11/10/2012

سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟ - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟

هن وقت سنڌ جو سياسي وايو منڊل ڪجھ ان قسم جو ٺاهيو ويو آهي جو ڀارتي لساني ٽولي سان واسطو رکندڙ سنڌين جا ڏٺا وائٺا قاتل دهشتگرد جيڪڏهن (اتفاقن ئي سهي) سڳ سوڌا پڪڙيا وڃن ٿا ته جھٽ کان پوءِ بنا حساب ڪتاب جي جيئرا جاڳندا ڇُٽيو وڃن، جڏهن ته بيگناهه سنڌي ماڻهن (جيڪي شهرن ۾ رهن ٿا يا ڳوٺن ۾) ۽ سياسي ڪارڪنن کي بنا ثبوت جي ۽ ڪيس هلائڻ کان سواءِ ئي سرڪاري ايجنسين وسيلي اغوا ڪيو ۽ مقابلو ڪندي مارجندو ڏيکاريو پيو وڃي. جيڪي سچ پچ دهشتگرد ۽ قاتل آهن انهن کي حق پرست، جمهوريت پسند ۽ قانون جو محافظ سڏي ساراهيو، ۽ جيڪي بيگناهه آهن انهن کي انڊيا ۾ سکيا ورتل دهشتگرد ۽ ڌاڙيل سڏي ماريو پيو وڃي. شهود هاشميءَ ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري ۽ آزادي ۽ شاهبندر واقعي، ڄامشوري واقعي ۽ يوسف جکراڻي سميت دادو جي جبلن مان هٿ آيل سڙيل لاشن ۽ مختلف ٿاڻن تي رشوت جي آسري ۾ واڙيل سوين بيگناهه سنڌين جي ڏک ڏيندڙ منظرن سان گڏ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ اندر ٿيل وڏا واقعا منهنجي اکين آڏو آهن ۽ اهي بيان پڻ جيڪي گذريل ڪجھ ڏينهن ۾ خاص طرح سنڌ ۾ لشڪري قوتن جي اچڻ کان پوءِ پاڻ کي سنڌ (يا پاڪستان) ۽ سنڌين (يا پاڪستاني عوام) جو خيرخواهه سڏائيندڙ سياسي اڳواڻن جاري ڪيا آهن.
سنڌ ۾ لشڪري قوتن جو اچڻ ڇا ٿو ٻڌائي؟
سرڪاري ٻوليءَ موجب سنڌ ۾ امن امان جون حالتون بيحد خراب ٿي ويون آهن جن کي قابو رکڻ ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ لشڪري قوتن کي گھرايو ويو آهي، نه ڪي سياسي مخالفن يا عوام کي دٻائڻ لاءِ. ان جو صاف مطلب هي ٿيو ته ڄام صادق ۽ مظفر حسين شاهه، سنڌ جي حاڪمن، توڙي پاڪستان جي حاڪمن جون اهي دعوائون ته سنڌ ۾ امان امان جي صورتحال مسلسل سڌري رهي آهي، ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون هيون، انهن اڍائي سالن کان لاڳيتو ڪوڙ پئي ڳالهايو ۽ عوام کي ڌوڪي ۾ پئي رکيو آهي.
مخالف ڌر (پي ڊي اي) ۽ سنڌ جي نام نهاد گھڻگھرن سياستدانن شڪ ڏيکاريو ته اهڙيءَ طرح متان سياسي مخالفن ۽ عوام سان بي واجبي ٿئي، باقي هن کي لشڪري قوتن جي اچڻ ۽ انهن وسيلي امن امان قائم ٿيڻ بابت ڪو به شڪ يا اعتراض ناهي. جي ايم سيد صاحب ته انهن جي آجيان به ڪري ڇڏي ۽ قائم علي شاهه صاحب اها گھر به ڪئي آهي ته سمورا اختيار فوج جي حوالي ڪيا وڃن.
اهڙيءَ طرح لشڪري قوتن جي سنڌ ۾ اچڻ ۾ امان امان قائم ڪرڻ بابت حڪمرانن توڙي ٻين سياسي اڳواڻن جي اخباري ٻولي سَو سيڪڙو هڪ جھڙي ٿي پئي آهي. ضياءَ پاران ڊڪٽيٽر ۽ جمهوريت مخالف عوام دشمن جنرلن جي جانشين ۽ عوام جي خيرخواهن جي ٻوليءَ ۾ هڪ جھڙائي پيدا ٿيڻ جا ڪارڻ (خبر ناهي!) ڪهڙا آهن؟
سنڌ ۾ لشڪري قوتن جي اچڻ ۽ ”امن امان قائم“ ڪرڻ جو صاف سٿرو ۽ چٽو مطلب هي چئبو ته نگران حڪومت گھوٻيون هڻي جيڪي نمائندا چونڊرايا، اهي ڪنهن به ڪم جا ناهن، اهي لوڀي، ٺوڳي، ڪوڙا ۽ بدمعاش آهن (۽ ان ڪري سچ پچ عوامي راءِ سان چونڊيل نمائندا به اهڙا ئي آهن)، اسيمبليون بوگس ۽ خچر کَلي جو مرڪز آهن، عوام جي ملڪيت سان پالي ويندڙ سول انتظاميا بيهودي ۽ اٽي تي چٽي آهي ۽ ملڪ جي وفادار، نمڪ حلال ۽ عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لائق رڳو هڪ ئي، لشڪري قوت آهي (جنهن جي حڪومتي نظام کي مارشل لا سڏجي ٿو).
انهيءَ ڪري سنڌ ۾ اڄڪلهه اڻوڻندڙ، مايوسي ۽ مونجھ جي فضا ڇانيل آهي. سنڌي ماڻهو بيوسيءَ ۽ شڪ ڀريل نظرن سان عوام ۽ قوم جي گھڻگھرن سياسي اڳواڻن ڏانهن تڪي رهيا آهن. بيوسي ان ڪري جو سياسي اڳواڻ بي عمليءَ جو شڪار ٿي ٺلهين ڳالهين تائين محدود رهجي ويا آهن ۽ شڪ انهيءَ ڪري جو اقتداري توڙي مخالف يا اڻ چونڊيل سياسي ڌرين جي ٻوليءَ ۾ ڪو خاص فرق نه رهيو آهي. سنڌي ماڻهو سمجھي ٿو ته سياسي مسئلن جو حل ڏيڻ ۽ انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ سياسي پارٽين جو ڪم آهي پر گذريل پنجن سالن دوران اقتداري توڙي مخالف ۽ اڻ چونڊيل ڌرين پاران سنڌ جي سياسي مسئلن جي حل بابت جيڪي هزارين ڳالهيون، دڙڪا ۽ ايلاز ميدان تي آيا آهن انهن جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته هر ڌر اقتدار جي ڍونڍ کي چڪ وجھڻ جي بکي ۽ سياسي سمجھ کان پالهي آهي ---- انهن وٽ سنڌ جي سياسي مسئلن جو ڪو به حل ناهي ۽ نه ئي وري اهي حل ڪرائڻ گھرن ٿيون يا ان لاءِ مخلص آهن.
سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو هن وقت هزارين مسئلن جي اونهي سمنڊ اندر ڪڙهندڙ ڪن ۾ ڦاٿل آهن. سنڌ تي سنڌين جي مالڪيءَ جي مسئلي، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بچاءَ ۽ واڌاري جي مسئلي، سنڌين جي معاشي ۽ سياسي نجات جي مسئلي، سنڌين جي بيروزگاريءَ ۽ کين بيروزگار رکڻ جي مسئلي، سندن تعليمي تباهيءَ جي مسئلي، سنڌ کي سڪائڻ لاءِ سنڌوءَ تي رٿيل ڊيمن ٺاهڻ جي مسئلي، سنڌين کي پنهنجي ئي تاريخي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ بدلائڻ لاءِ بهارين، ڀارتي مسلمانن، پنجابين، پٺاڻن ۽ ٻين ڌارين جي ايندڙ اجھل ٻوڏن جي مسئلي، سنڌين کي سندن ئي سنڌ ۾ رياستي ادارن ۽ انهن جي ڳجھين توڙي پڌرين دهشتگرد ايجنسين (ورديءَ ۾ هجن يا نه) وسيلي فلسطيني يا ريڊ انڊين بنائڻ جي مسئلي، سنڌ جي ڌرتيءَ ۾ ڦاڙهه وجھي ان کي ٽڪرا ڪرڻ يا سڄيءَ سنڌ تي ڌارين پاران قبضي جي مسئلي وغيره جو ذڪر نه به ڪجي، رڳو سرڪاري ٻوليءَ ۾ امن امان جي مسئلي جو ئي ذڪر ڪجي ته کوڙ ڏنڀيندڙ ۽ ڏنگيندڙ زهريليون حقيقتون ڪَر کڻي آڏو اچي بيهن ٿيون. سنڌي ماڻهو بي اختيار ٿي ماضيءَ تي نظر ڊوڙائي اهو جاچڻ جو جتن ڪري ٿو ته ڇا لشڪري قوتن جي حڪمراني سياسي مسئلي جو حل آهي، ڇا انهن جي ڪري امن امان قائم ٿي سگھيو آهي ۽ ٿي سگھندو؟
تاريخ شاهد آهي ته پاڪستان جي حقيقي حاڪمن ۽ حڪمرانن کي، جيستائين بنگلاديش نه ٺهيو هو، تيستائين ”اوڀر پاڪستان“ ۾، ڪجھ عرصو اڳ تائين ڪڏهن ڪڏهن پختونخواهه ۾ ۽ شروع کان وٺي اڄ تائين بلوچستان، اترادي علائقن، سرائيڪي ۽ خاص طرح سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو تڏهن نظر ايندو آهي جڏهن سندن ڦرلٽ جي راهه ۾ ڦريَلن پاران رنڊڪ پوندي آهي يا جمهوريت دشمن ۽ عوام دشمن راڄ خلاف مظلوم قوتون وڙهنديون آهن يا وري تڏهن جڏهن مظلوم قومون پڄري پڄري باهه-اوڳاڇيندڙ جبل جيان ڌڪار ڪرڻ واريون هونديون آهن. پنجابي ۽ پناهگير کان سواءِ باقي سڀني يعني هتان جي حقيقي ۽ مظلوم قومن ---- پختون، بلوچ، بنگالي ۽ سنڌين کي وقت بوقت علحدگي پسند، ملڪ دشمن، بي دين، ڌاڙيل، دهشتگرد، روس ۽ انڊيا جو ايجنٽ وغيره سڏي، پنهنجي ڀرتي ڪيل ماڻهن وسيلي نعرا هڻائي مناسب ماحول پيدا ڪري بيدرديءَ سان چيڀاٽيو پئي ويو آهي. مقصد رڳو اهو هڪ ته پنجابي-پناهگير ڦورو طبقن ۽ سندن ساٿارين جي راهه ۾ ڪو به رنڊڪ نه بنجي. خوش قسمتيءَ سان مظلوم قومن جو شعور ايترو اسريل آهي جو اهي قانون جي تحفظ ۽ محافظيءَ جي نالي ۾ لاقانونيت پکيڙيندڙ قوتن کي ڏاڍي مناسب ۽ حقيقي نالي سان ياد ڪن ٿيون يعني رياستي دهشتگرد ۽ ڀاڙيتو قاتل.
ڪجھ عرصو اڳ ائين اقتدار قائم رکڻ لاءِ ڦورو حاڪمن ۽ حڪمرانن جي انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي پر هٿياربند ۽ سندن حڪم مڃيندڙ طاقت جو نالو هو لشڪر. هاڻي ان کي اقتدار جو چشڪو به چنبڙي چڪو آهي، تنهنڪري ٽين دنيا جي ملڪن جي وڏي گھڻائي فوجي لت هيٺان چيڀاٽجي رهي آهي. چونڊن جو، عوام جي راءِ جو، عام ماڻهوءَ جي عزت جو وٽن تصور ئي ڪونهي. ڏنڊي جي زور تي راڄ ڪرڻ، حڪم هلائڻ ۽ حڪم موجب قانوني فيصلا ڪرڻ ۽ پنهنجي ئي هم وطن، هم قوم ۽ هم مذهب ماڻهن کي ڪهڻ، اڄوڪين لشڪري قوتن جو جھڙوڪر بنيادي فرض ٿي پيو آهي. چليءَ کان وٺي فلپائينس تائين به ڇو وڃجي! اڳوڻي اوڀر پاڪستان جو مثال ڇو نه وٺجي؟ ڪير هئا اهي؟ هم وطن پاڪستاني به هئا ته مسلمان به، مظلوم به هئا ته ماڻهو به، پر ماڻهن جو ڪوس جنهن بيدرديءَ ۽ بي رحميءَ سان ڪيو ويو، ائين وحشي جانورن جا شڪاري ته ڇا، پاڻ وحشي جانور به نه ڪندا آهن. جانورن جي ويڙهه ۾ جانورن جو قتلام ته ٿيندو آهي، پر زوريءَ زنا ته نه ٿيندي آهي، معصوم ٻارڙن جي سينن ۾ سنگينون ته نه ٽنبيون وينديون آهن، رهائشي، تعليمي ۽ صحتي مرڪزن کي نابود، پاڻيءَ کي زهريلو ۽ کاڌي کي اڻلڀ ۽ گندو ته نه ڪيو ويندو آهي، لاشن ۽ واڍوڙيلن، ڦٿڪندڙ ۽ ڪيهون ڪندڙن جي ڍڳ مٿان بيهي ٽوڪ ڀريا ٽهڪ ته نه ڏبا آهن. ”مقعدن ۽ زنانن ڀرسان سنڌوءَ ڪناري مقابلي ۾ 9- ڌاڙيل ماريا ويا آهن ۽ ڏهون ڦٽجي مرڻ ڪنڌيءَ پهتل آهي. وٽانئن جديد بمن ۽ نڪور رائيفلن جو وڏو ڳاڻاٽو هٿ آيو ۽ هڪ دهشتگرد مرندي مرندي ٻڌايو ته اهي انڊيا ۾ دهشتگرديءَ جي سکيا وٺي آيا هئا.“ (هاءِ! ڪيڏا نه پيارا دهشتگرد!) ”قومي“ ريڊيو ۽ ٽي وي تي اهم خبرن ۾ قانون نافظ ڪندڙ ادارن جي وڏي ڪارنامي طور اها خبر نشر ڪئي وئي.
ٽي وي تي جيڪي هٿيار ڏيکاريا ويا، انهن تي ليبل لڳل هئا ته چلڪاٽ به ڇڏيائون پئي. سنڌ جي وڏي وزير کي پنهنجي واڳ ڌڙين سان سر ملائڻو ئي هو.
عجيب قسم جا دهشتگرد هئا هي به. سندن هلايل هڪ گولي به سرڪاري ماڻهوءَ توڙي گاڏيءَ کي ڇهي به نه سگھي، بلڪل شاهه بندر وارن دهشتگردن جھڙا! اچرج ۾ وجھندڙ دهشتگرد پيا ٺهن سنڌين منجھان!... ميوزم ۾ رکڻ لائق!
جيئن ريڊيو ۽ ٽي وي تي خبر نشر ڪئي وئي تيئن ساڳي خبر، جيئن جو تيئن بنا ڪنهن تبصري سان شايع ڪرڻ جي هدايت ڪندي اخبارن کي به جاري ڪئي وئي. خبر ته شايع ٿي پر سنڌي پريس اهو به ظاهر ڪري وڌو ته هن خبر تي تبصرو ڪرڻ ۽ ڪرائڻ منع ڪيل آهي.
نوجوان صحافين رات-پيٽ ۾ خبر جي اصليت ڳولي ورتي. شهيدن جي وارثن به واهه جي مڙسي ڪئي. جس هجي بي بي سي جي نمائندي کي، جيڪو پڻ حقيقت ڳولڻ لاءِ ترت ئي پهچي ويو ۽ رپورٽ ڪيائين. ٻئي ڏينهن سڳ سوڌي سچي خبر سنڌي پريس ۾ اچي وئي ۽ اهڙين مضبوط شاهدين سان جو سرڪار جون وايون ولڙيون ٿي ويون.
”قومي“ پريس کي به صحافتي لڄ رکڻ لاءِ خبر صاف صاف ڇپڻي پئي، ۽ شاباس هجي ته انگريزي اخبار کي، جنهن ايڊيٽوريل ۾ گھر ڪئي ته بيڏوهي ماڻهن کي جنهن ميڊيا تان بدنام ڪيو ويو انهيءَ ئي ميڊيا تان کانئن معافي ورتي وڃي.
وڏي وزير جي وڪيل ذهن کي وري گھت ۽ گھوٻي هڻڻي پئي ۽ بنا ڪنهن نڪ جي، ٽئين ڏينهن اعلان ڪيائين ته مئل دهشتگرد نه پر معصوم ڳوٺاڻا هئا. ان بيان جي روشنيءَ ۾ ثابت ٿيو ته ڪالهه تائين پاڻ ڪوڙو، ملڪ جو وزيراعظم ڪوڙو، ايجنسين جا سردار ڪوڙا هئا. صدقي توتان سنڌي ماڻهو! توسان ظلم ۽ دهشتگردن خلاف ويڙهه ۽ انهن جي ستايل سنڌي عوام کي تحفظ ملڻ جي اميد ڪري سگھجي ٿي.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته ايجنسيون انهن ئي دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن خلاف عمل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿيون هيون جيڪي سندن اڳوڻن بيانن موجب انهن ئي ايجنسين جا پيدا ڪيل آهن يعني ايجنسيون سنڌي عوام جون محسن ٿي آيون هيون!
ايجنسيون ۽ انهن جا ٻولڙيا ٻيو ڪهڙي قسم جي بيان بازي ڪري سگھن ٿا؟!
وري به شاباس لائق آهي سنڌي پريس کي (پنهنجن سجاڳ سياسي ليکڪن ۽ سچار رپورٽرن سميت) جنهن معاملي کي اڊيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ايجنسين جي ماضيءَ ۽ حال کي اجاگر ڪيو، مسئلي کي اڊيڙيو ۽ سلجھايو ۽ فوجي ڏنڊي بدران سنڌ ڏانهن سرت ڀريو سياسي رويو رکڻ جي گھر ڪئي.
شاهبندر وارو واقعو رپورٽ ٿيو ته ڪجھ سياستدان ڪنجھي ڪنجھي اهڙا بيان جاري ڪيا جيڪي ساڌن سان سنمک ۽ پئنڇن سان پورو هجڻ واري چوڻيءَ تي ٺهڪي ٿي آيا ۽ ڪي ته اهڙا ماٺ رهيا ڄڻڪ محمد شاهه رنگيلي جيان الوٽ هجن، ڄڻ ته قتل ٿيل سنڌ ڌرتيءَ جا ڄاوا ئي نه هئا. جڏهن ته ايجنسين پاران اگھاڙي دهشتگرديءَ جو جيئرو جاڳندو مثال هو شاهبندر وارو واقعو ---- دهشتگرد انڊيا مان سکيا ورتل، هٿيارن سان ليس، سوار هئا ڊونڍي ٻيڙيءَ ۾، سامونڊي ڪناري کان ٽيهه ميل اندر پاڻيءَ ۾! مقابلو ٿيو، گوليون هليون، هٿيار پڪڙيا، دهشتگرد مارجي ويا... هڪ کي گولي لڳي ۽ باقي خبر ناهي ته بنا گولين جي ڪيئن مري ويا ۽ سندن نَهن ڪيئن پٽجي ويا! دهشتگردن کان هٿ ڪيل هٿيار وري سمنڊ ۾ ٻوڙيا ويا! عجيب قسم جا دهشتگرد هئا. سندن هڪ گولي به ماڻهوءَ کي ته ڇا نيوي جي وڏي ٻيڙيءَ کي به نه لڳي!
ڇا هيءَ ماٺ مجرماڻي نه هئي؟ گھوڙا گھڻي اگھه وڪاڻا؟
پر وڪاڻل گھوڙن لاءِ سڀ کان وڏو لعنتاڻو آهي ڄامشورو واقعو، معصوم سنڌي ماڻهن جي وحشياڻي قتل جو. اچو ته ڪجھ ذڪر ڪريون.
جنرلن بريف ڪيو ۽ ملڪ جي وزيراعظم اعلان ڪيو ته ڄامشوري گھمايو ويو. اقتدار جي بکين کان قول وٺي اقتدار ڏنو ويو. جنرل جي سينن تي جمهوريت جو تمغو سينگاريو، انهن جي پاليل ڪامورا شاهي کي، مضبوط صدر کي سگھارو، ۽ دهشگردن سان ٺاهه ڪيو ويو. ٻئي پاسي سنڌ اندر پالتو پاٿاريدارن ۽ ناڪام پر لالچي سياستدانن کي خريد ۽ ڄامڙن کي ڊگھو ڪيو ويو ---- سنڌ جا سٺا سٺا سياسي اڳواڻ ڳجھي سرڪار جا سلامي ۽ پيرَ ڀرو ٿي پيا (۽ ان ڪري ارادي سان سازشون ڪري پنهنجين پارٽين کي ٽوڙي رکيو). ڪي نيون پارٽيون به ٺهرايون ويون ته آزاد اميدوارن جي به هڪ لوڌ پيدا ڪئي وئي جيڪا اقتدار جو هڏو چوسڻ لاءِ ڍونڍ کي به نوسڻ ۽ چڪ وجھڻ لاءِ تيار هئي.
اقتدار جي بکي هڪ ٽولي مان ڪم ڪڍي، ملڪ مسيت ڪري، هٿ ٺوڪيا نگران ويهاري، جنرل جي جانشينن کي چونڊايو ويو. سنڌ ۾ ڄام صادق هو ۽ هاڻي مظفر حسين شاهه آهي، جن جا سهڪاري هئا ۽ آهن اهي ئي اقتدار دوران پ پ جا اتحادي، سنڌي قوم جا قاتل دهشتگرد (جن جا وزير ۽ صلاحڪار سنڌ ۾ سنڌين سان راڱا ڪرڻ ۾ جنبيل آهن) ۽ ڍونڍ چڪيندڙ آزاد اميدوار، جن مان ٺهيل وزير ڪنڌ ڌوڻڻ ۽ آڱوٺو هڻڻ ۾ پورا آهن. انهن جا مثال ته تمام گھڻا پر ظاهر ظهور آهن. سنڌ جي آدمشماري لڪائڻ تي مجرماڻي ماٺ، پاڻيءَ ۽ ناڻي جي ورهاست وارن سنڌ دشمن ٺاهن ۽ سنڌ کي نقصان رسائيندڙ بجيٽن جي ساراهه ۽ تازو ئي پنهنجيءَ ڌرتيءَ مٿان لشڪر چاڙهي اچڻ وارو غداريءَ جو ڪارنامو، جنهن تي وڪاڻل، غداريءَ جو گھانگھو پائي ويٺل سنڌي ”وطن دوست“ سياسي اڳواڻ ڪو ڪارائتو سنڌ دوست لفظ ڪڇڻ بدران پنهنجا گلا گھٽي بيان ڏيڻ کان به بان ڪري ويهي رهيا ۽ ڇهن ڏينهن کان پوءِ ڪن ته عادت موجب آجيان ڪئي ۽ ڪي اهو چوڻ لڳا ته جيڪڏهن لشڪري قوتون ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڪن ته کين ڪو به اعتراض نه هوندو، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ”قانون نافذ ڪندڙ“ ايجنسين ۾ اها اميد ڏيکاري ۽ سنڌي عوام ۾ انهن لاءِ عزت پيدا ڪرڻ جي بيهودي ڪوشش ڪئي وئي ته اهي قوتون ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن خلاف ويڙهه ڪري ۽ اهڙي طرح سنڌ ۽ سنڌين کي هڪ وڏي عذاب مان نجات ڏياري سگھن ٿيون. ان جو مطلب اهو به ٿيو ته حقيقي ڌاڙيلن جي جنسي عضون توڙي ڦٽن ۾ اڌ- ڏڏريا شيشا، مرچ ۽ لوڻ ته نه وجھبا آهن، مردن جا مخصوص عضوا ته ڪٽبا ۽ وڍبا نه آهن ۽ هٿ پير ٻڌي نسن کي سير ڏئي ميدان ۾ ڦٿڪڻ لاءِ ڦٽو ته نه ڪيو ويندو آهي...!
ڇا ”ڌاڙيل“، ”دهشتگرد“، ”انڊيا ۽ روس جا ايجنٽ“، ”تخريبڪار“ ۽ ”بي دين“ ناس ٿي ويا ۽ ڇا امن امان قائم ٿيو؟ قانون جي بالادستيءَ جو ڇا ٿيو ۽ قانوني ڏوهارين جو ڇا ٿيو؟ ڇا حقيقي قاتلن ۽ زناڪارن کي سزائون مليون؟ اصل ڌاڙيل، دهشتگرد، تخريبڪار ۽ ملڪ جا دشمن ڪير هئا؟
نتيجو ڇا نڪتو، لشڪري مغز جي سوڀ يا ناڪامي؟
سنڌ ۾ پڻ، تازوئي، يارهن سال اهو لشڪري مغز ڪم ڪندو رهيو. ”ڌاڙيل“، ”دهشتگردن“، ”انڊيا ۽ روس جي ايجنٽن“، ”تخريبڪارن“، ”بي دينن“، وغيره کي ناس ڪندو رهيو. ڇا فوجي ڪورٽن ڪم نه ڪيو يا مارشل لا نه هو، پر ڇا امن قائم ٿيو، ڇا حقيقي دهشتگرد، ڌاڙيل ۽ تخريبڪار تباهه ٿي ويا، ڇا غير قانوني هٿيار پڪڙيا ويا، ڇا سرڪاري مغز موجب قانون جي بالادستي قائم ٿي؟
نتيجو ڇا نڪتو، لشڪر مغز جي سوڀ يا ناڪامي؟
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ عام طرح ۽ بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ خاص طرح اقتدار جو چشڪو چکندڙ لشڪري دماغن پنهنجيءَ پسند جا ڪيترائي دهشتگرد، ڌاڙيل، روبوٽ، دماغ ۽ سياسي اڳواڻ ٺاهي ورتا آهن ته جيئن چڙهائيءَ لاءِ بهاني ۾ ڪجھ سچائيءَ جي جھلڪ نظر اچي سگھي. اهي ڳڻپ ۾ به ڪي گھٽ نه آهن ۽ وقت سر سندن پسند، بلڪه حڪم موجب ڪاروايون ڪندا، نعرا هڻندا ۽ بيان ڏيندا پيا رهن. انهن ڪارواين، نعرن ۽ بيانن جي آڙ ۾ وقت بوقت سنڌ ۽ سنڌين تي چڙهايون به ٿين ٿيون ۽ سنڌي عوام ريءَ گناهه ڪسيو، ڪٽبو ۽ قابو ٿيندو رهي ٿو. پر ڇا اهي سنڌ ۾ حق جي آواز ۽ مظلوم جي گلي کي گھٽي سگھڻ ۾ سوڀارا ٿيا آهن؟
مظلوم جي آواز ۽ احتجاج ڇا حقيقي غدار، سازشي، ڦورو، دهشتگرد ۽ حاڪمن جي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو ٿي نه پئجي ويو آهي؟
جنرل ۽ جنرلن جو ظاهري اقتدار نيٺ ڦٽاڪو ٿي ويو. روپ بدلايو ويو ۽ جمهوريت جو ڍنڍورو ڪندڙ ڀاڙيتو قاتل سڄي ڌرتيءَ تي قاتل ۽ ڪوڙي جي حيثيت ۾ پڌرا ۽ ثابت ٿي چڪا آهن.
گھاگھ سنڌي سياستدانن جي نڙيءَ ۾ ساڳيو گھوگھو ۽ پيرن ۾ پنهنجي قيمت طور ورتل زر جا زنجير، پنهنجن آقائن ۽ ٻين جي پوئواري ڪندي چوٿين ۽ پنجين ڏينهن رڙهي وڃي تعزيت ڪيائون ۽ ان کان به ٻه ڏينهن پوءِ اهڙو سوچيل توريل بيان جاري ڪيائون جو ”سڀ جو خير“.
گذريل ڪجھ عرصي کان اسان جي ”باعمل“ سياستدانن جي ڪل سياست اخباري بيانن تائين محدود، جڏهن ڪا شيءِ پريس ۾ اچي ته پوءِ ڪندا واويلا، هاڻي ته ان کان به ويهجي ويا.
ويجھڙ ماضيءَ کان ائين ئي ٿيندو پيو اچي ته سنڌي پريس جرئت ۽ سچائيءَ سان سنڌي عوام جو نڪتي نظر رکندي ۽ مضبوط دليلن سان پيش ڪندي پئي اچي ۽ اسان جا نام نهاد ليڊر ان کان پوءِ ئي سياسي واويلا ڪن ٿا. بهارين جي ناجائز اچڻ وارن طريقن تي، ناڻي جي بي انصاف ورڇ تي، حقيقي آدمشماري لڪائڻ جي سبب تي، پاڻيءَ جي چوريءَ جي مسئلي تي سنڌين خلاف دهشتگرديءَ ۽ ڌاڙ جي مسئلي وغيره تي مضبوط موقف رکڻ واري، خاص طرح گذريل ڪجھ عرصي کان جيڪڏهن سنڌي پريس ئي آهي ۽ سياسي اڳواڻ ۽ پارٽيون ان جي ئي پوئواري ڪن ٿيون، ته پوءِ ڇو نه اها جرئت ڪجي ته سنڌي پريس کي ئي پنهنجو اڳواڻ مڃيو وڃي؟
ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جي گرفتاري ۽ آزادي، شاهبندر توڙي ڄامشوري ڀرسان سنڌي ماڻهن جي شهادت بابت تازوئي سنڌي پريس پنهنجو لاجواب ڪردار نڀايو ۽ مضبوط دليل سان پنهنجو ڪيس رکيو. اسين، بهرحال، ڄاڻون ٿا ته پريس ۽ سياسي پارٽيءَ ۾ وڏو فرق آهي، پريس سياسي پارٽيءَ جو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگھي، تنهنڪري وري به سياسي اڳواڻن ۽ پارٽين جو ئي فرض آهي ته هنن صاف ٿيل معاملن تي پنهنجي موقف ۽ حڪمت عمليءَ کان سنڌي ماڻهن کي واقف ڪن، سنڌ مٿان چڙهي آيل حقيقي دهشتگرد قوتن ۽ سنڌ جي اقتدار تي ويهاريل دهشتگردن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪن. جيڪڏهن هاڻي به سنڌي سياسي پارٽين توڙي عوامي حقن جي دعويدار اڳواڻن پنهنجي ڀاڙي رويي کي درست ۽ بي عمل ڳالهين کي ڇڏي باعمل مثبت رويو اختيار نه ڪيو ته پوءِ شايد انهن لاءِ اها ئي ڳالهه وڌيڪ درست ٿيندي جيڪا 1938ع ۾ هڪ سنڌي نوجوان (۽ پوءِ ”مجذوب“) محمد امين کوسي پنهنجي هڪ خط ۾ جي ايم سيد صاحب کي چتاءُ ڏيندي چئي هئي...
هڪ پاسي آءٌ سياسي اڳواڻ ۽ سياسي پارٽين کي درخواست ٿو ڪريان، ته اهي سنڌي پريس جي جرئت سبب ڇپجندڙ خبرن کان پاڻ کي باخبر رکي باعمل ٿين ۽ ٻئي پاسي سنڌي پريس کي درخواست آهي ته اها جرئت کي هٿان نه ڇڏي ۽ سچ جو عَلم اوچو رکيو اچي ته مظلوم عوام پاران بي پناهه عزت جي حقدار رهندي.

No comments:

Post a Comment