10/15/2012

سـنڌ جي ٻولي - ايم.ايڇ. پنهور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



سـنڌ جي ٻولي
(4-هزار ــــــــــ 1-هزار ورهه ق.م)
ايم.ايڇ. پنهور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

گريئرسن (Greirson) جي مشھور رپورٽ: ”انڊيا جو ٻوليڄاڻي جائزو(The linguistic Survey of India) 1930ع ۾ شايع ٿي. هيءُ هڪ حقيقي سائنسي پورهيو آهي. بدقسمتيءَ سان، اها ان مھل پڌري ٿي جڏهن اپکنڊ انڊيا ۾ قومي تحريڪون پنھنجي اوج تي پھتل هيون. اهڙين حالتن ۾ گريئرسن جو اهو بيان ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان نڪتل/اڀريل/اسريل هئي، سنڌ جي هندن سرهائيءَ سان قبول ڪيو پر مسلمانن ان کي باطل قرار ڏنو. هڪ سنڌي مسلمان وڏي عالم ڊاڪٽر دائودپوٽي ان کي رد ڏيندي چيو ته سنسڪرت جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي ماءُ هئي ته عربي ان جو پيءُ ٿئي. ان جي نتيجي ۾ هڪ تضاد اڀريو ۽ سائنسي سچاين ۽ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندڙ بڻائتي (Original) نظريي کي صحيح يا غلط ثابت ڪرڻ لاءِ انتھائڪ Extremist)، انتھا پسند) رويا اڀري آيا. گريئرسن جي نظريي جي پوري زور سان تائيد ڪندڙن ۾ پروفيسر ملڪاڻي ۽ ڀيرواڻي (Bherwani) شامل هئا. ڀيرواڻي توڻي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي دراواڙي ٻولين وارا لاڙا ڏٺا پر انھن ۾ گھرو نه ويو جيئن ٽرمپ (Trump) پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر(Grammer of Sindhi Language) ۾ ڪيو، جيڪو 1868ع ۾ ڇپيو. اپکنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ به تضاد نه کُٽو ۽ نوان نوان نظريا پيش ڪيا ويا، جن ۾ سنسڪرت ۽ عربيءَ جي وچ ۾ شادي ڪرائي ٿي وئي، ته ڪن ۾ سنڌي ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ ڪنھن به قسم جي ناتي کان مورڳو انڪار ڪندي ان کي هڪ نج سامي (Semetic) ٻولي سمجهيو ويو. هڪ وڌيڪ نظريو اهو به اسريو ته سنڌي هڪ دراوڙي ٻولي هئي ۽ ان جي گرامر ۾ اڍنگايون (Abnormalities) ان تي سنسڪرت جي اثر سبب هيون. اڃا هڪ وڌيڪ نظريو اهو پيش ڪيو ويو ته سنڌي سنڌو ماٿر (Indus valley) جي ماڻھن جي ٻولي هئي ۽ اها سنڌ مان هر ڏس ۾ پکڙي ۽ ان سنسڪرت سميت سمورين انڊو-يورپي (Indo-European) ٻولين کي جنم ڏنو. هي نظريو توڻي جو سنڌ جي ڪجهه سنڌي قومائڪ (Nationalist، قومپرست) فردن لاءِ ڪشش رکندڙ هو پر اهو به اهڙي ڀڙاڄاڻي (Archaeological) شاهدي نه پيو رکي جيڪا اهڙي ڪا حقيقت ٻڌائي سگهي ته سنڌو ماٿر جي سڀيتا (Civilization) هتان سڀني ڏسن ۾ پکڙي هوندي.
2-  گڏيل امريڪي رياست (U.S.A) يورپ ۽ ڪن ٻين هنڌن تي هاڻوڪا اڀياس  ٻڌائن ٿا ته ڪنھن هڪ ٻوليءَ ۽ نسل (Race، قوم، ٽولي) جي وچ ۾ مقرر ناتيداري موجود هئڻ ضروري ناهي. اهڙي ڳالهه رڳو ننڍا ننڍا ٽولا ٿي رهندڙ ننڍڙن قبيلن ۽ ان قبيلي تائين محدود ٻولي ڳالھائيندڙن جي باري ۾ چئي سگهجي ٿي، پر اها ڳالهه انھن ننڍڙن قبيلن بابت به چئي سگهجي ٿي جيڪي ڪنھن وڏي قبيلي ۾ ضم ٿي ويا هجن. راهپي (Cultural، ثقافتي) ٽولن جي حالت ۾ هيٺير (Inferior) راهپي ٽولن، مٿير (Superior) ٽولن جي ماڻھن جي ٻولين کي قبول ڪيو آهي. توڻي جو اهي هڪ ٿورائيءَ (Minority) ۾ هجن. بھرحال، اپکنڊ جي حوالي سان ۽ خاص ڪري ان سبب، جو ڳنڍپ (Communication) ۽ پکيڙپ (Expansion، توسيع) جا وسيلا گهٽ هئا، اهو نظريو لاڳو ٿيڻ ناممڪن آهي.
3-  سنڌ ۽ ڏاکڻي پنجاب کي ڌيان ۾ رکندي، مانسڄاڻ (Anthropology) بابت اسان جي تحقيق 6 هزار ورهن کان وڌيڪ پوئتي نه وڃي سگهي آهي. اهو هڪ ڏکيو حل-ٿيندڙ (puzzling) سوال آهي، جنھن جو جواب هن وقت تائين نه ملي سگهيو آهي ۽ ڪيترن ئي عالمن کي منجهائي رکيو اٿائين. اترادي پنجاب جي ماٿري، وچين پاٿر ڄمار (Middle stone age) جي موجودِي ڏيکاري ٿي، جنھن جو سن 1-لک ـــــــــ 40 هزار ورهه اڳ تائين بيھي ٿو. ڏاکڻي پنجاب ۽ سنڌ ۾ اوائلي (Early) يا وچين (Middle) ۽ حقيقت اها آهي ته ديرائت (Late) پاٿر ڄمار جي موجوديءَ جي شاهدي به نه ٿي ملي. انھن ٽنھي مان آخري ڄمار ]يعني ديرائت پاٿر ڄمار[ لاءِ سن سڄي  دنيا جي حوالي سان 40 هزار ـــــــــ  7 هزار 5 سَو ورهه تائين مقرر ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه پڻ عجب ۾ وجهندڙ آهي ته نوَپھڻي (Neolithic) انقلاب وچ اوڀر (Middle East) ۾ جَرمو، جيريڪو ۽ ڪتال هُيوڪ ۾ 8 هزار ق.م ڌاري شروع ٿيو ۽ ايران ۾ 5100 ق.م ڌاري پھتو پر (هاڻوڪي) پاڪستان پھچڻ ۾ ان کي 14 سَو ورهه ٻيا به لڳي ويا ڇو ته پاڪستان ۾ آڳاٽي ۾ آڳاٽيون نوپھڻي وسنديون 3700 ورهه ق.م کان وڌيڪ پراڻيون نه آهن.[1] وچ-اوڀر، ايران، بلوچستان ۽ سنڌ جي نوپھڻي (کاڄ اپائيندڙ) انقلاب ۾ اها ڳڻپ جوڳي وٿي ٽاري سگهڻ جھڙي ناهي. گذريل ويھه هزار ورهن دوران سامونڊي سطح ۾ آيل تبديلين بابت تازي تحقيق ڏس ڏئي ٿي ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ نوپھڻي انقلاب ڇو وچ اوڀر ۾ اڳ شروع ٿيو. ڪي 1-لک ورهه اڳ سامونڊي سطح ۾ چاڙهه اچڻ لڳو ۽ 30 هزار کان 20 هزار ورهه اڳ واري عرصي دوران ان جي سطح 400-430 فوٽن جي اوچائيءَ تائين هئي، جنھن کان پوءِ ان لھڻ شروع ڪيو ۽ ڏهه هزار ورهيه اڳ سامونڊي ڪنارو اڄوڪي لاڙڪاڻي شھر جي ويجهو هو. اهڙي قسم جي حالت ۾ ڪي ساڍا يارهن هزار ورهه اڳ اهو سامونڊي ڪنارو ملتان جي ويجهو هوندو. ان کان به اڳ وارن لڳ ڀڳ 50 هزار ورهن (60 هزار ـــــــــ 11500 ق.م) دوران هن گنگائي ميدانن (بنگلاديش، اولھه بنگال، بھار ۽ اتر پرديش جي وڏي حصي) سميت ڏاکڻو پنجاب به سمنڊ هيٺ هوندو. اهو به امڪان آهي ته سمنڊ جا اوڀراوان ۽ اولھاوان نار (Gulfs) ڪيترين صدين تائين پاڻ ۾ ڳنڍيل رهيا هجن جنھنڪري دکن (Deccan، اڄوڪي ڀارت جو ڏاکڻو حصو) پوٺو هڪ ٻيٽ بنجي پيو هجي جنھنڪري اترادي انڊيا کان ڏاکڻي انڊيا ڏانھن لڏپلاڻ ٿي هجي.
پنجاهه هزار ورهه قائم رهندڙ ان حالت اپکنڊ جي ماڻھن وچ ۾ گڏپ (Amalgam) وڌائي ڇڏي هوندي جنھن جي نتيجي ۾ هڪ نئون نسل ٺھي پيو، جنھن کي دراوڙ سڏيو وڃي ٿو. سمنڊ جڏهن لھڻ شروع ڪيو ته ماڻھو هڪ ڀيرو وري لڏڻ لڳا. دکن پوٺي ۾ نوپھڻي انقلاب جو ڪوبه نشان پاڪستان ۾ ملندڙ آثارن کان آڳاٽو ناهي. ماڻھن وِچَپَھڻي (Mesolithic) قسم جي حياتي پئي گذاري يعني سندن زندگيءَ جو دارومدار گهڻي ڀاڱي شڪار ڪرڻ، مڇي مارڻ، سمنڊ مان کاڄ هٿ ڪرڻ ۽ مختلف قسمن  جي جهنگلي اناجن جو لابارو ڪرڻ تي هو. سمنڊ جي لاٿ سبب، دکن جي ماڻھن ڪي 8 هزار ورهه اڳ اوس سنڌ ۽ ڏاکڻي پنجاب ڏانھن لڏڻ شروع ڪيو هوندو ۽ ايندڙ اڍائي هزار ورهن ۾ انھن مڇي مارڻ جا ونگڙا (ڪُنڍا)، سُوئا (Harpoons) ۽ ڄاريون ۽ پکي ۽ جانور پڪڙڻ لاءِ ڪوڙڪا ٺاهي ورتا هوندا. ]اڄوڪي تندور جھڙين[ تھه ڏنل سوڪيندڙ بٺين (Lined Roasting pits) ۾ کاڌو پچايو ويندو هو. ان نوپھڻي انقلاب ۾ شامل ماڻھو پڪ ئي دکن پوٺي سان لاڳاپيل هئا ۽ نسلي طرح دراوڙ هئا پر انھن کي پوکراهپ (Agriculture، زراعت) نوپھڻي انقلاب جي ڪابه سُڌ نه هئي، جيڪو ٻني ٻاري/پوکي راهي کي ۽ اهڙيءَ طرح پوکراهپ ۽ جانور-پالنا کي وڌائي معاشي زندگي گذارڻ جي هڪ طريقي طور مقرر ڪندو ٿي ويو. نوپھڻي انقلاب پھريائين شام (Syria) ۽ اسرائيل (Israel) ۾ شروع ٿيو ۽ اتان اهو ماٿيل (Upper، سِري واري) نيل (Nile) ۽ ماٿيل فرات (Euphrates) جي ماٿرين ڏانھن پکڙيو. نَوپھڻي انقلاب سنڌو ماٿر ۾ نه ڦُٽو هو ڇو ته اها سمنڊ هيٺ هئي ۽ اهڙيءَ ئي حالت هيٺل (Lower) نيل ۽ هيٺل فرات جي هئي. نوپھڻي انقلاب جو مکيه وڙ (Item) ڪڻڪ هئي. اها سياري جي برساتن سبب ڀونوِچائي (Mediterranean) آبھوا ۾ سڀ کان اڳ اڀري. ايران پڻ ڀونچائي ايراضيءَ ۾ آهي ۽ ساڳي ئي ڳالهه بلوچستان سان لاڳو ٿئي ٿي. نوپھڻي ماڻھن جي قدرتي چرپر ڀونوچ (Mediterranean) سمنڊ جي ڪنارڪي کان ايران تائين ۽ ايران کان بلوچستان تائين هئي. پر انھيءَ واڌ ويجهه ۽ وسعت کي 2 هزار ورهه لڳي ويا جنھن عرصي دوران اهي سامي نه هئا جن سنڌ ڏانھن لڏيو پر سُوسا (Susa) جا پارپولا ڪلئمائيٽ [2](Parpola Klamite) هئا جيڪي پرشيائي مڪران ۽ سيستان ڏانھن اسھيا ۽ ٽڙي پکڙي ويا. ان جي نتيجي ۾ سيستان ۽ مڪران مان هارين/ آبادگارن جي اوڀر پاسي لڏپلاڻ ٿي ۽ نيٺ سنڌ ۾ اچي پھتا ۽ پاڻ سان گڏ ڪنڀارڪو چَڪ (Potter’s wheel) ۽ اسريل نوپھڻي راهپ کڻي آيا. آڳاٽا سِٿي (Ancient Sythian) مڪران رستي سنڌ ۾ داخل ٿيا. اوائلي لاڏائن اوچن جابلو سلسلن تان ٽپڻ کان لنوايو پئي. انھن جيڪو دڳ ورتو اهو ايراني مڪران کان پاڪستاني مڪران هو، جتان پوءِ ايئن ٿو ڀانئجي ته سڀ کان وڌيڪ سولو دڳ اورنگي ۽ لانڍي وارو ورتو ويو جتان سمنڊ جو ڪنارو (جيڪو انھن ڏينھن ۾ گُجو (Gujo) کي ڇھندڙ هو) ڏئي هيٺل سنڌ ۽ ممڪن آهي ته آمري وڃي پھتا هجن. ان سان گڏ ٻيو دڳ به ورتو ويو. اهو پاڪستاني مڪران کان پنجگور ۽ خضدار ۽ اتان ڏاکڻي پاسي مُولا لَڪ منجهان منڇر ڍنڍ ڏانھن ۽ پوءِ اتان اڙل نئن وسيلي آمري ڏانھن هو. سنڌ ۾ اهي تبديليون 3100 ورهه ق.م ڌاري ٿيون هونديون جيئن آمري جي ڪرڻا ڪاريه-تاريخن (Radio-Carbon Dating) واري چڪاس ٻڌائي ٿي. 27 سَو کان 26 سَو ق.م ڌاري هڪ ٻيو ٽولو ساڳئي ايراضيءَ کان لڏي مولا لڪ اڪري ڪوٽڏيجي ۾ اچي آباد ٿيو. لڏپ (migration) جون اهي ڇوليون جاري رهيون ڇو ته لاڏائن ڄاڻ ورتو هو ته اهي سنڌو نديءَ جي ٻوڏ هيٺ ايندڙ ميدانن ۾ هر سال ٿيندڙ آٺر جي محفوظ گِهم (Preserved moisture) تي پنھنجا فصل ايران ۽ بلوچستان ۾ برساتي نئيُن تي اپائيندا هئا پر هتي هنن هڪ وسيع ايراضي ڳولي لڌي جيڪا ججهن ماڻھن کي سھارو ڏئي سگهي پئي. آمري ۽ ڪوٽڏيجي جي انھن رهاڪن جي اها لڏپ گهٽ ۾ گهٽ 7 سو ورهه جاري رهي جڏهن 25 سَو ق.م ـــــــــ 23 سَو ق.م ڌاري ڏکڻ-اولھائين ايران کان لاڏائن جي نئين ڇولي ظاهر ٿي جيڪي آمرين سان گڏ هڙپائي (Harappan) اثر به ڏيکارن ٿا. سڌو سولو ڪري چئجي ته پراڻي راهپ ۾ اها نون نون ماڻھن جي جذب پذيري ڏيکاري ٿي. اها راهپ رڳو آمريءَ تائين محدود نه هئي. اها سڄيءَ سنڌ، ڏاکڻي پنجاب (پاڪستان توڻي هاڻوڪي ڀارت وارو)، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بيڪانير ۽ اتر-اولھائين راجستان تائين پکڙجي ويئي. ڪڇ جو رڻ هڪ سامونڊي کاڙي (Creek) هو ۽ ان ۾ نه رڳو سنڌو نديءَ پر سرسوتي نديءَ وسيلي به پاڻيءَ رستي پھچي سگهجي پيو. سرسوتي هن وقت ميسارجي ويل ندي آهي پر بيڪانير، اوڀر پنجاب ۽ سنڌ ۾ ريڻي-هاڪڙو سرشتي مٿان ان جي ڪنارن تي ساڳي قسم جا ماڳ لڌا ويا آهن. اهڙيءَ طرح هن راهپ جي يَڪروپائي (Uniformity) بلوچستان (۾ ويندي ڪوئٽا تائين) سميت ڄاڻايل صوبن جي وسيع ايراضين ۾ پکڙيل هئي.
4-  انھن ماڻھن ڪھڙيون ٻوليون ڳالھايون پئي، پڪ سان ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي، پر اهو چوڻ اڻٽر آهي ته سنڌو نديءَ جي پيٽ ڀرسان رهندڙ شڪاري قبيلن ڪي دراوڙي ٻوليون ڳالھايون ٿي ۽ انھن ماهيگري، شڪار ۽ جهنگلي وڻن ٻوٽن مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪئي پئي. پوکراهپ ڪندڙ ماڻھو، جيڪي ٻوڏ هيٺ ايندڙ ميدانن ۾ آباد ٿي ويا هئا ۽ گذريل ستن صدين کان اپکنڊ جي انھن ئي حصن ۾ رهندڙ هئا، جن ڏکڻ-اوڀر ايران کان لڏپلاڻ ڪئي هئي، اهي اتان جون ڪي ٻوليون ڳالھائيندا هئا.
5-  25 سَو کان 23 سَو ق.م جي وچ واري عرصي ۾ اسان کي نج آمرين (آمريائي) راهپ ۽ هڙپائي راهپ جو عارضي مدو ملي ٿو، جنھن ۾ اڳ-هڙپائي اثر ملن ٿا ۽ ممڪن طرح ٻنھي راهپن ۽ ٻنھي قسمن جي ماڻھن جو ميل جول ڏيکارجي ٿو. اهي ماڻھو (جيڪي لڏپلاڻ ڪندڙ ٽين ڇولي سڏبا) پڻ ڏکڻ-اوڀر ايران کان آيا هئا. ڪوٽ ڏيجي جو اڳ-هڙپائي اوائلي دَور (Pre-Harappan Early Period of Kot Diji) جنھن جو سن 2605 ــــــــ 140 ق.م سمجهيو وڃي ٿو پڻ اڳ-هڙپائي عرصو آهي، جنھن جي پڄاڻي مھل ڪوٽڏيجي راهپ ميسارجي وئي ۽ ان تي هڙپائي راهپ ڇانئجي وئي، پر اڳ-هڙپائي ۽ هڙپائي، ٻنھي راهپن جا اثر جاري رهيا، جيڪي ٻن راهپن ۽ ٻنھي قسمن جي ماڻھن جي جذب پذيري ڏيکارن ٿا. اوڀر پنجاب، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ ساڳئي عرصي دوران ساڳئي ئي قسم جو لقاءُ (Phenomenon) نظر اچي ٿو.
6-  اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ پڻ دلچسپي کان خالي نه هوندي ته اڳ-هڙپائي (آمرين، ڪوٽڏيجين، سٿين) راهپ لڳ ڀڳ اها ساڳي ئي ايراضي والاري پئي جيڪا هڙپائي (سنڌو ماٿر سڀيتائي) راهپن والاري رکي هئي. ان ڪري اهو سمجهڻ ڏاڍو درست هوندو ته يڪروپ راهپ ۽ نسلڄاڻي (Ethnological) پس منظر سبب، انھن ماڻھن جيڪڏهن ساڳي ٻولي نه پئي ڳالھائي ته به گهٽ ۾ گهٽ ڪنھن ساڳي ٻوليءَ جا مختلف محاورا (Dialects، اپڀاشائون) ڳالھائيندا هوندا. ويندي اڄ به ڪڇ پوريءَ طرح سنڌي ٻولي ڳالھائيندڙ آهي ۽ ڪاٺياواڙ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ ماڻھن جي هڪ حصي سميت اها ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي جيڪا سنڌيءَ سان ويجهي مائٽي رکي ٿي. قلات، لس ٻيلو، ڪڇي ۽ سبي علائقن ۾ پڻ سنڌي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي. ملتان تائين ڳالھائي ويندڙ سرائڪي ٻولي سنڌيءَ سان ويجهي ناتيداري رکي ٿي ۽ ملتان ۾ هڪ هزار ورهه اڳ تائين سنڌي ٻولي ڳالھائي ويندي هئي، جيئن ڪن عرب سياحن ۽ ڀُوسُڌيرن (جاگرافيدان، Geographer) بيان ڪيو آهي. پاڪستاني سرحد جي ٻئي پاسي پڻ راجستان، جيسلمير، اجمير ۽ بيڪانير جي وسيع بندرن ۾ پڻ اڄ ڏينھن تائين سنڌي ٻولي عام واهپي ۾ آهي. آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي، ٻنھي کي هڙپائي (راهپ وارن) ماڻھن ساڙي ۽ تباهه ڪري ڇڏيو پر انھن جي تباهيءَ کان پوءِ به انھن هنڌن تي هڙپائي اثر رکندڙ ماڻھن پاران والار جاري رهي ۽ هڙپائي سان گڏ اڳ-هڙپائي اثر تڳندا رهيا ـــــــــ ٻنھي راهپن جي جذب پذيري اهو ئي ڏيکاري ٿي. هڙپائي ماڻھو پڻ ڏکڻ-اولھه ايران کان آيا ۽ اهي جڏهن هت پھتا، توڻي جو انھن وچٿري اوچائي رکندڙ جابلو سلسلن تان اڪرڻ نه سکيو هو، اهي شايد ڏاکڻي پنجاب ۾ بيٺڪ وجهڻ لاءِ بولان ۽ گومل لڪن وٽان لنگهي آيا. سنڌ ۾ انھن لاڏائن جي اچپ ڄاڻايل ٻنھي دڳن تان جاري رهي. موهين جو دڙو لاڏائن جي نئين ۽ چوٿين ڇوليءَ نيٺ تباهه ڪري ڇڏيو. ان ڇوليءَ ۾ شامل ماڻھن کي اڄ تائين آريا سمجهيو وڃي ٿو پر پوءِ هلي ثابت ٿيو ته اهي سڏيا ويندڙ  رگويدي آريا نه هئا پر ڪي ڏکڻ-اولھاوان ايراني هئا، جن کي هاڻي سيميٽري-ايڇ (Cemetery-H، قبرستان-هه) ماڻھو سڏيو وڃي ٿو. 3100 ق.م کان وٺي 1750-1600 ق.م ڌاري هڙپائي شھرن جي تـبـاهــيءَ تــائــين مِـسوپوٽاميا (Mesopotamia، عراق) جي سامي ماڻھن سان واپاري ناتن جون ڪڙيون قائم ٿيون. پھرين اڳ-هڙپائي ۽ آمرين ماڻھن سان ۽ ٻي 2100-1900 ق.م سنڌو شھرن سان، سامي ايراضين مان ڪنھن به قسم جي لڏپلاڻ نه ٿي.
7-  هڙپائي، حصاري (Hisar) ۽ سنڌو ماٿر ماڻھن جي انساني ڍانچن، کوپڙين ۽ کوپ-ڏساڪن (Cranial indices) بابت تجزياتي رپورٽ جو ڊگهي عرصي کان اوسيئڙو هو، جيڪا تازو ئي سرڪار (Sarkar) ڇپرائي پڌري ڪئي آهي. اها کوپ-ڏساڪ ڪوٽ ڏيجي، آمري، هڙپا ۽ جنڪر (Junkar) دَورن سميت تاپ حصار (4- هزار ورهه ق.م) جي هڪ واڌ (Extension) آهي. اهو تجزيو هڪ نئون در کولي ٿو ۽ اڳوڻي نظريي کي رد ڪري ٿو ته هڙپائي ماڻھو ڪي دراوڙ (پارپولا-آسٽرالسرا، Parpola-Australoids) هئا. سنڌو ماٿر جا ماڻھو دراوڙ هئا ۽ دراوڙي ٻولين جا ڪي قسم ڳالھائيندا هئا. انھن راهن تي ويچار ڪندي، يو.ايس.ايس.آر (U.S.S.R، يونين آف سويت سوشلسٽ ريپبلڪس)، فنلئنڊ (Finland) ۽ نيدرلئنڊس (Nether Lands) جا عالم سنڌو لکيت (Script) جي مام پروڙڻ لاءِ ڪمپيوٽرن سان گڏ ٻيا ڪيترائي طريقا ڪم آڻي رهيا آهن. سنڌو ماٿر جا ماڻھو جيڪڏهن دراوڙ نه هئا ته پوءِ هنٽر (Hunter) کان پرپولا (Parpola) تائين سڀني عالمن جو سمورو پورهيو محض ڪوڙا/غلط نتيجا ئي ڏئي سگهندو.
8-  ديرائت پاٿر ڄمار (Late stone age) ۽ نوپھڻي دوران جيڪي ماڻھو هت رهيا انھن جو ڏڍ ٿي سگهڻ لاءِ سنڌ جي ميدانن جي گنجائش ڪيتري هئي، ان سلسلي ۾ منھنجو اڀياس ڏيکاري ٿو ته لائلپور ۽ هڙپا جي ڏکڻ ۾ سنڌو ماٿر اهڙي قسم جي آباديءَ کي سھي سگهڻ لائق هئي، جنھن جو 80 سيڪڙو پوکراهپ ۽ 20 سيڪڙو شڪار ۽ ماهيگيريءَ تي ڀاڙيندڙ هجي. ٻئي برادريون ان ڪري، پڪ ئي، هڪ ٻئي جي ڀرپاسي ۾ ٻئي تي اثر وجهندي ۽ هڪٻئي جون ٻوليون جذب ڪندي اُسريون هونديون ۽ هڪ گڏپ (amalgam) ضرور ٺھي هوندي جنھن ۾ دراوڙي ٻولين جو ڪجهه حصو موجود هوندو. انساني ڍانچين ۽ کوپڙين جي تجزيي ڏانھن موٽ کائيندي، 71 ماپ انگ ڏيندڙ کوپ-ڏساڪ (Cranial index of 71) اها ساڳي ئي آهي جيڪا پنجاب جي سکن ۽ چُھڙن جي آهي. اڃا وڌيڪ اڀياس ٻڌائن ٿا ته سکن جو واسطو پنجاب جي جت (Jatt) آباديءَ سان آهي. ڊاڪٽر سگرڊ ويسٽفل هيلبش (Sigrid Westphull Hell-Busch) جون تازيون تحقيقتون ڏيکارن ٿيون ته هاڻوڪي پاڪستان جي سنڌ ۽ پنجاب ۾ جتن جي ڳڻپ 80 لک آهي. رسلي  (Risley)پنھنجي تحقيق (1915ع) ۾ ٻڌايو ته ڀارت پاسي اهو انگ اڃا وڌيڪ آهي. جت سکُ هئڻ سان گڏوگڏ مسلمان به آهن ته هندو به. اترادي انڊيا ۾ جتن بابت گوها (Guha) ۽ پرڌان (Pardhan) سميت ٻين به ڪي ئي اڀياس ڪيا آهن. سنڌو سڀيتا سان گڏ اتر پرديش وارين ڪيترين ئي ايراضين ۾ انھن جي موجودي پرکي سگهجي ٿي. 400 کان 450ع ۾ جتن جي مھنداري هيٺ مينھون پالڻ جو مرڪز هئي. اسان کي عرب ذريعن مان سُڌ ملي ٿي ته انھن (جتن) 636ع ۾ عربن خلاف ايرانين جي واهر ڪئي ۽ پارسين جي هار کان پوءِ ڪجهه شرطن تي اهي عرب قوتن سان وڃي مليا. اهي جت سنڌ ۽ پنجاب مان هئا. 637ع ۾ اهي بصري ۾ وڃي آباد ٿيا. 662ع ۾ انھن ڪيڪان (قلات) والاري رکيو هو ۽ انھن مختلف وقتن تي مختلف ڪاهُن، جيئن هاريه بن ابوالقيس (658-659ع) عبدالرحمان بن سامره (662)، محلب ان اجي سفراع (664-665ع) ۽ عبدل العابدي (664-665ع) کي رد ڏنو. انھن رشيد بن عمر جديدي (668-669ع) خلاف ويڙهه ڪئي. 694-695ع ۾ انھن کي حجاج بن يوسف پاران موڪل ڏني وئي ته اهي وڃي ڪاسڪر (عراق) ۾ آباد ٿين. 712ع ۾ انھن سيوهڻ وٽ محمد بن قاسم سان ويڙهه ڪئي ۽ 4 هزار ماڻھو قيد ڪيا ويا. 836ع ۾ سنڌ جي عرب گورنر عمران بن موسى برمڪي کي بولان لڪ وٽ جتن ۽ ميدن (Meds) سان وڙهڻو پيو ۽ آئينده بغاوتن کان بچڻ لاءِ (اتي) ڇانوڻي ٺاهڻي پئي. 871-872ع ۾ سنڌ ۾، جت بغاوت ٿي ۽ انھن کي دٻائڻ لاءِ خليفي مھدي کي بغداد کان خصوصي لشڪر موڪلڻو پيو. 1026ع جي اوائل ۾ جتن محمود غزنوي جو سامان ڦري ورتو، جڏهن هو سومنات کان موٽي رهيو هو. هو 1026ع جي سياري ۾ انھن کي سيکت ڏيڻ لاءِ موٽي آيو ۽ ماٿيل (upper) سنڌ تي قبضو ڪيائين. چـچنامو ڪيترين ئي سنڌي ذاتين جو جت طور ذڪر ڪري ٿو جھڙوڪ: سھتا، لوهاڻا، لاکا ۽ سما. جتن بابت مٿي ڏنل بيان جي روشنيءَ ۾ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ڏاکڻي پنجاب جي آباديءَ جو وڏو حصو سنڌوءَ جي مٿي ڄاڻايل هنڌن تان مليل کوپڙين جي تجزيي ۽ سرڪار جي رپورٽ موجب ساڳئي جٿي سان واسطو رکندڙ هو. ڪيل هن سڄيءَ ڳالهه ٻول مان پڌرو ٿو ٿئي ته سنڌ جي آباديءَ جو وڏو حصو جتن تي ٻڌل آهي، جيڪو سنڌو ماٿر جي اڳ هڙپائي ۽ هڙپائي ماڻھن جا پوئيلا (پونير، پوئير، (Descendents آهن.
9-  18 سَو کان 16 سَو ق.م واري عرصي ۾ جيڪو موهين جي دڙي، آمري ۽ چانھو دڙي جي پاڻي وارو مدو آهي، جت قبيلا مينھون پالڻ جي ڌنڌي سان لاڳاپيل هئا. موهن دڙي ۾ مينھن جا هڏا مليا آهن، ٻيو ته سنڌ ۽ ملتان ۾ عرب اقتدار کان گهڻو اڳ مينھن جي پالنا جتن سان لاڳاپيل آهي.
10-  پرشيائي مڪران ۾ خوراب (Khurab?) (شايد خجراب) وٽ لڌل هٿ-ڪھاڙو اها سڀ کان آڳاٽي لڌپ آهي، جيڪا انھن قبيلن جو ڏس ڏئي ٿي، جيڪي نيٺ موهين جي دڙي ۾ رهي پيا هئا. اهي قبيلا 150 ± 2000 ق.م ڌاري مڪران جي ماٿري ڪيج (ڪيچ) ۾ شاهي ٽمپ (Shahi Tump) ڏانھن هلي آيا. ويجهڙ تائين انھن قبيلن کي آريا سڏيو ويندو هو ۽ ساڳئي ئي وقت اهو سمجهيو ويندو هو ته اهي ڪئسپين ڍنڍ (Caspian sea) وٽان آيا هئا. مسئلو اهو ناهي ته اهي ڪٿان آيا پر انھن جو دڳ سدائين مڪران کان هوندو هو ته جيئن اوچن جابلو سلسلن تان ٽپڻ کان بچي سگهجي. انھن جي پھچ جي ممڪن راهه پرشيائي مڪران کان اورنگي-گُجو يا پنجگور-مولا لڪ وٽان هئي. انھن قبيلن نيٺ سنڌو شھرن کي ڦُريو. ڀڙاڄاڻي (Archaeologically) طرح انھن کي هاڻي ”سيميٽري-ايڇ ماڻھو“ سڏجي ٿو ۽ انھن جي لڏپ جي پنجين ڇوليءَ کي جنڪر (Junkar) ماڻھو سڏجي ٿو. پوٺ-هڙپائي (Past-Harappan) دَور جي ابتدائي ڏينھن ۾ اها پھرئين ۽ ٻئي لڏپ هئي. جنڪر ماڻھو جنڪر-دڙو ۾ 1650 ق.م ڌاري آباد ٿيا. جنڪر ماڻھن پويان ايندڙ ڇوليءَ جهانگر  ماڻھو هئا جيڪي 13 سَو کان 12 سؤ ق.م جي وچ ۾ آيا. انھن ڏينھن تائين رگويدي آريا منظر تي اڃا نه اڀريا هئا.
11-  ان کان پوءِ به اپکنڊ ڏانھن ڪئسپين بڻ رکندڙ ايراني ماڻھن جي نئين لڏپ ٿي، جنھن کي آمريءَ جي حوالي سان اٺين ۽ سنڌو سڀيتا جي ميسرِ (fall) کان پوءِ چوٿين ڇولي سڏيو وڃي ٿو. پر هن ڀيري اهي مھاراشٽر ڏانھن لڏي ويا.
12-  نيٺ 1050 کان 750 ق.م جي وچ واري عرصي دوران آرين ڪئسپين ڍنڍ کان اپکنڊ ڏانھن لڏيو. هٽين (Hittian) بادشاهه سُبيلوليما (Sumbiluliuma) ۽ متانيائي (Mitannian) بادشاهه متيواز (Mattiwaza) جي وچ ۾ ٺاهه (13 سَو ق.م) متر (Mitra)، ورڻ (Veruna)، اندرَ (Indra) ۽ مَستيا[3] (Masataya) جا نالا ڄاڻائي ٿو، جيڪي رگويدي آرين جا خدا/ديوتا (Gods) هئا. هٽين سلطنت لوهه رجائي سگهڻ وارو راز صدين تائين لڪائي رکيو. انڊو-ڪئپسيائين (آرين) کي هٽين سان شايد ڪنھن قسم جو لاڳاپو هو. 12 سَو ق.م ڌاري هٽين سلطنت ۾ ڦوٽ کان پوءِ ئي اهو ممڪن ٿي سگهيو ته لوهه پگهرائڻ جا هنر اولھائين ايشيا، ڪيڪاس (Caucasus، ڪوهه قاف) ۽ اوڀرائين ۽ مرڪزي يورپ ڏانھن پکڙيا پر اپکنڊ ڏانھن نه. اهو هنر ايران ۾ 11 سَو ق.م ڌاري ۽ سوات ۾ 1050 ق.م ڌاري پھتو. بلوچستان ۾ ان جي موجودي 850 ق.م ڌاري ثابت ٿئي ٿي. لوهه خاڪي ٿانون (Grey-ware) سان ۽ پوءِ آرين سان لاڳاپيل هو ۽ ان ڪري اهو سمجهڻ ئي درست ٿيندو ته رگويدي آريا، انڊو-پاڪ اپکنڊ ۾ 1050 کان 750 ق.م ڌاري تائين واري عرصي دوران پھتا هوندا. ان ڪري آرين جي سنسڪرت ٻولي اپکنڊ ۾ انھيءَ عرصي کان آڳاٽي ۽ اترادي اپکنڊ جي ٻولين جي ماءُ ٿي ئي نه ٿي سگهي. سنسڪرت هندو ٻاون جي طبقي جي ٻولي هئي ۽ اپکنڊ جي ڪنھن به صوبي جي (عوام جي) ٻولي نه هئي. حقيقت ۾ ان جون پاڙون گھريون نه هيون. 6 صدي ق.م ڌاري ٻڌمت جي اوسر سان مذهب جي رسمي ٻولي طور پالي (Pali) ڪم ايندي هئي پر ان جو سنڌي ٻوليءَ تي اثر ٿيو هجي اهڙي ڪابه شاهدي نه ٿي ملي ۽ ان شاهديءَ جي به کوٽ آهي ته ٻڌمت پنھنجي اوائلي ڏينھن ۾ ڪو سنڌ اندر پکڙيو هجي. چوٿين صدي ق.م ڌاري ماٿيل سنڌ ۾ برهمڻ ڏاڍا مضبوط هئا ۽ ان جي پڪي شاهدي ملي ٿي. سنڌ ۾ سرحدن ويجهو شھباز ڳڙهي ۾ اشوڪ (Ashoka) پاران ٺُلھن تي ڪرايل اُڪر ]جنھن وسيلي مختلف حڪم پڌرا ڪيا ويا[ ۽ گنڌارا وارا نوشته  (Inscriptions) ڏيکارن ٿا ته پالي مقامي ٻولين جي اثر هيٺي اچي وئي هئي ۽ ان ڪيترائي مقامي ٻولين جا لفظ قبول ڪري ورتا هئا ۽ ڊِسيپيٽنگ (Discipating)(؟) هئي. پالي اها ٻولي هئي جيڪا بھار ۾ ڳالھائي ويندي هئي ۽ اها چندر گپت موريا جي راڄوڪي (321-298 ق.م) هئي جنھن ۾ ان کي سلطنت جي سرڪاري ٻوليءَ طور رائج ڪيو ويو هو. گنڌارا وارا نوشته ڏيکارن ٿا ته پالي ٻوليءَ ڪشميري، سنڌيءَ ۽ سرائيڪيءَ سان ڪي ساڳيائپون (Similarities) پيدا ڪري ورتيون هيون. انھن ڏينھن ۾ ان جون اتر-اولھائين اپکنڊ ۾ ٽي مختلف صورتون اڀري آيون هيون: پھرِين سنڌ ۽ راجپوتانه ۾، ٻِي گجرات ۾ ۽ ٽِين مرڪزي انڊيا ۾. پنھنجي صورت وڃائي پراڪرتن (Prakrits) کي جنم ڏيڻ جو سبب اهو نه هو ته ڪو پالي ٻولي مقامي ٻولين سان رلي ملي وئي هئي. موريا درٻار ۾ لکشڻ (Lakhshan) 300 ق.م ڌاري پراڪرت ٻوليءَ جو وياڪرڻ (گرامر) لکيو هو پر ان بابت اهو چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو ته اهو ان پاليءَ جو وياڪرڻ آهي جيڪا بھار ۾ آخري صدي ق.م جي پوئين اڌ ۽ پھرئين صديءَ عيسويءَ جي پھرئين اڌ دوران ڳالھائي ويندي هئي. سنگم (Sangam) شاعري تامل ٻوليءَ ۾ ڪئي وئي. ان شاعريءَ ۾ سنڌ لفظ ۽ سنڌي وياڪرڻي لاڙا ڳولڻ لاءِ سنڌي عالمن اڃا ان جو اڀياس نه ڪيو آهي. سنڌ ٻوڌين جي سگهاري اثر هيٺ ڪُشنَن (Kushans) کان پوءِ ئي اچي سگهي (65-140ع). توڻي جو سِٿين (Sythian) ۽ پارٿيُن (Parthian) ان کي سنڌ ۾ ڪي هڪ سَو ورهه اڳ جاري ڪيو هو. ان ڪري ظاهر آهي ته سنڌيءَ تي پاليءَ جو اثر پھرِين صدي عيسويءَ کان پوءِ ئي ٿي سگهيو هوندو.
13-  مٿيون بحث ڏيکاري ٿو ته مقامي ٻولين تي سنسڪرت جو اثر بلڪل ٿورو هو. اخميني (Achaemenian) پارسيُن هاڻوڪو پاڪستان 519 ق.م ۾ فتح ڪيو پر پھلوي (Pahlavi) کي سرڪاري ٻولي طور رائج نه ڪيو، ان جي بدران انھن آرامي (Aramaic) ٻوليءَ کي پنھنجي سلطنت جي ٻوليءَ طور واهپي ۾ رکيو، جنھنڪري خروشتي (Khroshti) لکيت اڀري ۽ انڊين لکتن ۾ هڪ جاءِ والاريائين. 375 ق.م ڌاري، آرامي ۽ فونيشين (Phoenician) لکيتن مان بروهڪي (براهوي، Brahvi) ۽ خروشتي لکتون اڀريون جن گهڻين ئي يورپي لکيتن (Script) کي جنم ڏنو. انھن لکيتن ۾ وائل (Vowels، سُرَ) نه هئا ۽ اهي اناطولي (Antolian) اثرن جي ڪري پوءِ ڳنڍيا ويا.[4]
14-  اڳ ڪيل ڳالهه ٻول مان اهو پڌرو آهي ته اهي نه ته سامي ٻوليون هيون ۽ نه وري سنسڪرت، جن سنڌي ٻوليءَ کي ڄڻيو هجي. سنڌي اپکنڊ ۾ اسريل اها ٻولي آهي جيڪا ڏکڻ ايران کان ايندڙ انھن ماڻھن جي اَٺن لاڏائو ڇولين (Waves) سبب، 3100 ق.م ـــــــــ 1100 ق.م تائين، اڀري، جن کي اڄ آڳاٽا/قديم سٿي (Sythian) سڏيو وڃي ٿو. اهي پوءِ آيل سٿين جا ڏاڏاڻا هئا جن 80 ق.م ڌاري ]هاڻوڪي سڄي[ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪجهه حصي تي فتح حاصل ڪئي. سنڌين جا مھانڊا اهي ساڳيا آهن جيڪي سٿين جا ]۽[  اها ڳالهه رسلي، گوها ۽ سورلي (Sorley) سميت اپکنڊ ۾ تحقيق ڪندڙ ڪيترن ئي مانسڄاڻڪن (Anthropologists) جي بيان ڪيل آهي. انھن جي خيال موجب سٿين جا وڏا وڏا جٿا 80 ق.م کان 46ع تائين سنڌ والارڻ لاءِ ايندا رهيا، ۽ ان ڪري سنڌي سٿين جھڙا ڏيکارجن ٿا. انھن کي خاطري  هئي ته سنڌو ]راهپ وارا[ ۽ اڳ-سنڌو ]راهپ وارا[ دراوڙ هئا جن کي اتر اپکنڊ مان ڏکڻ ڏانھن آرين تڙي ڪڍيو ۽ ان ڪري رڳو انڊو يورپين نسل اترادي انڊيا ۾ رهجي ويو. اهو نظريو موهين جي دڙي، سيميٽري-ايڇ ۽ جنڪر ماڳن تان لڌل کوپڙين جي چڪاس کان پوءِ پوريءَ طرح رد ڪيو  ويو آهي. اهي سمورا ماڻھو ”آڳاٽا سِٿي“ هئا جيڪي پاڻ آڳاٽا انڊو-يورپين هئا ۽ شايد هڪ ٻئي سان ويجهي مائٽي رکندڙ ٻولين مان ڪا هڪ ٻولي ڳالھائيندا هئا ۽ سنڌو ماٿر ايراضيءَ ۾ انھن ٻولين جي گڏپ هڪ نئين ٻوليءَ يا ساڳي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي محاورن کي جنم ڏنو. اهوبه ڏيکارجي ٿو ته انھن ٻولين تي بڻائتن (Original) وچپھڻي دراوڙ ماڻھن جو پڻ اثر پيو جن جي ماڻھو- ڳڻپ 20-25 سيڪڙو تائين هوندي ۽ انھن جي ٻولين مان ڪيترائي لفظ ۽ وياڪرڻي گڻ جذب ڪيا ويا هوندا.
15-  اها پڪ آهي ته اپکنڊ ۾ سنسڪرت گهڻو دير سان پھتي ۽ ان هڪ محدود دائري اندر مقامي ٻولين تي اثر وڌو هوندو ڇو ته اها رڳو ٻاون جي طبقي جي ٻولي هئي. سنڌو راهپ جا هنڌ جيڪي هاڻي پنجاب جي حدن کان به ٻاهر اتر پرديش ۾ به لڌا ويا آهن ۽ ان جي اها وسعت ڏيکاري ٿي ته سنڌو سڀيتائي ٻولي پڻ لاڏائن سان گڏ انھن ايراضين تائين سفر ڪيو ۽ مقامي دراوڙي ٻولين تي اثر وڌو جن مان اوڀرايون دراوڙي ٻوليون اڀريون، جيئن هندي، بھاري، بنگالي ۽ آسامي، جن تي موٽ ۾ وري سندن مقامي دراوڙ ٻولين اثر ڪيو. پالي ٻڌمت جي مذهبي ٻولي ٿي پئي ۽ ٻڌمت سڄي اپکنڊ ۾ ڪجهه صدين لاءِ هڪ عوامي مذهب جي حيثيت اختيار ڪري ورتي. اها مقامي ٻولين جي اثر هيٺ وڌيڪ آئي بنسبت ان جي ته انھن تي هن جيڪو اثر ڇڏيو. پراڪرت سڏيون ويندڙ اپکنڊ جون مقامي ٻوليون، سمجهيو ٿو وڃي ته مقامي ٻولين تي پاليءَ جي اثر جو نتيجو هيون. اها ڳالهه شڪ جوڳي آهي، ڇو ته سنڌو راهپ جي انڊويورپين ٻولي ڏکڻ ۾ اڳ ئي ڪاٺياواڙ تائين پھچي چڪي هئي ۽ مرهٽي (Marahati) ٻوليءَ جي اوسر ۾ اوس واهر ڪئي هوندائين. پراڪرت مان سنڌيءَ جي اوسر بابت اهي وڏا وڏا بيان، جيڪي غلط رهنمائي ڪن ٿا، هيمچندڙ واري گرامر تي بيٺل آهن. هو تيرهين صدي عيسويءَ ۾ مھاراشٽر جي چالڪيه (Chaulukaya) بادشاهن جي درٻار ۾ رهندو هو ۽ سنڌ سان سندس تعلق ڪو معمولي هو. پراڪرت ٻولي جو اهو گرامر جيڪو هن لکيو، درحقيقت، سندس دَور جي مرهٽي ٻوليءَ جو گرامر آهي. هن سنڌ جي ٻوليءَ بابت لکيو ته اها اپـڀرنش (Apbharansa) سڏي وڃي ٿي جيڪا اڀرين (Abhiras) (اهي جيڪي مال چاريندڙ هئا) جي ٻولي آهي جيڪي راڳ ڳائيندا (گيت جهوگاريندا) هئا ۽ ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪندا هئا. اپکنڊ جي ڪيترن ئي ٻوليڄاڻڪن (Linguists) اهو بيان ڪم آڻيندي چيو آهي ته سنڌي ٻولي پراڪرت مان ٻارهين صدي عيسويءَ کان پوءِ اسري، پر اها ڳالهه سراسر غلط آهي. سنڌي نائين صدي عيسويءَ ۾ به ڳالھائي ۽ لکي ويندڙ ٻولي هئي جيئن ڪيترين ئي عرب لکڻين منجهان بَکي ٿو. اهڙو ڪو به نُڪتو نه ٿو ملي ته اپڀرنش سڏي ويندڙ ٻولي سنڌ ۾ ڳالھائي ويندي هئي. عرب ليکڪ چٽيءَ طرح بيان ڪن ٿا ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ڳالھائي ۽ لکي ويندي هئي.
16-  اها دعوى ته سنڌي هڪ سامي ٻولي آهي ڪنھن به ٺوس بنياد تي بيٺل ناهي. سنڌ ۾ 712ع ۾ عرب سوڀ کان اڳ ڪنھن به طرح سامي اثر موجود نه هو. سنڌ ۾ عرب اقتدار پنجويھه ورهن ۾ يعني 738ع تائين پڄاڻي تي پھچي چڪو، جنهن کان پوءِ اهو گهٽجڻ شروع ٿيو. 737-738ع ڌاري سنڌ جي مختلف شھرن مان عربن کي اٿاري محفوظه ۾ آباد ڪيو ويو جتان پوءِ لڏائي ان جي ڀرسان شھر بھمڻ آباد ۾ وسايو ويو، جنھن کي منصوره نالو ڏنو ويو هو. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڏهين صديءَ جي وچ ڌاري خود منصوره شھر ۾ سنڌي ۽ عربي ٻئي ٻوليون ڳالھايون وينديون هيون پر گادي (منصوره) جي ٻاهران (ان جي ڀرپاسي توڻي پري وارن ڳوٺن ۾) سنڌي هلندڙ هئي. خاص ڪري اٺين صديءَ جي پڄاڻيءَ ۽ نائين صديءَ ۾ راهپي ڏي وٺ ٿي. پر حقيقت ۾ اها هڪ طرفي هئي يعني مختلف سائنسي شعبن ۾ مھارت رکندڙ عالم سنڌ ۾ اپکنڊ مان نڪري بغداد وڃڻ لڳا. عرب دنيا مان ڪي مذهبي پرچارڪ سنڌ ۾ آيا ۽ انھن ضرور سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪن لفظن جو واڌارو ڪيو هوندو، پر ايئن جيئن هڪ ٻئي مذهبي ٻولي پاليءَ اٺ سَو ورهه اڳ ڪيو هو. اهي مذهبي پرچارڪ نه هئا جن سنڌ تي (مذهبي) اثر ڇڏيو، پر اسماعيلي مبلغ (تبليغ ڪندڙ، مذهبي پرچارڪ) هئا جن ٻارهين صديءَ جي پوياڙيءَ، تيرهين صديءَ ۽ چوڏهين صدي عيسويءَ جي ابتدا دوران مذهبي پرچار لاءِ مقامي ٻوليون ڪم آڻيندي ماڻھن تي (مذهبي) اثر وڌو.
سنڌيءَ ۾ عربي لفظن جو چڱو چوکو مقدار جذب ٿيو پر آڳاٽي سنڌي ڪيترن ئي عربي لفظن کان وانجهي آهي. عربي لفظن جي جذب پذيري فارسيءَ جي سڌي اثر جو نتيجو هئي، جيڪا سنڌ جي امڪانن سومرا دَور جي پڄاڻيءَ کان وٺي سرڪاري ٻولي ٿي رهي. سنڌيءَ تي عربيءَ جي ان محدود اثر ڪري ائين  وسھي نه ٿو سگهجي ته اها ڪو عربيءَ مان نڪتي آهي.
17-  آخر ۾، نتيجو سھڙيندي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت، پالي پراڪرت يا عربيءَ مان نڪتل/اسريل نه آهي. اها آڳاٽين انڊو-يورپين ٻولين مان (جن مان سنسڪرت ۽ پھلوي ٻوليون پڻ اسريون) چوويھه سَو ورهن جي عرصي دوران (3100 ـــــــ 750 ق.م) اسري نڪتي. آڳاٽيون انڊو-يورپي ٻوليون ڏاکڻي ايران ۾ ”آڳاٽا سِٿي ماڻھو“ ڳالھائيندا هئا جن سنڌو ماٿر سڀيتا وارين ايراضين ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي ۽ دراوڙن سان لھه وچڙ ۾ آيا ۽ انھن ٻولين جي ميل جول هڪ نئين ٻولي پيدا ڪئي، تنھن کان پوءِ اها ٻولي هوري هوري اوڀر پاسي بنگال ڏانھن ۽ ڏکڻ پاسي مھاراشٽر ڏانھن سُرڻ ۽ پکڙڻ لڳي ۽ مقامي ٻولين جا لفظ ۽ وياڪرڻي گڻ جذب ڪندي وئي، تان جو اپکنڊ ۾ ڪيترين ئي انڊو-يورپي ٻولين جي اوسر لاءِ پيڙهه رکيائين. پاليءَ جو ان تي تمام ٿورو اثر پيو. پراڪرت ٻوليءَ سان ان جي هڪجھڙائيءَ جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ڪو ناهي ته پراڪرت ان مان ڦُٽي نڪتي آهي. ان جو سنسڪرت سان ناتو پراڪرت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پَـرانھون آهي. ان جون پراڪرت سان ساڳيائپون محض ان ڪري آهن جو ٻئي ايران مان آيل آهن ـــــــــ سنسڪرت اترادي ايران ۽ ڪئسپيائي روس (Caspian Russia) مان ۽ سنڌي ڏاکڻي ايران مان، پر اپکنڊ ڏانھن سندن لڏپلاڻ ۾ 2-هزار ورهن جي وٿي آهي. سنڌيءَ ۾ عربيءَ جي لفظن جي جذب پذيري ان ڪري ٿي جو عربي مذهبي ٻولي ٿي رهي ۽ انھيءَ حيثيت ۾ لاڳو ٿيندي رهي. 1000ع کان پوءِ، سنڌي ڪيترين ئي سماجي-مذهبي ۽ سماجي-سياسي تحريڪن جيئن اسماعيل مت، صوفي مت ۽ جاگيرداريءَ خلاف تحريڪ کان اثر وتو. اهو عرصو بھرحال، هن موضوع جي دائري کان ٻاهر آهي.
(نوٽ: هن متن ۾ ڪم آندل سن ”ڪرڻا-ڪاريه-تاريخن“ (ريڊيو-ڪاربان ڊيٽس، Radio-Carbon Dates) جي بنياد تي بيھاريل آهن ۽ انھن ۾ ايم.اي.ايس.ڪي.اي (M.A.S.K.A) درستيون شامل ڪيل ناهن. مضمون ۾ ڄاڻايل سمورن سنن لاءِ ليکڪ جو ڪتاب ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ فرام جيالاجيڪل ٽائيمس ٽُ دَ رائيز آف سماز اِن 1352ع ڏسڻ گهرجي.(
نوٽ: هيءُ ليک پنهور صاحب جي انگريزي مقالي ”لئنگويج آف سنڌ: 4000 ق.م ــــــــ 1000ع“ (Language of Sindh: 4000 B.C 1000 A.D) جو ترجمو آهي.


[1]  هن نقطي هيٺ هاڻي تائين ڪيل ڳالھيون خود پنھور صاحب جن جي ڪيترن ئي مضمونن جي حوالي سان هڪ تضاد رکن ٿيون. ڏسو: سنڌ ۾ ماڻھو ـــــــ پاٿر ڄمار کان نَوپھڻي تائين، سنڌ جون ٻوليون ــــــ آمريءَ جي اوسر کان منصوره جي ميسارجڻ تائين، آرڪيالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ، ڊيولپمينٽ اِن دي اسٽڊي آف هسٽري اينڊ آرڪيالاجي آف سنڌ وغيره. - سنڌيڪار
[2]  اهي لفظَ مُنجھائيندڙ آهن. ڪلئمائيٽ بدران الئمائيٽ (Elamite) هجڻ گھرجي ۽ پارپولا، توڻي جو نالو آهي، هتي ان جو مفهوم سمجھ ۾ نه ٿو اچي. - سنڌيڪار
[3]  سنڌ جون ٻوليون“ مضمون ۾ هِٽين بدران هِٽائيٽين (Hittitian) متيواز  بدران متياور (Mattiaver) ۽ مستيا بدران نستيا نالا ڄاڻايل آهن. - سنڌيڪار
[4]  سنڌيڪار سمجهي ٿو ته ڪا به ٻولي بنا وائل (Vowelless) نه ٿي ٿي سگهي. البته اهو ٿي سگهي ٿو ته وائل جو تحريري نشان يعني اکر (Letter) پوءِ ٺاهيو ويو هجي. هتي به تحريري نشان واري وائل جو ذڪر آهي.

No comments:

Post a Comment