10/19/2012

وهمن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو


وهمن جي دنيا کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش
(حبيب آدرش ڀُٽي جي ترجمو ڪيل ڪتاب ”روشنيءَ جي تلاش ۾“ جو مهاڳ)
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

جنهن جي ذهن ۾ سوال ناهي اهو جاهل، ڄَٽ، اَٻوجهه ۽ چَٽُ آهي. سوال اٿاري سوال جو جواب نه ڳولڻ به وهمي دماغ جو ڪم آهي ۽ سوال جو جواب ٻڌي مناسب ڇنڊڇاڻ ڪرڻ بنا ان تي ڀروسو ڪرڻ پڻ اڻڄاڻائي جي نشاني آهي. جيڪو ماڻهو جيترا گھڻا سوال اٿاري ٿو ۽ جيترن گھڻن سوالن جا جواب ڄاڻي ٿو، اهو ماڻهو اوترو ئي وڌيڪ سڄاڻ آهي.
اهو ته شايد ماڻهو ئي ناهي جنهن پنهنجي سڄي ڄمار ۾، ننڍپڻ کان وٺي ٻڍاپي تائين سوال نه اٿاريا هجن. ڄمندي ئي ذهني طرح چَٽ ٻار کان سواءِ شايد ڪو هجي جنهن پاڻ بابت، پنهنجي گھراڻي بابت، پنهنجي آسپاس بابت، ڌرتي ۽ سنسار بابت ۽ ”قسمت“ ۽ قدرت بابت سوال نه پڇيا هجن.
قدرت ۽ قدرت جي لقائن بابت ماڻهن هزارين قسمن جون تشريحون پئي ڪيون آهن. انهن سڀني کي پاڻ  ۾ هڪجھڙائي رکڻ جي ڪري جيڪڏهن درجيبند ڪيو وڃي ته ٻه ڌڙا ٺهي پوندا. هڪڙو انهن ماڻهن جو ڌڙو جيڪي چون ٿا ته سڄو جڳ (جيترو به آهي ۽ منجھس جيڪي به رنگارنگيون ۽ رونقون آهن) سمجھ ۾ نه ايندڙ، عقل کان چڙهيل، فطرت کان مٿاهين پر سڀ طرفي سگھ رکندڙ هستيءَ يا هستين جو جوڙيل آهي. (ان هستيءَ يا هستين جو ڪو به متفق راءِ ۽ تصديق ٿيل ماڻ، قدبت، عمل جو دائرو ۽ حاڪمي جو ٻل مقرر ناهي. سائنسي کوجنائون جيئن جيئن نت نين شين، وسعتن، اصولن ۽ قاعدن کي ظاهر ڪنديون پيون وڃن تيئن تيئن ان هستيءَ يا هستين جي تشريح ۽ قدبت ۾ ڦيرڦار ايندي رهي ٿي.) اها هستي يا هستيون سندن سوچ جي تخليق ۽ ماحول جي سَونسائي سوجھ کان سواءِ ڪجھ ناهن، ڪو به وجود نه ٿيون رکن پر نسل در نسل نون ڄمندڙن جي ذهن ۾ ويهاريون وڃن ٿيون. ٻي ڌڙي ۾ اهي ماڻهو شامل آهن جن تي جيئن جيئن قدرت ۽ سنسار جي لقائن جا راز ٻاڦوربا پيا وڃن ۽ سائنسي ترقي ٿئي ٿي تيئن تيئن سندن ڀروسو تصديق وٺندو پيو وڃي ته ڪائنات جي تشريح ذهني طرح گھڙيل ۽ وهمي طرح مقرر ڪيل ڪنهن به هستيءَ يا ڪن به هستين (جيڪي سمجھ ۾ ايندڙ، عقل کان چڙهيل ۽ فطرت کان مٿاهيون هجن) جي سڀ طرفي سگھ جو ڪرشمو ناهي، مادو پنهنجن سڀني روپن ۽ لقائن سميت پنهنجي فطرت ۾ ڪنهن به خالق جي تخليق جو محتاج ناهي، انسان جو دماغ پاڻ ئي مادي جو ٺهيل آهي ۽ ماڻهوءَ جون سوچون سمجھون ۽ ذهني تخليقون سندس ميڄالي، مادي جي ئي هڪ ڪرت آهن تنهنڪري اهو ممڪن ئي ناهي ته پوءِ ٺهيل شَي، ماحول جو اولڙو، سوچ ــــــــــ هڪ سَونسو ۽ وهم، خيالي هستي ــــــــ پاڻ کان اڳ موجود، حقيقت، مادي يعني پنهنجي خالق جو خالق ٿي سگھي.
ماڻهو جيترين گھڻين خيالي هستين تي ڀرم رکڻ جي وهم ۾ ڦاٿل آهي اوترو ئي وڌيڪ تنگ نظر، ڪٽر ۽ ساڙيلو آهي، هو پاڻ ۽ پنهنجن همخيالن کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به پنهنجن وهمن ۽ وسوسن جي ڪري ڪيل پوڄائن ۽ سندن سوچ موجب ان جي نتيجي ۾ ملندڙ لذتن ۽ عياشين ۾ شريڪ نه ٿو سمجھي ۽ سندن ڀرمن ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيندڙن کي ڏوهي، ڀٽڪيل ۽ واجب القتل قرار ڏئي ٿو. هو پنهنجو پاڻ کي به پنهنجي تخليق ڪيل يا پنهنجن وڏڙن کان ٻڌل سڀ طرفي سگھ رکندڙ هستيءَ يا هستين کان ڊيڄاريندو رهي ٿو. هو صبح شام پنهنجن ڀرمن ۽ عقيدن جي ڀڃڪڙي به ڪري ٿو ته توبهه تائب به ٿئي ٿو ۽ توبهه تائب ٿي ڪري وري ڀڃڪڙي ڪري ٿو. جي ڀروسو، ايمان ۽ عقيدو سچو هجي ته ايئن ڇو ٿئي؟ سچي ڳالهه هيءَ آهي ته جنهن کان ڊڄبو آهي ان سان پيار نه ڪري سگھبو آهي ۽ نه ئي وري ان لاءِ اندر ۾ ڪا عزت ذري هوندي آهي. جيڪو ڪجهه هوندو آهي اهو رڳو ڏيکاءَ ۽ ٻين ماڻهن جي وات کي بند رکڻ لاءِ.
ماڻهو جيڪو سَونسن ۽ وهمن کان جيتري قدر آجو آهي اهو گھڻي ڀاڱي اوتري قدر ئي فراخدل، وسيع نظر، انسان دوست ۽ امن پسند ٿئي ٿو. لطيف سائينءَ سڀني عالَمن کي آباد ڪرڻ جي دعا گھري هئي، هن جي نظر گروهن ۽ فِرقن، مومنن ۽ مشرڪن، دينن ۽ ڌرمن، قبيلن ۽ قومن جي ڪٽرپڻي کان آجي هئي، هن اڪيليءَ سنڌ جي سڪار کي ڪافي نه سمجھيو، هن دنيائن، ڏيهَن، مجموعي طرح سڀني ماڻهن جي سک سهنج کي نظر ۾ رکيو پر پنهنجيءَ سنڌ کي به نه وساريو. سنڌ به سکي هجي ۽ دنيا به آباد هجي ته پوءِ هٻڇ ۽ خودغرضيءَ کي ڪڍي ڦٽو ڪرڻ سان دنيا ۾ نه ڪاهون هونديون ۽ نه ئي جنگون، نه انساني ڪوس هوندا ۽ نه ئي وري ڪٽرپڻو، نه تنگ نظريون هونديون ۽ نه ئي وري ڪِينا ۽ فساد . . . .
وحشت جانور ۾ آهي ۽ ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو. جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ-روپيو وحشي آهي ته اهو جانور کان به بدتر ئي ليکبو ـــــــــ ماڻهو ته اوسر جي اتاهين ڏاڪي تي آهي. هن کي ته تهذيب ۽ تمدن ڀريو ۽ ڪلچرڊ (سڌريل) هئڻ گھرجي. جيڪو پنهنجن ذاتي مفادن کي مٿاهون رکندي ڪائنات جي هر نعمت تي پنهنجو قبضو رکڻ گھري ٿو ان ۾ سڌريل هئڻ جِي، ماڻهپي واري نشاني ئي ڪهڙي؟ هو ته خود غرض، ڪمينو ۽ نيچ آهي.
انهيءَ خود غرضيءَ، ڪمينائپ ۽ نيچائيءَ کان آجو ٿيڻ لاءِ ۽ سڌرڻ، تهذيب يافته ٿيڻ ۽ ڪائنات جي نعمتن ۾ سڀني ساهوارن کي ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي علم جي، تعليم جي گھرج آهي. علم ئي اها پهرين ڪسوٽي آهي جيڪا جانور ۽ ماڻهوءَ جي وچ ۾ فرق ڏيکاري ٿي ۽ علم جو ماڻهوءَ جي فائدي ۾ واهپو ماڻهپي جي پهرين نشاني آهي.
سَونسن ۽ وهمن جي دنيا کان ٻاهر ڪڍڻ ۽ ماڻهپي ڏانهن مائل ڪرڻ جي ڪوشش هن ڪتاب ۾ پڻ نظر اچي ٿي. برٽرانڊ رسل جي ڪتاب ”مان عيسائي ڇو نه آهيان؟“ جو مغز هن ڪتاب ۾ آندل آهي. عيسائيت جي ڪٽرپڻي مان رسل ڪيئن آجو ٿيو ان کان بهتر نموني واقف ٿيڻ لاءِ ان ڪتاب جو اڀياس ضروري آهي. ”فلسفو ۽ زندگي“ ۾ به رسل ڪجھ سوال اٿارڻ، ذهن ۾ آڻڻ ۽ انهن تي سوچڻ جي دعوت ڏي ٿو. ابراهيم ميسو جي مضمون ”مذهبُ، سائنس ۽ انساني قدرَ“ ۾ انهن سڀني ڪٽرپڻي کان آجو ڪري هڪ ڪمري ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪيل آهي، جڏهن ته ايرڪ فرام جي مضمون ”ايمانُ ـــــــــ شخصيت جو هڪ رخ“ ۾ ايمان سان گڏ شڪ کي سمجھڻ جو جتن به ڪيل آهي ۽ آخر ۾ آهي زان پال سارتر، جنهن جي سوچ ترقي پسندي ۽ رجعت پرستي جي وچ ۾ لڏندي رهي ٿي، ان هوندي به ڏنل انٽرويو جي ترجمي ۾ خدا بابت سندس خيال ڪجھ ڇرڪائيندڙ آهن، پر خصوصي ذڪر لائق آهن انهن سڀني مضمونن جو اردو ۾ ترجمو ڪندڙ، خالد سهيل جا خيال، جيڪي زاهد ڏانهن خط جي صورت ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن. پڙهڻ کان پوءِ ايئن ٿو لڳي ڄڻڪ هر فرد، جيڪو پڙهي ۽ سوچي ٿو ۽ سمجھڻ گھري ٿو، ان کي انهن سڀني ڏاڪن تان لنگھڻو پوي ٿو جن تان خالد سهيل اڪريو آهي.
مون پنهنجن وڏڙن ۽ استادن کان انهن سوالن جي جوابن لهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ منهنجو پُٽ ساجد مون کان اهڙا ئي سوال پڇندو رهندو آهي. جن دوستن جي ننڍپڻ کان واقف آهيان انهن بابت به اها ڄاڻ اٿم ته انهن به پنهنجن وڏڙن کان اهڙا سوال پڇيا هئا. انهن کي ۽ مون کي پنهنجن سوالن جي موٽ ۾ ماٺ ڪري ويهڻ جا دڙڪا ملندا ۽ جيئن ٻڌايو وڃي ٿو تيئن ان تي ڀروسو رکڻ لاءِ دٻاءُ پوندو رهيو ۽ انت ته مجموعي طرح مخصوص فرقي جي وهم پرستي پلئه پيئي. ساجد کي مون وٽان ته وهم پرستي نه ٿي ملي پر سندس باقي ماحول ۾ اها رچيل آهي. تنهنڪري اسان جي هن نسل کي وهم پرستيءَ ۽ عقلمنديءَ جي ٻه-واٽي تي پنهنجي ٻاراڻي ذهانت سان دل من هڻندي ۽ ٻڏندي ترندي سفر ڪاٽي جوان ٿيڻو پوندو پر آءٌ پاڻ کي انهن عذاب هيٺ آيل ۽ گھاريندڙ ڏاهن ماڻهن جي قطار پٺيان هلندي ٿو ڀانيان جن ڏک ڏسي به وهم پرستي ۽ جهالت جي اوندهه گھاٽي ڪرڻ بدران روشن خياليءَ، عقلمنديءَ ۽ علم جي ڏياٽي ٻاري پاڻ سان گڏ کنئي آهي، جيڪي جهالت ۽ وحشت جي اونداهي دنيا ۾ ماڻهپي ۽ علم جو سوجھرو ڪرڻ گھرن ٿا.
جنهن به معاملي بابت ڄاڻ آهي ۽ حقيقت پڌري ٿيل آهي ان بابت هر قسم جا وهم وسوسا ٽُٽي وڃن ٿا. ماڻهو، جيڪي هٿ جي لِيڪن، نِکٽن (برجن) جي بناوت، ديون ڀوتن جي تصور وغيره جي حقيقت ڄاڻن ٿا اهي انهن بابت ڪنهن به قسم جي وهمن ۾ نه ڦاسندا. ماڻهو جيستائين وهمن کان آجو نه ٿيو آهي تيستائين حقيقتن کي سندن سچي روپ ۾ ڄاڻي نه ٿو سگھي.
هيءُ ڪتاب وهم جي دنيا کان ٻاهر ڪڍڻ، ماڻهپي ڏانهن آڻڻ جي هڪ ڪوشش آهي. جيڪڏهن پڙهندڙ جي دماغ ۾ ڪتاب پڙهندي ڪي علم وڌائيندڙ سوال اڀريا ته سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ، حبيب ڀُٽي جي سڌ پوري ٿيندي نظر ايندي. هو پنهنجي وت ۽ ڏات آهر سنڌي ماڻهن جو علم وڌائڻ لاءِ پتوڙي رهيو آهي. اڳ به سندس مختلف مضمون ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن. سندس هن جتن کي به علمي حلقن ۾ اوس ساراهيو ويندو.
(نوٽ: هي ڪتاب ڪن سببن جي ڪري اڻ ڇپيل ئي رهيو.)

No comments:

Post a Comment