفون ڏيڻ کان پوءِ به جڏهن هن پنهنجي قلم کي دهشتگرديءَ خلاف لکڻ کان نه جھليو، ته نيٺ کيس گوليون هنيون ويون. (توڙي جو مون کي سندس سياسي نڪتي نظر سان اختلاف هو، پر هن جيڪا دهشتگردن ۽ دهشتگرديءَ خلاف علمي جنگ ڪئي، ان ڪري مون وٽ هن لاءِ ان حوالي سان عزت آهي.) دهشتگردن جو اهو عمل ٻين ڪيترن ئي ليکڪن کي سندن خلاف لکڻ کان رنڊائي رکندو. اڪيلو ڪري مارڻ ممڪن آهي، پر واسطيدار سڄي سماج کي ڌمڪي ڏيڻ بي عقليءَ جو مظهر.
دهشتگردن خلاف ڪا به ڌمڪي تڏهن ڪارگر ٿي سگھي ٿي، جڏهن کين اجتمائي طرح نه، پر اڪيلي اڪيلي فرد تائين پهچي ڌمڪايو وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ڌمڪيءَ کي عملي ويس به پهرايو وڃي.
(هلال پاڪستان، 10-جنوري 1995ع)

No comments:

Post a Comment