پاٿـر ڄمـار
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
پاٿر ڄمار (Stone age)
يعني پٿر جي وکرن وارو دَور عام طرح جنهن زماني کي سڏجي ٿو، ان جي ابتدا ۾ پاٿر
(پٿر جي) وکرن جو ڪارج ٻِٽو هو: (1) کاڄ ٿي سگھندڙ شڪار ۽ ويريءَ لاءِ جوکم، ۽ (2) پاڻ لاءِ
ڍال-مار ۽ بچاءُ. وقت گذرڻ سان گڏ اهو ڪارج گھڻ طرفو ٿيندو ويو ۽ نيٺ رهڻي ڪرڻيءَ
جي هر گھرج کي نڀائڻ لڳو.
پاٿر ڄمار کي
پاٿر وکرن جي بنياد تي ٽِن جَــٿن ۾ گڏ ڪري رٿي سگھجي ٿو. هر هڪ مرحلي دوران
مخصوص، ڪي هڪجھڙا گڻ رکندڙ پٿر جا وکر/اوزار ٺاهيا ويندا هئا. اهي ٽي مرحلا هن طرح
هئا:
1. جُھوپهڻي/پَــليولٿڪ (PALAEOLITHIC)
· جُھو = جھونو (آڳاهون)+پهڻ=پٿر+ -اِي=سان
واسطيدار، جو/جِي، وارو/وارِي.
Palaeos (پليئو)=جھونو+Lithos (لِٿو)=پٿر+ic (-ڪ)=سان
وسطيدار، جو/جِي، وارو/وارِي.
جُھوپهڻي هڪ اهڙو اصطلاح
آهي، جنهن وسيلي ماڻهوءَ جي سڀ کان آڳاٽي ۽ ابتدائي زماني کي بحث هيٺ آندو وڃي ٿو.
هن اصطلاح مان اصولي مراد پاٿر ڄمار جو اهو اهو پهريون، ڏاڍو ڊگھو عرصو آهي، جنهن
دوران ماڻهو اڃا سادڙا، کهرا ۽ اَرِچ (Primitive) قسم جا پاٿر
وکر ٺاهي ۽ انهن ۾ هلڪي قسم جي سادي سودي ڦيرڦار ۽ سڌارو آڻي سگھندو هو.
هن ڄمار جِي ابتدا انهن اوائلي پٿر جي
وکرن/اوزارن سان ٿئي ٿي جيڪي شڪار لاءِ ڪم اچي سگھيا ٿي. ماحول ۾ قدرتي طرح ملندڙ
چُهنبدار ۽ تکا پاٿر وکر ڪم آندا ويا ۽ پوءِ هوري هوري ۽ وقت جي هڪ وڏي مدي جي
وٿيءَ سان انهن ۾ سڌارو آندو ويو. واهپي لائق پٿر جي ڪنهن وڏي ڳنڍي کي ڪنهن ٻئي
وڏي ۽ سخت پٿر سان ڀڃي گھربل، شڪار ڪري سگھڻ لائق، شڪاري وکر جي صورت ڏيڻ هن ئي
زماني جي ابتدا دوران ٿيل ايجاد آهي. وقت گذرڻ سان گڏ جيئن جيئن تجربو ۽ سمجھ
وڌيا، گھربل پاٿر وکر ڪنهن ٺوس مٿاڇري تي گسائي پنهنجي پسند جي صورت ڏجڻ شروع ٿي
وئي.
پاٿر وکـــرَ ڪم آڻڻ ئي انساني پيداواري
پورهيي جو پهريون نشان آهن ۽ اهو انساني پورهيو ئي آهي جيڪو ماڻهو -
جھڙي - جانار کي جانوراڻي دنيا کان ڇني، ڌار ڪري انساني راڄ ڀاڳ (سماج) ڏانهن
وٺي آيو. انساني پورهيي جي ابتدا سان گڏ ئي انساني ٻولي جي پهرين آوازن،
ٻولن جي ابتدا ٿئي ٿي ۽ انساني سوچ سمجھ جو ٻج پوي ٿو. پورهيي، ٻوليءَ ۽
سوچ سمجھ جي تخليقن کي گڏيل نموني راهپ (ثقافت، ڪلچر) جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
ڪي عالم جھوپهڻي ڄمار کي ئي پاٿر ڄمار جي
نالي سان سڏيندا آهن، توڻي جو مڪمل حقيقت ايئن نه آهي. پاٿر ڄمار ۾ جھوُپهڻي سان
گڏ وِچپهڻي ۽ نَـوپهڻي ڄمارون به شامل آهن، ۽ اهي ٽي ئي ڄمارون گڏجي
پاٿر ڄمار جوڙن ٿيون.
جھوپهڻي ڄمار کي اڃا وڌيڪ تفصيل سان
سمجھڻ لاءِ هيٺ ڄاڻايل ٽن دَورن ۾ ورهايو وڃي ٿو:
(الف) اوائلي جھوپهڻي ڄمار (Early Paleolithic
Age): هن ڄمار لاءِ هيٺ ڏنل اصطلاحَ به ڪم آندا وڃن ٿا:
·
اوائلي پاٿر
ڄمار (اوائلي پٿر - دَور/پٿر جي وکرن وارو دَور).
·
هيٺِين پاٿر
ڄمار (هيٺيون پٿر - دَور/پٿر جي وکرن وارو دَور).
·
پراڻِي پاٿر
ڄمار (Old Stone Age).
اوائلي جھوپهڻي ڄمار جو مدو 10 لک ـــــــ
1 لک ورهه ق.م (قبل از مسيح) چيو وڃي ٿو. ڪي عالم 10 لک بدران 6 لک ــــــــ 5 لک
ورهه ق.م اڳ ابتدا سمجھن ٿا.
(ب) وچِين جھوپهڻي ڄمار (Middle Paleolithic
Age): هن ڄمار لاءِ هيٺ ڏنل اصطلاح به ڪم آندا وڃن ٿا:
·
وچِين پاٿر ڄمار.
·
وچون پٿر دَور (Middle Stone
Age).
وچين جھوپهڻي ڄمار جو مدو 1 لک ـــــــ 40
هزار ورهه ق.م چيو وڃي ٿو.
(ٻ) ديرائِت جھوپهڻي ڄمار (Late Paleolithic
Age): هن ڄمار لاءِ هيٺ ڏنل اصطلاح به ڪم آندا وڃن ٿا:
·
پوئين پاٿر ڄمار
(پويون پٿر دَور).
·
مٿِين پاٿر ڄمار
(Upper stone Age).
ديرائت جھوپهڻي ڄمار جو مدو 40 هزار ــــــــ
10 هزار ورهه ق.م چيو وڃي ٿو.
پاٿر ڄمار جي
پهرئين مرحلي جھوپهڻي کان پوءِ واري ٻئي مرحلي کي وچپهڻي ڄمار سڏجي ٿو.
2. وچپهڻي/ميسولٿڪ (MESOLITHIC)
· وچ = وچون، واچ وارو + پهڻ =
پٿر + -اي = سان واسطيدار.
Mesos
(ميزو/ميسو) = وچون+Lithos (لٿو)= پٿر+ic (-اڪ) = سان واسطيدار.
وچين پاٿر ڄمار (جيڪا جھوپهڻي جو وچون
مدو آهي) ۽ وچپهڻي اصطلاحن ۾ فرق کي ضرور ذهن ۾ رکڻ گھرجي.
وچپهڻي ڄمار جو مدو 10 هزار ـــــــ 5
هزار ورهه ق.م چيو وڃي ٿو.
وچپهڻي هڪ اهڙو
اصطلاح آهي، جنهن وسيلي انهيءَ پاٿر وکرن واري دَور کي نشانبر ڪيو وڃي ٿو جنهن
دوران ماڻهوءَ جي سمجھ انهيءَ اوچي پد کي پهچي چڪي ۽ تجربو ايترو وڌي ويو جو مخصوص
قسمن جي پٿر جي چونڊ ڪري سگھي ۽ انهن کي مخصوص شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ ماهرانه طريقي سان
گھڙي گھربل صورت ڏئي سگھي. جھوپهڻي دوران ٺاهيل پاٿر وکر توڻي جو لاڳيتو اسرندڙ،
ترقي ڪندڙ ۽ پيچيده ٿيندڙ انساني سماج جون لڳ ڀڳ سڀ گھرجون پوريون ڪري سگھيا ٿي پر
وچپهڻي دوران انهن کي وڌيڪ عمدو، لَسو، ڪارائتو ۽ گھڻا ڪارج پورا ڪري سگھندڙ وکر
بنايو ويو. انهن جون صورتون به بدلجڻ لڳيون ۽ نمونا به گھڻا ٺاهيا ويا.
3. نوپهڻي/نيئولٿڪ (Neolithic)
· نو = نئون + پهڻ =
پٿر + -اي = سان واسطيدار.
Neos
(نيئو) = نئون + Lithos (لٿو) =
پٿر + ic (-اڪ) =
سان واسطيدار.
نوپهڻي ڄمار جو مدو 7500 ــــــــ 3000
ورهه ق.م چيو وڃي ٿو.
نوپهڻي اصطلاح
وسيلي پٿر جي عمدن، لسن، نازڪ ۽ نفيس، سڌريل وکرن واري دَور جي نشاندهي ڪئي وڃي
ٿي. جڏهن گھڻو اڳتي اسري آيل انساني سماج هڪ مستقل رهائشي شڪل وٺڻ لڳو. چونڊ پٿر
جي ڳنڍن کي تَپائي پٿر جِي ئي ڇيڻين ۽ مترڪن جي مدد سان ڇِلهيو، گَھڙيو ويندو هو ۽
انهن کي گسائي تکو، تيز ڪيو ويندو هو. پٿر جا قسمين قسمين وکر وجود ۾ اچي ويا ۽
انساني حياتي هڪ مقرر ڍنگ تي هلي پئي.
هتي ضروري ٿو
ڀانئجي ته پڙهندڙ کي ٻن ٻين اصطلاحن کان به واقف ڪري ڇڏجي، جيڪي انساني سڀيتا ۾ ٻن
اهم دَورن جي حيثيت رکن ٿا:
1. ٻنگارپهڻي/ايئنيولٿڪ (Aeneolithic)
· ٻنگار = هڪ قسم جو ڌاتو، ڪنجھو + پهڻ =
پٿر + اِي = سان واسطيدار.
Aeneus (ايئينس) = ٻنگار، ڪنجھو+
Lithos(لٿو) = پٿر+ic- (-اِڪ( = سان واسيطدار.
ٻنگارپهڻي جي
بدران ڪي عالم ٽاماپهڻي (Chalcolithic) اصطلاح به ڪم
آڻيندا آهن. ٻنگارپهڻي اصطلاح وسيلي وقت جي ان مُدي جي نشاندهي ڪئي وڃي ٿي، جنهن
دوران عام واهپي جا گھڻي کان گھڻا وکر ٻنگار/ ڪنجھي مان ٺاهيا ويندا هئا ۽ راڄ ڀاڳ
۾ توڻي جو پاٿر وکر پڻ عام واهپي هيٺ هئا، پر سَرسي ۽ برتري ٻنگاري وکرن کي ملي
وئي.
2. لوهي ڄمار (Iron
Age)
هاڻي انساني سماج ۾ لوهه مان ٺهيل وکرن،
خاص ڪري هٿيارن جو واهپو وڌي ويو، توڻي جو ڪنجھي مان ٺهيل وکر، خاص ڪري رَڌي پَڪي
لاءِ ڪم ايندڙ وکر عام واهپي هيٺ رهيا ۽ سماج جا ڪي پرت ته اڃا
به پٿر جا وکر ڪم آڻيندا هئا.
ٻنگارپهڻي وکرن جي ابتدا 3770 ورهه ق.م کان سمجھي وڃي ٿي ۽ لوهي هٿيارن جي ابتدا 1400
ورهه ق.م کان. انهن ٻنهي قسمن جا وکر اڄ سوڌو سماج جي ڪيترن ئي پرتن ۾ رائج آهن ۽
اڄ به، ڪي اهڙا ٽــڙوڇــڙ سماج ملن ٿا جيڪي اڃا تائين پاٿر ڄمار واري زندگي گذارن
پيا.
وچپهڻي کان ويندي لوهِي ۽ پوءِ واري يعني
هلندڙ زماني کي انساني سڀيتا (تهذيب، سِولائيزيشن) وارو زمانو چيو وڃي ٿو.
ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته ماڻهوءَ جي سڀيتائي زندگي 12 هزار ورهن کان وڌيڪ نه آهي.
ان کان آڳاٽي عرصي دوران انساني سڀيتا جو ٻج پَوڻ ۽ نِسرڻ لڳو هو ۽ انساني سماج
مستحڪم پيڙهه تي اچي بيٺو. منطقي طرح اهو سمورو آڳاٽو انساني سماج ”غير مهذب“ جي
دائري ۾ اچي وڃي ٿو، پر هي ليکڪ ان کي پڻ سڀيتائي زمانو سمجھي ٿو. رعايت
ڪندي ان کي آڳاٽو سڀيتائي زمانو چئي سگھجي ٿو، نه ڪي اڳ سڀيتائي (Pre-civilization)
زمانو.
انساني پورهيي، ٻوليءَ، ذهانت ۽
راهپ جا آثار 10 لک ورهن (۽ ڪن عالمن جي نظر ۾ 6 لک ورهن) کان آڳاٽا ناهن ۽ هڪ
حد تائين پڪ سان سمجھيو وڃي ٿو، انهن جي ابتدا پهرئين وڏي برفاني طوفان واري عرصي
( 1st Great Ice Age) يا بارفي مدي (Glacial
Period) کان پوءِ واري پهرئين وچات-بارفي (1st Infer
glacial) زماني جي ابتدائي ڏينهن ۾ ٿي. انساني پورهيو، ٻولي، ذهانت
۽ راهپ ـــــــ انساني سماج ــــــــ توڻي جو اسرندڙ فطرت رکندڙ هو پر ابتدا ۾ ان
اوسر ۽ سماجي تبديليءَ جي رفتار بيحد ڍَري ۽ هلڪي هئي. هزارين ورهَن کان پوءِ وڃي
ڪا ٿورڙي تبديلي اچي سگھي پئي. ڪَڻو ڪَڻو ٿي مواد ڪَٺو ٿيو ۽ 10 هزار ورهه اڳ
تائين مس وڃي اهو هِڪ ڍِڳ ٿيو. باهه جي واهپي جا اوائلي آثار 4 لک ورهه آڳاٽا چيا
وڃن ٿا، پر ان کي صحيح نموني ۽ گھرج مهل ٻاري، گھرج آهر واهپي ۾ آڻڻ جي ابتدا به
جھڙوڪر سڀيتائي زماني ۾ ممڪن ٿي سگھي آهي. آڳاٽي سڀيتائي زماني ۾ جانور پالڻ ۽ فصل
اپائڻ جو رواج ڪو نه هو. ماڻهو اڪثر ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي ماڳ ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو
رهندو هو. هن جي جياپي جو دارومدار قدرت جي تيار ٿيل مال تي هو. انهيءَ آڳاٽي
سڀيتائي زماني ۾ وکر طور ڪم ايندڙ شيءِ رڳو پٿر نه هئا پر هڏو ۽ هڏي مان ٺهيل
مختلف قسمن جا وکر پڻ ڪم ايندا هئا، ايتري قدر جو سُئي ۽ ڪُنڍو به هڏي مان ٺهيل هئا
۽ ننڍن جانورن جي آنڊي کي ڌاڳي طور ڪتب آندو ويندو هو. شڪار
ڪيل مختلف قسمن جي جانورن جون کلون اوڍڻ لاءِ واهپي ۾ هيون ۽ انهن مان ئي خيما/تنبو
ٺاهي ”گھر“ جي آسيس ورتي ويندي هئي. پاڻي رکڻ ۽ پيئڻ لاءِ پڻ کلن ۽ هڏن (کوپڙين)
کي ڪم ۾ آندو ويندو هو.
ڪاٺُ پڻ ان سماج ۾ هڪ مکيه ڪارج ادا ڪندڙ شيءِ
هئي (۽ اڄ به آهي). ڏنڊو، ڏَڪُ، ڪامَ ۽ ٿُوڻي ته ڪاٺ جا هئا ئي، پر ڪيترن ئي هڏي ۽
پٿر جي وکرن پٺيان ڏنڊو ڳنڍي کانئس نيزي، ڀالي، ڇاپـڙَ وغيره جو به ڪم ورتو ويندو
هو. ٻارَڻ جو گذريل صديءَ تائين اڪيلو وسيلو ڪاٺ ئي رهيو آهي ۽ باهه انسان کي
زندهه رکڻ ۾ ۽ ترقيءَ جي راهن تي وڌائي هلڻ ۾ هڪ مکيه ڪردار ادا پئي ڪيو آهي.
ٻولي ۽ سمجھ، ڪيڏي به ابتدائي سطح جون
هيون، ڪيتريون به گھٽ مواد رکندڙ هيون پر انساني تجربي (موک)، پَرک ۽ پروڙ کي،
اڀياس ۽ علم کي، هنر ۽ هنرمنديءَ کي ٻئي ماڻهوءَ، ايندڙ نسل ڏانهن تبديل ڪرڻ ۾
بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ هيون. هڪ هڪ آواز وڌي ٻول جڙيو آهي، ٻولن وڌي ٻوليءَ جي
صورت ورتي ۽ هڪ هڪ عملَ ۽ احساس جي عڪسَ سمجھ کي وڌايو آهي. آڳاٽي سڀيتائي زماني
جي گھٽ ۾ گھٽ 6 لک ورهن جو ٻوليائي ذهني ذخيرو سڀيائي زماني جي ٻوليائي ۽ ذهني
ترقيءَ لاءِ پيڙهه جو ڪم ڪري ٿو.
ماڻهوءَ جھڙو جانار توڻي جو پهرئين
پيداواري پورهيي جي عمل، پهرئين ٻول، پهرئين سمجھدار عڪس ۽ پهرئين وکر جي ”ايجاد“
سان جانوَراڻي دنيا کان ڇڄِي، الڳ ٿي، هڪ نئين راهه تي اُسهي نئين ماڳ ڏانهن هلڻ
لڳو ۽ آڳاٽي سڀيتائي زماني ۾ جانوراڻي زندگيءَ جو گھڻو ڪجھ وڃائي، انساني زندگيءَ
جو گھڻو ڪجھ ماڻي سگھيو ۽ سندس ”ماڻهو“
ٿيندو رهڻ جو عمل جاري رهيو پر اهو اڃا سوڌو، سڀيتائي زماني جي هِن اوج وارن ڏينهن
تائين جاري آهي. سُڌ ناهي ته ڪيستائين هُو جانوراڻيون عادتون ڇڏي، مڪمل ماڻهوءَ جي
درجي کي رسي سگھندو!؟
Very nice job and presentation. Please keep it up.
ReplyDeleteEngr. Abdul Wahab Sahito