11/09/2012

هُو ويچارو - ڪهاڻي - ليکڪ: چيخوف - مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



ڪهاڻي
هُو ويچارو
ليکڪ: چيخوف
مترجم: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

رات ڏاڍي خوبصورت هئي. ڪلارڪ آئِوان ٿيٽر ۾ ويٺو ڊرامو ڏسي رهيو هو. هن جون نظرون اسٽيج تي ڄميل هيون ۽ هو پاڻ کي دنيا جو سڀ کان حسين ۽ خوبصورت انسان سمجھي رهيو هو. اوچتو هن جي مهانڊي جو نقشو بگڙجي ويو. ڳچيءَ جون رڳون سيٽجي، اکيون مٿي ڇڪجي ۽ ساهه بيهجي ويس. درد سبب پنهنجي سيٽ تي ٻيڻو ٿي ويو ۽ پوءِ آخر ڇُو، هن کي ڏاڍي زوردار ڇڪ (نِــڇ) آئي.

هر ماڻهوءَ کي ڇِڪ ڏيڻ جو حق آهي، ۽ جڏهن چاهي، جتي چاهي پنهنجي ضرورت پوري ڪري سگھي ٿو: پوليس انسپيڪٽر هجي يا هاري، گورنر هجي يا وزير، ان سلسلي ۾ سڀ برابر آهن، پر جيڪڏهن ڪجھ شريف ماڻهو جمع هجن ته اتي هڪ عيب سمجھيو ويندو آهي. تڏهن به آئِوان ان وقت شرمندو نه هو. هن ڏاڍي اطمينان سان رومال ڪڍيو، پنهنجو ڊگھو نڪ  اگهيو ۽ تسلي طور کاٻي ۽ ساڄي نهاريو. ڊڄ هوس ته ڪو خراب نه سمجھي ۽ پوءِ اوچتو هو شرمائجي ويو. هن اڳيان هڪ بندرو ماڻهو ويٺو پنهنجي گنجي ٽڪڻ کي رومال سان صاف ڪري رهيو هو. آئِوان غور سان ڏٺو ته هن کي اهو ڄاڻي ڏاڍو ڏک ٿيو ته اهو شخص وزيرِ مواصلات هو. کڻي ڪري هو سندس آفيسر نه هو، پر به وزير جي گنج تي ڇڪ ڏيڻ، يقيناً خراب ڳالهه هئي. غريب آئِوان فيصلو ڪيو ته هن کي ان حرڪت تي معافي وٺڻ گھرجي.
”جناب اعلى! مان توهان کان معافي ٿو گھران. اعتبار ڪيو، منهنجو مطلب اهو نه هو، مان ته....“ آئِوان ڀڳل ٽٽل لفظن ۾ چيو.
”بس، بس، ڳالهه کي وڃڻ ڏي.“ وزير مواصلات بيزاريءَ وچان چيو.
”پر سائين! مون کان گستاخي ٿي آهي. توهان ضرور مون کي معاف ڪيو، مون کي اوچتو...“
”اُف، مان چوان ٿو چپ ڪيو ۽ ٻُڌڻ ڏيو.“
ڦڪي ڦڪي مرڪ آئِوان جي منهن تي پکڙجي وئي. مجبوراً هن پنهنجون نظرون اسٽيج ڏي ڦيريون، پر هاڻي هن کي راند سان دلچسپي نه رهي هئي. ڊرامي جو اِنٽرول (ساهي) ٿيو. ماڻهو ٽولن ۾ ورهائجي ٽهڪ مخول ۾ لڳي ويا. آئِوان پنهنجيءَ جاءِ تان اٿيو ۽ ڪجھ سوچيندي وزير مواصلات طرف وڌيو. ٿوري دير چپ بيهڻ کان پوءِ هن ڊڄندي ڊڄندي چيو، ”منهنجا آقا! مون تي رحم ڪريو، مون کي معاف ڪريو، مون هينئر توهان مٿان ڇڪ ڏني هئي. هونئن منهنجي مرضي هرگز به اها نه هئي. مان ته...“
”ڪا ڳالهه ناهي، مون کي ته ياد به نه رهيو.“ وزير مواصلات مصنوعي اخلاق سان چيو.
آئوان سوچيو ته چوي ته اهو ٿو ته مون کي ياد نه رهيو آهي، پر مون کي هن جو گُھورڻ پسند ناهي، شايد هو اڃا ناراض آهي ۽ ڳالهائڻ پسند نه ٿو ڪري. مون کي تفصيل سان اها سڄي ڳالهه هن کي سمجهائڻ گھرجي ته اهو سڀ ڪيئن ۽ ڇو ٿيو. ڇڪ اچڻ فطري امر آهي ۽ مان ان سلسلي ۾ مجبور آهيان. ڪٿي هو ائين ته ڪو نه ٿو سوچي ته مون هن تي ٿڪيو آهي. ٿي سگھي ٿو هن کي هن وقت اها ڳالهه ذهن ۾ نه آئي هجي، پر پوءِ هو ان نتيجي تي به پهچي سگھي ٿو.
گھر پهچي آئوان سڄو قصو پنهنجيءَ زال کي ٻڌايو. سندس زال غور ۽ فڪر کان پوءِ چيس، ”کڻي ڪري وزير مواصلات تنهنجو سڌو سنئون آفيسر نه آهي، پوءِ به اهو خيال ڪري سگھي ٿو ته توکي  شريف ماڻهن ۾ ويهڻ جي تميز ڪانهي، تنهنڪري سٺو اهو ئي آهي ته وڃي معافي وٺينس.“
آئوان چيو، ”معافي ته مون اتي ئي گھري، پر هن ڪجھ ڍنگ سان جواب نه ڏنو. وري ايترو وقت به نه هو جو تفصيل سان ڳالهه ڪري سگھجي.“
ٻئي ڏينهن آئوان پنهنجو بهترين سرڪاري ڪوٽ پاتو، ڏاڙهي ٺاهي، بوٽ پاليش ڪيو ۽ ائين سينگار ڪري، پنهنجي صفائي بيان ڪرڻ لاءِ وزير مواصلات وت پهتو. وزير صاحب جو ڪمرو ماڻهن سان ٽٻيل هو. هو واري واري ماڻهن سان ملي رهيو هو. آئوان ڏاڍي ادب سان ڪنڊ ۾ ويهي رهيو. ٿوري دير کان پوءِ وزير صاحب ڳالهيون ڪري آزاد ٿيو ته هن سواليا نظرن سان آئوان طرف ڏٺو.
آئوان چيو، ”سائين! گذريل رات شايد توهان کي ياد هجي، مون ٿيٽر ۾ توهان جي مٿان ڇڪ ڏني هئي.“
”عجيب احمق ماڻهو آهين،“ اهو چئي وزير ٻئي ماڻهو کي چيو، ”حاضر، مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿو؟“
”هي ته ڳالهه ئي نه ٿو ٻڌي.“ آئوان سوچيو ۽ پوءِ هن جو رنگ ڦڪو ٿي ويو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هُو ناراض آهي. مان ان وقت تائين هتان وڃي نه ٿو سگھان، جيستائين سڄي ڳالهه تفصيل سان نه ڪيان تنهنڪري هو پنهنجي جاءِ تي ويٺو رهيو. جڏهن وزير مواصلات سڀني ماڻهن سان ملي چڪو، تڏهن هو پنهنجي ذاتي ڪمري ۾ وڃڻ لاءِ اٿي بيٺو. آئوان هن سان گڏ هليو ۽ دٻيل لفظن ۾ چيائين، ”حضور! مون کي معاف ڪريو، مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو مون توهان کي ايتري تڪليف ڏني. مان معافي گھران ٿو. درحقيقت واقعو هيئن هو ته...“
وزير مواصلات آئوان کي ائين ڏٺو ڄڻڪ هو کيس ڪچو ئي رڙڪي ويندو، پر پاڻ کي قابو رکندي چيائين، ”تون مون سان مخول ٿو ڪرين.“ اهو چوندي هن ڪمري جو در زور سان بند ڪري ڇڏيو.
”مخول؟“ آئوان سوچيو، ”منهنجي خيال ۾ ته مذاق هرگز نه هئي. سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته وزير مواصلات ٿي ڪري به اها معمولي ڳالهه سمجھي نه سگهيو! خير هاڻي مان کيس معافي گھري وڌيڪ پريشان ڪرڻ نه ٿو چاهيان. خدا لاهه ڪڍيس. چڱو! هڪ تدبير ٿي سگھي ٿي، مان هن کي خط لکندس، پان وڃڻ سٺو نه ٿو لڳي. بس ٺيڪ آ، هاڻي مون کي گھر وڃڻ گھرجي.“
گھر پهچي آئوان خط نه لکيو. هو سوچيندو رهيو. خط لکڻ لاءِ هن وٽ لفظ ئي نه هئا، نه ته هو ضرور لکي ها. تنهنڪري ٻئي ڏينهن هو پنهنجي ليکي وزير مواصلات وٽ پهچي ويو، جيئن معاملو الجهي نه وڃي.
”مون توهان کي ڪالهه به تڪليف ڏني هئي.“ آئوان ڳالهه شروع ڪئي، وزير مڙي هن کي ڏٺو.
آئِوان تڪڙ ۾ چيو، ”سائين! مان توهان سان مخول نه ٿي ڪرڻ گھري، مان توهان کان معافي گھرڻ آيو هوس، منهنجي ڇڪ جي ڪري توهان کي جيڪا تڪليف پهتي، ان لاءِ معافي گھران ٿو، باقي جيستائين مذاق ڪرڻ جو تعلق آهي ته سائين مان اهڙي جرئت ڪيئن ٿو ڪري سگھان! ائين ٿئي ته وڏن جي عزت ڪيئن رهي سگھي ٿي، ڀلا اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته مان توهان...“
وزير صاحب جي وات مان گِڦ وهي پئي.
آئِوان جي نظرن ۾ ڪمرو ڦرڻ لڳو، هن کي ڪجھ به نه ٿي ڏيکاريو. هڪ مشين وانگي هو گھر پهتو. سرڪاري ڪوٽ لاهڻ بنا هو کٽ تي ليٽي پيو ۽... وري ڪڏهن نه اٿي سگھيو.

No comments:

Post a Comment