”ماڻهو - جھڙو -
جانار“ ۽ ماڻهو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
اوهان ۽ آنءُ
۽ هِي ۽ هُو اهي سڀ جن ساهوارن، جانارن کي اڄ ماڻهو سڏجي ٿو اُنهن
کي ”ماڻهو“ بنائڻ ۾ پاٿر (پٿر جي) وکرن جي واهپي مکيه ۽ بنيادي
ڪردار ادا ڪيو آهي.
پاٿر وکر واهپي ۾ آڻڻ ئي انساني پورهيي
جو پهريون نشان آهن. انهن جي مدد سان پهريون ڀيرو اها اپت ماڻي وئي جيڪا جبلي
طريقن وسيلي ماڻجندڙ لاڀ کان ڪجهه نياري، ٻئي ۽ انوکي نموني جي هئي. انساني پورهيو
ئي آهي جيڪو ماڻهو جھڙي جانار کي جانوراڻي دنيا کان ڇنِي ڌار ڪري،
هڪ نئين راهه انساني راڄ ڀاڳ (سماج) ڏانهن وٺي آيو. انساني پورهيي جي ابتدا
سان گڏ ئي انساني ٻوليءَ جي پهرين آواز ٻولن جي ابتدا ٿئي ٿي ۽ انساني سوچ
سمجھ جو ٻج پوي ٿو. پورهيو، ٻولي ۽ سمجھ ماڻهوءَ جي اها مايا خلقين ٿا، جنهن
کي انساني راهپ (ثقافت، ڪلچر) چيو وڃي ٿو.
ڏٺو ويو آهي ته جانورن جون ڪي ذاتون، خاص
ڪري اُچو باندر (High Ape) ڪڏهن ڪڏهن ڪن مخصوص حالتن، خاص ڪري حيات ۽
موت سان لاڳاپيل مامرن دوران بي اختيار ٿي، جبلي طرح (Instinctively)
ڪجھ قسم جي شين، جيئن ڪاٺ (سُڪل ٽاري، بُنڊي وغيره)، هڏي، پٿر جي ڳنڍي، مٽيءَ جي
ڦوڙي (ڀتر) وغيره کي پنهنجي فائدي ۾ ڪم آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڏهن لکن کان به گھڻا
ورهه اڳ، ان ذات جي ڀيٽ ۾ ماڻهوءَ جھڙي جانار جي ذات ارتقا جي وڌيڪ اوچيءَ سطح تي
هئي، تنهنڪري وڏو امڪان آهي ته اها به ڪن مخصوص حالتن ۾ ڏَنڊي، ڳَنڍي، هَڏي، ڀتر
وغيره کي واهپي ۾ آڻيندي هوندي، جنهن دوران ڀڄي ڀُري اهي ڪا نه ڪا خطرناڪ خنجر يا
ڀالي جھڙي شڪل پڻ اختيار ڪري وٺندا هوندا جيڪا ويريءَ لاءِ وڌيڪ موتمار هوندي.
انهيءَ دوران ڪو اهڙو مرحلو به درپيش آيو هوندو ۽ هَر هَر آيو هوندو جو، ڄڻڪ ارادي
سان ڏنڊي ۽ ڳنڍي کي ڀڃِي موتمار شڪل ڏني وئي هوندي. اها ماڻهوءَ جھڙي جانار هٿان
ڪنهن شيءِ جي پهرئين غير جبلي گھاڙ ثابت ٿي هوندي، ۽ پوءِ وٿيءَ وٿيءَ سان
ورجائجندڙ غير جبلي گھاڙ جي عمل هوري هوري، پهرئين غير جبلي هنر جي صورت
اختيار ڪري ورتي هوندي.
گھاڙ جو
اهو/اهڙو عمل انساني پورهيي جي ابتدا آهي.
اهو هڪ تپرس ۾ وجھندڙ، نئون نيارو ۽
انوکو واقعو هو جنهن ان ماڻهوءَ جھڙي جانار جي وجود ۾ هڪ ڇاڇول، هِيجان ۽ جوش ڀري
ڇڏيو هوندو ۽ ان ڪري شَڪ نه آهي ته هن ڄڻڪ بي اختيار ٿي، اهڙي ڪا رڙ، ڪو واڪو ڪيو
هجي جيڪو پڻ سندس جبلي حياتيءَ جي واڪن کان نئون نيارو ۽ انوکو هجي. ماڻهو - جھڙي
- جانار جي جڏيءَ (اڻ گھڙيل) نڙيءَ مان ان قسم جو آواز/واڪو پڻ هڪ تپرس ۾ وجھندڙ
عمل ثابت ٿيو هوندو. ان تپرس جھڙي ڪارنامي کي ڄڻڪ ارادي سان هر هر ۽ وٿيءَ وٿيءَ
سان ورجايو، آوازيو ويو هوندو. آوازن جي دنيا ۾ اهو آواز پهريون غير جبلي واڪو
هوندو ۽ ان جھڙو آواز اڳ ڪڏهن ڪنهن قدرتي تبديليءَ يا چرپر جي نتيجي ۾
به نه اڀريو هوندو. اهو جڏيءَ نڙيءَ لاءِ پهريون گھاڙڪ عمل (مشق) ثابت ٿيو هوندو ۽
پوءِ ان غير جبلي عمل هوري هوري ۽ وٿيءَ وٿيءَ سان ورجائجي پهرين غير جبلي ٻولن
جي صورت ورتي هوندي.
نڙيءَ جي مشق/گھاڙ ۽ آوازن جي
گھاڙ جي ان/اهڙي عمل اڳتي هلي انساني ٻوليءَ کي جنم ڏنو.
گھاڙڪ ان/اهڙي عمل (پورهيي) ۽ ان/اهڙي
آواز (ٻول) ماڻهو - جھڙي -جانار جي ذهن ۾ هڪ نئين قسم جي نياري عڪس جي چِٽَ ڪئي
هوندي جيڪو هر هر ۽ وٿيءَ وٿيءَ سان ورجائجندڙ عملن سان گڏ وڌيڪ چِٽو ۽ پختو ٿيو
هوندو. اهو هڪ نئون نيارو ۽ انوکو ذهني عڪس هو جنهن جھڙي عڪس سان ماڻهو جھڙي جانار
جو پنهنجيءَ جبلي حياتيءَ ۾ ذري جيترو واسطو به نه پيو هوندو. اهو عڪس پنهنجيءَ
بناوت ۾ ٻن عڪسن جو ميلاپ هو: هڪ گھاڙڪ عمل جو عڪس ۽ ٻيو گھاڙڪ آواز جو عڪس، ۽
انساني سوچ سمجھ (شعور) جو پهريون اولڙو.
عڪسن جي ان/اهڙي مواد اڳتي هلي انساني
سوچ سمجھ جي ذهني دنيا کي تخليق ڪيو.
هر ساهوارو، جانوٽ (جانور جھڙو، ”جانور
دنيا“ سان واسطيدار) هجي يا وڻوٽ (وڻ جھڙو، ”وڻ دنيا“ سان واسطيدار) پنهنجو
جياپو برقرار رکڻ لاءِ قدرت (Nature) جي ڪيترين ئي
مخصوص حالتن جو قيدي آهي. ڪو ڪوسن علائقن ۾ وڌيڪ سولائيءَ سان جيئي اُسري نسرجي،
مورچي ۽ ڦلارجي سگھي ٿو، ته ڪو ٿڌن يا وچٿرن ۽ ڪو خشڪ، ته ڪو گِھميل علائقن ۾ ڪوسن
ٿڌن يا وچٿـرن علائقن جي حوالي سان به ڪو جابلو، ته ڪو ٻيلائي، ته ڪو ميداني، ته
ڪو وارياسي، ته ڪو پاڻياٺن علائقن ۾ وڌيڪ سهنجائيءَ سان وڌي ويجھي ٿو. وري انهن
حوالن کي آڏو رکيو وڃي ته ڪو اوچايُن تي جيئي ٿو، ته ڪو پاڻيءَ يا مٽيءَ جي مٿاڇڙي
تي ۽ ڪو مٽيءَ يا پاڻيءَ جي مختلف اونهاين تائين هيٺ.
هر ساهوارو پنهنجي پنهنجي مخصوص ماحول ۾
ڪيترن ئي قسمن جا پر مخصوص ۽ محدود رد عمل ظاهر ڪندو رهي ٿو. اڪثر ڪري هر ساهوارو
پاڻ کان هِيڻن ڪن مخصوص قسمن جي جاندارن کي پنهنجو کاڄ يا واڌ ويجھ جو وسيلو ڪري
ڪتب آڻي ٿو ۽ گھرج مهل انهن تي ”ڪاهه“ به ڪري ٿو، ته ساڳئي ئي وقت ۽ پاڻ کان ڏاڍن
ڪن مخصوصن قسمن جي جاندارن کان ڊِڄي ۽ ڀَڄي ٿو (ته جيئن انهن جو کاڄ نه ٿي وڃي) ۽
آئِيءَ ويل وڙهِي به پوي ٿو يا بچاءُ ڪري ٿو.
هر جانار (ننڍو توڻي وڏو، جيت جڻيو، پکي
پکڻ، مڇي، جھينگو، مرون، ماڻهو، هر جانور) گھڻي ڀاڱي پنهنجي همذات جانارن ويجھو،
ساڻن ميٺ محبت، سِڪ پريت ۽ پنهنجائپ جي جذبي هيٺ (جيڪي سڀ مخصوص ماحول جي پيداوار
آهن) گڏجي سڏجي رهي ٿو، رهڻ تي مجبور آهي،
پر ڪن مامرن ۾ ساڻن جھيڙو پڻ جوٽي ٿو. ڪي ساهوارا ڄمندي ئي ڄام هوندا آهن، ته ڪي
پنهنجيءَ پنهنجيءَ حياتيءَ جي هڪ مخصوص عرصي تائين پنهنجن وڏڙن جا ڳِيجھو.
محتاجيءَ جو اهو مُدو پورو ڪرڻ کان پوءِ اهي هڪ قسم جي محدود پر خود مختيار، پاڻ
وهيڻي، پاڻ تي ڀاڙيندڙ زندگي گذاريندا آهن. هڪ مخصوص ماحول ۽ مخصوص گھرجن سبب پاڻ
وهيڻو هئڻ باوجود سندن حياتي گروهي پڻ هوندي آهي. ماڻهوءَ جھڙو جانار به پنهنجي
ساکيات سمورن جانارن کان ارتقائي اوچاين ۽ جبلي برترين جي ڪري اتم سطح تي هئڻ
باوجود، هڪ گروهي ۽ ماحول جي باندِي حياتي گذارڻ تي مجبور هو.
انهيءَ گروهي ماحول ۾ مروج سمورن جبلي
ناتن کان نئين کان نئين، نياري ۽ انوکي، هڪ نمايان ناتي جو وڌارو ٿيو.
جبلي اثرن هيٺ، فطرتي ماحول جي مخصوص،
نظر نه ايندڙ دائري ۾ هڪ گروهي حياتي گذاريندڙ ماڻهو جھڙي جانار ۾ نياري قسم جي
پورهيت عمل ”ڪاهه“ ويڙهه، بچاءَ جو هڪ اڻ لَــکو ۽ اڻ ڄاتو احساس پيدا ڪيو. گھاڙڪ
عمل هن کي هڪ اهڙو وکر مهيا ڪري ڏنو جنهن نه رڳو شڪار ۾ سهولت پيدا ڪئي پر ويريءَ
کان بچاءُ کي به سهنجو ڪري ورتو. اهو هڪ عجيب قسم جو نئون نيارو ۽ انوکو ناتو هو
جيڪو جبلي ناتن کان وڌيڪ سگھارو ۽ مٿير هو. اها نئين ۽ نياري ناتيداري جبلي گروهه
کي هڪ سهڪاري (co-operative) جٿي ۾ تبديل
ڪرڻ لڳي ۽ ان جٿي وٽ هوري هوري هڪ ٻئي جو بچاءَ ۽ هڪ ٻئي جو کاڄ مهيا ڪرڻ جي حوالي
سان مواد موجود ٿيڻ لڳو. پورهيي جي اثرائتي عمل ۽ شريڪ سهڪاري ٿيڻ جي ڪري پيداواري
ناتا ٺهن ٿا ۽ ماڻهن جو راڄ (سماج، سوسائٽي) جڙڻ لڳي ٿو. هيءُ نيارو ناتو
انهيءَ انساني راڄ جو ٻج هو جيڪو پنهنجي بنيادي بناوت ۾ ٽي پهلو/پرت رکندڙ هو.
پورهيي جو پهلو (اپت)، آواز جو پهلو (ٻولي) ۽ ذهني عڪس جو پهلو (شعور).
ماڻهو جيڪو ڪجھ جسماني پورهيي وسيلي
ٺاهي، بدلائي ۽ گھڙي اپائي ٿو، ذهني پورهيي وسيلي خلقي ۽ پرائي ٿو ۽ ٻوليائي
پورهيي وسيلي ٻُڌائي ۽ سمجھائي ٿو، ان جي لاءِ اسان جي اڄوڪي ماحول ۾ هڪ لفظ آهي راهپ
(ثقافت، ڪلچر). توڻي جو جانارن جي هر ذات هڪ مخصوص قسم جي راهپ رکي ٿي پر جيئن ته
اها جبلي هوندي آهي ان ڪري منجھس ڪا به نيارپ نه هوندي آهي. اها نسل در نسل هڪ
مخصوص دائري اندر قيد هوندي آهي. ان ۾ ڪا به نئين يا انوکي تخليق، تبديلي ۽ اوسر
نه هوندي آهي. جبلي قدرن کان هَٽي ڪري، هن راهپ ۾ هڪ نئين، نياري ۽ انوکي تخليق جو
عنصر موجود هو. انساني راهپ جا چار روپ هئا:
1.
جسماني پورهيي
وارو روپ،
2.
ٻوليائي پورهيي
وارو روپ،
3.
ذهني پورهيي
وارو روپ، ۽
4.
سماجي پورهيي
وارو روپ.
قدرتي ماحول جو باندي ٿي، فطرت جي مهيا
ڪيل مال تي پلجندي، هڪ مخصوص دائري ۾ محدود رهي، سڄي حياتي گذاري ڇڏڻ بدران
ان/انوکي (ٻيءَ سموري ساهواري دنيا لاءِ اڻڄاتل) راهه کوجي ڪڍڻ جي پيڙهه رکي، جنهن
تي هلي هُو پنهنجيءَ آئينده زندگيءَ لاءِ ڪي نئين قسم جا سک (۽ ڏک)، سولايون (۽
اولايون) سهنج (۽ اهنج) ۽ سهولتون پيدا ڪرڻ وارو هو.
پورهيي
وکر
ڏنو،
ٻول
ڏنو،
شعور
ڏنو،
سماج
ڏنو ۽
ماڻهوءَ
جھڙي جانار کي بدلائي ”ماڻهو“ بنايو.
*
نوٽ: هن سموري ساٽَ (Process) کي مشيني،
مڪينيڪل انداز ۾ نه، پر تخليقي انداز ۾، لکين ورهن جي وسعت ۾ پکيڙي، پوءِ ڏسڻ
گھرجي. جيئن پاڻي اٻارڻ لاءِ ڪن مخصوص شين جي گھرج ٿئي ۽ آخر ۾ باهه ٻارڻ کان پوءِ
به هڪ ڊگھي عرصي تائين ڪوسو ڪندي، نيٺ اهو ڏاڪو اچي ٿو جو پاڻي پنهنجي مخصوص صورت
تبديل ڪري، هڪ نئين روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. پاڻيءَ جو ڪوسو ٿيندو رهڻ هڪ ”ارتقا“ آهي ۽
ان لاڳيتي ارتقا کان پوءِ ڪنهن ڏاڪي تي ڄڻڪ اوچتو ”انقلاب“ برپا ٿئي ٿو. تيئن
ساهوارن جي دنيا ۾ جيوت جي حوالي سان هڪ ارتقا ۽ انقلاب جو سلسلو لاڳيتو جاري
رهندو اچي ٿو. انهيءَ اوسر جي سڀ کان اوچي پَــد تي ماڻهوءَ جھڙو جانار پهتل هو، ۽
ان کي اڃا وڌيڪ هڪ ارتقائي سفر طَي ڪرڻ کان پوءِ نيٺ ان ماڳ تي پهچڻو هو جو انقلاب
برپا ٿئي، هڪ انساني سماجي زندگي وجود ۾ اچي، جنهن لاءِ پورهيو، ٻولي، سوچ ۽ راهپ
اڻٽر گھرج آهن. اڄ به جيڪڏهن اهي شيون انسان کان کسي وٺجن، ته انســانـي سـمـاج ڀـڄـي
ڀــري پـونـدو ۽ ماڻهـو تبـديـل ٿي، ”ماڻهوءَ جھڙو جانار“ بنجي ويندو.
No comments:
Post a Comment