محبت
ٻرڙي جون بي تڪلف ڳالهيون
س: نالو سڄو؟
ج: محبت علي ٻرڙو.
س: سڃاڻپ؟
ج: 1. بنيادي موضوعن تي ليڪچر ڏيڻ،
2. مختلف موضوعن تي لکڻيون/ترجما،
3. علمي گفتگو ڌيان سان ٻڌڻ.
س: پيدائش جي تاريخ ۽ جاءِ؟
ج: 25 مارچ 1952ع، قنبر.
س: تعليم؟
س: پيشو؟
ج: ڊاڪٽر (ميڊيڪل پرئڪٽشنر).
س: پهرين ملاقات ۾ ماڻهوءَ جي ڪهڙي
ڳالهه جو جائزو وٺندا آهيو؟
ج: سندس سڄاڻ ۽ سڀاءُ جو.
س: توهان جي روزاني زندگي جو
بنيادي اصول؟
ج: 1. جو ئي آهيان سو ئي آهيان،
2. عزت ڏبي علم کي، فضيلت کي، خلوص کي.
س: اداس لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
ج: 1. اداس ٿيندو آهيان،
2. ڇنڊڇاڻ ڪري ڏک کي سهڻ، ڪارڻن کي حل ڪرڻ ۽ مصيبت جو مقابلو ڪرڻ.
س: خوش لمحن ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
ج: 1. دل و جان سان خوش ٿيندو آهيان،
2. سڌ هوندي اٿم ته ڪاش! ڏک جيان سک جي پَتي به سڀ کي ملي.
س: ڪهڙي ڳالهه تي خوش ٿيندا آهيو؟
ج: ڪا هڪ ناهي: 1. بي غرض مرڪ جا چپڙن تي ٽڙي،
2. پيار جيڪو من ۾ هجي ۽ اکڙين مان ڦٽي.
س: ڪهڙي ڳالهه تي چڙ ايندي اٿو؟
ج: گھڻيون ئي آهن، غداريءَ تي، ڪوڙ تي، ڌوڪي تي
... قول ۽ فعل ۾ تضاد تي.
س: ڪهڙين ڳالهن تي روئڻ ايندو اٿوَ؟
ج: 1. خلوص ۾ شڪ تي،
2. پيار ۾ غلط فهمي، ڦيٽاري ۽ وڇوڙي تي،
3. حياتيءَ ۾ ناجائز ڏک تي،
4. ڪنهن جو حق کاڄي وڃڻ تي،
5. بي پناهه خوشيءَ تي (ڪنهن جي به هجي).
س: توهان جي عادت، جنهن مان گھر
وارا بيزار هجن؟
ج: هوڏ! (ڀلي تعميري ڪم ۾ هجي).
س: سپنا جيڪي ساڀيا ٿيا؟
ج: 1. پنهنجي پورهئي تي جيئڻ (ڀلي ڏک ڀريو هجي)،
2. پڙهي لکي ڳالهائي سگھڻ،
3. هڪ زال جيڪا پياري هجي،
4. هڪ پٽ جيڪو سوال پڇي ۽ هر موضوع تي سوچي.
س: ڪو واقعو جيڪو توهان کي ڪنڊي
جيان چڀندو هجي؟
ج: هڪ ناهي ...
س: اها گھڙي جنهن حياتي بدلائي
ڇڏي؟
ج: زندگيءَ ۽ شعور جي بڻ بنياد جو ادراڪ.
س: آرسي ڏسڻ سان خيال ايندو اٿوَ؟
ج: مختلف وقتن تي مختلف:
1. ڪاش رسمي معيارن موجب سهڻو هجان ها،
2. سچ نيٺ سوڀارو ٿيندو ”... ڇا واقعي؟“
3. سلڇڻو ٿي رهه، ”... ڇو نه ٿو رهين؟“ ...
س: توهان جي ننڍپڻ جا ڏينهن؟
ج: سادا، سچا سٺا ۽ بيپرواهه (جيتوڻيڪ خوشيءَ
گاڏڙ ڏک ڀوريا).
س: ڪاش! زندگيءَ جا اهي ڏينهن موٽي
اچن؟
ج: اهڙن وهمن ۾ رهڻ پسند ناهي.
س: شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪهڙو
سبجيڪٽ نه وڻندو هو؟
ج: سڀ سٺا، اڃا سوڌو.
س: وڻندڙ شعر؟
ج: گھڻائي آهن:
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تن جو صــرافــن، اڻـتـوريو اگـھائـيو.
س: وڻندڙ اديب؟
ج: گھڻائي آهن، سوفوڪليز کان وٺي سراج تائين.
س: وڻندڙ سياستدان؟
ج: رسول بخش پليجو ـــــــــ وطن، قوم، نظريي،
تنظيم ۽ عوام سان غداري ڪندي ظاهر ٿيڻ کان اڳ (شهيد فاضل جي شهادت) تائين.
س: وڻندڙ شهر؟
ج: ” مدينة العِلم“... ڄام شورو، سپر هاءِ وي جي اولهندي
پاسي واري ايراضي.
س: وڻندڙ رنگ؟
ج: ڇا ۾؟ قدرت ۾، جسم ۾ يا ڪپڙن ۾؟ مناسب شيڊ ۾
سڀ.
س: وڻندڙ ٽي وي پروگرام؟
ج: ڪارٽون ۽ مختلف وقتن تي مختلف سلسلا، جيئن
نيچرل ورلڊ، سائنس فڪشن، ايڊوينچرس، عجائبات وغيره.
س: وڻندڙ ريڊيو پروگرام؟
ج: ريڊيو ٻڌڻ جو مناسب وقت نه ٿو ملي.
س: 24 ڪلاڪن مان وڻندڙ ڪلاڪ؟
ج: جنهن ۾ ذهني اطمينان ميسر هجي، اڪثر ڪري پرهه
ڦٽي مهل.
س: وڻندڙ ڏينهن/مهينو؟
ج: جنهن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ پورو ٿئي.
س: وڻندڙ لباس؟
ج: مختلف حالتن ۾ مختلف، سلوار قميص، فل سوٽ،
قدرتي ...
س: وڻندڙ راند؟
ج: 1. کليل ميدان ۾ پولو ۽ ڏُڪلو ڏَڪر،
2. ننڍي ميدان ۾ ٽينس،
3. ڪمري ۾ ٽيبل ٽينس،
4. ننڍي ڪمري ۾ شطرنج،
5. اخبار ۾ ڪراس ورڊ،
6. پاڻيءَ ۾ ترڻ،
7. هوا ۾ پيراشوٽ جمپ... باقي،
8. پيار جي راند ڪير به ڪري ڪٿي به کيڏي (مثال طور گُلرن ۽ پلونگڙن جي پاڻ ۾
کيچل به).
س: وڻندڙ رانديگر؟
ج: مختلف وقتن تي مختلف.
س: وڻندڙ سواري؟
ج: جيپ (روڊ تي).
س: وڻندڙ خوشبوءِ؟
ج: 1. قدرتي ... رابيل جي،
2. هٿرادو ... ”چارلي“.
س: وڻندڙ گل؟
ج: سڀ ... گلاب.
س: وڻندڙ شاعر؟
ج: گھڻائي آهن... هومر، بلائيٽس، (حضرت) علي ۽
خيام کان وٺي سعيد ميمڻ تائين، باقي لطيف سان مون کي عقيدت آهي.
س: وڻندڙ ڪتاب؟
ج: گھڻائي آهن، خصوصاً هر شعبي جا بنيادي ڪتاب
۽ انهن تي بحث ڪندڙ تحقيقي ڪتاب.
س: وڻندڙ اخبار؟
ج: 1. ”هلال پاڪستان“ (1970ع کان 1980ع)
2. ”جاڳو“،
3. ”عوامي آواز“، ۽ ”ڪاوش“ کي ملائي ”هڪ اخبار“ سمجھي پڙهڻ.
س: وڻندڙ صحافي؟
ج: غلام نبي (جي اين) مغل (سنڌي ۾) ۽ ڪجھ ٻيا.
س: وڻندڙ ايڊيٽر؟
ج: محمد ابراهيم جويو (1955ع کان 60ع)، غلام
محمد گرامي (60ع کان 70ع)، طارق اشرف (67ع کان 92ع).
س: وڻندڙ فلم؟
ج: هر اهو فلم جنهن ۾ ذهن، سماج، زندگيءَ ۽
سنسار جو ڪو به پهلو سٺي نموني نروار ٿيل هجي.
س: وڻندڙ اداڪار/اداڪاره؟
ج: گھڻا/گھڻيون ئي آهن، نالن کان وڌيڪ ادا ڪيل
ڪردار تي ڌيان.
س: وڻندڙ گلوڪار/گلوڪاره؟
ج: گھڻا/گھڻيون ئي آهن، نالن کان وڌيڪ آواز،
موسيقيءَ ۽ شاعريءَ تي ڌيان.
س: وڻندڙلوڪ فنڪار/فنڪاره؟
ج: ”ٽلي” ۽ ”گھڙي“ کان وٺي، ”بوڙينڊي“ ۽ ”چنگ“
تائين هر شعبي ۾ مختلف ــــــــــــ علڻ فقير،
شازيا خشڪ. (حقيقت ۾ توهان جا سوال، ”اديب“ کان ”فنڪار“ تائين، سڀ منجھيل آهن. مثال
طور: اديب عام طور فڪشن ليکڪ کي سمجھو ويندو آهي، جڏهن ته منهنجي لاءِ ائين ناهي.
حياتي، سفر، مضمون وغيره جو ليکڪ ڇا اديب ناهي؟ اديب ڪٿان جو، ڪهڙي دور جو ۽ ڪهڙي
شعبي جو؟ برٽرانڊرسل کي، مثال طور: ڪهڙي شعبي جو ماڻهو چوندؤ: فلاسفر، رياضيدان،
سياستدان، ليکڪ؟ هن جون امن لاءِ ڪوششون ۽ سامراجي قوتن تي ٽريبونل وهارڻ کي ڇا
چوندؤ؟ اهڙيون ٻيون به گھڻيون ئي ڳالهيون اوهان جي ڪيل سوالن ۾ منجھائيندڙ آهن.)
س: وڻندڙ گيت؟
ج: گھڻائي آهن: ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي...“
(عمر ميمڻ جي آواز ۾، بنا موسيقي جي، بدين کان هڪ ڳوٺ ويندي، ڪسيءَ جي ڪڙ تي، ٻنين
جي وچ ۾).
س: وڻندڙ کاڌو؟
ج: سڀ (دال ۽ واڱڻن کان سواءِ).
س: وڻندڙ مشروب؟
ج: گھڻا ئي آهن: ٿاڌل (چانهه، جيڪڏهن مشروب
سڏيو ته).
س: وڻندڙ ميوو؟
ج: قدرت جي نعمت تي آءٌ ڪو ارهو!؟
س: وڻندڙ ڏڻ؟
ج: ”ويا ويچارن وسري.“
س: وڻندڙ موضوع؟
ج: هر هڪ، جيڪڏهن موضوع هجي.
س: ڪهڙي جانور/پکي/جيت کان ڊپ
ٿيندو اٿوَ؟
ج: مناسب اپائن هوندي ڪنهن کان به نه (ڳجھ کان
ڪرڀ ايندي آهي).
س: ڪهڙي سفر کان ڊپ ٿيندو اٿو؟
ج: ڪو به اهڙو ناهي.
س: موسيقي ڪهڙي ٻڌندا آهيو؟
ج: هر قسم، جي رڳو هارمونڪ هجي.
س: توهان جي نظر ۾ سائنس جي بهترين
ايجاد؟
ج: هزارين آهن... هن وقت ڪمپيوٽرائيزڊ روبوٽ.
س: هڪ وهم، جيڪو توهان کي پريشان
ڪندو هجي؟
ج: ”الا ائين مَ هوءِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
”هئي سنـــــــــڌ ۽ سنـــــــڌ وارن جي
ٻــولـي“.
س: هڪ شخصيت جيڪا شدت سان ياد
ايندي اٿو؟
ج: هوچي منهه/ فاضل راهو.
س: توهان طبيعت جي لحاظ کان ڪهڙي
قسم جا ماڻهو آهيو؟
ج: سنجيده، ... کِلمُک ۽ فضيلت ڀريا ماڻهو
وڻندا اٿم.
س: هڪ غلطي جنهن تي پشيمان ٿيا
هجو؟
ج: مون سمجھو ته هن کي پيار آهي، ”گڏهه“ (ڪم
عقل) ناهي.
س: هڪ ڪم جنهن تي فخر اٿـــوَ؟
ج: انسان دوستيءَ کي بنيادي موضوع بنائي لکڻ جو
ڪم.
س: توهان جو مشن ڇا آهي؟
ج: 1. قدرتي، سماجي، ذهني غلاميءَ خلاف جنگ،
2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جا بنياد رکڻ.
س: زندگيءَ جي خوهش جنهن لاءِ جيئو
ٿا؟
ج: 1. علمي واڌارو،
2. سچائيءَ جي پرچار.
س: توهان کي جيڪڏهن خط لکجي ته
ڪهڙي ايڊريس تي؟
ج: لطيف ڪلينڪ، قنبر - 77210.
(هفتيوار ’سنڌو‘ حيدرآباد، نومبر 1992ع)
No comments:
Post a Comment