10/02/2012

سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ  جي  سالميت  ۽  ايم  ڪيو  ايم
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

گذريل ٻن اڍائي مهينن دوران سنڌ جي سياسي ماحول ۾ هڪ ڀيرو وري اهو سوال ڪَر کڻي اٿيو ۽ بحث هيٺ آيو آهي، ته مهاجر قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) سنڌ جي سالميت جي حوالي سان ڪهڙو موقف رکي ٿي؟ ڇا اها سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن جي بقا چاهي ٿي يا ان جي ابتڙ هڪ بَدِ نيت رکي ٿي، يعني ڇا اها سنڌ جي هاڻوڪي طبعي وجود سان مخلص، سچي، وفادار ۽ پيار ڪندڙ آهي يا ان کي ٽوڙڻ، ورهائڻ ۽ ورڇڻ گھري ٿي؟
انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي گھڻين اخبارن ۽ ڪن رسالن ۾ سنڌ سان پيار ڪرڻ جي دعويدار سياسي ڌرين جي ڪجھ اڳواڻن، ڪارڪنن، دانشورن پاران اهڙا بيان ۽ مضمون ڇپبا رهيا آهن، جن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي سالميت سان بدخواهه ناهي، اها سنڌ جي وجود جي بقا جي حامي، اڃا به گھڻ گھري آهي ۽ اهي ڪي ٻيا گروهه آهن جيڪي سنڌ جي ونڊ ورڇ واري سوچ جا حامي، پوئلڳ آهن. جڏهن ته ڪي اڳواڻ، ڪارڪن، دانشور وري انهيءَ خيال جا آهن، ته توڙي جو ڪي ئي ٻيا ٽولا به سنڌ جي جاگرافيائي وجود خلاف بدخواهي رکن ٿا، پر ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) به انهي بدنيت کان ٻاهر ناهي ۽ سنڌ جي سالميت خلاف نه رڳو هاڃيڪار سوچون رکي ٿو پر اهڙو عمل به ڪندو رهيو آهي.
ايم ڪيو ايم جي لفاظ ۽ تقرير باز قائد الطاف حسين پاران مختلف وقتن تي ظاهر ٿيندڙ بيانن ۾ توڙي جو سنڌ ۽ پاڪستان ۽ سنڌين ۽ پاڪستان جي ٻين سڀني رهاڪن بابت حُب، اڪير، محبت ۽ چاهه جا سرچشما ڦٽندا ئي پيا رهندا آهن، پر انهن ۾ جيڪو ڪينو، ڪدورت، نفرت، مڪاري ۽ منافقي، دڙڪو، دهشت، دهمان ۽ دٻاءُ، فتنو، فساد ۽ ساڙ لڪل هوندو آهي، ان جو زهر هر وقت سر اٻڙڪا ڏئي پيو ظاهر ٿيندو رهندو آهي، جنهن کي سندس سڌِي ۽ ڊڪٽيٽراڻي رهنمائيءَ هيٺ هلندڙ مهاجر قومي موومينٽ جا دانشور ۽ دهشتگرد عملي صورت ڏيندا پئي رهيا آهن.
هيٺ ڏنل مواد جو مرڪزي نڪتو سنڌ جي ورڇ وارو موضوع آهي ۽ رڳو هڪ سال (1994ع) دوران گھڻي ڀاڱي الطاف حسين جي بيانن تي ٻڌل آهي، جيڪو مختلف اخبارن ۾ مسلسل ڇپبو رهيو ۽ خاص ڪري ”امن“، ”پبلڪ“ ۽ ”قومي اخبار“ ڪن حالتن ۾ پنهنجي پاران ڇهه، ست ۽ اٺ ڪالمي سرخيون ڏئي، انهي کي اڇالينديون، اڀارينديون ۽ طاقتور بڻائڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن. وڏين سرخين کي ٿلهي ٽٻڪي ( • ) ۽ ننڍين سرخين کي ليڪ (-) وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.
سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڌل درخواست ۾ انهيءَ موضوع بابت ڪي ئي دستاويزي ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، جيڪي پڻ نظر مان ڪڍڻ گھرجن. هتي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اڳ ڇپيل مواد جو ورجاءُ نه ڪيو وڃي.
ٻه منهين
-          ”سنڌ ۾ هوگا ڪيسي گذاره؟ آڌا همارا: آڌا تمهارا“- جلسي گاهه جو نعرو
·        ڪراچي ۽ حيدرآباد مقبوضه علائقا ٿي چڪا آهن- الطاف حسين
ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين هڪ ڀيرو وري چٽن لفظن ۾ اعلان ڪيو آهي ته اسان سنڌ جي ورهاست نه ٿا چاهيون پر اسين ملڪ ۽ صوبي جي سلامتي ۽ ترقي گھرون ٿا. پر جيڪڏهن مهاجر عوام تي رياستي ظلم وهايا ويندا رهيا ۽ انهن کي سياسي، سماجي، معاشي، تعليمي ۽ اقتصادي لحاظ کان تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ مهاجر دشمن عمل ڪيا ويندا رهيا، ته مهاجر عوام پنهنجن حقن جي حاصلات ۽ ظلمن ۽ ناانصافين جي خاتمي لاءِ ڪو ٻيو رستو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا. هن چيو ته هي چنگيز خان ۽ هلاڪو خان جو نه، پر سجاڳ ماڻهن جو زمانو آهي. اسين موت قبول ڪنداسين پر غلامي ڪنهن به صورت ۾ نه، تنهنڪري مهاجر دشمن قوتون مهاجرن کي غلام رکڻ جو خناس پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏين ۽ مهاجرن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪن. الطاف حسين ان ڳالهه جو اعلان اڄ شام عزيز آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه ويجھو خورشيد بيگم ميموريل ڪامپليڪس جي احاطي ۾ ايم ڪيو ايم جي همدردن، بزرگن ۽ عورتن جي هڪ وڏي ميڙ کي ٽيليفون تي لنڊن کان سڌو خطاب ڪندي ڪيو. ان ميڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي بزرگ ڪميٽي جا ميمبر ۽ ڪراچي جي لڳ ڀڳ سڀني علائقن سان واسطو رکندڙ هزارين بزرگن ۽ ايم ڪيو ايم خواتين شعبي جي ڪارڪنن سميت وڏي ڳڻپ ۾ مهاجر همدرد خواتين شريڪ ٿيون. ميڙ کي ايم ڪيو ايم رابطه ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ حيدرآباد جي اڳوڻي ميئر آفتاب احمد شيخ، رابطه ڪميٽي جي ميمبر ايم اي جليل ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار به خطاب ڪيو... هن (الطاف) چيو ته اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد ”مقبوضه ڪراچي ۽ مقبوضه حيدرآباد“ ٿي چڪا آهن، ڇو ته انهن شهرن ۾ به مهاجرن تي اهي ئي ويل وهايا پيا وڃن جھڙا مقبوضه ڪشمير ۾ مظلوم ڪشميري مسلمانن تي جاري آهن. هن چيو ته هڪ پاسي ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن جون سيٽون ضلعي بنيادن تي ورهايون پيون وڃن ته ٻئي پاسي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بلديات کي ورهائي انهن جي بين الاقوامي حيثيت ختم ڪري ۽ انهن کي يونين ڪائونسل جي سطح تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ضلعن جون نيون حدبنديون ڪري مهاجرن جي ووٽ جي طاقت ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ان سان گڏ حق پرست قيادت جي ڏينهن ۾ ٺهيل ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج کي صوبائي حڪومت جي تحويل ۾ ورتو پيو وڃي. هن چيو ته ملير ۽ لياري جون ڊولپمينٽ اٿارٽيون ٺاهيون پيون وڃن ۽ گھٽ آبادي رکندڙ رني ڪوٽ ضلعو به قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته انهن سڀني عملن جو مقصد هي آهي ته مهاجر عوام چوڌاري گھيرو سوڙهو ڪيو وڃي ۽ کين ٽئين درجي جو شهري بڻائجي ته جيئن اهي آئينده لاءِ ڪَر نه کڻي سگھن. هن چيو ته اسين سمورن ظلمن باوجود صبر جو مظاهرو ڪندا رهيا آهيون ۽ اڄ به ڪري رهيا آهيون، پر ان کي اسان جي ڪمزوري نه سمجھيو وڃي... هن چيو ته مهاجر عوام پاڪستان جو دشمن نه هو ۽ نه آهي. اسان سنڌ جي ورهاست نه ٿا چاهيون... (پبلڪ، 12-فيبروري 1994ع)
1.       مهاجر دشمن قوتون ڪنهن کي سڏيو ويو آهي؟
2.       ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف جي نظر ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد تي ڪنهن قبضو ڪيو آهي؟
ليکڪ جي نظر ۾ انهن ٻنهي سوالن جو جواب آهي ”سنڌي ماڻهو.“
ڪيڏي ته ميسڻپائيءَ سان مالڪ مان ڦيرائي دشمن، قبضيگير، ظالم ۽ چور سڏيو ويو آهي سنڌي ماڻهن کي، توڙي جو پهريائين وڏي وات اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هي ٽولو سنڌ جي ورهاست جو حامي ناهي ۽ ان جي سلامتي ۽ ترقي چاهي ٿو.
هن وقت سنڌ ۾ سنڌ جي رهاڪن پاران ووٽن وسيلي چونڊيل جمهوري حڪومت موجود آهي، جيڪا بنا ڪنهن چالاڪيءَ، ساز باز ۽ هيرا ڦيريءَ جي چونڊيل نمائندن جي اڪثريت تي ٻڌل آهي پر ان پاران سنڌ ۾ نوان انتظامي ضلعا ٺاهڻ، ملير ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽيون جوڙڻ ۽ خود سنڌ حڪومت جي هڪ بلدياتي اداري پاران ٺاهيل ڪاليج کي صوبائي تحويل ۾ وٺڻ کي مهاجر دشمني سڏيندي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي!
3.       ڪنهن کي ٻڌايو ويو آهي ته (اڳ ۾) اڌ اسان جو ۽ (پوءِ) اڌ توهان جو آهي؟
4.       ڪير ٿو اهو فيصلو ڪري ۽ ڪنهن بابت؟
سنڌين کي ئي ٻڌايو ويو آهي ته اڳ ۾ اڌ، سنڌ جو اڌ، اسان جو آهي ۽ سنڌ بابت اهو فيصلو اهي ٿا ڪن جيڪي پاڻ کي سنڌيءَ طور سَکڻو متعارف ڪرائڻ به پسند نه ٿا ڪن ۽ فتويٰ وري انهن تي جاري ڪئي وئي آهي جيڪي صدين کان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قائم دائم رکڻ جا ذميوار رهندا آيا آهن، جيڪي سنڌ جا اصولي، تاريخي ۽ حقيقي وارث ۽ مالڪ آهن.
5.       ڇا سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ رهندڙ غير سنڌين جي ڀيٽ ۾ ڪي به سماجي، معاشي، تعليمي، صحتي ۽ ٻيون سهوليتون وڌيڪ بهتر نموني مليل آهن ۽ ڇا ملڻ نه گھرجن؟
6.       ڇا غير سنڌين کي سنڌ بابت ڪو به فيصلو ڪري سگھڻ جو ڪو به اصولي، اخلاقي، تاريخي ۽ ثقافتي حق مليل آهي؟
مهاجر صوبو، علائقو
-   سنڌ ۾ آباد ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ مهاجر ۽ غير سنڌي آباديءَ جي سياسي، معاشي ۽ تعليمي حقن کي نظر انداز ڪرڻ سبب منجھن احساس محرومي وڌي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مهاجر صوبو قائم ڪرڻ جو مطالبو وڌندو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن اسٽاڪ هوم (سئيڊن) ۾ رهندڙ مهاجرن جو هڪ وڏو ميڙ گڏ ٿيو. اهو ميڙ ڪراچيءَ جي موجوده حالتن تي غور ڪرڻ ۽ ڪو لائحه عمل جوڙڻ لاءِ سڏيو ويو هو. شريڪ ٿيندڙن سنڌ جي شهري علائقن ۾ قتل ۽ غارت، ڦرن، رهزنيءَ جي وارداتن، اغوا، غير قانوني ۽ ناجائز گرفتارين ۽ مهاجر عوام کي ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ ۽ انهن کان رشوتون وٺڻ تي ڏاڍي ڏک ۽ ڪاوڙ ۽ اڻتڻ جو اظهار ڪيو. ان قسم جون حالتون اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ به پيدا ڪيون ويون هيون ۽ دشمن کي ڪاري وار ڪرڻ ۾ مدد ڏني وئي هئي ۽ هاڻي اهي ئي عنصر وري سرگرم ٿي ويا آهن. ملڪ جي داناءُ سياستدانن ۽ معاملا سلجھائيندڙن جيڪڏهن هوش نه ڌاريو ته دشمن ڪنهن به وقت اسان جي صورتحال مان فائدو وٺي ويندو. ميڙ ۾ شريڪ ٿيلن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته هاڻي مهل اچي پهتي آهي ته اسين مهاجر قوم لاءِ هڪ ڌار صوبي جو مطالبو ڪريون، جيڪو ڪراچيءَ کان هڪ پاسي سکر ۽ ٻئي پاسي (لس) ٻيلي تائين جي علائقي تي پکڙيل هجي. ان لاءِ مهاجرن کي ڪي به قربانيون ڏيڻيون پون ته ان کان لنوائڻ نه گھرجي. جنرل اي ڪي نيازيءَ چيو ته سنڌ جي مسئلي جو اڪيلو حل رڳو اهو آهي ته ان کي وڌيڪ صوبن ۾ ورهايو وڃي. هن چيو ته مرڪزي حڪومت جڏهن به پيپلز پارٽيءَ جي ٺهي آهي، تڏهن ملڪ کي نقصان پهتو آهي. سنڌ ۾ هن وقت امن امان جي صورتحال بلڪل اهڙي ئي آهي، جهڙي اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ پيدا ڪئي وئي هئي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پرڏيهي اشاري تي سنڌ ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪري رهي آهي جن سان سنڌ ۾ عليحدگيءَ جي تحريڪ فعال ٿي ويندي. (قومي اخبار، 10-مئي 1994ع)
1.       سنڌ ۾ غير سنڌي آباديءَ جو انگ ڪيترو ٻڌايو ويو آهي؟
2.       پرڏيهه ۾ رهندڙ غير سنڌين کي سنڌ ۾ ڪنهن جي حقن جو اونو آهي؟
3.       جيڪو غير سنڌي آهي، ان جا سنڌ ۾ سياسي، معاشي، تعليمي وغيره حق وري ڪهڙي اصول هيٺ پيدا ٿي پيا آهن؟
4.       غير سنڌين کي سنڌ ۾ ڇا گھرجي؟
5.       ڇا ڪنهن به ڌاريي کي سنڌ جي سر زمين بابت، خاص ڪري ان کي ورهائڻ، ان مان نئون صوبو ڪورڻ ۽ نئين صوبي ۾ غير سنڌين جو راڄ قائم ڪري سگھڻ جو ڪو به اخلاقي، قانوني، تاريخي ۽ سياسي حق مليل آهي؟ سنڌ جي تقدير جو فيصلو ڪير ٿو ڪري؟
6.       جنرل اي ڪي نيازي ڪير آهي؟
ساڳي اخبار ٻڌائي ٿي ته جنرل اي ڪي نيازي بنگلاديش ٺهڻ مهل اڳوڻي مشرقي پاڪستان ۾ پاڪستاني فوج جي ڪمان سنڀالي رهيو هو، يعني بنگلاديش جي تاريخي وارث عوام جي قاتل جو نالو اي ڪي نيازي آهي ۽ ان وري سنڌ جي ڌارين ماڻهن کي بنگلاديش جي تاريخي عوام سان ڀيٽ ڏيندي، اهو تاثر ڏيڻ جي انتهائي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ سنڌين جي نه، پر غير سنڌين جي سياسي، معاشي، تعليمي وغيره حالت بنگالين جهڙي آهي ۽ انهن جي ان حالت جو ڪارڻ سنڌ جا حقيقي، تاريخي رهاڪو يعني سنڌي آهن. سياسي گند کي ٻيا وري ڪهڙا سڱ هوندا؟
ملڪ ٽوڙڻ جي تهمت وري پ پ تي آندي وئي آهي. جڏهن ته انهن ئي قاتلن ملڪ ٽوڙي ٻه اڌ ڪري هڪ اڌ پ پ پ جي حوالي ڪيو هو.
نَڪ جي ڪيڏي ته پڪائيءَ سان تاريخي حقيقت کي ميساريو، ڦيرايو ۽ ابتو ڪيو پيو وڃي! مٿان وري اهو به چيو پيو وڃي ته سنڌ جي شهرن ۾ دهشتگردي، ملڪيتن کي باهين ڏيڻ، ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ جي ذميوار ايم ڪيو ايم نه، سنڌي عوام آهن.
بين الاقوامي سرحدون
·        مهاجر پنهنجي لاءِ جاگرافيائي حدن جو تعين گھرن ٿا- الطاف حسين
-          اسان جي جماعت تشدد ۽ غنڊه گرديءَ کان پاڪ سياست تي يقين رکي ٿي. ايم ڪيو ايم دهشتگرديءَ وسيلي انقلاب جي گھرجائو ناهي.
-          ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته اسان جي جماعت تشدد ۽ غنڊه گرديءَ کان پاڪ سياست تي يقين رکي ٿي. هو ڪالهه رات لنڊن ۾ ڪارڪنن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. ملڪ هن وقت وڏي گھوٽالي ۾ ڦاٿل آهي، جنهن جو سرحدن جي صورتحال سان سڌو واسطو آهي. هر محب وطن پاڪستانيءَ جو فرض آهي، ته ان موقعي تي هُو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري. ڪو به ملڪ ڪنهن ٻئي ملڪ کي ان وقت تائين زير نه ٿو ڪري سگھي جيستائين ان ملڪ جا رهاڪو دشمن کي اندرين معاملن جو پَرو نه ڏين. مشرقي پاڪستان سانحي (1971) جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ان ۾ اسان جا ڪي ئي بد عنوان جنرل، بيوروڪريٽ ۽ آفيسر شامل هئا، تنهنڪري ڪنهن کي به ان واقعي جو ذميوار نه سڏيو ويو. ايم ڪيو ايم تي دهشتگرديءَ جي الزام کي رد ڪندي هن چيو ته هاڻي به ملڪ ۾ اهي ئي عنصر سرگرم ٿي چڪا آهن جن مشرقي پاڪستان جي سانحي ۾ ڪردار ادا ڪيو هو. ايم ڪيو ايم دهشتگرديءَ وسيلي ملڪ ۾ ڪو به سياسي انقلاب آڻڻ نه ٿي گھري، پر اها جمهوريت ۽ پر امن طريقي سان تبديلي آڻڻ گھري ٿي. مهاجرن لاءِ ڌار صوبو ٺاهڻ جي سوال جو جواب ڏيندي، هن چيو ته اهڙي ڪنهن به ڳالهه جو ثبوت موجود ناهي، ته اسان اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هجي، تڏهن به بين الاقوامي اصولن موجب جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيڻ گھرجي. مجاهر جاگرافيائي حدن جو تعين ئي گھرن ٿا. (قومي اخبار، 11-سيپٽمبر 1994ع)
1.       بين الاقوامي جاگرافيائي حدن جو مطلب ڇا آهي؟ ڪنهن لاءِ ۽ ڪٿي گھرجن؟
2.       ڇا انهيءَ ۾ ڪو به سچ آهي ته ايم ڪيو ايم تشدد ۽ غنڊه گرديءَ کان پاڪ سياست تي يقين رکي ٿي؟
بين الاقوامي جاگرافيائي حدن کي ليڪڻ جي ڳالهه ڪندي به ڪيڏي نه چالاڪيءَ ۽ مڪاريءَ سان چيو ويو آهي، ته انهيءَ ڳالهه جو ڪو به ثبوت موجود ناهي! ڇا سنڌ سان سڄڻائپ جون دعويدار ڌريون ۽ عوام پنهنجيءَ ئي ڌرتيءَ تي ڌاڙي جي ڳالهه کي نه ٿو سمجھي؟
پاڪستان ٺهڻ کان 1985ع تائين سنڌ ڪڏهن به ايتري دهشتگردي نه ڏٺي آهي، جيتري ايم ڪيو ايم جي ٺهڻ (1986ع) کان اڄ تائين وارن ڏهن سالن ۾ ٿي آهي، ان جو ڪارڻ ڪهڙو؟
وڌندڙ مطالبو
-          مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جو مطالبو وڌندو پيو وڃي- الطاف حسين
-          حڪومت عملاً سنڌ جي ورهاست ڪري ڇڏي- آفاق احمد
·        ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهري علائقن تي ٻڌل نئون صوبو ٺاهڻ جي تحريڪ زور وٺي وئي.
-          صوبي ۾ ڳوٺاڻن وڏيرن جي حڪومت آهي ۽ شهري علائقن جي عوام، خاص ڪري مهاجرن جو استحصال ڪيو پيو وڃي، جنهنڪري ڌار صوبي جي مطالبي جو ڪارڻ وجود وٺي رهيو آهي. قائد تحريڪ جو بيان.
-          حڪومت مهاجر قوم کي قومي وهڪري کان ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مهاجرن کان روزگار کسيو پيو وڃي جنهنڪري اهي پنهنجي بقا بابت سوچڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. چيئرمئن ايم ڪيو ايم حقيقي. (قومي اخبار، 22-سيپٽمبر 1994ع)
1.       الڳ صوبي جي چرچ ڪنهن جي؟ چوچڙي ڪنهن ڌڳائي؟
2.       ڳوٺاڻا وڏيرا ڇا عوام جا چونڊيل نمائندا ناهن؟
3.       مهاجرن جو استحصال(!؟) ڪير پيو ڪري؟
ايم ڪيو ايم (ٻنهي ڌڙن) جي نظر ۾ سنڌي استحصالي آهن، ڳوٺاڻا وڏيرا آهن، شهري ناهن، تنهنڪري ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهري علائقن تي ٻڌل نئون صوبو ٺهڻ گھرجي. لفظن تي ڌيان ڏبو ته انهيءَ جملي جو عملي مطلب سنڌ جو نالو بدلائي مهاجر صوبو سڏڻ ٿيندو. شيطاني دماغ سنڌ خلاف سڀني بغضن سميت ظاهر آهن، سنڌ جا سڄڻ ڇا ٿا چون؟
عوام زور ڏيندا ته...
-          مهاجرن جي اڪثريت وارا علائقا استحصال جو شڪار آهن. ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاست نه ٿي چاهي پر عوام زور ڏيندا ته اسين ڪجھ به نه ڪري سگھنداسون. مسئلن جي ترت حل جي واٽ ڳولڻ ضروري آهي- الطاف حسين
·        سنڌ ۾ ڌار انتظامي صوبي لاءِ ريفرنڊم جو اعلان
-          الطاف حسين جي آئينده موقف لاءِ مهاجر دانشورن، مفڪرن، ماهرن، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن، همدردن ۽ عوام کان راءِ گھري. روزانو سوين خط، تارون ۽ فيڪس نياپا اچن ٿا، ته ايم ڪيو ايم کي ڌار صوبي جو مطالبو ڪري ڇڏڻ گھرجي. (الطاف حسين)
-          سنڌ جي هاڻوڪي ڍانچي ۾ مهاجرن جو جسماني ۽ معاشي قتلام وڌي ويو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جون بلديائون به انهن ماڻهن جي حوالي ڪيون ويون آهن جن جي شهري علائقن ۾ ڪا به نمائندگي ناهي. (الطاف حسين) (ڊان، جنگ، دي نيوز، امن ۽ پبلڪ ايوننگ، 22-سيپٽمبر 1994ع)
1.       ڇا ان ڳالهه ۾ ذرو به سچ آهي ته ايم ڪيو ايمي مهاجر سنڌ ڌرتيءَ جي حقيقي ۽ تاريخي وارث سنڌين جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ تي سياسي، سماجي، تهذيبي، تعليمي، صحتي وغيره سهولتن جي حوالي سان پوئتي پيل آهن؟
2.       ڇا ايم ڪيو ايم پنهنجي دهشتگرديءَ ڦرلٽ، آتش زنيءَ ۽ سنڌين، بلوچن، پنجابين ۽ پختونن جي قتلام لاءِ مهاجرن کان راءِ ورتي هئي؟
3.       ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بلديائن تي پنجن ورهن جي مڪمل قبضي دوران ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن انهن شهرن کي ڇا ڏنو؟
4.       سنڌ جي ڌرتيءَ تي ميسر سهوليتن ۾ اوليت ڪنهن کي ملڻ گھرجي؟
ڄاتل سڃاتل ۽ طَي ٿيل بين الاقوامي، جمهوري ۽ انساني اصول آهي ته هر ڌرتي، ٽڪري جا تاريخي رهواسي ئي اتان جا حقيقي وارث آهن، پر هي ٽولو سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي وارثن کي ئي پنهنجيءَ ڌرتيءَ تي ڏوهاري ۽ چور، استحصالي ۽ ظالم، ڳوٺاڻو ۽ ڄٽ بڻايو، ارڏايون ويٺو ڪري، سنڌين کي بي دخل ڪري، تڙي ڪڍي، پاڻ کي اصولي وارث طور ويٺو پيش ڪري ۽ ظاهر آهي ته هن مظلوم جي جنگ استحصال ڪندڙ سنڌين خلاف ئي آهي.
عوام جو زور
·        گھڻن ماڻهن ڌار صوبي جي حق ۾ راءِ ڏني آهي- ايم ڪيو ايم
-          ڌار صوبي بابت الطاف حسين جي بيان کان پوءِ عزيز آباد ۾ ٽيليفون ڪالز جو ٽڙڪو.
-          ڪجھ ماڻهن چيو ته ڌار صوبي جي قيام کان سواءِ مهاجر عوام کي انهن جا جائز حق نه ٿا ملي سگھن. پريس رليز (نوائي وقت، 23- ۽ جنگ، 24-سيپٽمبر 1994ع)
·        ڌار صوبو مهاجرن جي بقا جو بهترين ۽ عمل لائق فيصلو هوندو- حيدرآباد، سانگھڙ، ميرپور خاص ۽ ٻين زونل ايم ڪيو ايمي اڳواڻن جو رد عمل. (امن، 23-سيپٽمبر 1994ع)
1.       الطاف حسين جي بيان ڪهڙي فتني کي جنم ڏنو؟ ان کي زور ڪير پيو وٺائي؟ ۽ سنڌ دشمن ان فتني کي مُنهن ڏيڻ ۽ ڪچلڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ڪير ڪندو/ ڪري ٿو؟
2.       ڌرتي ڌڻي ڪهڙي پاسي اڇلايا ويا آهن؟ انهن جي راءِ ڇا آهي؟ راءِ جي اهميت ڇا آهي؟
سنڌ دشمن هن بدمعاش ۽ قاتل ٽولي جي نظر ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي خود سنڌين جي حيثيت ڇا آهي، اها هيٺ ڏنل ٽُڪري ۾ پڌري ٿي اچي ٿي.
غير علائقي جا ماڻهو
·        عوام مهاجر صوبو ٺاهڻ کان پوءِ ئي ساهي ڪندا- مهاجر صوبه ڪميٽي جو اعلان
-          سرحدون ٺاهيون ويون آهن، تبديليءَ جو ڪنهن کي به ڪو حق ناهي.
-          مهاجر صوبه ڪميٽيءَ جو هڪ ميڙ ڪوپن هيگن (ڊنمارڪ) ۾ 31- جولاءِ 1994ع تي سڏايو ويو، جنهن ۾ انتهائي پَرانهن علائقن سئيڊن، ناروي، ڊنمارڪ، فن لئنڊ، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي مندوبين شرڪت ڪئي. مهاجر صوبه ڪميٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر راحت عليگ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مهاجر آبادي واري علائقي ۾ غير علائقي جا ماڻهو مقرر ڪيا وڃن ٿا، جن کي مقامي آباديءَ سان ڪا به دلچسپي ناهي. اسان کي پنهنجن علائقن تي پاڻ حڪومت ڪرڻ جو حق حاصل ڪرڻ گھرجي. اسان صوبي جون سرحدون ٻڌائي ڇڏيون آهن، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار جو حق ڪنهن کي به ناهي. سرحدن ۾ ڪراچي، بدين، حيدرآباد، دادو جو لڳ ڀڳ هڪ سَو ميل علائقو ۽ پسني جو علائقو شامل آهي. (امن ۽ پرچم، 2-آگسٽ 1994ع)
1.       درحقيقت غير علائقي جا سچ پچ غير علائقي ۾ رهندڙ ڌاريا ماڻهو سنڌ ڌرتيءَ جي اصلوڪن ۽ تاريخي رهواسين کي ڪهڙي نالي سان ياد ڪن ٿا؟
2.       اکيون پُوري، مڪمل بي حيائيءَ سان ڪوڙ ٺوڪڻ ڇا کي چئبو آهي؟
ڏاڍ مڙسي ته ڏسو، سنڌين کي ڌاريو سڏيندي، مٿن بندش پئي وڌي وڃي، ته اسان جي قبضيگير سوچ خلاف ڪنهن کي به ڪجھ ڪڇڻ جي موڪل ناهي!
وقت اچي ويو
-          هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي شهري علائقن تي پکڙيل ڌار صوبي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي وڃي- ڌار صوبو ٺاهڻ لاءِ مجلس مذاڪره.
·        نا انصافين، زيادتين ۽ حق تلفين جي خاتمي جو منصوبو: ڌار صوبو
- ...انهن خيالن جو اظهار ڪالهه مختلف سياسي ۽ مذهبي اڪابرين، سنڌ ۾ ڌار صوبو ٺاهڻ جي گھرج جي موضوع تي ٿيندڙ هڪ مذاڪري ۾ ڪيو. اهو مذاڪرو ڪلفٽن جي علائقي ۾ ٿيو ۽ مهاجر رابطا ڪائونسل جي صدر اعجاز محمود، مسلم ليگ نواز گروپ جي اڳواڻ نواب محمد يامين، جميعت علماء اسلام سميع الحق گروپ جي اڳواڻ خواجه اشرف الاسلام، جناح مسلم ليگ جي صدر آزاد بن حيدر، جميعت علماء پاڪستان (نيازي گروپ) سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر قومي اسيمبلي حافظ محمد تقي، ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ لياقت حسين، مسلم ليگي اڳواڻ مشير احمد پيش امام، روزنامه امن جي ايڊيٽر ۽ نامور صحافي اجمل دهلوي ۽ نامور دانشورن ۽ مفڪرن پروفيسر حسنين ڪاظمي، احمد الطاف، رشيد احمد قدوائي، ڊاڪٽر آغا ظافر ۽ عسڪري تقوي خطاب ڪيو. هڪ ٻن کان سواءِ باقي سڀني تقرير ڪندڙن سنڌ ۾ ڌار صوبو قائم ڪرڻ جي مطالبي جي مڪمل حمايت ڪئي (۽ ڪو به سوال يا اعتراض نه اٿاريو). مذاڪري ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر ايم اي جليل، حق پرست ميمبر سنڌ اسيمبلي قاضي خالد ايڊووڪيٽ، جماعت اسلامي ڪراچي جي امير نعمت اللھ خان ايڊووڪيٽ ۽ نامور دانشورن ايس ايس جعفري، آفتاب زيدي، سيد اخلاق حسين، صفوان اللھ ۽ انور خان سميت پنجاهه کان وڌيڪ دانشورن، رٽائرڊ اعليٰ سرڪاري ڪامورن ۽ صاحب راءِ ماڻهن شرڪت ڪئي. (پرچم ۽ امن، 23- سيپٽمبر 1994ع)
سڃاڻي ڇڏيو ته ڪير ڪهڙن محاذن تان ڪهڙو ڪم ڪرڻ گھري ٿو.
مڪر ۽ مڪريل
·        نئين صوبي جو مطالبو ايم ڪيو ايم جي پاليسي ناهي- الطاف حسين
- ... (بِي بِي سِي رپورٽ) جڏهن جناب الطاف حسين کان پڇيو ويو ته هن سنڌ ۾ مهاجرن لاءِ ڌار صوبو ٺاهڻ جي رٿ سوچ ويچار لاءِ ڇو پيش ڪئي، ته هن جواب ڏنو ته مٿس گھڻن ساٿين جو ئي نه، پر عام مهاجر عوام جو ۽ عام شهرين جو به شديد دٻاءُ آهي، ته توهان جڏهن ڏسو پيا ته مهاجر عوام جا جائز مطالبا ٻڌڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي، ته ايئن هٿ ڊگھيري بيک گھرڻ تي ڪو به خيرات نه ڏيندو، ان ڪري مهاجرن جي بقا ۽ عزت انهيءَ ۾ آهي ته مهاجر عوام پنهنجي ڌار صوبي جي تياريءَ لاءِ جدوجهد ڪن. هن چيو ته اها مهاجر صوبي ۽ شهري صوبي جي راءِ آهي. سنڌ ۾ انتظامي بهتريءَ جي لاءِ حقن جي ورهاست ۽ پائدار امن جي لاءِ ٻه صوبا جوڙيا وڃن ۽ نئون صوبو جوڙيو وڃي ته ان صوبي ۾ ڪڏهن به ايئن نه ٿيندو ته پنجابي، بلوچ، پختون جيڪي اتي رهن ٿا، انهن کي ڪو ٻاهر ڪڍيو ويندو. انهن کي به ٺيڪ ساڳيءَ طرح ان صوبي ۾ عزت سان گڏ سڀئي حق حاصل هوندا. الطاف حسين چيو ته نئين صوبي بابت وٽس ڪيتريون ئي تجويزون آيل آهن. هن انهن تي غور ڪيو آهي ۽ ساٿين سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ طَي ڪيو ته مهاجر عوام، دانشورن، سنڌ ۾ رهندڙ پنجابين، پختونن، جيڪي به اتي رهن ٿا، انهن جي راءِ ڄاتي وڃي. هن يا ايم ڪيو ايم اهو مطالبو نه ڪيو آهي، نه ئي اهو ايم ڪيو ايم جي پاليسيءَ جو حصو آهي، پر اسان تي دٻاءُ آهي، ته ان جي ڪري ساٿين سان صلاح ڪري عوام کي، دانشورن کي، صحافين کي، سڀني کي اها اپيل ڪئي آهي ته اهي کيس پنهنجي راءِ کان واقف ڪن ته سنڌ جي جيڪا هاڻوڪي جاگرافيائي صورتحال آهي، ان ۾ مسئلن جو حل آهي يا نئون صوبو ئي سنڌ ۾ پائدار امن ۽ سڀني طبقن جي حقن جو بهترين ضامن ٿي سگھندو. الطاف حسين کان جڏهن پڇيو ويو ته دانشورن، مدبرن، پڙهيل لکيل ماڻهن ۽ اهي ماڻهو جن جي راءِ ۾ وزن آهي، جيڪڏهن اهو فيصلو ڏنو ته سنڌين کي ملڪ جي الڳ صوبي ۾ محدود نه ڪرڻ گھرجي (يا) انهن جيڪڏهن انڪار ۾ جواب ڏنو ته توهان جو رد عمل ڇا هوندو، تڏهن الطاف حسين ٻڌايو ته اسان جڏهن به ڪو فيصلو ڪيو آهي، عوام جي راين ۽ صلاحن کي آڏو رکي ڪيو آهي. عوام جي اڪثريت جيڪڏهن اهو چوي ٿي ته هي مناسب حل ناهي، ته پوءِ اسان انهن کي گذارش ڪنداسون ته نئون صوبو جيڪڏهن حل ناهي، ته اسان کي مهاجرن جي حقن، سنڌ جي شهري علائقن ۾ رهڻ وارن جي حقن، کي حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار ۽ تجويزن تي ٻڌل رايا موڪلن. (امن، 23- سيپٽمبر 1994ع)
1.       بي بي سي جو نمائندو سنڌ دشمن دهشتگردن پاران نئين صوبي جي مطالبي کي سنڌين کي الڳ صوبي ۾ محدود ڪرڻ جو عمل ڇو ٿو سمجھي؟
2.       ايم ڪيو ايمي اڳواڻ 1947ع ۽ ان کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ تي پناهه مليلن کي جيڪا صلاح ٿو ڏئي، ان کي سنڌ دوستي سڏبو يا سنڌ دشمني؟
3.       مهاجرن جا جائز حق بين الاقوامي چارٽر موجب ڪهڙا آهن؟ (۽ سنڌ جي سڄڻن کي اهو ضرور سوچڻ گھرجي ته اهي عملي طرح ڪيئن پورا ڪري سگھن ٿا.)
بين الاقوامي عهدنامي موجب ڪنهن به مهاجر/پناهگير/ رفيوجي/اميگرنٽ کي ڇا پناهه ڏيندڙ ڌرتيءَ تي ڪا به زمين، ڪارخانو، گھر، مجموعي طرح ڪنهن به قسم جي ملڪيت خريد ڪرڻ جو حق مليل آهي؟ ڌرتي ڌڻين جي مرضيءَ کان سواءِ، ڇا اهي ڪا به نوڪري يا ڪو به ٻيو روزگار ڪري سگھن ٿا؟ ڇا پناهگير ٽولي کي پنهنجن محسنن خلاف گارين، ناجائز فتوائن، الزامن، دڙڪن ۽ دهشتگرديءَ جو حق مليل آهي؟ کين اهو حق آهي ته ڌرتيءَ ڌڻين خلاف سازشون، مڪاريون ۽ سوديبازيون ڪن؟ ڌرتيءَ ڌڻين کي دٻائن، هيسائن، ڦرين ۽ لٽين؟ سندن ڌرتيءَ تي قبضو به ڪن، ته ڪڇڻ ۽ لڇڻ تي بندشون به مڙهين؟ دهشتگرديون ڪن، گوليون وسائن، باهيون ڏين، گھرن مان لڏائن ۽ بي وطن ڪن؟ ڌرتيءَ ڌڻين کي تاريخي اوسر دوران جيڪي انڌيون منڊيون سهوليتون نصيب ٿيون هجن، اهي به کسي وٺن؟ ڪليمن ۾ هر قسم جي ملڪيت ڦٻائن؟ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سندن ٻوليءَ کي تَڙي ڪڍن ۽ ان ڏتڙيل ٻوليءَ کي پنهنجي ئي علائقي ۾ جائز مَقام ڏيڻ لاءِ ڪو بل پاس ڪيو وڃي، ته ماڻهن، لائبريرين، ميوزمن وغيره کي باهيون ڏين، مظاهرا ڪن ۽ قتلام ڪندا رهن؟ ڇا پناهگيرن کي ڪو به اهڙو حق مليل آهي ته ڌرتيءَ ڌڻين جي تهذيبي تذليل ڪن، ٺٺوليون ڪن ۽ کين مايوسين ۽ محرومين جي سمنڊ ۾ ٻوڙي رکن؟ ڇا انهن کي پناهه ڏيندڙ ڌرتي جي سرحدن سان کيشٽ ۽ هٿ چراند ۽ ان جي آئيندي بابت فيصلا ڪرڻ جو ڪو به حق مليل آهي؟
جن به لاڏائو ٽولن جنهن به ڌرتيءَ تي پناهه ورتي آهي، ڇا اهي ان ڌرتيءَ تي مهاجر قومي موومينٽ، مهاجر صوبه تحريڪ ۽ اهڙي قسم جون ڪي به تنظيمون ٺاهي سگھن ٿا؟ برطانيا، جرمني، سئيڊن، ناروي، ڊنمارڪ، ڪئناڊا، آمريڪا وغيره ڏيهن جي ڌرتيءَ تي قبضي لاءِ ڇا هي ٽولو مهاجر حق جي دعويٰ ڪري سگھي ٿو؟ ۽ جي ايئن ڪري ته نتيجو ڇا هوندو؟
4.       ايم ڪيو ايمي اڳواڻ چوي ٿو ته مٿس ساٿين جو، مهاجر عوام جو ۽ عام شهرين جو دٻاءُ آهي. سندس ساٿين ۽ مهاجر عوام کي ته سڃاڻون ٿا، پر ٻين عام شهرين مان سندس مطلب ڇا آهي- ڇا پنجابين، پٺاڻن، بلوچن ۽ سنڌين به کيس چيو آهي ته سنڌ ڌرتيءَ تي قبضو ڪري هُو سندن لاءِ ڌار صوبو ٺاهي؟ يا اهو واتوڙي ڪوڙ ٿو ڳالهائي؟
5.       جڏهن هر پنجابي ۽ پٺاڻ کي به عزت سان گڏ سمورا حق حاصل هوندا، ته پوءِ ڌار صوبي جي مهم ڇو ۽ ڪنهن جي خلاف؟
6.       ڇا دشمني رڳو سنڌ ۽ سنڌي قوم سان آهي؟
وري مذاڪرو
امن اخبار (24- سيپٽمبر 1994ع) سڄي پاڪستان جي مختلف ۽ ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ پوڙهن، پوڙهين، نوجوان ۽ ٻارن جي حوالي سان خبر ٺاهي ڏني ته:
·        مهاجر صوبي جو ٺهڻ ضروري ٿي پيو آهي.
- ان کان سواءِ مهاجرن کي سندن غضب ٿيل حق نه ٿا ملي سگھن. اختياري وارا خلق جي زبان کي خدا جو نقارو سمجھن.
·        مهاجر صوبي جي حق ۾ هزارين ماڻهن جو مظاهرو، پوليس پاران لاٺي چارج
- آءِ آءِ چندريگر روڊ تي هڪ اخبار جي دفتر ۾ نئين صوبي بابت مذاڪري جي موقعي تي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا. علائقي جون گھٽيون نوجوانن، بزرگن ۽ عورتن سان ڏٽجي ويون، مختلف علائقن مان ايندڙ ماڻهن مهاجر صوبي جي حق ۾ زوردار نعرا هڻي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو. هڪ ڊزن کان وڌيڪ ماڻهو گرفتار.
ڇنڇر ڏينهن (ڪالهه) هڪ انگريزي اخبار جي دفتر آڏو هزارين مشتعل ماڻهن مهاجرن لاءِ ڌار صوبي جي لاءِ ٿيندڙ مذاڪري جي موقعي تي ”مهاجرون ڪي دل ڪا چين: الطاف حسين، الطاف حسين“، ”هم سب ڪا ايڪ هِي نعرا، آڌا تمهارا، آڌا همارا“، ”هو گيا هو گيا – فيصلا هو گيا“ جهڙا نعرا هنيا... (امن، 15- سيپٽمبر 1994ع)
·        ايم ڪيو ايم ڌار صوبي لاءِ عملي جدوجهد جي شروعات ڪري – عوام جو رد عمل
-          مهاجرن جا جائز جمهووري حق حاصل ڪرڻ لاءِ، ايندڙ نسلن جي روشن آئيندي لاءِ هر قسم جي جاني ۽ مالي قرباني ڏينداسون. الطاف حسين جي رهائشگاهه تي فونن ۽ خطن وسيلي اظهار. (امن، 27- سيپٽمبر 1994ع)
1.       ”مهاجر حق“ يا قبضي گيري؟
2.       وارثن جي غير موجودگيءَ ۾ ملڪيت تي مالڪيءَ جو دعويٰ ڪير ڪندو آهي؟
3.       ڌار صوبي لاءِ عملي جدوجهد ڪيئن ۽ ڪنهن جي خلاف ٿيندي آهي؟
4.       ”ماني آ ڍَوَ تي ۽ موچڙو آ گھٽ“، سنڌيءَ ۾ اهو پهاڪو ڪيئن ٺهيو؟
نئون صوبو --  ملڪي مفاد
·        نئين صوبي جو ٺهڻ ملڪ جي مفاد ۾ هوندو- الطاف حسين
-          جيڪڏهن عوام جي خواهشن تي جمهوري طريقي سان سنڌ ۾ نئون صوبو ٺهي ٿو، ته اتي رهندڙ سڀني ماڻهن کي ڪنهن به فرق بنا سڀني وسيلن تي ۽ انتظامي معاملن ۾ شريڪ ٿيڻ جو حق هوندو. معاشي، جسماني ۽ تعليمي قتلام سبب مهاجر اهو سوچڻ تي مجبور آهن ته ڌار صوبي جو قيام ئي انهن جي مسئلن جو حل آهي.
-          سنڌين سميت اسين ڪنهن جو به حق غضب ڪري پنهنجا حق نه ٿا گھرون ۽ سڀني مظلومن کي انهن جا حق ڏيارڻ لاءِ متحده قومي موومينٽ جي پليٽ فارم تان به جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اسان ڪنهن به قوميت جي ماڻهن جي خلاف ناهيون ۽ چاهيون ٿا ته سڀني کي وسيلن ۽ اقتدار ۾ حصو ملي- الطاف حسين سان وائس آف آمريڪا جو انٽرويو. (امن، 2- آڪٽوبر 1994ع)
1.       جن ”سڀني“ ماڻهن کي سنڌ جي وسيلن تي ۽ انتظامي معاملن ۾ شريڪ ڪرڻ جو حق ايم ڪيو ايمي اڳواڻ بخشيش پيو ڪري، انهن ”سڀني“ ۾ ڪير ڪير شامل آهي؟ ۽ انهن ”سڀني“ جو ”حق“ سنڌ ۾ ڪيئن پيدا ٿيو؟
2.       ”سنڌين سميت اسين ڪنهن جو به حق غضب ڪري پنهنجا حق نه ٿا گھرون“ جو عملي مطلب ڇا آهي؟ ڇا سنڌ ڌرتيءَ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ سان سنڌين جا حق غضب نه ٿيندا؟ اهو ڪهڙو فلسفو؟
3.       الطاف حسين کي ڇا گھرجي؟
4.       ”اسين ڪنهن به قوميت جي ماڻهن جي خلاف ناهيون“، ڇا الطاف حسين جي انهيءَ قول ۾ ڪا به صداقت آهي؟
5.       ايم ڪيو ايمي دهشتگردن پاران گذريل ڏهن ورهين کان جاري رکيل دهشتگرديون ڇا ڪنهن به قوميت جي خلاف ناهن؟
6.       پهرين آڪٽوبر 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ 200 سنڌي ماڻهن جي ڪوس جو رڳو هڪ واقعو ئي ذهن ۾ رکي، ڇا دهشتگردن جي سردار جي ان ڳالهه تي پت ڪري سگھجي ٿي؟
مثبت رد عمل
- ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت جي وچ ۾ جاري ڳالهين ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته ايم ڪيو ايم تي اڻ اعلانيل پابندي ختم ڪئي وڃي، ڇاپا ۽ گرفتاريون بند ڪيون وڃن ۽ مختلف ڪيسن (مقدمن) جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وڃي.
·        ڪراچيءَ ۾ نوان تڪ ٺاهيا وڃن ۽ قومي ۽ صوبائي سيٽن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وڃي- الطاف حسين
- سياسي عمل ۾ ڪا به قوم حصو وٺي سگھي ٿي. مهاجر سنڌ جي آباديءَ جو 50 سيڪڙو آهن. شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن لاءِ مقرر ٿيل ڪوٽا هاڻي عمل جوڳي نه رهڻ گھرجي. عوام ۽ واپاري ايم ڪيو ايم جي مالي مدد لاءِ اڳتي اچن.
-          ورهين جي محرومين ۽ نا انصافين مهاجرن ۾ متحد ٿي حقن لاءِ وڙهڻ جو شعور پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم ڌار صوبي جو مطالبو نه ڪيو آهي، پر ان سلسلي ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻي عوام جو رد عمل ڏاڍو مثبت آهي. (پبلڪ ايوِننگ، 6- آڪٽوبر 1994ع)
1.       نوان تڪ ڪراچيءَ ۾ ڇو؟ سڄيءَ سنڌ ۾ ڇو نه ٺاهيا وڃن؟
2.       ايم ڪيو ايمي دهشتگردن پاران نام نهاد محرومين ۽ نا انصافين جو ڍنڍورو ڪهڙا غليظ مقصد لڪايو ويٺو آهي؟
3.       اهو ڪهڙو رد عمل آهي، جيڪو ”مثبت“ سڏيو وڃي؟ ڪهڙن ”شهرين ۽ ڳوٺاڻن“ پاران اهو نام نهاد رد عمل ٿيو آهي؟
ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي آباديءَ ۾ ايم ڪيو ايمي مهاجرن جي ڳڻپ 50 سيڪڙو ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ رهندڙ ڪجھ پنجابي اڳواڻن به دعويٰ ڪئي هئي ته پنجابين جي آبادي 40 سيڪڙو آهي. 18 سيڪڙو پٺاڻن جي آبادي به چئي وڃي ٿي. سنڌ ۾ ئي 4 سيڪڙو انهن پرڏيهين جي آبادي چئي وڃي ٿي، جيڪي پاڪستاني قانون موجب غير قانوني پرڏيهي آهن. جيڪڏهن فرض به ڪجي ته سنڌ ۾ ڪو هڪ به سنڌي ۽ بلوچ نه ٿو رهي، ته به انهن انگن اکرن جي بنياد تي تسليم ڪرڻو پوندو ته ليکي ۾ غلطي آهي، ڪوڙ آهي، بي ايماني آهي. ڀانئجي ٿو ته سنڌ ۾ آباد سنڌي ۽ بلوچ ڌرتيءَ تي نه، ڪٿي فضائن ۾ آباد آهن!
سنڌ جا سڄڻ جيڪڏهن سنڌي آهن، ڇا ٻڌائي سگھندا ته اهي پاڻ ڪٿي رهندا آهن؟ ۽ جنهن عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جي دعويٰ ڪن ٿا، اهو ڪٿي وجود ٿو رکي؟
الڳ صوبو ئي نه، ملڪ به
·        مهاجرن سان لاڳيتو زيادتين جو سلسلو جاري رهيو ته الڳ صوبو ئي نه، ملڪ به ٺهي سگھي ٿو- اجمل دهلوي
-          پاڪستان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي نظام کي سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ ظالم وڏيرن پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي.
-          ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ڪميٽيءَ جي ميمبر ۽ روزنامه ”امن“ جي ايڊيٽر جناب اجمل دهلويءَ چيو آهي ته مهاجرن ۾ احساسِ محرومي وڌندو پيو وڃي ۽ لاڳيتين زيادتين جي ان سلسلي کي بند نه ڪيو ويو ته الڳ صوبي بدران الڳ ملڪ جي سوچ به وڌي سگھي ٿي... (پرچم، 6- آڪٽوبر 1994ع)
1.       رڳو دهليءَ جا ٺڳ ئي خبر ناهي ته ڇو مشهور ٿيا، اتي ته اهڙا ڪي ئي وکر موجود آهن. اجمل دهلويءَ جي سوچ ڪهڙي پهلوءَ کي واضح ڪري ٿي؟
2.       دهلويءَ جي ادارت ۾ هلندڙ ”امن“ جيڪو فتنو جاڳايو آهي، انهيءَ جو اندازو هن مواد ۾ موجود ”امن“ جي خبرن مان ڪري سگھجي ٿو. دهلويءَ کي فتني جاڳائڻ سان دلچسپي ڇو؟
3.       اجمل دهلويءَ ڇا ايم ڪيو ايم ۾ پلجندڙ حقيقي سوچ کي پڌرو نه ڪيو آهي؟
قانوني مجبوري
·        ڌار صوبي جي گھر غير آئيني ناهي- الطاف (ڊيلي نيوز، 2- آڪٽوبر 1994ع)
·        سنڌ جي ورهاست غير آئيني ناهي- الطاف (فرنٽيئر پوسٽ، 3- آڪٽوبر 1994ع)
·        حق تلفين، زيادتين ۽ موجوده حالتن مهاجر قوم کي الڳ صوبي جي مطالبي تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي- الطاف حسين
-          صوبي جو مطالبو نه ته غير آئيني آهي ۽ نه ئي غير قانوني. ايم ڪيو ايم راءِ پڇي آهي، مطالبو نه ڪيو آهي- برطانيا يونٽ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ڳالهيون (پرچم، 12- آڪٽوبر 1994ع)
1.       ڪنهن ٿو پڙهايو/ٻڌايو وڃي ته ڌار صوبي جي گھر غير قانوني ۽ غير آئيني ناهي؟
2.       نام نهاد حق تلفين ۽ زيادتين جي راڳ پٺيان اصلي ڪم ڪهڙو پيو ٿئي؟
غداري
·        احتجاج احتجاج ئي هوندو آهي- حقن جي گھر کي غداري سڏي نه ٿو سگھجي- الطاف حسين
-          الڳ صوبي واري سوچ لاڳيتي تعصبي سلوڪ، ظلمن ۽ زيادتين جي پيداوار آهي. اهڙو مطالبو غير آئيني ۽ غير قانوني ناهي. (پبلڪ ۽ امن، 12- آڪٽوبر 1994ع)
1.       لاڳيتو تعصبي سلوڪ سنڌ ۾ ڪنهن روا رکيو آهي؟
2.       ڇا افغان مهاجرن جا سنڌ ۾ ڪي به حق آهن؟
3.       افغان مهاجر سنڌ ۾ جيڪڏهن پنهنجا حق ڄمائڻ/جھاڙائڻ شروع ڪن، ته انهيءَ عمل کي ڇا سڏبو؟
4.       ڪنهن به مهاجر جو ڪنهن به ڌرتي/ٽڪري تي ڪو به داداگير ۽ خود ساخته حق هوندو آهي ڇا؟
هاڻي ان غداريءَ، بد معاشيءَ ۽ داداگيريءَ کي ٻنجو اچڻ گھرجي.
سنڌ جي اڌ آبادي
-          مهاجر سنڌ جي آباديءَ جو اڌ آهن پوءِ مهاجر وزير اعليٰ ڇو نه ٿو ٿي سگھي؟
·        18 مطالبا مڃو، ڌار صوبي جو مطالبو نه ڪيو ويندو- الطاف حسين (قومي اخبار، 30- آڪٽوبر 1994ع)
1.       اهي 18 مطالبا چئبو ته ايڏا ڳرا آهن!؟
2.       18 نُڪتا مڃائڻ لاءِ ڌار صوبي جو دڙڪو ڇو؟
سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي
·        نئون صوبو اڻٽر ٿي پيو آهي- الطاف حسين
-          سنڌ جي آبادي ۾ مهاجر اڌ کان وڌيڪ آهن پر وزير اعليٰ ۽ گورنر سميت ڪو به ڪليدي عهدو مهاجر کي نه ٿو ملي. جيستائين با اختيار عهدا مهاجرن وٽ نه هوندا، اهي مصيبتن ۾ ڦاٿل رهندا. (امن، 6- نومبر 1994ع)
1.       ايم ڪيو ايمي مهاجر ڪهڙي شرح سان ٿا ڄمن، جو ڇهن ڏينهنِ ۾ اڌ کان وڌيڪ ٿي ويا؟
2.       ايم ڪيو ايم کي سنڌ ۾ ڇا ٿو گھرجي؟
نانگ تي ڀروسو
·        نئين صوبي ۾ سڀني جا حق محفوظ هوندا- الطاف حسين
-          جيڪي ماڻهو اڄ نه ٿا سمجھن، سڀاڻي تاريخ انهن کي سمجھائيندي ته مان پاڪستان دشمن ناهيان.
-          ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ جي شهري علائقن ۾ آباد سڀني پنجابي، پٺاڻ، سنڌي ۽ بلوچ ڀائرن کي يقين ڏياريو آهي ته جيڪڏهن رٿيل صوبو ٺهي ويو ته ان ۾ آباد سڀني قوميتن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو ويندو. ملازمت، تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سندن حق محفوظ هوندا ۽ چونڊ جا تڪ اهڙي طرح ٺاهيا ويندا جو کين آباديءَ جي نسبت سان نمائندگي ملندي. هن خبردار ڪيو ته جيڪي ماڻهو مٿس بي بنياد الزام مڙهي رهيا آهن، چڱي طرح ڄاڻي وٺن ته ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ اچي انهن ماڻهن تي بغاوت جو ڪيس هلائيندي، ڇو ته فتنو پکيڙڻ قتل کان وڌيڪ وڏو ڏوهه آهي. (امن، 30- آڪٽوبر 1994ع)
1.       نئين صوبي ۾ مجوزه/ممڪن/امڪاني اقتدار ڪنهن جو هوندو؟
2.       الطاف حسين جي نظر ۾ بي بنياد الزام ڪهڙا آهن؟
3.       اڄ انهن تي بغاوت جو ڪيس ڇو نه هلي، جن سنڌ ۾ فتنو پکيڙيو آهي؟
4.       تاريخ سنڌ دشمنيءَ بابت به ڪو سبق ڏيندي يا نه؟
5.       ڇا سنڌين جا پنهنجي صوبي ۾ سماجي، سياسي، تاريخي، ثقافتي، لساني وغيره حق محفوظ آهن، جو اهي ڀروسو ڪن ته سڀاڻي ايم ڪيو ايمي الطاف حسين جهڙي فرد (جهڙن فردن) جي فرمانروائي هيٺ ئي سندن تاريخي ۽ مالڪاڻا حق محفوظ رهي سگھندا؟
ٻي ڪا راهه ناهي
·        مهاجرن کي ٻئي درجي جو شهري ڪري ڇڏيو ويو آهي، صوبي کان سواءِ ٻي ڪا راهه ناهي
-          ايم ڪيو ايم ڪنهن به مرحلي تي فوج سان ڪنهن به قسم جي ٽڪر جي حمايت نه ڪئي آهي ۽ اڄ به ان پاليسيءَ تي هلي رهي آهي.
-          هن (الطاف حسين) چيو ته 1988ع ۾ ضياءُالحق جي جهاز جي حادثي کان پوءِ اسلم بيگ پاران جمهوري عمل جاري رکڻ سبب سي پي او جي سڀني جماعتن اسلم بيگ جي ملازمت ۾ واڌ جي سفارش ڪئي هئي ۽ انهن سڀني ميمبر جماعتن جي چوڻ سبب ئي مون به غلام اسحاق خان کي هن جي سفارش ڪئي! (عوام، 2- نومبر 1994ع)
1.       پَڪي قلعي حيدرآباد ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ وارو جمهوري عمل سنڌ جي تاريخ ڪنهن جي نالي سان محفوظ ڪندي؟
2.       ڪنهن جي سفارش، ڪير، ڪنهن کي پيو ڪري؟
3.       سنڌي ماڻهو پنهنبجي تاريخي ڌرتيءَ تي ڪائين درجي جا شهري آهن؟
مطالبو
·        موجوده سرحد برقرار رهي نه سگھندي. هاڻي رڳو سنڌ جي ورهاست تي ڳالهه ٿيندي- الطاف حسين
-          (ذوالفقار علي) ڀُٽي سنڌ کي ٻه لساني صوبن ۾ ورهايو. سنڌي قوم پرستن اسان پاران رابطن کي ڪمزوري سمجھيو. نئين صوبي ۾ سمورا فيصلا ميرٽ تي ٿيندا. ڪوٽا سسٽم نه هلندو.
ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين ڌار صوبو جوڙڻ جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته مون مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي، پر هاڻي مفاهمت ٻن صوبن جي جوڙجڪ تي ئي ٿي سگھي ٿي. ڪراچيءَ جي هڪ روزاني اخبار جي نمائندي کي ٽيليفون تي انٽرويو ڏيندي هن زور ڏئي چيو ته مهاجر صوبو هاڻي اڻٽر آهي، ڇو ته اسان هر طرح انهن شريف ماڻهن سان لاڳاپا برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان سڀني سنڌي تنظيمن سان رابطو قائم ڪيو ته جيئن معاملا پُرامن نموني حل ٿي وڃن ۽ اسين سڀ گڏجي هڪ ئي صوبي ۾ رهي سگھون، پر انهن ان کي اسان جي ڪمزوري سمجھيو. معاملا هاڻي گھڻو اڳتي وڌي ويا آهن. سنڌي قوم پرستن جيڪي بيان ڏيڻ شروع ڪيا آهن، ان کان پوءِ ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ته سنڌ صوبي جي هاڻوڪي سرحد برقرار رهي ۽ امن به قائم ٿئي... (عوام، 19- نومبر 1994ع)
1.       سنڌ جي هاڻوڪي سرحد ۾ ڪير امن قائم ٿيڻ نه ڏيندو؟
2.       سنڌي قوم پرستن ڪهڙا بيان ڏنا؟
3.       الطاف حسين ڪهڙي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪيو؟
4.       مفاهمت ڪهڙي نُڪتي تي ئي ٿي سگھندي؟
5.       ڇا ٻيو ڪو حل آهي؟
ٻيو ڪو به حل ناهي
·        هاڻي (ڌار) صوبي کان سواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي.
الطاف حسين جو طويل ترين انٽرويو (پاڪيشيا، 15- ڊسمبر 1994)
سوچڻ گھرجي ته...
§        ايم ڪيو ايم خطرناڪ ۽ جديد هٿيار وڏي پئماني تي ڇو ٿي خريد ڪري، ڪنهن خلاف استعمال ڪيا اٿس ۽ ڪنهن جي خلاف ڪم آڻيندي؟
§        ايم ڪيو ايم پاران هن وقت تائين ڪيل دهشتگرديءَ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي قوم ۽ ڌرتيءَ کي نقصان ڏنو آهي ۽ امڪانن ڪنهن ڪنهن کي آئيندي به هاڃو رَسائيندي رهندي؟ سندس تربيت يافته دهشتگرد پس و پيش ڪنهن جي خلاف وڙهندا؟
§         ايم ڪيو ايم پاران مهاجر قوميت جو نعرو ۽ مهاجر قوم لاءِ ڌرتي هٿ ڪرڻ جي جدوجهد ڪنهن جي خلاف آهي ۽ ڪنهن جي خلاف رهندي؟
§        جيڪا حڪومت اڄ ڏينهن تائين هتي جي تاريخي ۽ اصولي قومن کي قوم طور تسليم ڪرڻ جي منڪر آهي، ڇا ايم ڪيو ايم انهي حڪومت کان مهاجر قوم تسليم ڪرائڻ گھري ٿي يا انهن کان جيڪي ڌرتيءَ جي حقيقي قومن جو وجود تسليم ڪرائڻ گھرن ٿا ۽ انهن جا تاريخي، سياسي، معاشي، انساني وغيره حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي دعويٰ ڪن ٿا؟
§        ايم ڪيو ايم پنهنجن جن جائز حقن ۽ محرومين ۽ ناانصافين ۽ جنهن استحصال جي شديد پرچار ڪندي ۽ ڍنڍورو پٽيندي رهي ٿي انهن جي پس و پيش حقيقت ڇا آهي؟
§        ڇا سنڌ جا حقيقي ۽ تاريخي وارث سنڌ جي مختلف صوبن ۾ ورهاست پسند ڪندا؟
§        سنڌ تي مڪمل اصولي ۽ انتظامي مالڪي ڪنهن جي هئڻ گھرجي؟
(سنڌ، حيدرآباد، 15 ۽ 16- جولاءِ 1996ع)

No comments:

Post a Comment