10/01/2012

ڪُڦاٿل پاڪستاني! - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪُڦاٿل پاڪستاني!
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

(هي مضمون خاص طرح سنڌ جي وطن دوست وڪيلن، اسيمبلي ميمبرن ۽ سياستدانن جو ڌيان لهڻي ٿو.)
پاڪستان حڪومت هن مهيني (ڊسمبر 1992ع) جي ابتدا کان بنگلاديش ۾ اتان جي وطن دوست عوام جي قاتل بهارين کي هر قسم جي نظرياتي، اخلاقي، مذهبي، سياسي ۽ عالمي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي ۽ خصوصاً ست ڪروڙ سنڌي ۽ سرائيڪي عوام جي باشعور گڏيل راءِ ڏانهن ڏاڍ ڀريو رويو رکندي، پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ ڏيڻ شروع ڪيا آهن. انهيءَ ڏٺي وائٺي ارهه زورائيءَ ۽ زبردستيءَ جي ڪري سنڌي ۽ سرائيڪي عوام ۾ ايڏي ته بيچيني ۽ ناراضگي پکڙجي وئي آهي، جو سنڌي ۽ سرائيڪي سياستدان ئي نه، پر اَڻڪَٽر اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن به ان کي محسوس ڪري ورتو آهي. روزاني انگريزي اخبار ”فرنٽيئر پوسٽ“ ان موضوع تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ به سيمينار ڪرايا آهن ۽ ”ڊان“ ۽ ”دي نيوز“ ۾ پڻ ڪجھ مضمون ڇپيا آهن. رسول بخش پليجي ۽ پروفيسر عزيز احمد کان ويندي منظور سولنگي ۽ اعجاز منگي تائين ڪيترن ئي دانشورن مضبوط دليلن سان پنهنجو موقف رکيو آهي ۽ سنڌين ۽ سرائيڪين جي لڳ ڀڳ سڀني سياسي پارٽين ۽ تنظيمن اخباري بيان ۽ اخبارن ايڊيٽوريل شايع ڪيا آهن. ٻئي پاسي ”بهاري روڪيو ڪميٽيءَ“ سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي گڏجاڻيون ڪري، عوام جي سجاڳي ۽ مِڙي مُٺ ٿيڻ لاءِ دورو ڪيو آهي. سرڪار پنهنجي جمهوري هامن باوجود ايڏي ته مَت وڃائي ويٺي آهي، جو ان ”بهاري روڪيو ڪميٽيءَ“ پاران ڀٽائي گھوٽ جي نگريءَ ۾ رٿيل ڪنوينشن کي تشدد وسيلي تباهه ڪيو، پر نام نهاد نظريي ۽ مذهب جي آڙ ۾ پنهنجيءَ هر غيرقانوني ۽ عوام دشمن حرڪت کي قانوني ۽ وطن دوست سڏيندڙ پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن وٽ ۽ سندن ڀاڙيتو نظرييدانن ۾ ايتري به اخلاقي جرئت ناهي، جو پنهنجي موقف جي حمايت ۾ ڪي مناسب، متبادل ۽ مضبوط دليل ميدان تي آڻي سگھن. بس، حاڪمن جي انڌي ۽ ڏاڍي واري لٺ آهي جيڪا پئي ڦري.
عرف عام مڃيو پيو وڃي ته پاڪستان انهن ملڪن مان آهي، جيڪو سڃي دنيا جي هر برائيءَ ۽ غلط ڳالهين ۾ پهريَن پنجن نمبرن مان هڪ ۽ هر نيڪ سٺي ڳالهه/عمل ۾ آخري پنجن نمبرن مان هڪ آهي ۽ جتي دليل ۽ سچ جي حاجت ئي ناهي. هتي ڏنڊو ۽ سازش ٿا هلن ۽ انهن جي ئي ٻولي سمجھي وڃي ٿي --- دنيا جا انگ اکر ۽ گذريل 45-ورهَن جي تاريخ ته اهو ئي ثابت ڪن ٿا. ان ڪري سنڌي عوام ۽ سنڌ جي گھڻگھرن آڏو هاڻي رڳو هڪ ئي طريقو بچيو آهي، جنهن تي هلي ئي ان ايندڙ وبائي ۽ خوني ڪٽڪ کي ڪاٽي ۽ ڪُٽي سگھجي ٿو، ۽ اهو هيءُ ته نه رڳو زوردار ۽ منظم احتجاج ڪيو وڃي، پر پاڪستان سرڪار کي جوابدار بڻائي ڪورٽ ۾ ڇڪيو وڃي. ان لاءِ هيٺ ڄاڻايل نُڪتا سوچ لائق آهن:
1. مسلم گھڻائي وارين رياستن جي گڏيل حڪومت ٺاهڻ لاءِ جڏهن 1938ع ۾ سنڌ اندر، 1940ع ۾ لاهور منجھ ۽ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ٿيا هئا، تڏهن انهن ۾ ڪٿي به، ڪنهن به طرح اهو ڄاڻايل نه هو ته مسلم ٿورائيءَ وارن علائقن مان مسلم گھڻائيءَ وارين رياستن ڏانهن ڪا به لڏ پلاڻ ٿيڻي هئي يا ٿيندي.
ان ڪري سنڌي، بنگالي، بلوچ ۽ پٺاڻ اهو چوڻ ۾ قانوني ۽ اخلاقي طرح جائز هئا، ته گھڻين مسلم رياستن جي گڏيل حڪومت ٺاهڻ بدران هڪ رياست ۽ هڪ حڪومت ٺاهڻ، رياست کي صوبا سڏڻ ۽ وري صوبائي خودمختياري جو گلو گھٽي مرڪز کي ناجائز حد تائين اختيار ڏئي، مضبوط ڪرڻ ۽ بنگال توڙي هاڻوڪي پياري پاڪستان جي علائقن ڏانهن ڀارت کان جيڪا به لڏ پلاڻ ٿي، اها غير نظرياتي، غيرقانوني ۽ ناجائز هئي. ان ڪري ڀارتي علائقن مان لڏيندڙن ۽ ڀڄندڙن کي ”پاڪستاني“ سڏي نه ٿو سگھي، اهي ناجائز آبادڪار آهن ۽ انهن کي پاڪستان ۾ رهڻ جو ڪو به قانوني حق ناهي. اهو موضوع ڪورٽ ۾ بحث هيٺ آڻي سگھجي ٿو ۽ آڻڻ گھرجي.
2. سنڌ ۾ اڻ ڪَٿي ۽ اڻ کُٽ لڏ پلاڻ جي ٻوڏ ڏسي ۽ پنهنجن محدود وسيلن کي نظر ۾ رکندي سنڌي سياستدانن محسوس ڪري ورتو ته هڪ ئي وقت لکن جي ڳڻپ ۾ ايندڙ بي گھر ۽ رولو ماڻهن کي رٿابنديءَ سان آباد ڪرڻ، انهن جي روزگار، اچ وڃ ۽ رهائش جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ مورڳو ممڪن نه هئي. ان ڪري فيصلو ٻڌايو ويو ته ان غير قانوني، ناجائز ۽ اڻ کٽ لڏ پلاڻ کي بند ڪيو وڃي يا گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ڏانهن اچڻ کان جھليو وڃي. (ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته ڀاڄوڪڙن سان ڀريل ريل گاڏيون جڏهن لاهور پئي پهتيون، تڏهن انهن جو اسٽيشن تي ئي گھيرو ڪري منجھن ويٺلن کي ٻڌايو پئي ويو، ته پاڪستان اڃا اڳتي آهي، تنهنڪري هتي نه لهجو، نه ته مارجي ويندئو!)
سنڌ رضا خوشيءَ سان جيڪي ماڻهو قبول ڪيا، انهن تي به سوچڻ گھرجي، پر خاص طرح سنڌ جي فيصلي کان پوءِ آيل سمورا ڌاريا هر اخلاقي ۽ سياسي نڪتي نظر موجب غير قانوني ۽ ناجائز آباد ٿيل آهن، تنهنڪري انهن جي قانوني پاڪستاني شهريت کي پڻ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪرڻ گھرجي.
3. پاڪ-ڀارت سرحدون بند ٿيڻ ۽ خاص طرح 1965ع واري جنگ کان پوءِ پاڪستان (انهن ڏينهن ۾ اولهه ۽ اوڀر) ڏانهن ڀارت جي علائقن مان جيڪا به لڏ پلاڻ ٿي آهي (ڪهڙي به نالي ۽ نعري هيٺ ٿي هجي)، اها پاڪستان جي ڪنهن به ڄاڻايل قانون موجب قانوني ۽ جائز ناهي، پر پاڪستان ۾ چورن جيان لڪ ڇپ ۾ يا سمگل ٿي آيل ڌارين جا انگ اکر ٻڌائن ٿا، ته 1965ع کان پوءِ به هزارن جي ڳڻپ ۾ ڀارت کان پاڪستان (۽ خاص طرح سنڌ) ڏانهن لڏ پلاڻ ٿيندي رهي آهي، جن کي رشوتون وٺي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ پاسپورٽ مهيا ڪيا ويا، ۽ ڪي ماڻهو ته انهن جي بنياد تي سياست ۾ حصو وٺي حڪومت جا وسيلا ڪتب آڻيندا ۽ پگھارون، بونس، الائونس ۽ رعايتون ماڻيندا رهيا آهن، جنهن کي ٺڳيءَ ۽ غداريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به مناسب نالو نه ٿو ڏئي سگھجي. انهن سمورن ٺڳن، دغابازن، غدارن ۽ غيرقانوني آبادڪارن کي ڪنهن به طرح پاڪستاني سڏي نه ٿو سگھجي. اها ڳالهه ڪورٽ جي نوٽيس ۾ آڻڻ گھرجي ۽ انهن سمورن ڌارين کي تڙي ڪڍڻ حڪومت جو فرض آهي، جنهن کان غفلت خود پاڪستان سان غداريءَ جي مترادف آهي.
4. 1971ع واري پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ بنگلاديش ٺهڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن کي نئين پاڪستان جي حڪومت پڻ مڃيو. ان مڃتا کان پوءِ بنگلاديش هڪ ٻيو ملڪ ٿيو. هاڻي بنگلاديش جي ڪنهن به رهاڪوءَ کي زوريءَ، يا مخصوص مقصدن لاءِ ڪيل واويلا جي آڙ ۾، ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت ڏيڻ يا وٺڻ بين الاقوامي ۽ ملڪي قاعدن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اها ڀڃڪڙي ڪندي لڳ ڀڳ ٽن لک بهارين کي پاڪستان ۾ گھرائي آباد ڪيو ويو. کين نه رڳو شهريت ڏني وئي، پر خاص طرح سنڌين جا حق ماري انهن کي روزگار ۽ زندگيءَ جون ٻيون سهولتون به ڏنيون ويون --- آپ نه پالي، تتر تاتي.
(اهو ته خود پ پ جو به فرض آهي ته پنهنجي ڪيل غلط ڪم کي نه رڳو مڃي ۽ سنڌين کان معافي وٺي، پر ان غلطيءَ جو ازالو ايئن ڪري، جيئن ڪرڻ گھرجي يعني انهن ناجائز ۽ غير قانوني آباد ڪيلن خلاف پنهنجي آواز ۽ عمل کي باقي سنڌي عوام جي آواز ۽ عمل سان ملائي زبردست مهم هلائي ۽ پنهنجي منشور ۽ پروگرام ۾ اها ڳالهه چٽيءَ طرح آڻي، ته سندس غلطيءَ جي آڙ وٺي، پاڪستان جا حاڪم ۽ حڪمران سنڌين مٿان نئين سر وري ٻي لکين بهارين جي لوڌ چاڙهي نه اچن ۽ اڳ ئي غير محفوظ اقليت ٿي وڃڻ جي ڊپ ۾ وٺجي ويل، ناانصافي محسوس ڪندڙ، سنڌي قوم کي اڃا وڌيڪ غير محفوظ ۽ اقليت ۾ تبديل نه ڪن.)
1971ع جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ ان کان پوءِ جيڪي به ماڻهو، خاص طرح بنگلاديش کان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن، اهي ناجائز ۽ غير قانوني آهن، تنهنڪري اها ڳالهه عدالت جي ڌيان تي آڻڻ گھرجي.
5. سنڌين جي غير منظم هجڻ ۽ سندن ڪجھ نام نهاد سياسي اڳواڻن جي بد افعالين، هوڏ ۽ جھالت جي ڪري خصوصاً ڀارت جي ڪجھ بي پاڙن ماڻهن سنڌ کي گذريل اڌ صديءَ کان پنهنجي مڪر، ٺڳيءَ، ترڪتال ۽ سازش جو نشانو ٺاهي پئي رکيو آهي. انهن ڄاڻي ورتو آهي ته اهڙيءَ ٽڙ وڇڙ ۽ غدار فضا ۾ سندن جياپو ۽ پالنا بهتر نموني ٿي سگھندي ۽ اهي پاڻ کي هڪ وڏي اڪثريت ۾ تبديل ڪري، سنڌين کان سندن اباڻي تاريخي ڌرتي ڦري، کين لوڌي ڪڍي يا ماري مَڃائي ۽ محڪوم رکي سگھندا. ان ڪري پاڪستان ٺهندي ئي ۽ ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سنڌ ڏانهن ڌارين جي ناجائز ۽ غيرقانوني لڏپلاڻ جاري آهي، جيڪي هتي اچي، هتان جي شهريت وٺي ڏينهون ڏينهن سنڌ جي مالڪيءَ جا دعويدار ٿيندا وڃن ۽ ڪرسيءَ ۽ اقتدار جا بکيا کين هر قسم جو تحفظ مهيا ڪري رهيا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌي ماڻهو پنهنجي سنڌ جي مالڪيءَ جو حق وڃائيندا، ٻين کي ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪندا ۽ اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن --- اها آهي نمبر هڪ ڳالهه.
گذريل 45-ورهن ۾ هر طرفي سازش، مڪاريءَ، نعريبازيءَ ۽ چالاڪيءَ ڪري جنهن منظم نموني سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ويساهه گھاتي ڪئي وئي آهي، سندن ٻوليءَ، ثقافت ۽ سماجي حيثيت کي ٽئين درجي تائين ڪيرائي، مالڪ مان ڦيرائي چور بنايو ويو آهي، کين هڪ مڪروهه رٿابنديءَ وسيلي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ بي يار وَ مددگار ۽ بي وسيلو ۽ بي پهچ ڪري نام نهاد قومي اخبارن ۽ خصوصي پروپيگنڊا ٽيمن وسيلي بدنام --- ڀارت ۽ روس جو ايجنٽ، علحدگي پسند، پاڪستان دشمن، ڪافر، بي دين وغيره --- ڪيو ويو (۽ اهو مخصوص بد مقصد پورو ڪرڻ لاءِ خود سنڌين منجھان ئي ڪي ماڻهو ڀاڙي تي ڀرتي ڪيا ويا)، سندن گھر، ڪارخانا، ٻنيون، باغ، ڍنڍون، کاڻون، سمنڊ، اچ وڃ جا وسيلا، نوڪريون، ٺيڪا، ڏيهي توڙي پرڏيهي واپار ۽ معدنيات هر قسم جي ساز باز وسيلي ڦٻايا ويا، سنڌ جي تاريخي ماڳن، ثقافتي ڳڙهن ۽ خود تاريخ خلاف ڌڪار پيدا ڪئي وئي. سنڌين کي سياسي طرح شودر جي سطح تي ڪيرائڻ لاءِ ئي پاڪستان جي حاڪمن پاران مهاجر-پنجابي-پٺاڻ محاذ ٺاهيو ۽ پوءِ ايجنسين ان مقصد سان گڏ سنڌين جي جمهوري سياسي سُرت کي به چِيڀاٽڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪ منظم ۽ هٿياربند دهشتگرد تنظيم ٺاهي (جنهن وٽ هٿيار رڳو سِمگل ٿيل ئي نه، پر ”واهه“ فيڪٽري جا به هئا). اهي دهشتگرد ۽ بي پاڙا ماڻهو پاڻ کي مهاجر قوم جو اڳواڻ سڏين ٿا، اها آهي نمبر ٻي ڳالهه.
يادِ کي جيڪڏهن 22 ورهيه پوئتي وٺي وڃجي، ته اهو ساڳيو ڪم ڀارت کان سنڌ ۾ آيلن جيان ڀارت کان بنگلاديش ۾ ويل سندن مائٽن بنگالي عوام سان ڪيو. هنن پنهنجي دهشت جي اوج وارن ڏينهن ۾، اتي 50 لک ماڻهو، ڄمار ۽ جنس جي تميز رکڻ بنا، قتل ڪري ڇڏيا، لکين عورتن جي زوريءَ بيحرمتي ڪئي ۽ ڍُڪين جا پيٽ ڦاڙيا ۽ ٻارن کي ڇيڇاڙي سنگينن تي اُڀو ڪري نعرا هنيا. کين اتي اهو ڪجھ مليل هو ۽ انهن پاران ئي مليل هو، جيڪو ڪجھ هِتي جي دهشتگردن کي مليل آهي. هِتي جي دهشتگردن جيان انهن اُتي به پنهنجن مسلمان ڀائرن، پاڪستاني هم وطنن، جيئرن جاڳندن ماڻهن ۽ ڏکين گھڙين ۾ پناهه ڏيندڙ پنهنجن محسنن سان اهو سلوڪ ڪيو، جيڪو بي رحم شڪاري حرام جانورن سان به نه ڪري سگھندا آهن.
اتي به هڪ مهاجر قوم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بنگالي مخالف محاذ ٺاهيا ويا ۽ 1947ع کان 1970ع تائين اتي به لڳ ڀڳ اهو ڪجھ ٿيندو رهيو، پر بنگالي گھڻا هئا، پياريءَ فوج ۽ پيارن پنجابين کان پري هئا، ڪجھ ته منظم ٿي چڪا هئا، هڪ وڏي ٻليدان جي سَٽ سهسائي ويا ۽ هٿياربندن ۽ دهشتگردن کي پادر پارائي ڇڏيائون. بنگلاديش ۾ اهي خوني ۽ وحشي ڪاروايون ڪندڙ مهاجر دهشتگردن جو نالو آهي: بهاري.
پنهنجي ئي هم مذهب، ديس واسي ۽ محسن ماڻهن سان ايڏا ڪيس، انهن جا ايڏا ڪوس، انهن جون ايڏيون بيحرمتيون ۽ اهڙن ٻين سڀني ڪَٺور ڏوهن جا ڏوهاري اڃا تائين آزاد آهن، انهن کي ڪنهن به ٿاڻي تي نه ڇڪيو ويو آهي ۽ اٽلو اهي اهڙا ناٽ ۽ آرا پيا ڪن، ڄڻڪ هنن وڏا ڪي وڙ ڪيا آهن. جيڪڏهن سقراط جي قاتلن تي 22 سَو سال پوءِ ڪيس ڪري سگھجي ٿو، ته بنگالي عوام جي حقيقي قاتلن تي ڇو نه؟
6. (الف) عالمي طرح مڃيو وڃي ٿو، ته ڪنهن به قوم يا ملڪ تي ڪاهه ڪرڻ ۽ انهن کي محڪوم ۽ ماتحت بنائڻ هڪ زبردست اخلاقي ۽ عالمي ڏوهه آهي. دنيا ۾ هن وقت تائين ڪنهن به ملڪ يا قوم تي ڪاهه رڳو هٿياربند صورت ۾ نه ٿيندي آهي. ڪاهون معاشي، سياسي ۽ ثقافتي به ٿينديون آهن، جن وسيلي ڪنهن قوم يا ملڪ جي معاشي، سياسي ذهنن ۽ ثقافتي زندگيءَ کي پنهنجي ڄمت ۽ غلاميءَ هيٺ رکيو ويندو آهي. عراق تي اقتصادي پابنديون وجھڻ جو مقصد هر ماڻهو سولائيءَ سان سمجھي سگھي ٿو، پر اها ئي ڪاهه ڪڏهن ڪڏهن بظاهر بيوس، لاچار، مظلوم، ماريل ۽ سَتايل ماڻهن جي ٽولن جي لڏ پلاڻ جي صورت ۾ به ٿيندي آهي، جيڪي پوءِ ٻي قوم (ميزبان ۽ مهربان --- رضا خوشي ٿي هجي يا زوريءَ ۽ ڌوڪي سان ٺاهي وئي هجي) جي وسيلن تي ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان ڪڙڪندا آهن. ڪٽر يهودين جي مهم جيتوڻيڪ 1898ع کان هلندڙ هئي، پر 1940ع کان 1950ع تائين يهودين جي اسرائيل ۾ آبادڪاري گھڻي ڀاڱي ان ذڪر ڪيل صورت ۾ ٿي، ۽ اڄ دنيا ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿي ته انهن مظلوم لاڏائن جي اسرائيل ۾ آبادڪاريءَ پٺيان حقيقي ارادا ۽ نِيَتون ڇا هيون. (ڪجھ مَٽ سَٽ سان اتر ۽ ڏکڻ آمريڪي کنڊن تي يورپ جي رهاڪن جون ابتدائي ڪاهون پڻ ڌيان ۾ آڻي سگھجن ٿيون.)
يهودين جي اُن لاڏائو نسل وٽ وري به هڪ بهانو ته هو، ته سندن وڏڙن جو مذهبي، تاريخي ۽ ثقافتي ناتو فلسطين جي ڌرتيءَ سان هو، جڏهن ته 1947ع ۾ پاڪستان نالي ٺاهيل ملڪ جي سرحدن ۾ ايندڙ زمين جي ڪنهن به علائقي سان ڀارتي سرحدن منجھان لڏيندڙن ڪنهن به ماڻهوءَ کي مذهبي، تاريخي، ثقافتي، لساني يا ڪو به ٻيو ناتو نه هو. سندن جيڪڏهن ڪو مذهبي ناتو ٺهي پئي سگھيو، ته سعودي عرب سان، تاريخي ۽ ثقافتي ناتو وري وچ ايشيا سان ۽ لساني ۽ ثقافتي ناتو وري به هاڻوڪي ڀارت سان ئي ٺهي پئي سگھيو، تنهنڪري کين ڪنهن به سبب يا بهاني لڏڻو ئي هو، ته ترڪيءَ يا سعودي هليا وڃن ها.
باشعور ۽ تاريخ تي نگاهه رکندڙ ڪجھ سنڌي دانشورن ۽ سياستدانن انهيءَ لڏ پلاڻ خلاف مضبوط دليلن سان احتجاج ڪيو، پر سندن آواز مڇي مارڪيٽ ۾ چيڀٽ هيٺ آيل هڪ ننڍڙي ٻار جي ”آهَه“ کان وڌيڪ نه هو، پر اها ”آهه“ اڃا سوڌو تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ لڏ پلاڻ جي سازشي حامين جي مُنهن تي لپاٽ ٿي لڳي رهي آهي.
بنگالين ۽ سنڌين پنهنجي مظلوم دوستيءَ ۽ اڻ ساڙيلي ثقافتي پس منظر جي ڪري کانئن ڪا به اوپرائپ يا ڀَوَ ڀائڻ بنا ئي سندن واهر ڪئي، پر مثال طور، سنڌ ۾ ايندي شرط هن ٽولي جي خود غرض ۽ مڪار اڳواڻن هڪ مخصوص سازشي رٿابنديءَ سان سنڌ جي خاص طرح وڏن ۽ صنعتي ۽ تعليمي طرح نسبتاً وڌيڪ ترقي ڪيل شهرن ۾ ڀاڄوڪڙن کي ورسائڻ شروع ڪيو.
”هندو مسلم جھيڙو“ نالي ڪا به شيءِ سنڌ ۾ موجود نه هئي. 1947ع تائين ڪل ٻه واقعا ٿيا هئا. هڪ لاڙڪاڻي ۾ (شايد 1927ع ۾) جيڪو بهرحال ننڍو واقعو هو ۽ ٻيو اهو سازشي جھيڙو، جيڪو مسلم ليگ کي سنڌ جي مسلمانن ۾ مقبول بڻائڻ لاءِ هندو ۽ مسلمان سنڌين جي وچ ۾ رت ۽ باهه جي ڀت بيهارڻ لاءِ ڪرايو ويو، جنهن کي مسجد منزل گاهه واقعي جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون. ٻرنديءَ تي گھڻو ئي تيل وڌو ويو، پر سنڌين جي فطري رواداري ۽ سهپَ سازشي سنڌي سياستدانن جي پهچ کان مٿي هئي، تنهنڪري ڀارت ۾ رتوڇاڻ باوجود 1947ع ۾ سنڌ اندر ڪو به هندو-مسلم جھيڙو موجود نه هو. ايتري قدر جو ڀارتي لاڏائن جي اچي پهچڻ کان پوءِ به سندن تعصبي رويي باوجود ڪو به خاص واقعو نه ٿيو. اهڙي پُر امن صورتحال ڀارتي لاڏائن جي حقيقي ۽ ڳجھين منشائن جي خلاف هئي ۽ سنڌي سازشي، قرضي، عياش ۽ ڦورو جاگيردارن کي به نه پئي وڻي. هندو سنڌين ۾ بهرحال هڪ اڻ تڻ، بيچيني ۽ ڀَو موجود ٿي چڪو هو، مٿان جو هٿرادو نموني نفرت جو کورو پچايو ۽ جڙتو جھيڙو پکيڙيو ويو، تنهن دکنديءَ کي چوچڙيءَ جو ڪم ڏنو ۽ نيٺ هندو سنڌين جي لڏ پلاڻ جاري ڪرائي وئي. (اها لڏ پلاڻ به ناجائز ۽ غيرقانوني هئي.)
انگريز راڄ هلندي جڏهن سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو، تڏهن کان پنجاب جا ڦورو حاڪم طبقا اها ڪوشش ڪندا پئي رهيا، ته سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري پنجاب سان ڳنڍيو وڃي. ان لاءِ هنن ڪيترائي معاشي، سياسي ۽ ثقافتي دليل به مهيا ڪري ورتا هئا، پر سنڌي ماڻهن اهو ڪنهن به طرح پسند نه پئي ڪيو ته بمبئيءَ جي بلا مان جند ڇڏائي پنجاب جِي پيئڻ جي ور چڙهي وڃن. انهن 1936ع ۾ سنڌ کي خودمختيار صوبو ٺاهي ورتو، پر پرڏيهي حاڪمن جي چاپلوس سنڌي وڏيرن 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٺهراءُ، 1940ع ۾ لاهور ۾ ٺهراءُ ۽ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪري پنجابي ڦورو حاڪمن جي پسند جو بلو ڪري ورتو ۽ سنڌ، بهرحال، ڪهڙي به نيڪ نالي/نعري هيٺ پنجاب سان ڳنڍجي وئي ۽ ان جيڪو ڪجھ ڪيو آهي، اهو تاريخ ۽ جيئرن سنڌي ماڻهن جي دلين تي لکيو پيو آهي.
ڀارتي لاڏائو سياستڪار لوڀي نواب ۽ پنجاب جا ٺوڳي حاڪم طبقا پاڪستان ٺهندي ئي پاڪستان جي عوام ۽ مظلوم قومن خلاف ٿيل سمورن ظلمن، جُرمن ۽ جُٺين ۾ جٽ رهيا آهن. اٿندي ئي سنڌ جي دل تي وار ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ کي گھيري ۾ آڻي سنڌ کان ڇني مرڪزي علائقو بڻايو ويو. ٻيو حملو هندن جي ڇڏيل ملڪيت (ڪارخانن، باغن، ٻنين، گھرن، دڪانن، وغيره) تي ٿيو، جنهن ۾ نه رڳو انهن وٽ گروي رکيل پر وَريامن، گُھرامن ۽ بَهرامن جي حقيقي ملڪيت کي به نه ڇڏيو ويو. ڪوڙن ڪليمن جا ڪوڙا سنڌين جا چم چڪڻ لڳا. ائين ٿي لڳو ڄڻڪ لڏ پلاڻ جي صورت ۾ ڪاهه ڪليمن لاءِ ئي هئي. جوش مليح آباديءَ جهڙي اردو ٻولي جي قداور شخصيت سان گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي دستاويزي لکتون ميدان تي آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڀارتي رهاڪن کي ٺهندڙ پاڪستان ۾ ججھو ملي سگھندڙ مال جي لالچ ڏئي هرکايو ويو هو.
هندن جي ڇڏيل ملڪيت بابت پنجاب اسيمبليءَ جي ٺهراءَ کي مانُ ڏنو ويو هو، پر سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ کي کنگھيو به نه ويو --- بنيادي نيت ئي بد هئي. ملڪ ساڳيو پاڪستان، صوبائي اسيمبلين جا ٺهراءَ، هڪ کي مانُ ۽ ٻي جو اپمان! ۽ اپمان به سنڌ جو، ڇو؟ سڏيل ۽ قرار ڏنل اويڪيو پراپرٽي (خالي ٿيل ملڪيت) ۽ ان کي قبضي ۾ ڪرڻ لاءِ ڪليمن ۽ دفتري هيرا ڦيريءَ وسيلي ٿيل ڦرلٽ جي جاچ ٿيڻ، اسيمبلي ٺهراءَ جو اپمان ڪندڙ ڏوهارين کي جھلڻ، انهن لي ڳولي ڪورٽ ۾ آڻڻ ۽ ڪورٽ کان فيصلو وٺڻ گھرجي ته ناجائز ۽ غيرقانوني طريقن سان ڦٻايل ملڪيت سڳ ۽ ڏنڊ سوڌي قبضي گيرن کان ڇڏائي وڃي.
(ب) پرڏيهي ڪاهيندڙن جتي به ڪنهن به طريقي سان ڄمت ڄمائي آهي، اتي سندن قبضيگير مقصدن ۾ اهو به شامل رهيو آهي ته محڪومن جي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي به ستياناسي ڪئي وڃي. سنڌ سان ڏاڍو عجيب اتفاق ٿيو. سنڌ جي تاريخ ۾ انگريز ئي اڪيلا --- پرڏيهي ۽ ڦورو ڪاهيندڙ هئا، جن ڪن معنائن ۾ روايتن جي ابتڙ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي نه رڳو بچايو، سموهيو ۽ سهيڙيو، پر وڌايو ۽ ويجھايو به. جڏهن ته مسلمان ڀائرن پاڪ-ستان ۾ حقيقي ٻولين ۽ ثقافتن جا حق ماريندي ۽ انهن کي ٿڏيندي هند-ستان ۾ پاڙون رکندڙ ٻوليءَ ۽ ثقافت کي ”قومي“ جو شرف ڏئي مڙهي ڇڏيو. اردو ٻولي حقيقت ۾ هندي ٻولي ئي ته آهي، جنهن کي عربي ۽ فارسي جي لفظن جي چَتي هنيل آهي. هنن ته سنڌين، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي ڪافر قرار ڏئي قتل ڪرڻ پئي گھريو پر بي ڌرتيا ڌرتيءَ ۾ پاڙون رکندڙن کي پَٽي نه سگھيا. البت هنن کي لوئڻ شروع ڪيائون. ڪنهن به ٻوليءَ جو، ثقافت جو، ماڻهوءَ جو وجود ميسارڻ لاءِ ڪا به سازش، ڪو به ڪڌو ڪم عالمي، انساني ۽ اخلاقي حقن جي خلاف بڇڙائي ۽ هڪ بين الاقوامي ڏوهه آهي.
(ث) پيداواري وسيلا ساهوارن جي جياپي ۽ ماڻهن جي سماجي واڌاري جو بنياد آهن. انساني جسم لاءِ روح کي ڀلي بنيادي سمجھيو وڃي، پر ان جو وجود به پيداواري وسيلن ۽ انهن جي بهتر واهپي جو محتاج آهي، تنهنڪري ڪنهن به ماڻهوءَ، ماڻهن جي فطري ميڙ --- قوم --- جي تاريخي پيداواري وسيلن تي ڪنهن به ڌاري (يا پنهنجي) ٽولي جو قبضو انهن پيداواري وسيلن تي پلجندڙ ساهوارن خلاف هڪ خطرناڪ ۽ موتمار جُلهه آهي. سنڌ جي پيداواري وسيلن تي سمورن تاريخي وارثن کان سواءِ ڪنهن به ٻئي جو زوريءَ قبضو/مالڪي/حصيداري ڪنهن به قانون موجب جائز ۽ قانوني سڏي نه ٿي سگھجي. سنڌ جي پيداواري وسيلن تي ڌارين جو قبضو ٻڌائي ٿو ته سنڌ خلاف هڪ خطرناڪ سازش ڪاهه ٿي هئي، جيڪا عالمي انساني حق جي چارٽر جي نالائق ڀڃڪڙي آهي.
(ج) پنهنجا مخصوص اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي مفاد رکندڙ، ڪروڙن جي ڳڻپ ۾ هڪ وڏي تاريخي ميڙ، هڪ قوم، جنهن کي هڪ رچيل، شاهوڪار ۽ اسريل ٻولي آهي ۽ ڌر-گولي جي سنڌ نالي هڪ ٽڪري تي سوين صدين کان پنهنجو وجود بچائيندي، برقرار رکندي ۽ وڌائيندي اچي، ان کي سندس پنهنجي ئي اباڻي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ بدلائڻ يا ان تان زوريءَ لڏائڻ ۽ کانئس ڌرتي کسڻ هڪ مها پاپ آهي. (جڏهن هڪ ماڻهوءَ کان سندس ٻنيءَ ٽڪرو کسڻ ئي ڏوهه آهي، ته پوءِ هڪ قوم کان سندس ڌرتي کسڻ ڇو ڏوهه ناهي؟) سنڌ ۾ سنڌين خلاف ڌارين جي دهشتگردي، چوريءَ ۽ زوريءَ انگن اکرن ۾ واڌ، حڪومت ۾ مالڪيءَ جي حد تائين حصيدار، ڌاري ٻوليءَ جي برتري ۽ سنڌين جو ڪوس ڇا ٿا ٻڌائين؟
انهن ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي جيڪڏهن باشعور سنڌي ماڻهو اهو محسوس ڪن ٿا، ته هڪ منظم سازشي رٿابنديءَ تي عمل ڪندي، مظلوم جي صورت ۾ سنڌ مٿان هڪ خونخوار ڪاهه ٿي هئي ۽ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڃا جاري آهي ۽ ان ڪاهه وسيلي سنڌي قوم جو وجود ميسارڻ جي ڪڌيءَ ڪرت تي عمل ٿي رهيو آهي، جيڪو هر عالمي، انساني ۽ اخلاقي قدر جي ابتڙ آهي، ته ڇا غلط چئي سگھيا؟
7. دنيا ۾ ڪهڙو به ڏيهه هجي، ان ۾ اتي جي حقيقي وارثن جي موڪل کان سواءِ ڪو به ڌاريو رهي نه ٿو سگھي ۽ جي بنا موڪل، چوريءَ يا سمگل ٿي اچي رهي به پيو، ته اهو نه رڳو ناجائز ۽ غيرقانوني ۽ واجب ال سزا آهي پر کيس ڪن کان ڇڪي ڪڍي سگھجي ٿو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ لکين ڌاريا ماڻهو اهڙي ناجائز لڏ پلاڻ ڪري اچي رهي پيا آهن، جيڪا ڪنهن به طرح جائز سڏي نه ٿي سگھجي. رڳو ڪراچي ڊويزن جي چئني ضلعن جي حدن ۾ سنڌ جي حوالي سان نه، پر پاڪستاني قانون جي حوالي سان اهڙن غيرقانوني ۽ ناجائز ڌارين رهاڪن جي ڳڻپ ويهه لکن کان مٿي آهي، جيڪا سنڌ جي ڪنهن به ٻي سڄي ساري ضلعي جي آباديءَ کان وڌيڪ بيهي ٿي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئبو ته رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ هڪ سڄو سارو ضلعو سنڌي ماڻهن کان انهن کسي ورتو آهي، جيڪي پاڪستاني قانون موجب به ناجائز ۽ غيرقانوني آهن --- سنڌ جي هڪ سڄي ضلعي جي اپت، ڪمائي، صنعت ۽ ملڪيت سمگل ٿي آيل ماڻهن جي حوالي آهي!
ڇا اهي ناجائز ماڻهو ڪروڙين رپيا ساليانو ڪمائي سنڌ ۽ پاڪ کان ٻاهر نه موڪليندا هوندا؟ ڇا اهو سنڌ ۽ پاڪستان جي خزاني تي وڏو ۽ لاڳيتو ڌاڙو ناهي؟ ڇا اهو هتي جي حقيقي ماڻهن جي روزگاري وسيلن تي قبضو نه چئبو؟ ڇا انهن جي ڪري آباديءَ، امن امان (۽ قانون ۽ حڪم) جا ڪي به مسئلا پيدا نه ٿا ٿين؟ جيڪڏهن اهي ماڻهو نه هجن، انهن کي تڙي ڪڍيو وڃي، ته ڇا ويهه لک سنڌي وڌيڪ آباد نه ڪري سگھبا، ۽ ڇا اهڙيءَ طرح گھٽ ۾ گھٽ ٽي قومي ۽ ڇهه صوبائي اسيمبلين جون سيٽون سنڌين جي حصي ۾ اچي نه ٿيون سگھن ۽ ڇا اهڙيءَ طرح سنڌين جو شهر سنڌين ڏانهن موٽائڻ جي سلسلي ۾ هڪ قدم اڳتي نه وڌي سگھبو؟ (هن نڪتي تي ڪنهن ٻئي وقت لکبو. ان بابت سنڌين کي سوچڻ گھرجي).
هڪ غيرقانوني ۽ ناجائز آبادڪار کي تَڙي نه ڪڍڻ ڇا واسطيدار قانون کي لوئڻ ۽ بي عزت ڪرڻ ناهي؟ ڇا ان لاءِ ذميوار حڪومت ناهي؟ جيڪا حڪومت قانون تي عمل نه ڪري، ان کي ڇا چئبو آهي؟
8. جڏهن کان پاڪستان ٺهيو آهي، تڏهن کان اڄ تائين ڀارت ۾ رهندڙ مسلمانن جي ڳڻپ اڳوڻي سڄي (مشرقي توڙي مغربي) پاڪستان ۽ هاڻوڪي پياري پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ڪل آباديءَ کان وڌيڪ رهي آهي: 1947ع ۾ 8-ڪروڙ، 1970ع ۾ 14-ڪروڙ ۽ هاڻي 26-ڪروڙ چئي ٿي وڃي. ڇا اٺ ڪروڙ ڀارتي مسلمانن ۾ (1947- 1948ع دوران) اهي 15-16 لک ماڻهو ئي پڪا مسلمان ۽ پاڪستان جا حبدار هئا جن سنڌ ۽ بنگال ڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي ۽ پوءِ خونخوار، وحشي، قبضيگير، قاتل ۽ دهشتگرد درندا ٿي اڀريا ۽ هاڻي پاڪستاني قوم کي ٿڏي مهاجر قوم جا دعويدار ٿي بيٺا آهن؟ (جڏهن به ٺاهن ٿا، خبر ناهي ڇو زبردستيءَ جي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل ”قوم“ ٺاهن ٿا!)
پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن کي واضح ئي ڪرڻو پوندو، ته ڀارت کان پاڪستان جي حُب ۾ ڀڄندڙ ماڻهو پاڪستاني لکيا ويندا رهندا؟ ڇا جيستائين پاڪستان نالي ملڪ قائم هوندو، تيستائين ڀارتي ڀاڄوڪڙ هر مسلمان کي پاڪستاني ليکيو ويندو؟ ڇا 2020ع ۾ لڏيندڙ ڀارتي به پاڪستاني هوندو؟ ڇا 1990ع ۾ لڏي آيل پاڪستاني سڏبو؟ ڇا 1950ع، 1960، 1970ع ۽ 1980ع تائين لڏي آيل پاڪستاني آهي؟ يا، ڇا پاڪستاني اهي ئي آهن جن 1947ع- 1948ع دوران لڏيو، جڏهن چيو ٿو وڃي ته حالتون خونخوار هيون؟ (۽ انهن خوخوار حالتن ۾ ڪروڙين ماڻهن جو نه ڀَڄڻ ۽ لکن جو ڀَڄڻ ۽ انهن ڪروڙين ڀائرن کي ڇڏي اچڻ ڇا ٿو ٻڌائي؟) ۽ ڇا جيستائين ڀارت ۾ اها نام نهاد مذهبي ڪٽرپڻي جي نالي ۾ خونخواري موجود هوندي، تيستائين پاڪستاني ٺهندا رهندا؟
13-نومبر 1992ع جي اخبارن ۾ خبر آهي ته ”سنڌ ۾ مقرر ايس ڊي ايم اقبال نفيس ڀارتي شهري آهي“ جنهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي دهشتگردي سيکاري ۽ ڪيترن ئي هٿيارن جا لائسنس ڏنا. ان ئي خبر ۾ عبدالمالڪ گاروي ۽ عتيق شمسي جي ڀارتي هجڻ جو به ذڪر آهي. هُو 1985ع ۾ ڀارت کان ڀڄي آيو، ڪوڙو ڊوميسائيل ٺهرائي نوڪري ورتائين... وغيره. اها ڳالهه پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ منظم اداري ڪئي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ايترو ته پڪ سان چئي سگھجي ٿو، جو حاڪمن جي نظر ۾ 1985ع کان پوءِ ٿيل لڏ پلاڻ پڪ سان ناجائز آهي، پر اسان کي وري به پڪ ڪرڻي آهي ته ڪهڙي سن تائين ڀارت کان ڀڄي آيل کي اسان جا حاڪم پاڪستاني مڃن ٿا.
ڪو نه ڪو سَنُ ته مقرر ڪرڻو ئي پوندو، اهو پڇڻ گھرجي.
9. هڪ مڃيل مڃايل، ثقافتي طرح رچيل ۽ تاريخي وجود رکندڙ قوم کي ميسارڻ جي سازشن سان گڏوگڏ سنڌين خلاف سوين ڪُوڙيون، ملڪ دشمن، مذهب دشمن ۽ انسان دشمن تهمتون ٺاهيون ويون آهن (جيئن ڦورو ڪاهيندڙ حاڪمَ سدائين محڪومن خلاف ڪندا آهن). اهي تهمتون ڇا ٿيون ثابت ڪن؟
جيئي سنڌ محاذ ۽ تحريڪ، پاڪستان پيپلز پارٽي (جنهن کي هاڻي سنڌين جي پارٽيءَ طور متعارف ڪرائڻ لاءِ سرڪار سڳوري نَنهن چوٽيءَ جو زور لائي ڪُپرچار ڪري رهي آهي)، عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل فرنٽ ۽ جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي (سرڪاري زِٽن موجب سڀ علحدگي پسند ۽ ڀارٽي ايجنٽ پارٽيون) اڳ ۾ ٺهيون هيون يا مهاجر-پنجابي-پختون محاذ؟ ڪٽرپڻي ۽ نفرت جو پهريون ٻج ڪنهن پوکيو؟ پاڪستان ٺهندي ئي سنڌ ۾ ڪوٽا مقرر ڪرائي، ڌارين ماڻهن لاءِ نوڪرين تي ڌاڙا ڪنهن هنيا؟ سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري سطح کي ڪنهن ڌڪ هنيو ۽ سنڌين جي ثقافت کان ڪِراهت جو اظهار ڪنهن ڪيو؟ پاڪستان ٺهڻ ۽ 1947- 1948ع دوران ٿيل لڏ پلاڻ کان پوءِ به ڀارت، بنگال ۽ دنيا جي ٻين ڪجھ ملڪن کان پاڪستاني ٺپي هيٺ سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ڇو جاري آهي ۽ اهڙي ناجائز لڏ پلاڻ جي آجيان ۽ گھر ڪرڻ وارا ڪير آهن؟ ايئن ڇو آهي، جو 1950ع، 1960ع، 1970ع ۽ 1980ع کان پوءِ به ڀارت مان ڀڄي، سمگل ٿي، لِڪي ۽ غيرقانوني ايندڙ ماڻهو، خاندان پاڪستاني ٿي پيا آهن، کين پاڪستان ڊوميسائيل، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ مليو وڃي، ملڪيتون خريد ڪري سگھيا آهن، چونڊن ۽ سرڪاري سازشن ۾ حصيدار ٿي اسيمبلين، اقتدار، انتظاميا (ايڊمنسٽريشن) ۽ نظاميا (نظم ونسق ۽ ايگزيڪيوٽو) ۾ وڃي پهتا آهن؟ عجيب ڳالهه اها، ته سنڌ ۾ چالو ۽ گذريل حڪومت دوران سرڪاري وزارت جو ڪارائتو اڌ انهن جي حوالي رهيو جيڪي 20-سيڪڙو آباديءَ جا نمائندا هئا، ۽ نه ته سنڌي هئا ۽ ئي وري پاڪستاني! --- سندن رشتو ناتو، مائٽي ڀائپي، ٻولي ۽ ثقافت (جيڪا قومي به چئي وڃي ٿي) ان ڌرتيءَ سان ڳنڍيل آهي (۽ وڏي فخر سان اهڙا اعلان به ڪندا رهيا هئا) جنهن کي پاڪستاني حاڪم ۽ حڪمران پنهنجو دشمن نمبر پهريون سڏين ٿا! ۽ عجيب ڳالهه اها به ته سهيل مشهدي، آفاق شاهد، رازق خان ۽ اشتياق اظهر جهڙا ماڻهو سنڌ اسيمبلي ۾ هئا ۽ سينيٽ ۾ به آهن!
اهڙي واهيات، ناجائز، غير قانوني ۽ غير اخلاقي حرڪت رڳو پاڪستان ۾ ڇو آهي ۽ اها به سنڌ ۾ ۽ سنڌين خلاف ڇو ٿي برقرار رکي وڃي؟
10. هتي گھرج ٿي محسوس ٿئي ته پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن کان سوال پڇجي، ته سندن نظر ۾ هڪ پاڪستانيءَ جي سڃاڻپ ۽ وضاحت ڇا آهي؟
- ڇا ڌر-گولي جو هر ماڻهو، جيڪو دعويٰ ڪري ته هُو مسلمان آهي، ڪير به هجي، ڪٿي به هجي ۽ ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندو هجي، بس رڳو اهو چوي ته هُو پاڪستاني آهي، ته ڇا اهو پاڪستاني سڏيو ۽ سمجھيو ويندو؟ (جي ها، ته ڇو؟ ۽ جي نه، ته ڇو؟)
- ڇا موجوده ڀارت جو هر مسلمان رهاڪو جيڪڏهن اها دعويٰ ڪري، ته هو پاڪستاني آهي ۽ پاڪستان ۾ رهڻ گھري ٿو ته ڇا کيس پاڪستاني شهريت ڏني ويندي؟ (جي ها، ته ڇو؟ جي نه، ته ڇو؟)
- ڇا هاڻوڪي بنگلاديش جو ڪو به مسلمان رهاڪو جيڪڏهن پاڻ کي پاڪستاني سڏڻ لڳي، ته ڇا هو پاڪستاني ٿي پيو؟ (جي ها، ته ڇو؟ ۽ جي نه، ته ڇو؟)
- يا، ڇا بنگلاديش جي رڳو انهن رهاڪن کي پاڪستاني مڃيو ويندو، جن ڪنهن زماني ۾ ڀارت کان اوڏانهن لڏ پلاڻ ڪئي، اتي وڃي قبضيگيريءَ ۽ سازش لاءِ فتنا اٿاريائون، اتي جي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي لوئي نفرتن جي ڀت بيهاريائون، اتي ڦرلٽ ۽ داداگيريءَ جي باهه مچائي ويٺا ۽ نيٺ فطري وحشي پڻي کان ڪم وٺي بنگالين جو (جيڪي مسلمان به هئا، ته پاڪستاني به) ڪوس ڪري، نه رڳو پاڪستان جي الهندي حصي جي رهاڪن خلاف ڌڪار پيدا ڪيائون ۽ وڌايائون، پر پاڪستان کي ٽوڙڻ تي به مجبور ڪيائون ۽ هاڻي بنگالي حڪمرانن جي آڇ جي باوجود اتي رهڻ نه ٿا گھرن؟ (جي ها، ته ڇو؟)
- بهارين بابت نام نهاد پاڪستاني هجڻ واري هام جيان جيڪڏهن ڪو به مسلمان بنگالي اها دعويٰ ڪري، ته هو به طبعاً ۽ فطرتاً پاڪستاني آهي، بنگلاديش کي نه ٿو مڃي ۽ هن پاڪستان سرڪار ۽ بهاري قاتلن سان گڏجي انهن جيان ”مڪتي باهني“ جي دهشتگردن ۽ علحدگي پسندن جي ڪوس ۽ بيحرمتي ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو ۽ هاڻي بنگلاديش ۾ نه، پاڪستان ۾ پاڪستاني ٿي رهڻ گھري ٿو، ته ڇا کيس پاڪستاني شهريت نه ڏني ويندي؟ (جي نه، ته ڇو؟)
ڪٿي ايئن ته ناهي، پاڪستاني حاڪم ۽ حڪمران پاڪستاني هجڻ جو ٺپو ڪنهن نه ڪنهن بهاني رڳو انهن ماڻهن تي هڻڻ گھرن ٿا جيڪي ڀارت کان پاڪستان (۽ خاص ڪري سنڌ) ڏانهن لڏيندا رهن ۽ جيڪي بنگال لڏي ويا هئا، اتي جي حق پرست قومي تحريڪ کي ڪچلڻ ۽ باشعور ماڻهن کي ڪهڻ ۾ پاڪستاني حاڪمن جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا (پر ناڪام رهيا) ۽ هاڻي وري اهڙا ئي ڪي غليظ ترين مقصد پورا ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ سندن سڏڻ ضروري ٿيو هجي؟ ۽ اهي غليظ ترين مقصد ٻيا ڪهڙا ٿي سگھن ٿا، سواءِ ان جي، ته سنڌ دشمن قوتن کي مدد ڏئي، سنڌين کان سندن ڌرتي کسي، سندن قومي شعور کي چيڀاٽيو ۽ سندن نالو نشان مٽايو وڃي؟ سڀ سياسي سرت رکندڙ سنڌي ان کان سواءِ ڪو ٻيو بهاري گھرائڻ جو مقصد نه ٿا سمجھن.
هتي جائز طرح اهو سوال اٿاري سگھجي ٿو، ته سنڌي ايئن ڇو ٿا سمجھن؟ ان لاءِ اسان کي جائزو وٺڻو ۽ ورجائڻو پوندو، ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڀارتي سرحدن منجھان بنگال ڏانهن لڏي ويل ۽ سنڌ ڏانهن لڏي آيل پاڪستانين (جن پاڻ کي مهاجر قوم دعويٰ ڪرڻ شروع ڪيو) ۽ انهن سان ملي پاڪستان جي نظرياتي سرحدن جي محافظيءَ جي دعويدار پنجابي حاڪمن ۽ حڪمرانن جو بنگالين، سنڌين، بلوچن، سرائيڪين ۽ اترادي علائقن جي رهاڪن (بلتين، شينن، هنزن وغيره) ڏانهن ۽ ڪجھ ڇڏڇوٽ سان پٺاڻن ڏانهن رويو ڪيئن رهيو آهي. بنگالي (جن جي هڪ حصي کي 1947ع کان پوءِ اوڀر وارا پاڪستاني سڏيو ويو) موجوده پياري پاڪستان، ان کان اڳ نئين پاڪستان ۽ ان کان به اڳ اولهه پاڪستان کان هڪ هزار ميل پري هئا، آباديءَ ۾ اولهه (نئين ۾ پياري) پاڪستان جي ڪل آباديءَ کان گھڻا هئا، اتي وڃي آباد ٿيل ڌارين خاص طرح ڀارتي ڀاڄوڪڙن جي ڪل آبادي وٽن اٽي ۾ لوڻ برابر هئي، تڏهن به بنگالي ٻولي ختم ڪري اتي جي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪرڻ ۽ ڦرڻ لٽڻ، بنگالي عوام جا عالمي توڙي انساني حق لتاڙڻ، ون-يونٽ ۽ پئرٽي (برابري، هڪ جَھِڙائي، هڪ جيترائي) جي نالي ۾ کين غلام ۽ محڪوم رکڻ ۽ نيٺ انساني ڪوس لاءِ موجودهه پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن (جيڪي پنجاب ۽ پناهگير ڦورو طبقن ۽ مظلوم قومن جي غدارن تي ٻڌل آهن) 23-سال صرف ڪيا ۽ بنگال جي سرسبز، آباد ۽ سونُ اپائيندڙ ڌرتيءَ کي چيري ڦاڙي ان جو سڀ مال ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ جيڪو ڪجھ وٽن هو --- هٿياربند قوتون، ايجنسيون ۽ بمن بارودن، ٽينڪن ۽ هوائي بمبارن کان وٺي سازش، ٺڳيءَ، مڪاريءَ ۽ زور زبردستيءَ تائين هرحربو ڪم آڻي کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون ۽ نيٺ کين مجبور ڪيائون ته اهڙي ملڪ ۾ رهڻ کان ئي بان ڪن جنهن جا سمورا وسيلا پنهنجن ئي هم وطنن کي چيٿاڙڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ ڪم ايندا هجن.
اترادي علائقن (گلگت، بلتستان، هنزه وغيره) ۾ مون پاڻ درسگاهن جي اڏاوت کان اڳ جيل خانن ۽ ٿاڻن کي ٺهندي ڏٺو. اتي جو ٿاڻيدار سنڌ جي گورنر کان وڌيڪ هَلندي وارو ۽ بااختيار آهي. شينا ۽ بلتي ٻولين جي اڃا سودو ڪا به لَپي نه ٺهي آهي. ڪشمير جو اهو حصو جنهن کي پاڪستاني حاڪم آزاد ڪشمير سڏيندا آهن، اتي هڪ برگيڊير اتان جي صدر کان وڌيڪ بااختيار آهي. اها آهي 43 سال گذرڻ کان پوءِ جي صورتحال جي هلڪي جھلڪ.
سرائيڪي قوم پاڻ کي گڏ پئي ڪري. گھڻن ئي باشعور دانشورن جو چوڻ آهي ته پنجابي حاڪمن بنگلاديش کان بهاري گھرائي اتي آباد ڪرڻ جو جيڪو سٽاءُ سِٽيو آهي، تنهن جو مقصد اتي جي اسرندڙ سياسي سرت ۽ غلاميءَ خلاف جوجھد جي عمل کي چيڀاٽڻ آهي. هيءُ علائقو اڄ به سنڌ جي ڀيٽ ۾ گھڻو پوئتي رکيو ويو آهي.
(سچ اهو آهي ته خود پنجاب جي عوام سان هڪ نموني ٿيل ظلم تي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. مون پنجاب جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪندي پنجابي ٻوليءَ جي مٺاڻ کي محسوس ڪيو آهي --- سنڌيءَ جي لاڙي لهجي جيان مِٺي مِٺي ۽ هزارين ٺيٺ سنڌي لفظن جو ذخيرو رکندڙ، پر پنجاب جي حاڪم ۽ حڪمران طبقي ڀارتي ڀاڄوڪڙن سان سلهاڙجي پنجابي عوام کان سندن ٻولي ئي کسي ورتي آهي. حڪمرانيءَ جي شوق ۽ ڦرلٽ جي انڌ ۾ اهڙي ڏاڍ ۽ انڌير جو مثال دنيا ۾ شايد ئي ملي سگھي.)
بلوچستان کي ته صوبي جي درجو به 20 سال پوءِ مليو، نه ته اهو ڄڻڪ هڪ مفتوح ۽ محڪوم علائقو هو ۽ ٻه ڀيرا مٿس پنهنجي ئي ملڪ جي فوج اهڙي ئي ڪاهه ڪري چڪي آهي جيئن جنگ جي حالت ۾ دشمن ملڪ سان ڪئي وڃي. ان کان وڌيڪ بدتر مثال ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟
جيستائين سنڌ جو تعلق آهي، سنڌين کي پنهنجا سور ساريا پيا آهن:
سرجيس تان سور،
ساماڻي تان سک ويا.
ٻولي، ثقافت، معيشت ۽ سياست، ڏاڍائي ۽ دهشتگرديءَ جي حوالي سان جيڪو ڪجھ هتي بيان ڪبو، اهو ورجاءُ هوندو. مون کي خصوصاً چوڻو اهو آهي ته ڪيڏي نه اتفاق جي ڳالهه آهي جو سنڌين تي عوام ۾ غير مقبول سياسي اڳواڻن جي حوالي سان جيڪي به روسي ۽ ڀارتي ايجنٽيءَ، علحدگي پسنديءَ وغيره بابت الزام آندا ويا، انهن مان هڪ کي به ثابت ڪرڻ جي جرئت اڄ ڏينهن تائين پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن کي نه ٿي آهي. ايتريقدر جو جھور پوڙهو سنڌي سياستدان جي ايم سيد گذريل ڏهن مهينن کان نئين سر، پاڪستان ٽوڙڻ جي تهمت هيٺ نظربند آهي، پر کيس عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي همت نه ٿي ڪئي وڃي. ڀارتي ۽ روسي ايجنٽي، علحدگي پسندي، دهشتگردي وغيره وغيره جھڙا الزام ته سنڌين تي مڙهيا ويا، پر هاڻي شايد رب پاڪ سنڌين جي پاسي پيو وهي: پڪا پختا، سڌا سوان، سڳ سوڌو پڪڙيل ڀارتي ايجنٽ ۽ علحدگي پسند ته غلام مصطفيٰ کر ۽ ٻيا ڪيترائي صاحب اقتدار ماڻهو پنجاب جي حاڪم طبقن مان ۽ الطاف حسين پنهنجي دهشتگرد ٽولي سميت اردو ڳالهائيندڙن مان ظاهر ٿي پيا آهن. اذيت گھر، دهشتون، زوريءَ اوڳڙ، ڀتو، عقوبتون، ڪوس، هٿيارن جا ذخيرا، سنڌ (۽ اهڙيءَ طرح پاڪستان) کي ٽوڙڻ ۽ ان جو هڪ حصو ڄاڻايل دشمن نمبر پهرين جي حوالي ڪرڻ وغيره جا ذميوار ته اهي آهن جيڪي حق پرستيءَ، جمهوريت پسنديءَ، امن- ۽ انسان-دوستيءَ جھڙن مقدس نعرن ۽ پاڪستان سان حبداريءَ جا ٺيڪا کنيو انهن جي آڙ ۾ سنڌين خلاف رڻ تپايو ويٺا هئا. الطاف جي آخري سَڌ ته حاڪمن جي رڌڻي ۾ رولو وجھي ڇڏيو آهي.
- ۽ اهو سڀ ڪجھ ظاهر ڪندڙ پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳا ادارا آهن، جن کي جيڪڏهن ڪُوڙو سمجھيو وڃي ٿو ته اهڙو اعلان ترت ڪيو وڃي.
اهو نواز شريف ئي ته هو جنهن پنجابين جي پَڳ کي باهه لڳڻ جا افواهه اٿاري ۽ سازشون ڪري ووٽ ڦيرائي پنهنجي پاسي ڪرائي، هاڻي پڪو پاڪستان پرست ٿيو ويٺو آهي ۽ صوبائي خودمختياري وٺڻ لاءِ وڏا نعرا هڻي پنجاب بئنڪ ۽ پنجاب ٽي وي ٺاهڻ جي حد تائين ته هُو ئي وڌي ويو هو. جيڪڏهن سنڌي، بلوچ، پٺاڻ ۽ بنگالي رڳو صوبائي خودمختياري جا حق گھرڻ جي ڏوهه ۾ علحدگي پسند ۽ ڀارتي ايجنٽ سڏيا پئي ويا، ته نواز شريف پنهنجي ٽولي سميت ڇا سڏجڻ گھرجي؟
سنڌ ئي آهي، جتي اهو اڪيلو مثال پيش ڪري سگھجي ٿو ته اتي قائم مقام وڏو وزير اهو ٿيو، جنهن جو لاڳاپو انهن سان هو جيڪي پاڻ کي سنڌي يا پاڪستاني سڏائيندي شرم ۽ بي عزتي ٿا محسوس ڪن. جيڪو ڪيترن ئي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن (جيڪي پاڪستاني ۽ مسلمان به آهن) خلاف دهشتگردي، قتلام ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ غداراڻو ڪرادار ادا ڪندي پنهنجي ۽ سنڌ جي اهم غدارن تي جن جي سازشي ڪرتوتن ۽ بدنيتن جي ڪري سنڌ ۽ پاڪستان کي اهڙيون جٺيون ۽ چٽيون سهڻيون پيون آهن.
سنڌ ۾ گورنر ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري عهدا عام طرح ۽ اڪثر ڪري انهن جي حوالي رهيا آهن جن جو واسطو سنڌ ڌرتيءَ سان ناهي، ڇا پنجاب ۽ پختونخواهه ۾ اهڙو عمل برداشت ڪيو ويندو؟
بقول هڪ رٽائرڊ جنرل جي، جنهن سنڌ جو نمڪ به کاڌو آهي، سنڌ اسان کان بنگال جيتري پري ناهي، اتي جنهن وقت چاهيون ۽ جيئن چاهيون، پهچي سگھون ٿا، سنڌين جو وڏيرڪو طبقو ۽ سياستدان ويڪائو مال ۽ اسان جو غلام آهي ۽ اسان ئي مهاجر قومي موومينٽ ٺاهي آهي (جيڪا هٿيارن، دهشتگري ۽ اسان جي ٽيڪ جي زور تي سنڌين مٿان مڙهيل آهي)، ڪاڏي ويندا سنڌي!؟
ڇا پنهنجي ئي وطن جي هڪ ٽڪري ۽ ان جي رهاڪن ڏانهن رويو ۽ سوچ اهڙي رکي سگھجي ٿي؟ يا هيءُ ڪنهن ڌاري ۽ دشمن ملڪ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي. جيڪي اهڙيون سوچون رکن ٿا، ٻڌن ٿا، پالن ٿا ۽ پسند ڪن ٿا، انهن کي ڇا سمجھڻ گھرجي؟ ۽ جنهن علائقي ۽ ان جي ماڻهن ڏانهن اهو رويو رکن ٿا، انهن کي ڪهڙي حيثيت ڏيڻ گھرجي؟
ڇا اڃا به اها گھرج ناهي، ته پاڪستان جي تشريح بابت گھر ڪندي، پاڪستان جي حڪمرانن کي عدالت ۾ سڏايو وڃي؟
11. اهي پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهن مٿان فوجي مهمون ۽ مارشل لا، اهي دهشتگرد ۽ ڀاڙيتو قاتل، اهي وڪاڻل وڏيرا ۽ سياستدان، اهي سازشون، بدمعاشيون، ارهه زورايون، ڦرلٽون ۽ ٺڳيون، اهي ترڪتال ۽ تهمتون جڏهن سنڌ، سنڌي قوم ۽ عوام کي، انهن جي جدوجھد، جذبي ۽ سجاڳيءَ کي، سندن شرافت، تقدس ۽ ايمان کي ۽ انهن جي وطن دوستي، جمهوريت پسندي ۽ سامراج دشمنيءَ کي چيڀاٽي، چٿي ۽ لوڙائي نه سگھيون، تڏهن سنڌين جي ڳاٽي ۾ هڪ ٻيو، واڌو ٽوڙهو وجھڻ لاءِ ”ڪڦاٿل پاڪستاني“ جو کٽراڳ کرو ڪيو ويو آهي؟
انهيءَ ”ڪڦاٿل“ (اسٽرئنڊيڊ) جو مطلب ڇا آهي؟
اسٽرئنڊيڊ (Stranded) جو لفظي مطلب اهو آهي، ته ڪو ساهوارو، ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ ڪنهن اڻ ڏٺل، اڻ ڪٿيل آفت ۾ اڙجي، ان جي ور چڙهي وڃي. جيئن سمنڊ ۾ سير سفر ڪندي جهاز جو ڪنهن اوچتي طوفان ۾ ڦاسي، ڪنهن اڻ ڄاتل ٽڪريءَ سان ٽڪرائجي يا ڪنهن اڻ ڏٺل ڪُن ۾ اڙجي وڃڻ. سياسي-سماجي طرح اهو لفظ انهيءَ ماڻهو يا ماڻهن جي ٽولي لاءِ ڪم اچي سگھي ٿو جيڪو پنهنجي ڏيهه مان ڪنهن ڪارج لاءِ ڏيساور ويو هجي ۽ پوءِ ڪنهن اوچتي مصيبت ۾ ڦاسي ويو هجي. اسٽرئينڊيڊ جي متبادل طور اردو ۾ محصور (گھيري ۾ ڦاٿل/آيل) ڪم آندو وڃي ٿو ۽ بهارين سان لاڳاپيو ويندو آهي. بهاري، اهي ماڻهو جن اڄ تائين موجود پاڪستاني نالي رياست ڪڏهن ڏٺي ئي ناهي. نه اتي ڄاوا نه نپنا، نه ان سان سندن ڪو واسطو ۽ وڙو، نه ڪڏهن ان کان ٻاهر ويا ۽ نه ئي وري ڪنهن اڻ ڄاڻايل اوٿ ۾ ڦاٿا تن کي ڪيئن ٿو گھيري ۾ آيل ڪُڦاٿل يا اسٽرئنڊيڊ سڏي سگھجي؟ اهي ته پاڪستانين، مسلمانن ۽ انسانن جا قاتل ۽ ڏوهاري آهن. ڇا کين خبر نه هئي ته قاتل، وحشيءَ، زانيءَ، چور، ڌاڙيل، بدمعاش ۽ غدار جو حشر ڪهڙو ٿيڻ گھرجي!
انهن قاتل بهارين جي انسانيت سوز ظلمن باوجود کين بنگلاديشي حڪومت وڏي دل ڌاري، انسانيت جي ناتي، کين ماڻهو ٿي رهڻ لاءِ، جيڪي آڇون ڪيون ۽ سهوليتون ڏنيون آهن تنهن نرم دل رويي کي ڏسندي اسين بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگھون ٿا، ته بنگالي عوام ساڻن وڏا وڙ ڪيا آهن. هي بدمعاش ته ان لائق به نه هئا، جو سندن ڪو نالو نشان ڇڏجي ها. گھٽ ۾ گھٽ کين ڪيل ڏوهن جي واجبي سزا ته اوس ملڻ گھرجي ها، پر کين رهڻ، ڪمائڻ ۽ جيئڻ جي فراخدلاڻي آزادي ڏني وئي.
قومي اخبارون ۽ بهاري پرست دهشتگرد ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو لفظ به اڪثر ڪم آڻيندا آهن ۽ اهو آهي ”ڪئمپ/ڪئمپون ۾ محصور پاڪستاني!“
اڄ ڪلهه، سنڌ ۾ آپريشن ڪلين-اپ هلندي پڪڙجندڙ ڪجھ دهشتگردن جي گرفتاريءَ خلاف ”مظالم ڪي چَڪِي ۾ پستي هوئي مهاجر“ جھڙي لفاظي ڄاڙي بازي ۽ زٽاماريءَ کي ذهن ۾ رکندي، ”ڪئمپون ۾ محصور پاڪستاني“ بابت به سوچڻ گھرجي.
”ڪئمپ“ انگريزي لفظ آهي جيڪو ڪيترين ئي معنائن ۽ مفهومن ۾ ڪم اچي ٿو. ڪئمپ جي هڪ معنيٰ هيءَ آهي: اها جڳهه يا اهو ميدان يا علائقو جتي ماڻهو (سپاهي، اسڪائوٽ، کوجنا ڪندڙ، موڪل گذاريندڙ يا ڪنهن به خاص ڪم سان ويل ماڻهو) ڪجھ عرصي لاءِ تَنبن يا جھوپڙي ۾ رهي. بهارين سان لاڳاپي هيءَ لفظ لکڻ جو مطلب سمجھڻ ڪو ڏکيو ناهي. سندن ٺيڪيدارَ اهو ٻڌائڻ گھرن ٿا ته هي بهاري ڪسمپرسيءَ ۽ بدحاليءَ ۾ خيمن، تنبن، لانڍين ۽ جھوپڙين ۽ عام شهري سهولتن کان وانجھيل ميدانن ۾ ڏوجھرن ڀري حياتيءَ جا ڏينهن ڏوري رهيا آهن. قاتل بهارين سان همدردي جا ڳڻ ڳائڻ لاءِ قومي اخبارون بنگلاديش جي پوئتي پيل وسندين جي پٺئين پاسي جا ڪجھ فوٽو به ڇاپينديون آهن ۽ ايئن محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ڄڻڪ هر بهاري اهڙن ئي گندن علائقن ۾ رهي پيو. اهو سڀ ڪجھ سراسر ڪوڙ آهي.
پوئتي پيل ملڪن ۾ هزارين اهڙن پاڙن، ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن (نگرن) جو ذڪر ڪهڙو ڪجي! ٿر ۽ ڪاڇي جو به ذڪر نه  ٿا ڪريون، پر پاڪستان توڙي بنگلاديش جي هر وڏي شهر ۾ اهڙا سوين پاڙا موجود آهن، جتي عام شهري حياتيءَ جي سهولتن جو نالو نشان ئي موجود ناهي. هيرالڊ 1990ع جي خصوصي پرچي ۾ بهارين بابت جيڪا رپورٽ ڇپي هئي، ان مان نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته هزارين بهاري ڪروڙين بنگالين، ڌرتيءَ جي حقيقي وارثن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ بهتر حياتي گذاري رهيا آهن. رڳو ڊاڪا، بنگلاديش ۾ موجود ٻه بهاري ڪئمپون ڊاڪا جي بهترين سهولت مليل پاڙن مان هڪ آهن، جيئن ڪراچيءَ ۾ گلش اقبال ۽ حيدرآباد ۾ هيرآباد --- پڪيون جايون، ويڪرا رستا، سٺيون سهولتون، روزگار جا هزارين موقعا وغيره. ڪئمپ ۽ ڊاڪا جي پاڙي ۾ وڏو فرق آهي. جنهن به ماڻهوءَ کي فضيلت سان رهڻو ۽ ايمانداريءَ سان ڌنڌو ڪرڻو آهي، بنگالي هجي يا بهاري، بنگلاديشي حڪومت ڪو به فرق نه رکيو آهي، باقي جيڪي بدمعاش، چور، لُچ، ڌاڙيل، ٺڳ ۽ دهشتگرد آهن، جن لاءِ سڄيءَ دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪا نه ڪا سزا مقرر ٿيل آهي، تن کي بهاري هجڻ ڪري آجو ۽ خدا جي ڪا خاص مراعات يافته مخلوق سمجھيو وڃي، اهو ممڪن ناهي. ان قسم جا مجرم ماڻهو اهڙن علائقن ڏانهن لڏڻ گھرن ٿا جتي قانون کان محفوظ رهي، جاوا ڪري سگھن ۽ ان لاءِ کين پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ سنڌ جي ڪراچيءَ کان وڌيڪ محفوظ سياسي قلعو دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. ان ڪري ئي هت اچڻ گھرن ٿا ۽ ان ڪري ئي هتان جا قاتل، دهشتگرد ۽ نمڪ حرام کين هت گھرائڻ گھرن ٿا.
12. تازين خبرن موجب ڀارت جي بهار صوبي ۾ عام ماڻهن جي به حالت اها آهي، جو ڪوئا پڪڙي پيٽ جي باهه اجھائن ٿا. سڀاڻي انهن مان سوين، هزارين ماڻهو اها دعويٰ ڪري سگھن ٿا ته جيئن ته سندن ناني، چاچي، ماميءَ، ماسيءَ، جو فلاڻو ڪِي فلاڻو اولاد، جيڪو مائٽيءَ ۾ اسان جو فلاڻو ڪي فلاڻو ٿئي، پاڪستان ۾ گذريل اڌ صديءَ کان پاڪستاني ٿيو رهيو پيو آهي ۽ اسين (يا اسان جا وڏا) ڀارتي حڪومت جي ناروا ظلمن ۽ تشدد سبب اتي لڏي وڃي نه سگھياسون، پر آهيون دل وَ جان سان پڪا پاڪستاني، جن جي وڏڙن پاڪستان ٺاهڻ لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪري ڇڏيون ۽ هاڻي اسين پاڪستان، پنهنجي جان کان پياري وطن ۾ وڃي رهڻ گھرون ٿا، پر ڇا ڪيون جو هتي محصور ٿي ڦاسي ويا آهيون جنهنڪري عالم انسان جي ٺيڪيدار لارڊ اينلس ۽ عالم اسلامي جي سربراهن ۽ پاڪستاني ڀائرن کي گھرجي ته اسان جي واهر ڪن ۽ پهر وهن، ته پوءِ، پاڪستان جي حاڪم ۽ حڪمرانن وٽ ڪهڙو سبب هوندو جو کين ”ڀارت ڪِي ڪئمپون ۾ محصور پاڪستاني“ کان سواءِ ڪو ٻيو نالو ڏئي سگھن؟
بدقسمتيءَ سان سنڌين جي پتيءَ ۾ آيا يا انهن جي ڪنڌ تي چڙهي ويا آهن قائم علي شاهه، محمد خان جوڻيجي، غلام مصطفيٰ جتوئي، ڄام صادق ۽ مظفر حسين شاهه جھڙا ليڊر. اهي سڀاڻي ڪهڙو جواب ڏيندا، کين  محصور پاڪستاني سڏيندا يا نه؟
13. موجوده ڀارتي سرحدن منجھ نام نهاد مذهبي جھيڙا گذريل ڏيڍ سَو سالن کان هلندا پيا اچن ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني تيستائين جاري رهڻا آهن جيستائين رواداري، سهپ ۽ سڀني لاءِ برابر مذهبي آزادي مڃڻ بدران ڌڙي بندي ۽ ڪٽر عقيدي پرستي موجود آهي، جنهن جو هر پوئلڳ رڳو پنهنجي ئي دين، ڌرم يا فرقي کي حاڪم ۽ بالاتر ڏسڻ گھري ٿو. سڀاڻي جيڪڏهن ڀارت ۾ رهندڙ 26-ڪروڙ مسلمان (جيڪي پياري پاڪستان جي آباديءَ جي ٻيڻ کان به وڌيڪ آهن) سنڌ جي دهشتگردن ۽ بنگالي عوام جي قاتلن جيان اها دعويٰ ڪن ته اسان جي وڏڙن جي قربانين صدقي ۽ انهن جي جدوجھد جي نتيجي ۾ ئي پاڪستان ٺهيو هو، اسان جا مٽ مائٽ هندن جي تشدد سبب پاڪستان لڏي ويا، پر اسين ڪافرن جي گهيري ۾ اڙجي هتي ئي ڦاسي رهجي ويا آهيون، تنهنڪري اسان کي ڪڦاٿل پاڪستاني سڏيو ۽ سمجھيو وڃي ۽ ”دَٻ دِينو تي درخواست“ جيان مسلمان ملڪن جي سربراهن، بهارين جا پرڏيهي سرپرستن (جيڪي ان ڌنڌي ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن) ۽ پاڪستان جي حاڪمن ڏانهن نياپن سنيهن جي ڊڙي لائي ڏين، ته پوءِ پاڪستان جي حاڪمن ۽ حڪمرانن وٽ ڪهڙو سبب هوندو ۽ ڪهڙي تشريح ڪري کين ڪڦاٿل پاڪستاني نه سڏيندا؟
14. بلڪل ساڳيءَ طرح بنگلاديش جا سمورا بيروزگار ماڻهو ڪڦاٿل پاڪستاني هجڻ جي درخواست داخل ڪري سگھن ٿا، پوءِ سرڪار وٽ ڪهڙو سبب هوندو، جو کين پاڪستاني نه سمجھي؟
15. پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن تعليم تي سالياني خرچ جي ٻيڻ جيترا پئسا خانداني رٿابنديءَ جي پروپئگنڊا لاءِ سيڙائي رکيا آهن ۽ ڊيڄارين پيا ته 2015ع تائين پياري پاڪستان جي آبادي 24-ڪروڙ ٿي ويندي ۽ ان جي ڪري آڏو ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ ممڪن نه هوندو. پيارو پاڪستان اڳ ئي منجھيل مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ حاڪم ويٺا ايڊهاڪ بنيادن تي ڪم ٽپائين. سرڪار جي حالت اها آهي جو گذريل چئن سالن ۾ هڪ نوڪري به فضيلت واري رسمي طريقي سان نه ڏئي سگھي آهي. مهانگائي ڏينهون ڏينهن حرامخور ۽ گبر سيٺين جي پيٽن جيان وڌندي پئي وڃي. ڪارو ڌن اڇو ٿي ويو. پرڏيهه مان پنڻ ۽ قرض وٺڻ کان سواءِ وک وجھي نه ٿا سگھن. نفعيدار ڪارخانا نجڪاري جي ور چڙهي ويا ۽ بوگس فئڪٽريون ڦندو ٿي ڳاٽي ۾ پئجي ويون آهن. هر سرڪاري توڙي نجي کاتي جي هيٺين سطح واري نوڪري ڪندڙن پاران هڙتالون ۽ احتجاج پيا هلن ۽ اهي بک ۽ اڻپورت واري حياتي گذارڻ تي مجبور ڪيا پيا وڃن. رڳو سترهين گريڊ ۾ نوڪرين وٺڻ جي لائق پر بيروزگار ماڻهن جون 75-هزار کان وڌيڪ درخواستون پهچن ٿيون، ته ان کان گھٽ سطح تي ڪهڙو حال هوندو، تنهن جو ڪاٿو ڪرڻ ڏکيو ناهي. ڌاڙا، چوريون، ڦرلٽ، ڀتا، چندا، رشوت، مٿڪي ۽ منٿلي ايترا ته وڌي چڪا آهن جو انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوج کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ لکين بهارين جو ڪٽڪ گھرائڻ، ان کي پاڪستاني عوام جي ڪنڌ تي چاڙهڻ ۽ موجود مسئلن ۾ اڃا به هٿرادو واڌارو ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي؟ ڇا اها پاڪستان ۽ ان جي حقيقي قومن سان دشمني ناهي؟ اهڙن پاڪستان دشمن عملن جي ذميوارن کي آڏي پڇا هيٺ ڇو نه آندو وڃي؟
(هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي، ته هن وقت تائين پاڪستان سرڪار، بهاري پرستن يا ان جي مخالفن پاران، بهارين بابت پڪا انگ اکر نه ڏنا ويا آهن. گھٽ ۾ گھٽ سندن انگ ساڍا ٽي لک ۽ وڌ ۾ وڌ لڳ ڀڳ سورهن لک ڄاڻايو ويو آهي.)
16. (الف) سرڪار وڏي وات ٻٽاڪون پئي هڻي ته گھرائجندڙ بهارين کي پنجاب ۾ رهايو ويندو ۽ اتي ئي سندن روزگار وغيره جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو. جيڪي پنجابين جي پڳ کي باهه يا داغ لڳي وڃڻ جا هاواڻا پکيڙي، غيرت جي باهه اوڳاڇيندڙ مجسمو بڻجي، اکيون ڦوٽاري ۽ ڳاڙهيون ڪري پنجابين کي روزگار جي ضمانت ڏيڻ جا ڍنڍورا ڏئي رهيا هئا، ڇو پنهنجي قوت کي پاڻي نه ڏئي سگھيا آهن؟ ڇا اها پنجابي عوام سان سراسر بدمعاشي، ٺڳي ۽ غداري ناهي؟ پنجابي ويچارا جيڪي پنهنجي گھر گھاٽ ۽ اوڙي پاڙي ته ڇا، پنهنجي صوبي ۽ ملڪ کان پري روزگار جي ڳولا ۾ ڌڪا کائيندا وتن، اڳ ۾ انهن جي روزگار ۽ رهائش جو بلو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڇا اهي سندن هم وطن ۽ پاڪستاني ناهن؟
جيڪڏهن لکين بهارين جي رهائش ۽ روزگار جو بلو ڪري سگھجي ٿو، ته پهريائين پنجاب مان خاص طرح سنڌ (جيڪا بيروزگاريءَ ۽ مسئلن جو بيتاب سمنڊ بڻجي وئي آهي) ڏانهن لڏي ايندڙ پنجابين جو بلو ڪري ڏيکاريو وڃي. ڇا پنجاب جي حاڪمن وٽ ايترا ۽ اهڙا وسيلا آهن جو پنهنجي ئي صوبي جي دائمي، فطري ۽ تاريخي رهاڪن کي پنهنجي ئي زمين تي سندن گھر گھاٽ ويجھو آباد رکي سگھي؟
سرڪار جي ان دعويٰ ۾ ڪجھ ٿوم تڏهن نظر اچي ها جڏهن وٽن روزگار ۽ اجھي جا ايترا ته ججھا وسيلا موجود هجن ها، جو پاڪستان جي ٻين صوبن ئي نه، پر ٻين ڏيهَن کان به ماڻهو روزگار جي ڳولا ۾ اتي (پنجاب) اچن ها --- پر گنگا ته ابتي پئي وهي! سرڪار جي دعويٰ تي ڀروسو ڪري سگھجي ٿو؟
(ب) اها ڪهڙي ضمانت آهي جنهن جي بنياد تي مڙهجندڙ بهارين کي پنجاب ۾ ئي رهڻ تي مجبور ڪري سگھبو؟ ڇا کين جدا نموني جو پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ڏنو ويندو؟ ڇا پنجاب جي رهاڪن کان سنڌ ۾ اچڻ جو سبب پڇي سگھبو؟ ڇا سنڌ جي سرحدن تي چوڪيون مقرر ڪيون وينديون جتان اڪرندي کانئن آڏي پڇا ٿي سگھندي ۽ غير قانوني ۽ ناجائز طرح سرحد پار ڪندي کين پڪڙي سزا ڏئي سگھبي؟ يا، ڇا انهن جي نراڙ تي پنجاب جو رهاڪو بهاري لکيل هوندو؟ نيٺ اهو ڪهڙو طريقو آهي، جنهن وسيلي مڙهجندڙ بهارين کي سنڌ ڏانهن اچڻ کان جھلي سگھبو؟
(ث) گذريل 50 سالن دوران جيڪي حاڪم ۽ حڪمران سرحد بندين، چوڪين، فوجن، ايجنسين ۽ پوليس جي زبردست پهري ۽ طاقت باوجود غير قانوني ايندڙ لکين ڌارين کي پاڪستان منجھ اچڻ کان جھلي نه سگھيا ( ۽ نه ئي ڪڍي سگھن ٿا) ۽ ڄاتل سڃاتل پنجن دهشتگردن کي 22-ايجنسين جي سهڪار باوجود پڪڙي نه ٿا سگھن (۽ انهن جي گرفتاري لاءِ لکين رپين جي لالچ وارا پوسٽر ۽ اشتهار پيا ورهائن)، اهي ڪيئن ڪو اهڙو (۽ ڪهڙو!؟) طريقو ٺاهي سگھندا جنهن وسيلي مڙهجندڙ بهارين کي سنڌ ۾ اچڻ کان جھلي سگھجي، جڏهن ته انهن جا عزيز مائٽ اڳ ئي لکن جي ڳڻپ ۾ سنڌ جي مختلف حصن تي قبضيگير نيت رکندي رهيا پيا آهن ۽ ويٺا دهشتگرديون، سازشون ۽ قتلام ڪن.
(ج) سجاڳ سنڌي ماڻهو سمجھن ٿا ته بهارين کي گھرائي هتي مڙهڻ نه رڳو سنڌ، پر پاڪستان سان به دشمني آهي. هي اهي ئي ته آهن جن اختيار نه هوندي به قانون کي هٿ ۾ کنيو ۽ انهن ماڻهن سان بي پناهه ۽ اڻ ڳڻيا ظلم ڪيا جيڪي هم مذهب (مسلمان)، هم وطن (پاڪستاني) ۽ سندن محسن هئا. انهن پنجاهه لک بنگالين جو ته رڳو ڪوس ڪيو آهي ۽ ٻيا ڏوهه ڌار. مٿن خونن، زنائن، ڌاڙن، چورين، ڦرلٽن، سازش ۽ ملڪ ۽ قانون سان غدارين جا لکين ڪيس پوڻ ۽ انهن موجب واجبي سزائون ملڻ گھرجن. پاڪستان جي وڏي آباديءَ واري اڌ کي تباهه ڪرڻ ۾ سندن به هڪ وڏو حصو آهي. اهي ملڪ جا غدار ۽ انسانن جا دشمن آهن.
سندن مائٽ جيڪي پڻ کانئن هر بڇڙائيءَ ۾ ٻه وکون اڳتي آهن، انهن جي سڀني ڏوهن جو ذڪر ته محض ورجاءُ هوندو، پر اهي به پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ ان جو هڪ حصو ڀارت جي حوالي ڪرڻ جي بدنيت رکيو ويٺا هئا ۽ ان لاءِ ئي دهشتگردي ۽ ڪوس جي بازار گرم ڪري رکي هئي. (اهڙا ثبوت پاڻ فوج پڌرا ڪيا آهن)، هي به ملڪ جا غدار ۽ انسانن جا دشمن آهن.
جڏهن ٻئي پاڻ ۾ ملي ويا، ته باقي بچيل پياري پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟
17. جيڪڏهن پاڪستاني حاڪمن ۽ حڪمرانن پنهنجي ملڪ ۽ عوام سان غداري ۽ دشمني ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ئي ورتو آهي ۽ پنهنجي چوڻ موجب بنگالي عوام جا قاتل گھرائي پنجاب (خصوصاً سرائيڪين) جي ڪنڌ تي سوار ڪرڻا ئي آهن ۽ سنڌ ڏانهن انهن جي اچڻ کي روڪي به سگهبو ته پوءِ هڪ ئي طريقو باقي وڃي بچي ٿو ته:
- سنڌ حڪومت پنهنجو اقتدار اعليٰ رکندڙ (سوورين، sovereign) هجي، ۽ سنڌ جي سرحدن جي سنڀال سنڌ حڪومت جي حوالي هجي. سنڌ  جي پنهنجي، خاص طرح وطن دوست سنڌين تي ٻڌل ملٽري ۽ پوليس هجي، جيڪي سرحدن ۽ گھريلو قانوني مسئلن جي سنڀال ڪري سگھن. سنڌ جا پنهنجا ڏيهي قاعدا ۽ قانون هجن ته جيئن سمگل ٿي داخل ٿيندڙ ناجائز ۽ غير قانوني پرڏيهين کي جھلي، بند ڪري، سزا ڏئي ۽ موٽائي سگھجي. سنڌ جو سِڪو مخصوص هجي جنهن جي مٽاسٽا سنڌ ۾ ئي ٿي سگھي ته جيئن جيڪو ناڻو سنڌ کان ٻاهر موڪليو وڃي اهو هر حالت ۾ سنڌ حڪومت جي ڌيان ۾ اچي. سنڌ ۾ ڳنڍپ جا وسيلا (هوائي، سامونڊي ۽ خشڪيءَ جا رستا، ۽ انهن تي هلندڙ سموري ٽرئفڪ، ٽيليفون، ريڊيو وغيره) سنڌ حڪومت جي نگهباني هيٺ هجن، ۽ ٻيا ضروري اپاءَ جيڪي سنڌ حڪومت مناسب سمجھي.
پاڪستان جا حاڪم ۽ حڪمران جيڪڏهن اکين تي پَٽي ٻڌي انڌ جي گھوڙي تي سوار نه ٿيا آهن، ته کين ملڪ جي ۽ عوام جي ڀلائيءَ بابت ٻيهر سوچ ويچار ڪرڻو پوندو.
اسيمبلي ميمبرن، قانوندانن، سياستڪارن ۽ سرنديءَ وارن سنڌ جي گهڻگھرن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ يا هڪ کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪرڻ گھرجن، جنهن ۾ پاڪستان جي حڪمرانن کان پاڪستانيءَ جي وصف ۽ وضاحت گھري وڃي ۽ جيستائين اهي ڪا واضح، مناسب ۽ قابل قبول وصف ۽ وضاحت بيان ڪن، تيستائين پاڪستان کان ٻاهر، هڪ هزار ميل پري، هڪ ٻئي ملڪ بنگلاديش ۾ اتي جي رهاڪن لاءِ ٺهندڙ ناجائز پاڪستاني پاسپورٽن خلاف اسٽي آرڊر ورتو وڃي (۽ يقيني بڻايو وڃي ته ان تي عمل ٿئي پيو). ٻئي پاسي، جيڪڏهن پاڪستاني حاڪم ۽ حڪمران سنڌ جي آواز ۽ احتجاج کي عزت ڏيندي بهارين جي آبادڪاري کان مُڙي وڃن (جيڪو في الوقت ناممڪن لڳي ٿو) پوءِ ته واهه واهه، پر جي هروڀرو نه ٿا مڙن ۽ کين پنجاب ۾ محدود رکڻ گھرن ٿا، ته اهڙين ضمانتن جو بندوبست ڪرائي ورتو وڃي، جنهن موجب انهن کي سنڌ ۾ اچڻ ۽ آباد ٿيڻ تي ناجائز ۽ غير قانوني سڏي ۽ سمجھي، اهڙن ناجائز ۽ غيرقانوني ڌارين کي واجبي سزائون ڏئي، سنڌ مان تڙي ڪڍي سگھجي، ۽ اهو پڻ واضح ٿيڻ گھرجي، ته ڌارين کي پاڪستان (يا سنڌ) ۾ گھرائڻ سنڌ ئي نه، پر پاڪستان سان دشمني ۽ غداري آهي.
(جاڳو، 3-ڊسمبر 1992ع کان 6-ڊسمبر 1992ع تائين، چئن قسطن ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment