10/02/2012

’مهاجر‘، ’اُردڪ‘ ۽ دهشتگرد ۾ فرق ڪرڻ کپي! - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

’مهاجر‘،  ’اُردڪ‘  ۽  دهشتگرد  ۾  فرق  ڪرڻ  کپي!
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

”مهاجر“ لفظ جي هڪ اصلي معنيٰ ۽ هڪ مفهوم آهي: اهو جيڪو ڪن به سببن جي ڪري، پر سَتائجِي، پنهنجو اباڻو علائقو ڇڏڻ تي مجبور ٿئي ٿو ۽ ڪجھ عرصي لاءِ ڪنهن ٻئي علائقي ۾ وڃي پناهه وٺي ٿو، ته جيئن حالتون سڌرندي ئي پنهنجي علائقي ڏانهن موٽي سگھي. ان کي انگريزيءَ ۾ Refugee (رفيوجي) ۽ عربيءَ ۾ ”مهاجر“ سڏجي ٿو. سنڌيءَ ۾ چئون ”پناهگير“ (جيڪو اصل فارسي لفظ آهي).
پر سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾، 1947ع کان پوءِ، ”مهاجر“ لفظ جو واهپو ڪِيني ۽ ڪدورت سان ٽمٽار هڪ ٻئي مخصوص مفهوم ۾ به ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ٺهندي ئي ٿيل لڏ پلاڻ مهل اهو لفظ سنڌ جي وَسندين ۽ وسيلن تي ناجائز قبضي جي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ ڪُوڙن ڪِليمن ۽ ڪُوڙين ڊگرين ۽ شاهدين وسيلي ڦورو حڪمران ٽولي جي ڇانوَ ۽ ڏاڍ هيٺ اهو مقصد پورو ڪيو ويو. متروڪ ملڪيت جي نالي ۾، ڪارن قانونن جي ٽيڪ تي هڪ خصوصي رٿابنديءَ هيٺ هڙپ ڪيو ويو ۽ ڀارت کان مختلف سببن جي ڪري لڏ پلاڻ ڪري يا ڀڄي آيل ماڻهن کي سنڌ ۾ وَسايو ويو. ون-يونٽ وسيلي انهيءَ ڦرلٽ ۽ قبضيگيريءَ ۾ تيز ترين واڌ آندي وئي ۽ سنڌ جون ڪيتريون ئي ڀَليون زمينون پنجابين ۽ پٺاڻن کي به ملي ويون. انهيءَ عرصي ۾ حڪمران ٽولن خود پنهنجن قانونن جي جيڪا بيحرمتي ڪئي، سا تاريخ جو هڪ عجيب رڪارڊ آهي. اڄڪلهه انهيءَ لفظ ”مهاجر“ کي تِهائين وڌيڪ غليظ مقصدن لاءِ ڪم آندو وڃي ٿو. ان لفظ جي آڙ ۾ هڪ جڙتو قوم جو تصور ميدان تي آڻي، نام نهاد دانشورن کان پرچار ڪرائي، هٿيارن جي زور تي دهشتگردي ڪري، اهو مقصد ماڻڻ جي ڪوشش جاري آهي.
اڄ دهشتگرد جڏهن اهو لفظ ڪم آڻين ٿا، تڏهن سندن مفهوم ڏاڍو وسيع آهي. هاڻوڪي پاڪستان جي تاريخي ۽ حقيقي قومن جي فردن کان سواءِ، هر اهو پرڏيهي، خاص ڪري جيڪو اڄوڪي ڀارت جي ايراضيءَ مان 1947ع کان پوءِ ناجائز لڏ پلاڻ ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيو آهي، اهو ۽ ان جو 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ رهندڙ ۽ ڪو به ناتو رکندڙ فرد، هن لفظ ۾ شامل سمجھيو وڃي ٿو. دهشتگردن جي هام موجب، اهي سڀ ان جڙتو قوم جا فرد آهن ۽ سندن سنڌ جي سرزمين تي قبضيگير سپر پاوري حق پيدا ٿي پيو آهي، جنهنڪري هڪ نئين نالي وارو ڏيهه خلقيو وڃڻو آهي، جنهن جون سرحدون اڃا طَي ٿيل ناهن، پر اهي هاڻوڪي سنڌ جي اندر يا ان سان گڏ ان کان ٻاهر به ٿي سگھن ٿيون.
انهيءَ جڙتو قوم جي تصور کي مضبوط ۽ محڪم ڪرڻ لاءِ انهن دهشتگردن لفاظيءَ ۽ دهشتگرديءَ جو هڪ وسيع ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڄار جو هڪ اکو اهو به آهي ته سندن پسند جي آباديءَ وارا فرد هتي جي حقيقي ۽ تاريخي قومن سان ٽَڪر (تضاد، ويڙهه) واري حالت ۾ رهن ۽ انهن جي وچ ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجھندي ساڻن سندن جيڪي به سنها ٿلها ناتا آهن، اهي ٽوڙي دهشتگردن جي جھنڊي هيٺ گڏ ٿيڻ کان سواءِ وٽن ٻي ڪا به راهه نه هجي، خاص ڪري ڪراچيءَ ڏانهن سندن لڏ پلاڻ تيز ٿئي ۽ اتي ڀارت توڙي بنگال کان سمگل ٿي ايندڙ اردڪ ڀارتي (اڄوڪي ڀارت ۾ مغلائي اُرد-لشڪر سان واسطو رکندڙ فردن) ۽ بهارين (خصوصاً اهي جن بنگلاديش ۾ انساني تاريخ جا بدترين ڏوهه ڪيا) جا ٽولا به آباد ٿي وڃن. اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هنن نه رڳو اردو اخبارن ۾ پالتو دانشورن وسيلي پروپيگنڊه مهم تيز ڪئي، پر سنڌين، پنجابين ۽ پٺاڻن تي سڌيون گوليون هلائي، انهن کي پاڻ سان ويڙهه واري حالت ۾ آڻي، ساڻن هر قسم جي ناتن ۾ شڪ ۽ وير ويهاري ڇڏيو.
دهشتگردن جو سندن غليظ مفادن کي ٽيڪ ڏيندڙ هڪ حربو اهو به آهي، ته اهي جنهن مخصوص آباديءَ کي ”مهاجر“ جي نالي سان متعارف ڪرائڻ گھرن ٿا، انهيءَ کي ”مهاجر“ جي نالي سان ئي سڏيو وڃي. هُو اهو ڪم بندوق، اخباري پرچار ۽ پنهنجن دانشورن ۽ ايجنٽن کان وٺن ٿا ۽ ڪي مخصوص ايجنسيون ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي ادارا سندن اهو ڪم ڪجھ پنهنجو اَڏو ٺاهڻ جي نيت رکي پورو ڪندا رهن ٿا.
اسان جا ڪجھ مت-مُوڙهل وڏيرا سياستدان جھڙوڪر خدا ڪارڻي يا شاهد پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪندي دهشتگردن جي ان ڪُڌي مقصد کي پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ احمقپائيءَ وسيلي پورو ڪندا رهيا آهن ۽ ڪندا رهن ٿا. خاص ڪري، جڏهن کان دهشتگردن سنڌ کي ورهائي سندن نام نهاد قوم لاءِ هڪ ڌار زميني ٽڪرو قبضي ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، تڏهن کان اسان جي ڪن ”اڪابر“ سياستدانن، دهشتگردن کي نه، پر ”مهاجرن“ کي دڙڪا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، ته کين سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو، ڀارت موٽائي موڪليو ويندو، وغيره، وغيره. اهي دهشتگردن کي دڙڪو ڏيڻ جي شايد همت ئي نه ٿا رکن ۽ اهو به تاڙي نه ٿا سگھن، ته سندن بيانن ۾ ڪيڏي نه مورکپائي ۽ هلڪڙائي لڪل آهي. دڙڪن سان ماڻهن کان سندن ٻوليون، تهذيبون، ثقافتون ۽ سياستون ڇڏرائي سگھبيون آهن ڇا؟ جي ايئن هجي ها، ته اڄ سنڌ ۽ سنڌي ڪٿي لڀن ها! ڇا انهن ۽ اهڙي قسم جي سکڻن، سطحي ۽ اڍنگن دڙڪن جو سڌو نتيجو اهو نه ٿو نڪري، ته توهان (جن کي ڪي دهشتگرد ”مهاجر“ سڏن ٿا) وڃو، وڃو ۽ وڃي دهشتگردن جي پناهه هيٺ اَجھو ڳوليو، دهشتگردن جي عوامي سگھ ٿيو!
بيان بازي ۽ پرچار هڪ وڏو فن آهي، هنر آهي، علم آهي. هُنن (دهشتگردن) جو فن، هنر ۽ علم ڏسو، ته ڪيئن پنهنجي مقصد جي پرچار نه رڳو پاڻ ڪن ٿا، پر انهن کان به ڪرائن ٿا، جيڪي پاڻ کي سندن دشمن ظاهر ڪن ٿا ۽ هِنن (وڏيرن سياستدانن) جو فن، هنر ۽ علم ڏسو، ته دهشتگردن جي سگھ ۾ ڪيئن نه عوامي عنصر ويٺا وڌائن ۽ پنهنجي جهالت ٿا اُڇالن!
1947ع کان پوءِ ڀارت جي هاڻوڪي ايراضيءَ مان ڪيترائي ميمڻ، ڪڇي، گجراتي، ڪاٺياواڙي وغيره به لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به سندن هڪ وڏي ڳڻپ سنڌ ۾ رهندڙ هئي. اهي سڀ نه رڳو قديم سنڌ جو هڪ ڳڀو آهن پر سندن ٻوليون به سنڌي ٻوليءَ جا ئي مختلف محاورا آهن. اهي سنڌ جو تهذيبي، تمدني، ثقافتي ۽ لساني اڻٽٽ جز آهن. ساڳيءَ طرح هزارن جي ڳڻپ ۾ عيسائي، پارسي، بوهري ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي قومي ٽولا سنڌ جي آباديءَ جو حصو هئا ۽ آهن. مون پاڻ خاص ڪري انهن ٽولن جي ڪيترن ئي بزرگن کي سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي، لکندي ۽ پڙهندي ڏٺو، ٻڌو آهي. لڏ پلاڻ ۾ انهن قومي ٽولن جا به ڪي ئي ماڻهو شامل هئا. شخصي طرح ڄاڻان ٿو ته مٿي ڄاڻايل سڀني ماڻهن جي آباديءَ جي وڏي اڪثريت پاڻ تي مهاجرن جو لعنتاڻو مڙهڻ پسند نه ٿي ڪري، اهي سنڌي آهن ۽ سنڌي ٿي رهن ٿا، پر اسان پنهنجي سياسي نالائقيءَ ۽ ڪوتاهه بينيءَ سبب جھڙوڪ سڀني کي دهشتگردن جي کاتي ۾ اڇلائي ڦٽو ڪيو آهي، ۽ دهشتگرد نه رڳو کانئن معاشي پر سياسي، ثقافتي، اخلاقي ۽ لساني سگھ به حاصل ڪري رهيا آهن.
اهڙو ئي هڪ ٻيو مثال انهن سنڌي ماڻهن جو آهي جن اردو ڳالهائيندڙ گھراڻن مان شاديون ڪيون آهن، اهو هڪ اهڙو ناتو آهي جيڪو سماجي تبديلي برپا ڪري سگھي ٿو پر عملي نتيجو اهو آهي ته انهن گھرن ۾ ”سنڌيپڻو“ گھٽ ۽ ”اردائپ“ وڌيڪ ٿي پلجي.
هن وقت عملي صورت اها آهي ته ”مهاجر“ لفظ لکڻ ۽ چوڻ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح دهشتگردن جي مقصدن کي ٽيڪ ڏئي ٿو. ان ڪري اهو لفظ احتياط سان ۽ سوچي سمجھي ڪم آڻڻ گھرجي.
حقيقت اها آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ ماڻهو به سنڌي قوم جو هڪ حصو هئا، پر لڏ پلاڻ کان پوءِ ڪراچيءَ مان سنڌي ميڊيم اسڪول ختم ڪرڻ، سنڌي ڏانهن ساڙيلو رويو رکڻ ۽ اردو کي ”قومي“ ۽ سرڪاري حيثيت ڏئي وسيع آباديءَ تي مڙهڻ جي ڪري اردو ڳالهائيندڙ آبادي پنهنجون پاڙون هوا ۾ ئي ٽنگيل رکيون. انهن سنڌ کي ڄڻڪ مفتوح علائقو سمجھيو ۽ سنڌي انهن لاءِ اوپري رهجي وئي.
سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي ۽ روايتي سڀاءُ جي ڪري هر ٻولي ۽ انساني اولاد ڏانهن سٻاجھو رويو ئي رکن ٿا. اردو ٻولي توڻي اردو ڳالهائيندڙن ڏانهن به سندن اهو ئي پنهنجائپ ڀريو رويو برقرار رهيو. پر پاڪستان، مذهب ۽ مهاجر جي نالي ۾ جڏهن کانئن ٻولي کسي هڪ ڀارتي اردڪ ٻولي مڙهي وئي ۽ سنڌ جا پيداواري توڻي ٻيا روزگاري وسيلا ۽ مال ملڪيتون ئي نه، سنڌ کي به نقشي تان گم ڪيو ويو ۽ سنڌين ڏانهن، پاڪستان جي حقيقي خالقن ڏانهن، اهڙو رويو رکيو ويو ڄڻڪ اهي ٽئين درجي جا غلام شهري هجن تڏهن پنهنجو وقار وري هٿ ڪرڻ لاءِ ضروري هو، ته سنڌي پنهنجي ساڻيهه کي وسائڻ لاءِ ساهه سر گھورڻ جي جذبي سان جاڳي پون، تڏهن ”اردڪ“ ۽ ”اردو“ کي به سمجھڻ جي گھرج پئي.
”ارد“ ترڪ لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي ”لشڪر“. لشڪر جي حوالي سان ان جي ڊاٻي واري هنڌ (ڇانوڻيءَ) کي به ”ارد“ جي ئي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مغل حاڪمن جي ڦورو مفادن لاءِ مستقل ويهاريل ”ارد“ جيڪا ٻولي اختيار ڪئي، اها سڏي وئي ”اردو“ ۽ ”ارد“ سان واسطيدار فرد سڏبا ”اردڪ“. انگريزن جي غلاميءَ هيٺ اچڻ کان پوءِ به اردڪ ماڻهن جي ذهنيت ۾ ”اردائپ“ زنده رهي --- ”ارد“ سدائين پرائي مال ۽ ٻئي جي پورهئي تي پليو آهي ۽ ڦورو حاڪمن جا مفاد پورا ڪندي مظلوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندو، ماريندو ۽ ڦٽيندو ۽ گھرن، وسندين ۽ آبادين کي ساڙي بربار ڪندو آهي. دنيا ۾ سمورا خاندان مختلف قسمن جي اردن (مختلف دورن ۾) برپا ڪيا. مغلائي ارد به حسب روايت مذهبي آڙ ۾ انڊيا (قديم هند سنڌ) جي ڌرتيءَ تي جاوا ڪيا.
پاڪستان جي ٺهراءَ ۾ ڪنهن قسم جي آباديءَ جي لڏ پلاڻ جو ذڪر نه ڪيو ويو هو، ڪابه لڏ پلاڻ نه ٿيڻي هئي، تنهنڪري 1947ع ۽ ان کان پوءِ واري سموري لڏ پلاڻ غير قانوني ۽ ناجائز آهي. ڀارتي اردڪ ماڻهن ان ڌرتيءَ جي ٽڪري تي ڇا ڇا ڪيو هو جو کين اتان لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي، ان جو ذڪر هت ڪرڻ مناسب ناهي، پر ان کي ڳڻ هيٺ آڻڻ بدران سنڌي ماڻهن ڀارتي پناهگير اردڪ ماڻهن جي مجبور ۽ ماريل حالت زار کي ڏٺو ۽ پنهنجي فطري رحمدلي ۽ انسان دوستي (۽ انهن ڏينهن ۾ مذهب دوستيءَ) سبب پنهنجو گِرهه به کين آڇي ڏنو. ڀارتي اردڪ پناهگر جو جڏهن پيٽ ڀريو، ته سندن نواب اڳواڻن جڏهن سازشون ڪري حڪومت جا ڪي اهم عهدا والاري ورتا، ته سندن ”اردائپ“ جاڳي پئي ۽ هو عملاً مغلائي اردڪ ٿي بيهي رهيو. هن هڪ ڀيرو وري تاڙي ورتو ته مذهب ۽ مظلوميت جي آڙ ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ تي به ڌاڙا هڻي ۽ بيداد ڪري سگھجن ٿا. (سنڌ جي ڌرتي انگريز جي پالتو جاگيردارن جي نيچ ۽ جاهل ذهنيت سبب عوامي سطح تي هيڻي ۽ مفلوج بڻايل هئي). پنجابي ڦورو حاڪم ٽولا جيڪي گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جي سرزمين تي ميري نظر رکيو ويٺا هئا، هڪدم سندن رکوالا ۽ ٻانهن بيٺي ٿي بيٺا ۽ پاڻ به سنڌ کي ڪرٽڻ لڳا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو سڻڀو گرهه پنهنجي عوام کي به ڏيڻ لڳا، جنهن ڪري ان جي اکين تي انڌ اچي ويو. ”پاڪستان“ ۽ ”مهاجر“ لفظن کي نئين سر هڪ نئون وڳو پهرايو ويو جنهن تي ڪي اهڙا نالا ۽ نعرا به لکيل هئا جن جو 1948ع کان اڳ مسلم ليگ جي ڪنهن به منشور ۾ ذڪر ئي ڪو نه هو. سنڌ ۽ سنڌين خلاف غليظ ترين ۽ ڪوڙي، هٿ ٺوڪي پرچار جي بازار گرم ڪئي وئي. اردائپ جو خمير رکندڙ اردڪ ماڻهن جي پونير اڄ جديد هٿيار سنڀالي، دهشتگردي ڪري، مهاجر قوم ۽ سپر پاوريءَ جو جڙتو نعرو هڻي، سنڌ کي هڙپ يا ٽڪرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
نوابزادي لياقت علي خان نفرتن ۽ ڦرلٽ جي جنهن کوري کي تيار ڪيو، تيلي ڏيکاري ۽ مچايو، نواب مظفر ۽ رئيس امروهوي ڀڙڪائي ڀنڀٽ بڻايو ۽ اڄوڪن دهشتگردن منجھس بارود وجھي اڃا به اوچو ڪيو. ان جي ڄڀين نه رڳو سنڌين، پنجابين ۽ پٺاڻن کي ساڙيو پر اڄ ته انهن سندن ئي ساٿين ۽ اولاد کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ورتو آهي.
جيئن سمورا سنڌي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جا حمايتي ناهن، تيئن سمورا اردڪ ماڻهو به دهشتگردن جا پوئلڳ ناهن. دهشتگردن ۽ عام اردڪ ماڻهن جي وچ ۾ به فرق ڪرڻ گھرجي. اردڪ ماڻهو مسلم ليگ ۾ به آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ به، جماعت اسلاميءَ ۾ به آهي ته جميعت علماء ۾ به، تحريڪ جعفريه ۾ به آهي ته سپاهه صحابه ۾ به، وغيره. ڪيترائي اهڙا به آهن جيڪي هر قسم جي سياست کان لا تعلقيءَ جو اعلان ڪن ٿا ۽ ڪي اهڙا به آهن جو ايم ڪيو ايم (مهاجر قومي موومينٽ) جي ٻنهي ٽولن پاران دهشتگردي، ڊپ ۽ هيبت باوجود ان جي ڪڌن ڪرتوتن خلاف لکن ۽ ڳالهائن ٿا.
ڏوهاري (Criminals) ڌرتيءَ جي هر قوم ۽ نسلي لساني يا ثقافتي ٽولي ۾ موجود آهن. اردو ڳالهائيندڙن ۾ به جيڪي خوني، ڌاڙيل، غنڊا، زاني، بدمعاش، نشئي وغيره آهن. انهن ڏوهارين جو به هڪ حصو دهشتگردي ڪري ٿو. پاڻ کي سياست جي آڙ ۾ لڪائي ٿو، ڪٽر اردپرست آهي ۽ مظلوميت جو ڍونگ رچائي، مهاجرائپ جو نعرو هڻي، سنڌ تي قبضو ڪرڻ گھري ٿو. اسان جي علمي ۽ سياسي نالائقي چئبي، جو انهيءَ ڳالهه کي سمجھي ۽ ان ۾ فرق نه ڪري سگھون.
سنڌ جي هڪ آباديءَ کي دهشتگردن ۽ سنڌ دشمنن جي چنبي ۾ وڃڻ ۽ انهن جا مقصد پورا ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ لازمي آهي ته پاڻ ۾ سياسي سرت پيدا ڪري عمل جي ميدان ۾ اچون. ان لاءِ اسان کي جيڪي ڪم اڻٽر نموني ڪرڻا آهن انهن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:
1-      سنڌ ۾ سنڌيءَ جي اڻٽٽ انگن، خاص ڪري ميمڻن، کوجن، گجراتين ۽ ڪاٺياواڙين کي مهاجرائپ جي نالي ۽ نعري هيٺ دهشتگردن جو کاڄ ٿي وڃڻ کان بچايون. انهن سان پنهنجا سڌا علمي، عملي، سياسي، ثقافتي ۽ تمدني ناتا قائم ڪريون ۽ سندن سمورن معاشي، سياسي، اخلاقي، ذهني ۽ علمي سگھ کي سنڌ جي دائمي مفادن جي حمايت ۾ ڪتب آڻيون.
2-      سمورن اردو ڳالهائيندڙ عوام سان سڌي لاڳاپي ۾ اچي، کين پنهنجي وطن دوست، جمهوري، عوامي، انقلابي ۽ انسان دوست پيغام کان واقف ڪريون، دهشتگردن جي اصلي روپ کي اگھاڙو ڪريون، جيڪي کين هڪ ڀيرو وري هوا ۾ ٽنگي، خوابن جي دنيا ۾ ويهاري ”مهاجر“ (رفيوجي، پناهگير) بڻائڻ گھرن ٿا ۽ کانئن چٽيءَ طرح پڇون، ته ڇا اهي ذهني طرح هڪ ڀيرو وري ”مهاجر“ ٿيڻ لاءِ تيار آهن؟
3-      مهاجرائپ ۽ ان جي آڙ ۾ مظلوميت جي سموري ڍونگ کي کولي بيان ڪريون. مهاجر (رفيوجي، پناهگير) کي ڪو به حق ناهي جو پناهه ڏيندڙ ڌرتيءَ تي دائمي رهائش اختيار ڪري سگھي ۽ نه ئي وري هن کي ان ڌرتيءَ تي معاشي وسيلا خريد ڪرڻ، نوڪريون ڪرڻ، روزگار جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ، ان ڌرتيءَ جي اندروني معاملن سان لاڳاپيل سياست ڪرڻ، تعليمي ادارا هلائڻ، وغيره جا ئي ڪي حق حاصل آهن، اقوام متحده جي چارٽر ۾ مهاجر لاءِ جيڪي به رعايتون رکيون ويون آهن انهن پٽاندر کين مهاجر ڪئمپن ۾ رکرائڻ ۽ ترت کين پنهنجي اصلي ماڳ ڏانهن موٽي وڃڻ جو بلو ڪريون. انهيءَ مقصد لاءِ اقوام متحده ۾ درخواستون وجھون، ته سنڌ جي ڌرتيءَ تي جيڪو به پاڻ کي مهاجر سڏي ٿو، سمجھي ٿو ۽ ٿيڻ لاءِ تيار آهي، ان کي مهاجر جي حيثيت ۾ رکڻ لاءِ سنڌي ماڻهن جي اصولي تاريخي ۽ قانوني حق جي حفاظت ڪئي وڃي.
4-      دهشتگردن هٿان قتل ٿيندڙ، ڦرلٽ، اغوا، زنا، ڊپ، وغيره جي شڪار ٿيل ماڻهن (ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندا هجن) بابت دستاويزي ثبوتن کي پڌرو ڪيون، دنيا جي امن پسند، انسان دوست، ماحول-سڌار وغيره ادارن وٽ پيش ڪيون ۽ دهشتگردن خلاف عمل ڪرڻ لاءِ حڪومت توڻي عالمي ادارن کي جوڳو قدم کڻڻ تي آماده ڪريون.
5-      جيڪي به ادارا، سياسي پارٽيون، اخبارون وغيره دهشتگردن کي ڪنهن به ٻئي روپ ۾ پيش ڪن ٿا، انهن خلاف جدوجھد ڪريون ۽ سندن غليظ مقصدن کي کولي پڌرو ڪيون.
6-      پنهنجو، پنهنجيءَ سياست جو، پنهنجي اصولي موقف جو تنقيدي جائزو وٺي ان ۾ جيڪي خاميون کوٽون هجن، انهن کي درست ڪيون، ڪمزورين ۽ غلطين کي ختم ڪريون، پاڻ کي علمي توڻي عملي ميدان ۾ باعمل بڻايون، دهشتگردن جي حقيقي قوت جي ڪٿ ڪريون ۽ انهن جي سڀ طرفين سازشن کي سڀ طرفو ناڪام بڻايون.
7-      سنڌ جي ڌرتي عملي تاريخي طرح امن ۽ انسانيت جي ڌرتي آهي، جيڪو به ان جي امن ۽ انسانيت ۾ خلل وجھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ انهيءَ لاءِ ڪهڙا به حربا ڪم آڻي ٿو، ان لاءِ گھربل منهن ٽوڙ ڪاروائيءَ جي مڪمل تياري ڪري، امن ۽ انسانيت جي دشمنن کي ختم ڪري، هن ڌرتيءَ کي هڪ ڀيرو وري امن ۽ انسانيت جو مثالي ڏيهه بڻايون.
(هلال پاڪستان، 4-جنوري 1995ع)

No comments:

Post a Comment