ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي جا وفات کان پوءِ ڇپيل 12-ڪتاب
هڪ جائزو
احسان دانش
زندگي به ڄڻ ڪا عجيب ڳجهارت آهي
يا وري ڪو منجهيل سُٽ، جنهن کي ماڻهو جيترو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اوترو ئي
الجهندي ئي ويندي آهي. جيوَن جي ان ڳـٺ جوڙ ۽ ڊُڪ ڊوڙ ۾ ڪي ٿورا ماڻهو هوندا آهن
جي وقت جي سيما پار ڪري سڦلتا ماڻي سگهندا آهن، باقي اڪثر ماڻهن جو درد ئي مقدر
بڻبو آهي. درد جيڪو دل جي ديوارن کي ڌوڏي ڇڏيندو آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن وجود کي ريت
جي ذرن جيان وکيري ڇڏيندو آهي. ٿورا ماڻهو هوندا آهن جن کي حياتيءَ ۾ محبت جا ڪي
اهڙا پل ملي ويندا ويندا آهن جيڪي جيون جو اڻ کٽ سرمايو بڻجي ويندا آهن. هونءَ ته
محبت هڪ احساس آهي جيڪو من جي آڳر تي مسرت جا گل مهڪائي ٿو، پر جڏهن اهو ساڳيو
احساس ڪو وجود بڻجي اڳيان اچي، ته اهو محبت ٻرڙي
کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ٿي سگهي.
چوندا آهن ته زندگيءَ ۾ محبت هڪ
دفعو ئي ويندي آهي ۽ وڇوڙي جا وڍ پوڻ کان پوءِ ساڳيو احساس درد جو لباس پائي وٺندو
آهي. ايئن ئي ڊاڪٽر محبت به پنهنجي نالي واري معنويت ۽ احساس جيان جن به ماڻهن جي
دلين ۾ گهر ٺاهيو اتي سندس وڇوڙي کان پوءِ درد جو سيلاب نظر اچي ٿو. سندس ڀاءُ رياضت ٻرڙي توڙي ڀائو دُرمحمد
ٻرڙي سان جڏهن به ڊاڪٽر محبت جي باري ۾ ڳالهه ٻول ٿيندي آهي ته هُو محبت
سان گهاريل پَــل ياد ڪري پنهنجيون پنبڻيون پسائي ويهندا آهن، سندن روح مان هڪ
عجيب رڙ نڪرندي آهي. اهڙي رڙ جيڪا ڪنهن شڪسته حال قيديءَ جي نڙيءَ مان نڪرندي آهي.
سندن لفظن ۾ هن شعر واري اداسي ۽ درد هوندو آهي:
ياد ني جب بهي دستک دي هي، پلکون کي دروازي پر
روح په اک برسات
هوئي هي، دل کي رستي زخمون کي.
اها منهنجي ڪم علمي يا ڄاڻ جي
گهٽتائي چئجي، جو آءٌ ”محبت“ نالي وارو فقط هڪڙو ئي ماڻهو سڃاڻان ۽ اهو آهي ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو. جيتوڻيڪ سندس زندگيءَ ۾، منهنجي ساڻس هڪ به ملاقات نه ٿي، پر سندس
جدائي کان پوءِ مان کيس گهڻو ويجهو کان سڃاڻان ٿو. هڪ ته رياضت منهنجن ويجهن دوستن
مان هڪ آهي جنهن مان نه صرف محبت جي ڪشش پر سڳنڌ به محسوس ٿيندي آهي. اها سڳنڌ ٻن
حوالن سان محسوس ڪندو آهيان: هڪ ته ڊاڪٽر محبت سنڌي ادب جو هڪ جاکوڙي ۽ اَڻ ٿَڪ
ڪردار هيو، جيڪا ساڳي خوبي رياضت ۾ به ڀرپور نموني موجود آهي. مون هن کي سدائين
متحرڪ ۽ زندگيءَ جي جدوجهد ۾ مصروف ڏٺو آهي. ٻيو ته ڊاڪٽر محبت جي ويجهن دوستن جي
زباني هُو پيار، محبت، خلوص، سچائيءَ ۽ امن جو پيامبر هو. رياضت ۾ به ساڳيا گڻ
موجود آهن.
انگلي ڪوئي اُٿا نه سڪا اس ڪِي ذات پر،
ڪُڇ اس طرح سي پيار
ڪِي رسمين نِڀا گيا.
مان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي کي سندس
تحريرن جي آئيني ۾ پڻ چڱيءَ ريت پرکيو ۽ پرجھيو آهي. هُو هڪ ذهين تخليقڪار هيو،
جنهن وٽ سائنسي سوچ ۽ پنهنجيءَ ڳالهه تي ثابت قدم رهڻ لاءِ ٺوس دليل هيا. تخليقي ۽
تحقيقي حوالي سان هن جيڪا ڳالهه ڪئي، هڪ نئين زاويهء نظر سان ڪئي ۽ سندس انهيءَ
انفراديت کيس هڪ جيڏن اديبن ۽ محققن ۾ منفرد مَــقام بخشيو.
موضوعاتي لحاظ کان ڊاڪٽر محبت هر قسم جو مضمون لکيو آهي
۽ ان جو ڪوئي پهلُو نه ڇڏيو آهي. جيئن ته سياسي مضمون، سماجي مضمون، سائنسي مضمون،
ثقافتي مضمون، تاريخي مضمون، آرڪيالاجيءَ (آثار قديمه) تي مضمون، جيالاجيءَ تي
مضمون، جاگرافيءَ تي مضمون، زولاجيءَ، باٽنيءَ، زراعت ۽ اقتصاديات تي مضمون، ادب،
فلسفي ۽ لسانيات تي مضمون وغيره هُن جي قلم ۾ وڏي قوت هئي ۽ هُو لکڻيءَ جي معاملي
۾ انفراديت پسند هيو.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جيتوڻيڪ زندگيءَ جو وڏو حصو عملي سياست
کي ارپيو ۽ هڪ اڏول ۽ سچي ڪارڪن ۽ شاگرد اڳواڻ طور ڪم ڪيو، پر جڏهن سچائيءَ ۽
وفاداريءَ جا گلاب ارپيندڙ هن هڏ ڏوکي انسان کي موٽ ۾ منافقت جي ککي پلئه پئي، ته
هُو دل شڪسته ٿي پيو. پر وري جلد ئي هن پنهنجيءَ ٽٽل دل کي سميٽي جوڙي ورتو ۽ هڪ
بهادر سپاهيءَ وانگر ميدان تي اچي للڪار ڪئي، پر هاڻي هُو سياسي نه، پر ادبي ميدان
جو شهه سوار هيو. جيئن ته مشڪل پسندي ۽ ڳوڙهائپ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سرشت ۾ شامل
هئي تنهنڪري ادب جي ميدان ۾ به هن انهن موضوعن کي ڇهيو جن لاءِ سائنسي کوجنا،
تحقيق، ڳوڙهي مطالعي ۽ وزني دليلن جي ضرورت هئي.
هڪ ليکڪ طور ڊاڪٽر محبت جو بنيادي موضوع لسانيات آهي.
هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانيات جي حوالي سان جيڪو ابتدائي ڪم ڪيو آهي، اهو ئي ايڏو
سگھارو ۽ اهميت وارو آهي جنهن کي بنياد بڻائي سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيترن ئي
مونجھارن کي حل ڪري سگھجي ٿو. ان حوالي سان سندس چار ڪتاب: ”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت سنواريون“، ”ٻوليءَ جو بڻ“، ”ٻول جو
بُڻ“ ۽ ”سنڌي ٻولي: لفظ، لغت ۽ لکيت“
وڏي اهميت رکن ٿا. ان کان علاوه ”انسائيڪلوپيڊيا
سنڌيڪا“ پڻ انهيءَ سلسلي جو هڪ اهم ڪتاب آهي. سنڌي ٻوليءَ جي صحيح پڙهڻيءَ،
تلفظي توڙي معنوي درستگين جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت جا اهي مقالا پڻ ذڪر قابل آهن
جيڪي هن سنڌي ٻوليءَ جي ناليوارن لسانيات جي ماهرن جي ڪتابن، لغتن توڙي مقالن تي
تنقيد ڪندي لکيا آهن.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ اهڙو هيرو هيو جنهن جي چمڪ اڃا دنيا
جي نظر تائين پهتي ئي مَس هئي جو کيس ڪنهن بدنظر جي نظر لڳي وئي ۽ هُو هميشه هميشه
لاءِ اسان جي نظرن کان اوجھل ٿي ويو. افسوس ان ڳالهه جو آهي، ته هُو ان وقت اسان
سڀني کان جدا ٿي ويو جڏهن اسان سڀني کي هن جي ضرورت هئي.
جڏهن هڪ موت عالِمَ جو، سڄي عالَم جي لئه آهي،
تڏهن آ درد، هر همدرد جي دل ۾ جڳهه جوڙي.
مرڻ جن کي کپي، سي موت کان لڪندا رهيا آهن،
جيئڻ وارا الائي ڇو، وڃن ٿا موت ڏي ڊوڙِي!
ڊاڪٽر محبت جي علمي ۽ ادبي پورهيي تي ڀرپور نموني لکڻ ۽
سندس ڪم جو تحقيقي ۽ تنقيدي تجزيو ڪرڻ لاءِ وڏو وقت ۽ گھڻا پَنا درڪار آهن. مون
گذريل 12 سالن ۾ ڊاڪتر محبت جي پورهيي مان ڪافي پرايو آهي ۽ سندس علمي لياقت جو
مختلف موقعن تي اعتراف به ڪندو رهيو آهيان. گڏوگڏ سدائين ان افسوس جو اظهار به ڪيو
اٿم ته ڊاڪٽر محبت جهڙي اورچ ۽ ذهين انسان سان قنبر ۽ لاڙڪاڻي ۾ فاصلن جي
گھٽتائيءَ باوجود اسان جي ڪڏهن ملاقات ۽ ڪچهري نه ٿي سگھي.
پياري ڀاءُ رياضت جڏهن حڪم ڪيو ته مون کي ڊاڪٽر محبت جي
هن وقت تائين شايع ٿيل ڪتابن جي حوالي سان مقالو لکڻو آهي ته سچ پچ سوچ ۾ پئجي
ويس. ڪٿي مون جھڙو اٻوجھ ليکڪ، ڪٿي ڊاڪٽر محبت جھڙي سائنسي سوچ رکندڙ ذهين ليکڪ جو
علمي ۽ تحقيقي پورهيو. پر رياضت جي محبتَ (حڪم) کان ڪَن لاٽار ڪرڻ مشڪل هيو،
تنهنڪري ڊاڪٽر محبت جي ڪتابن کي نئين سر ترتيبوار پڙهڻ ويٺس، جيئن انهن بابت ٻه
اکر لکي سگھان.
هيٺ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ ڇپيل 14 ڪتابن
بابت ڪجھ لکيو اٿم. ان لکت کي مان اڀياس سڏڻ لاءِ تيار نه آهيان، ان کي سندس ڪتابن
بابت تعارفي نوعيت جا تبصرا سڏي سگھجي ٿو.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي وفات کان پوءِ سندس شايع ٿيل هِيءُ
پهريون ڪتاب آهي، جيڪو 1998ع ۾، ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ طرفان شايع ٿيو. سنڌ جي نقشي
سان سنواريل چار رنگي سهڻي گيٽ اپ وارو هيءُ ڪتاب 112 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب
ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جي حوالي سان مختصر
تعارف ڏنل آهي، جنهن ۾ انساني سمجھ، ٻولي، لکيت، انسائيڪلوپيڊيا، انسائيڪلوپيڊيا
جي مختصر تاريخ توڙي سنڌ جي ماضي ۽ حال جي حوالي سان مختصر ڄاڻ ڏنل آهي ۽ آخر ۾ ڊاڪٽر
محبت انسائيڪلوپيڊيا جي سهيڙ/ترتيب جي سلسلي ۾ اسان جو انفرادي توڙي اجتمائي طور
ڪهڙو فرض آهي، ان نُقطي تي روشني وِڌي آهي. هن انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا جو سولي
سنڌيءَ ۾ ترجمو ’سنڌي مها ٻولَسُڌ‘ طور ڪيو آهي، گڏوگڏ ڪيترن ئي سائنسي علمن جي
نالن جو پڻ سهڻو ترجمو ڪيو آهي. جھڙوڪ: جاگرافي (ڌرتي ليڪڻ، ڌرتي+اڀياس =
ڌرتڀياس)، سوشيالاجي (راڄ+اڀياس =
راڄڀياس)، ميٿميٽڪس (انگڀياس) وغيره وغيره. پهرين ڀاڱي جي آخر ۾ داڪٽر محبتَ
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ٺاهڻ جي سلسلي ۾ هڪ جامع اداري جي قيام تي زور ڏنو آهي ڇو
ته اهو ڪم ڪنهن هڪ يا چند ماڻهن جي وس جو نه آهي.
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾
انسائيڪلوپيڊيا جوڙڻ جي سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي. هن کي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا
ترتيب ڏيڻ جي سلسلي جو توضيحي ڪتاب به سڏي سگھجي ٿو. اهو خود هڪ اهم ۽ بنيادي ڪم
آهي. جيئن ٽپن مان آکاڻي جڙندي آهي تيئن هن ڪتاب ۾ به انسائيڪلوپيڊيا جي سهيڙ جي
حوالي سان خاص خاص نُڪتا بيان ڪيا ويا آهن. انهن نُڪتن کي وڌائي وڏو ڪبو (يعني
تفصيل سان لکبو) ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهم ڪم ٿي پوندو. ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ ئي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ــــــــ مواد سهيڙيو مهم“ جي
سري سان ڊاڪٽر محبت ڪجھ بنيادي عنوانن جن ۾ ذاتيون، ديهون، پسون، راڳ ساز، ڳهه
زيور، ڀرت جو نمونو ۽ ڪپڙو، وڻ، ٻوٽا، ڀاڄيون، گاهه، پُرزا، اوزار، ليکڪ
(شاعر/نثرنگار) وغيره تي سٺو ڪم ڪيو آهي. انهن ۽ اهڙن ٻين عنوانن تي تفصيل سان ڪم
ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ ”ٻول گھاڙيتو“ جي عنوان سان ڊاڪٽر محبت جو هڪ نهايت
اهم ۽ پُر مغز مقالو شامل آهي، جنهن ۾ هن خاص طور تي اصطلاحن (ٽرمنالاجي) تي جامع
نموني لکيو آهي ۽ ڪيترن ئي سائنسي اصطلاحن کي پختن دليلن سان سنڌي جو روپ ڏنو آهي،
جيڪو يقيناً ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. ٻئي ڀاڱي جو ٻيو مضمون ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جي
مضمون ”سنڌي ۾ سائنسي ۽ فني اصطلاح سازي جي مختصر
جائزي“ تي مشتمل آهي. ڊاڪٽر محبت جو اهو مضمون هڪ علمي ۽ تحقيقي جائزو آهي.
آخر ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ٻه خط شامل آهن جيڪي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ ڊاڪٽر
هدايت پريم ڏانهن لکيل آهن. انهن خطن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي باريڪين ۽
اصطلاح سازيءَ جي حوالي سان بحث ٿيل آهي.
هيءُ پنهنجي موضوع جي لحاظ کان
ڏاڍو ڪارائتو ڪتاب آهي. 112 صفحن جو هيءُ ڪتاب اپريل 1999ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي
ٻي ورسيءَ جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو هو. ڪتاب جي سهيڙ ڊاڪٽر محبت جي لائق ڀاءُ
رياضت ٻرڙي ڪئي آهي. ٽائيٽل تي ڊاڪٽر محبت جو اسڪيچ آهي ۽ اندر سندس اهم مقالا ۽
مضمون.
ڪتاب جو پهريون مضمون ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ هڪ ڀرپور مضمون آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر
محبت ماڻهو ۽ ماڻهپي جي تاريخ ۽ ارتقا تي جامع نموني لکيو آهي. هو لکي ٿو: ”فطرت
کي پنهنجي فائدي ۾ بدلائڻ جو عمل شروع ڪندي ئي ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو جانوراڻي
ماحول کان ڇڄڻ ۽ ماڻهو ٿيڻ شروع ٿيو. توڙي جو ماڻهو هجڻ جو ادراڪ ڪالهه ڪالهوڻي مس
ڪري سگھيو آهي پر ان راهه تي وڌندي کيس لڳ ڀڳ 30 لک ورهيه لڳي ويا آهن. انهن ٽيهن
لک ورهين ۾ ئي هو اشرف المخلوقات، ڌڻيءَ جو هٿ، خدا جو پاڇو، ڌرتيءَ جو مالڪ، فطرت
کي کوجيندڙ، موجد، محقق، پارکو ۽ پرجھو، ڏاهو ۽ ڏات ڌڻي، قدرت جو شاهڪار ۽ فنڪار
ٿي سگھيو آهي...“
هي مضمون نه رڳو ڄاڻ جي کاڻ آهي
پر ان ۾ ماڻهوءَ کي ماڻهپي ۽ اعلى ڪردار جو ڏس ۽ گس به ملي ٿو. بهرحال، هي مضمون
پڙهڻ ۽ سمجھڻ سان تعلق رکي ٿو.
ڪتاب جو ٻيو مضمون ”انساني حقن لاءِ جدوجهد جي تاريخ ۽ پسمنظر“ دراصل هڪ
ليڪچر آهي جنهن کي مختصر ڪري مضمون جي شڪل ڏني وئي آهي. هي انساني شعور کي
وڌائيندڙ ۽ اندر جي انسان کي جنجھوڙيندڙ هڪ ليڪچر آهي، جنهن ۾ انساني برابريءَ،
ظلم، زيادتيءَ، بنيادي حقن جي لتاڙ ۽ ماڻهوءَ جي ساهه کڻڻ تائين جي آزاديءَ جي
جدوجهد جو تاريخي پسمنظر بيان ٿيل آهي. ڪتاب جو ٽيون مضمون آهي ”رياست جي بڻ بابت نظريا“. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي هڪ وڏي
خوبي اها آهي ته هن جنهن به موضوع تي لکيو آهي ان تي رڳو سرسري نگاهه ناهي وڌي پر
ان کي تحقيقي ۽ سائنسي بنيادن تي پرکي پروڙي، ڇنڊڇاڻ ڪري نهايت وضاحت سان لکيو
آهي، جنهن جو هڪڙو مثال سندس مذڪوره مضمون ”رياست جي بڻ بابت نظريا“ آهي. هن مضمون
۾ هن ڇهن رياستي نظرين جو ذڪر ڪيو آهي، جن کي هن ٻن حصن ۾ ورهايو آهي: (الف) قياسي
نظريا (Speculative Theories) جن تحت رباني نظريو (Theory
of Divine Origin)،
زوراور نظريو (Force Theory)، سماجي ٺاهه وارو نظريو (Theory of Social Contract)، (ب) تاريخي نظريا (Historical Theories) جن ۾ ابوي يا پيءُ آدرشي نظريو (Patriarchal
Theory)، اموي يا
ماءُ آدرشي نظريو (Matriarchal Theory) ۽ تاريخي يا ارتقائي نظريو (Historical
or Evolutionary Theory) شامل آهن. انهن سمورن نظرين کي ڊاڪٽر محبت تمام وضاحت سان بيان
ڪيو آهي.
چوٿون مضمون آهي ”جمهوريت“، جنهن ۾ جمهوريت جي لغوي ۽ اصطلاحي معنى ۽
مفهوم کان وٺي جمهوريت جي قسمن، جمهوري حڪومت تي عائد ٿيندڙ فرضن توڙي جمهوري نظام
جي خامين ۽ خرابين جي حوالي سان بهترين نموني لکيو ويو آهي. ”سنڌ ۾ ماڻهو“ جناب ايم ايڇ پنهور جي هڪ تحقيقي مقالي
جو ترجمو آهي، جنهن ۾ پٿر جي دَور کان وٺي سنڌ ۾ ماڻهوءَ جي قدامت ۽ قيام جي آثارن
کي تاريخي حوالن سان ثابت ڪيو ويو آهي. موضوع جي اهميت ۽ افاديت کي نظر ۾ رکندي
ڊاڪٽر محبت هن مقالي کي سولي سنڌي جو روپ ڏنو آهي. هن ڪتاب جو ڇهون مقالو ”پاٿر ڄمار“ آهي، جنهن ۾ هن پٿر جي الڳ الڳ دَورن
جھڙوڪ جُھوپهڻي (Paleolithic)، وچپهڻي (Mesolithic)، نوپهڻي (Neolithic) جو تمام ڀرپور نموني ذڪر ڪيو آهي. ان کان علاوه هن
مقالي ۾ پٿر جي دَور جي مختلف قديم ڌاتن جي باري ۾ پڻ ڄاڻ ڏني وئي آهي. ”ماڻهو-جهڙو-جانار ۽ ماڻهو“ جي عنوان هيٺ لکيل مضمون ۾
ڊاڪٽر محبت ماڻهوءَ جي جانوراڻين عادتن ۽ ماڻهوءَ جي ذهني ارتقا کان وٺي انساني
پورهيي جي ابتدا، ٻوليءَ جي جنم ۽ سوچ ۽ شعور جي اوسر تائين مختصر طور ڏاڍو سهڻو
جائزو پيش ڪيو آهي.
ڪتاب ”ماڻهو ۽ ماڻهپو“ جو آخري
مقالو ”سنڌ ۾ نئين پاٿر (نوپهڻي) ڄمار“ پڻ ايم
ايڇ پنهور جو لکيل آهي، جيڪو پنهنجي موضوع جي لحاظ کان هڪ منفرد مقالو آهي. ڊاڪٽر
محبت ان جي انفردايت ۽ اهميت کي محسوس ڪندي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ٽين
ورسي اپريل 2000ع جي موقعي تي ”سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي“ طرفان شايع ڪرايو ويو. 203
صفحن جي هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: 1- هر هڪ
لفظ هيري کاڻ، 2- ضميري پڇاڙي ۽ صحيح سنڌي ٻولي،
۽ 3- استدلال جو اهو طريقو غلط آهي. ڪتاب جو
مهاڳ ڊاڪٽر قاسم ٻگھيي ڏاڍي جامع نموني لکيو
آهي، جنهن ۾ هن ڊاڪٽر محبت جي ساروڻين ۽ لسانيات جي شعبي ۾ ڪيل ڪم تي ڀرپور طرح
ڳالهايو آهي.
”اچو ته پنهنجي سنڌي لکت
سنواريون“ ٻوليءَ جي باريڪ فني پهلوئن تي لکيل هڪ اهم ڪتاب آهي، جيڪو نه رڳو
لسانيات جي ماهرن جو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، پر سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ خاص طور لکندڙ
هر فرد لاءِ هڪ ڪارگر نسخو آهي. ڪتاب جي پهرين حصي ”هر هڪ لفظ هيري کاڻ“ ۾ ڪجھ
فعلن ۽ ضميري پڇاڙي جي حوالي سان هڪ اڀياس پيش ڪيل آهي. هن مقالي ۾ هن خاص طور فعل
جي مختلف حالتن، صحيح توڙي غلط استعمال تي روشني وڌي آهي. هن حصي ۾ ٻن عنوانن 1-
”ڇا تو لفظن جو ڳالهائڻ ٻڌو هو“، 2- ”هڪ راز کُلي ٿو“ تي ڳالهايو ويو آهي. هنن
ٻنهي عنوانن ۾ فاعلاڻو فعل، لڪل فعل ۽ مختلف زمانن جي مونجهارن جو ذڪر ڪندي انهن
جي حقيقت ۽ اصليت تي روشني وڌي وئي آهي.
ڪتاب جي ٻئي حصي ”ضميري پڇاڙي ۽
صحيح سنڌي ٻولي“ ۾ ترتيبوار هيٺيان عنوان شامل ڪيا ويا آهن: 1. ضميري پڇاڙي ڇا
آهي؟ 2. ڇا ضميري وچاڙيون ۽ ضميري اڳياڙيون به ٿينديون آهن؟ 3. زمان ماضي 4. زمان
مستقبل 5. زمان حال مدامي 6. زمان حال متشقي 7. زمان حال استمراري 8. زمان مستقبل
استمراري 9. زمان ماضي استمراري 10. زمان ماضي قريب 11. زمان ماضي بعيد 12. درست
فعلي ڦيرو 13. فاعل ۽ مفعول سان لاڳاپيل فعلن جي ڳولا 14. سڌريل ٻولي ڪهڙي ۽
سڌاريل ٻولي ڪهڙي؟ هن حصي ۾ ڊاڪٽر محبت سنڌي ٻولي جي گرامر جي حوالي سان پيدا
ٿيندڙ اهم مغالطن کي پڌري پٽ آندو آهي. نه رڳو ايترو پر انهن ۾ سڌارا پڻ تجويز ڪيا
آهن. هن ڪتاب جو ٽيون حصو ”استدلال جو اهو طريقو غلط آهي“ دراصل نالي واري محقق گنگارام سمراٽ جي هڪ مضمون جو جواب آهي، جنهن ۾
ڊاڪٽر محبت، سمراٽ صاحب کي محترم سراج جي ڪتاب
”سنڌي ٻولي“ تي ڪيل تنقيد جو نهايت مدلل ۽
عالماڻو جواب ڏنو آهي. هي مضمون هڪ علمي بحث آهي جنهن کي پڙهي ڊاڪٽر محبت جي
تنقيدي شعور جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
مذڪوره ڪتاب ڊاڪٽر محبت جي چوٿين
ورسي اپريل 2001ع تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر طرفان اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري ستار هڪڙي
ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ۽ چار رنگي خوبصورت ٽائيٽل واري 112 صفحن جي ڪتاب کي
رياضت ٻرڙي سهڻي نموني سهيڙيو آهي. ”يادون ۽ سڪون“ ۾ ڊاڪٽر محبت جون بي تڪلف
ڳالهيون، ڪهاڻيون، طنز و مزاح واريون لکڻيون ۽ هڪ پرڏيهي ناول جو اختصار شامل آهي.
ڪتان جي منڍ ۾ ستار هڪڙي پبلشر جي حيثيت ۾ ٻه چار لفظ لکيا آهن، جنهن بعد رياضت
ٻرڙي جا پيش لفظ شامل آهن. پيش لفظ ۾ رياضت، ڊاڪٽر محبت جي سياسي، سماجي ۽ علمي
زندگيءَ توڙي ادبي لاڙن تي مختصر لفظن ۾ ڀرپور روشني وڌي آهي.
ڪتاب ”يادون ۽ سڪون“ ۾ سڀ کان
پهريان ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون بي تڪلف ڳالهيون‘
شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي مختصر سوالن ۽ جوابن تي مشتمل آهن. ڊاڪٽر جا اهي جواب
پڙهڻ وٽان آهن. ان کان پوءِ هڪ صفحي تي مشتمل خود ڪلامي واري انداز ۾ ’آئيني آڏو‘ جي عنوان سان پاڻ کان پڇيل سوالن جا جواب
ڏنل آهن. انهن سوالن مان آخري سوال آهي: آخري خواهش؟ جنهن جي جواب ۾ لکيل آهي: ’ڇو
ڀلا؟‘ حقيقت اها آهي ته ان ’ڇو ڀلا‘ جي پٺيان هڪ وڏو سناٽو آهي ۽ هڪ چڀندڙ درد به،
جيڪو چوڏهن سالن کان محبت سان پيار ڪندڙن جا نيڻ آلا ڪندو رهيو آهي...
ڪتاب ۾ ننڍيون وڏيون ڪُل 16
ڪهاڻيون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان ٻه ڪهاڻيون 1- هُو
ويچارو، ۽ 2- ڊينڊڙو ماڻهو
ٻين ٻولين مان ترجمو ڪيل آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل ’يادون ۽
سڪون‘ پڻ ڊاڪٽر محبت جي هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان آهي. ڊاڪٽر محبت جون ڪهاڻيون
اسان جي سماج جي ٽٽندڙ ۽ ڀرندڙ قدرن جون ڪهاڻيون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ معاشي تنگ
دستي، انسانيت سوز روين ۽ محبت ۾ لڪل نفرت وغيره کي موضوع بڻايو ويو آهي. هنن
ڪهاڻين ۾ ڊاڪٽر محبت جو اندازِ بيان نهايت سلوڻو ۽ سليس آهي. ڪتاب ۾ طنز و مزاح جي
سري هيٺ ڊاڪٽر جون ٻه ڪهاڻيون 1- بڪواس،
۽ 2- آزادي، ۽ اردو ادب مان شفيق الرحمان جو ٻارن جي تربيت لاءِ لکيل طنزيه ۽
مزاحيه نسخو ’سنجيدگيءَ سان ڇپڙا ڊگھا ڪيو‘
شامل آهن. ڊاڪٽر محبت جي مزاحيه انداز کي سندس ڪهاڻي ’بڪواس‘ جي هنن مڪالمن مان
محسوس ڪري سگھجي ٿو: ”چوندو ’اکيون ڪنڌ ۾ ڇو نه آهن؟‘ چوندومانس ’بابلا، ان ڪري جو
پوءِ اسين ڪالر واري قميص پائي نه سگھون ها.‘“
ڪتاب جي آخر ۾ جارج آرويل جي ناول کي مختصر ڪري ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ان
کي ’انقلاب‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي. ناول
کان اڳ ڊاڪٽر محبت هن ناول متعلق جيڪي سٽون لکيون آهن سي سموري ناول جي موضوع جو
احاطو ڪن ٿيون. هُو لکي ٿو: ”هي ناول سڄي دنيا ۾ ايترو ته مشهور ٿيو جو چوڏهن
زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. مقبوليت جو سبب هي آهي ته مصنف آمريت ۽ روسي نظامِ
حڪومت تي ڀرپور طنز ڪئي آهي. عوام کي هن جانور جي روپ ۾ ۽ اقتدار جي بکايل ليڊرن
کي سوئر جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.“
ٻوليءَ جي بُڻ بڻياد ۽ خاص طور
سنڌي ٻولي جي اصليت ۽ ماهيت بابت پيش ڪيل نظرين، مفروضن ۽ مغالطن توڙي فني پهلوئن
جي اڀياس جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو هيءُ هڪ اهم ڪتاب آهي، جيڪو سندس پنجين
ورسي اپريل 2002ع تي رياضت ٻرڙي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپائي پڌرو ڪيو.
ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل خوبصورت چار رنگي ٽائيٽل وارو هيءُ ڪتاب 191 صفحن تي مشتمل آهي.
ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر محبت پاڻ ئي لکيو آهي، جڏهن ته پيش لفظ اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري
رياضت ٻرڙي لکيو آهي، جنهن ۾ هن اڪيڊمي پاران ڇپايل ڪتابن تي مختصر روشني وجھندي
ڊاڪٽر جي مذڪوره ڪتاب بابت چند وضاحتون پيش ڪيون آهن. پيش لفظ ۾ اهو پڻ ڄاڻايل آهي
ته ڊاڪٽر محبت هي ڪتاب 1994ع ۾ لکي پورو ڪيو هو. ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت بابت
رياضت لکي ٿو ته ”جيئن ادا محبت ٻرڙي جي ٻين سڀني موضوعن جي لکت جو بنياد سائنسي
جوڙجڪ تي آهي، تيئن سندس هي ڪتاب به سائنس جي بنيادي سوالن ’ڇا، ڇو، ڪيئن، ڪڏهن ۽
ڪٿان‘ کي ذهن ۾ رکي، ڳُوڙهي سوچ ويچار، منطقي دليلن ۽ تحقيق جي اصولن موجب لکيل
آهي، ڇاڪاڻ ته هُو عقيدن جي ڄار ۾ ڦاسڻ بدران، سائنس جي وسعتن ۾ رهندڙ ماڻهو هو،
سندس هن ڪتاب ۾ به اهڙا گھڻا ئي نتيجا اخذ ڪيل آهن، جيڪي ٻوليءَ (خاص ڪري سنڌي
ٻوليءَ) بابت جوڙيل/طَي ڪيل عقيدن جي ڄار کي پاڙن کان اکيڙڻ لاءِ ڪافي آهن.“
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت جي گذريل
ڪتابن جيان جدا جدا ڀاڱا ڏنل نه آهن، پر موضوع جي مناسبت سان الڳ الڳ عنوانن تحت
مضمون لکيل آهن جيڪي ترتيبوار ”ماڻهو ۽ ٻولي، توهان جو نالو، ٻوليءَ جي ڪائنات ۽
’آواز‘ جو ’ايٽم‘، ٻوليءَ جي اوسر بابت نظرين تي هڪ نظر، سراج الحق ميمڻ صاحب جن
جي هڪ راءِ، ڊگھا ۽ ننڍا لفظ، ڪجھ ٻوليئاڻي اصطلاح، سَنڌي، پڇاڙي ـــــــ ڊگھي ۽
ننڍي، سُرن جو اثر، سُر هڪ فطري آواز ۽ وينجڻ هڪ ’گھاڙ‘، جانوٽ ۽ ماڻهو (سندن
پورهيو، سماج، راهپ، ٻولي ۽ سمجھ)، مادو - حياتي - ماڻهو ۽ پٿر دَور، ڇال، اشارن
واري ٻولي، وينجڻ جو اثر، هڪ رَسيل وينجڻ وارا لفظ، گھ“ وارن عنوانن سان شامل آهن.
ڪتاب ”ٻوليءَ جو بڻ“ ۾ ڊاڪٽر محبت
هڪ سلسلي سان نهايت سولي ۽ سهنجي نموني ٻوليءَ جي تاريخ، بناوت، بڻ بڻياد، نظرين،
آوازن جي تال ميل، سرن ۽ وينجڻن جي حوالي سان معلومات ڏئي سنڌي ٻوليءَ مان مثال
ڏنا آهن. هُو ڪتاب جي پهرين مضمون ۾ ئي ماڻهو ۽ ٻولي جي تعلق تي روشني وجھي ٿو
جنهن بعد ماڻهن جي نالن، ذاتين، قومن ۽ قبيلن جي اصليت توڙي انهن جي معنوي حقيقت
بابت نه رڳو ڄاڻ مهيا ڪري ٿو پر نون بحثن جي دعوت پڻ ڏئي ٿو. ڊاڪٽر محبت جي هڪ
محقق، نقاد ۽ ٻوليءَ ڄاڻڪ طور اهم ڳالهه اها آهي ته هن دليل جي بنياد تي هميشه
پنهنجو ڌار موقف رکيو ۽ وڏن وڏن محققن جي ڳالهه کي رد ڪرڻ لاءِ پنهنجا دليل ڏنا.
ٻوليءَ جي فني پهلوئن تي ڳالهائيندي هن ڪتاب ۾ پڻ ڊاڪٽر محبت جو ساڳيو انداز نظر
اچي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانيات واري شعبي ۾ ”ٻوليءَ جو بڻ“ هڪ ڳڻپ جوڳو ڪتاب آهي.
هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي ٽِه رُخي
مطالعي تي مشتمل آهي، جنهن کي نوجوان محقق رياضت ٻرڙي وڏي محنت سان سهيڙي، سوڌي ۽
سنواري هڪ خوبصورت عنوان ڏئي ڊاڪٽر محبت جي ڇهين ورسي اپريل 2003ع تي شايع ڪرايو.
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايل ٻه رنگي ٽائيٽل واري 112 صفحن جي هن ڪتاب جي
بئڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر محبت جي محبت ۾ ڊاڪٽر هدايت پريم
جون لکيل تعارفي سٽون پڻ موجود آهن.
هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا
سنڌي ٻوليءَ جي فني ۽ فڪري اڀياس جي حوالي سان لکيل چار تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا
شامل آهن، جڏهن ته ڪتاب جي آخر ۾ نالي واري ماهر لسانيات ڊاڪٽر
قاسم ٻگھئي جي هڪ انگريزي مضمون جو سنڌي ترجمو پڻ موجود آهي. ڪتاب جا پيش
لفظ مرتب رياضت ٻرڙي لکيا آهن، جنهن ۾ هُن ڪتاب ۾ شامل مقالن بابت ڄاڻ ڏيندي ضروري
وضاحتون پيش ڪيون آهن.
ڪتاب جو پهريون مقالو ”هڪ ــــــــ حقيقت ڇا آهي؟“ هڪ انوکو علمي مقالو آهي،
جنهن ۾ ڊاڪٽر محبت لفظ ”هڪَ“ جي حقيقت جامع حوالن سان واضح ڪئي آهي ۽ ”هڪ“ بابت
پنهنجو الڳ موقف پڻ ڏنو آهي، جنهن سان ڊاڪٽر محبت محققن کي وڌيڪ تحقيق جي دعوت ڏئي
ٿو. ٻيو مقامو ”جامع سنڌي لغات جو جائزو (پهرين جلد جي
حوالي سان پهرين پڙهڻِي)“ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جي جوڙيل لغات جي پهرين جلد ۾ لفظي کوٽ طرف خاص توجهه ڏياريو آهي. هن
پنهنجو موقف ڏيندي لکيو آهي ته ”آءٌ ان راءِ جو آهيان ته سنڌي ٻوليءَ جو هر هڪ لفظ
واحد توڙي جمع، مذڪر توڙي مونث، ماضي توڙي مستقبل، جيڪو ڪنهن به طرح، ايتري قدر جو
رڳو سُر جو فرق هجي ته لغات ۾ ڌار داخلا (عنوان، انٽري) رکندڙ هجي. ’ڏسڻ‘ جو ماضي
’ڏٺو‘، ’ڄاڻڻ‘ جو ماضي ’ڄاتو‘ آهي، ’ڏٺو‘ ۽ ’ڄاتو‘ پنهنجي الڳ جاءِ تي اچڻ گھرجن ۽
اتي گھربل معنى ۽ سمجھاڻي ڏئي سندن بنيادي يا اصولي لفظ ڏانهن اشارو ڪجي.“ ڊاڪٽر
محبت مثال طور لفظ ”لکڻ“ جون الڳ الڳ 328 صورتون پڻ ڏنيون آهن. اهڙيءَ طرح هن ”جامع سنڌي لغات“ (جلد پهريون) ۾ موجود لفظن سان
لاڳاپيل 1155 نون لفظن جي نشاندهي ڪئي آهي. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيقي پورهيي کان انڪار
ممڪن نه آهي، ڇو ته هن سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسيءَ جو بنياد وڏو، جيڪو هڪ مشڪل ڪم
هيو پر ڊاڪٽر محبت جي تنقيد ان ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي گنجائش ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿي.
ڊاڪٽر محبت جي هن ڪتاب جو ٽيون
مقالو ”الفابيٽ/رسم الخط/اسڪرپٽ“ حليم بروهي جي
لکيل ان مضمون جو جواب آهي جنهن ۾ هن صاحب لکيو هو ته سنڌي، عربي، فارسي ۽ اهڙي هر
ٻولي جيڪا ساڄي کان کاٻي لکي وڃي ٿي، سائنسي، ٽيڪنيڪي ۽ ڇپائيءَ جي معاملن ۾ مدي
خارج آهي. ساڳئي مضمون ۾ هن سنڌي ٻوليءَ کي رومن رسم الخط ۾ آڻڻ لاءِ پڻ زور ڀريو
هو.
ڊاڪٽر محبت مٿئين مضمون ۾ حليم
بروهيءَ جي اٿاريل سوالن جا نهايت مدلل جواب ڏيندي مٿس تنقيد ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي
ٻوليءَ جي اهميت ۽ افاديت تي پڻ روشني وڌي آهي.
پنهنجي عنوان وانگر ڏاهپ سان
ڀرپور هي ڪتاب اپريل 2004ع تي ڊاڪٽر محبت جي ستين ورسيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر محبت
اڪيڊمي طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جو چار رنگي خوبصورت ٽائيٽل وارو هي ڪتاب
134 صفحن تي مشتمل آهي. علم آگهي، سمجھ ۽ شعور کي جيڪڏهن ڪو سونُ سمجھي ته سچ ته
هي ڪتاب سونهري اکرن سان لکيل آهي. ڪتاب جي پبلشر رياضت ٻرڙي منڍ ۾ ڪتاب بابت ’ٻه
اکر‘ جي عنوان سان ڪجھ ضروري وضاحتون پيش ڪيون آهن ۽ رياضت جي طرفان هي ڪتاب ڊاڪٽر
محبت ٻرڙي جي باعمل شاگرد ۽ سڄاڻ ليکڪ ستار هَڪڙي کي ارپيو ويو آهي.
مذڪوره ڪتاب 15 بنيادي عنوانن ۾
ورهايل آهي، جيڪي ترتيبوار هن طرح آهن: * سمجھ ڇاکي چئجي ٿو؟ * ماڻهوءَ راڄ ڪيئن
ٺهيو ۽ ان ۾ سمجھ ڪيئن وَڌي؟ * ڇا ٻوليءَ کان سواءِ ڪا به سوچ، ڪا سمجھ ٿي سگھي
ٿي؟ * سمجھ وسيلي ماڻهو ڇا ٿو ڪري؟ * سمجھ حقيقت ۾ ڇا آهي؟ * حياتي ڇا آهي؟ * احساس
جون واٽون اسان جي دماغ تائين ڇا ٿيون پهچائن؟ * غلط سوچ ڇو ٿي ٺهي؟ * ڀڳوان، ڌڻي،
ديو، ديوتا. * ماڻهوءَ جا هٿ ٺهيا بي ساهه عضوا. * ماڻهوءَ جو دماغ: ڳتيل، منظم،
جيئرو مادو. * جيڪڏهن سماج نه ٺهي ها ته ڇا سوچ (سمجھ) ٺهي سگھي پئي؟ * روحاني
خوشي ڇا آهي؟ * سمجھ جو مادي تي اثر.
هي ڪتاب سمجھ ۽ شعور کي بنيادي
نقطن کان اعلى سطح تائين سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. ”شعور“ سائنسي اصولن تحت لکيل آهي
تنهنڪري دليل ۽ موضوعن جو ترتيبوار تسلسل هن ڪتاب جي خاص خوبي محسوس ٿين ٿا. ڊاڪٽر
محبت جي وڏي خوبي اها آهي ته هُو جنهن به موضوع کي ڇهي ٿو، ته ڪوشش ڪري ان موضوع
متعلق سمورن زاوين کي روشن ڪري پڙهندڙ اڳيان آڻي ٿو. هن ڪتاب ۾ سمجھ کان احساس ۽
احساس کان فلسفي نفسيات ۽ روحانيت تائين محبت، شعور جي سمورن رخن تي ڀرپور نموني
ڳالهايو آهي.
ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي نامياري
ليکڪ تاج جوئي ڊاڪٽر محبت لاءِ محبت جا لفظ
لکيا آهن ۽ مذڪوره ڪتاب متعلق چيو آهي ته ”ڪتاب ’شعور‘ فلسفي جي نقطهء نگاهه کان
لکيل آهي ۽ سوچ جا نوان زاويا ظاهر ڪري ٿو.“
ڪتاب (8) موسى کان مارڪس تائين
ڊاڪٽر محبت نه رڳو هڪ ورسٽائيل
ليکڪ، ٻوليءَ جو ڄاڻو ۽ محقق هيو، پر سندس علمي، ادبي پورهئي ۾ سندس ترجمن کي به
وڏي اهميت هاصل آهي. سندس ترجمو ڪيل ڪتابن مان ”موسى کان مارڪس تائين“ هڪ سٺو ڪتاب
آهي، جنهن کي سندس لائق ڀاءُ رياضت ٻرڙي سن 2005ع ۾ ڊاڪٽر محبت جي اٺين ورسي جي
موقعي تي ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو. 176 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز
جو هي ڪتاب پوپٽ، لهرن ۽ رنگين آسمان واري ٽائيٽل سان ٻاهران ئي ڏاڍي سهڻي ڏِکَ
ڏئي ٿو.
مٿيون ڪتاب مشهور اردو سوشلسٽ
ليکڪ سبطِ حسن جو سڀ کان گھڻو پڙهيو ويندڙ
ڪتاب آهي، جنهن کي ڊاڪٽر محبت 1978ع کان 1980ع واري عرصي ۾ ترجمو ڪيو. هي ڊاڪٽر
محبت جي ابتدائي ترجمن مان هڪ آهي تنهنڪري جيڪو رس چس ۽ ٻوليءَ جو نج پڻو سندس بعد
وارن ڪتابن ۽ مضمونن ۾ آهي سو هن ڪتاب ۾ گھٽ ٿو محسوس ٿئي، جنهن جو اقرار خود
رياضت ٻرڙي به ڪتاب ۾ لکيل ’ٻه اکر‘ ۾ هن طرح ڪيو آهي: ”ترجمي جي ٻولي ايتري رچيل
ناهي، جيتري ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 1990ع کان پوءِ جي تحريرن ۽ ترجمن جي آهي ۽ جيڪا
بيحد خوبصورت ۽ متاثر ڪندڙ آهي. ان جو ڪارڻ اهو ئي آهي ته هي ترجمو ڊاڪٽر محبت جي
ابتدائي ترجمن مان هڪ آهي.“
هي ڪتاب ”موسى سي مارڪس تڪ“ جو
مڪمل ترجمو نه آهي، پر ڊاڪٽر محبت ڪتاب جي ابتدائي ڏهن بابن کي سنڌيءَ جو ويس پارايو
آهي، جيڪي ترتيبوار هن طرح آهن: 1- ابتدائي ڪميونزم، 2- موسوي شريعت جون رهيل
نشانيون، 3- اسپارٽا جو فوجي ڪميونزم، 4- افلاطون جو اميراڻو ڪميونزم، 5- مسيحي
سوشلزم، 6- مزدڪ جي تحريڪ، 7- سر ٿامس مور جو يوٽوپيا، 8- بيڪن جي ماديت ۽ خيالي
سوشلزم، 9- فرانسي انقلاب جا کاٽو، ۽ 10- فرانسي انقلاب کان پوءِ.
انهن ڏهن عنوانن کان سواءِ ڪتاب ۾
سبطِ حسن جا پيش لفظ پڻ ترجمو ڪري ڏنا ويا آهن، جن ۾ هُن لکيو آهي ته ”حيرت آهي ته
پاڪستان جي ڪنهن به زبان ۾ سوشلزم متعلق سٺي يا بري هڪ به تاريخ موجود ڪانهي. هي
ڪتاب ان گھٽتائيءَ کي ختم ڪرڻ جي مقصد خاطر لکيو ويو آهي.“ 1976ع ۾ لکيل هن ڪتاب
کان پوءِ جيتوڻيڪ ڪميونزم جي حوالي سان ڪافي ڪجھ لکيو ويو آهي، پر هن ڪتاب کي
بنيادي اهميت حاصل آهي. ڊاڪٽر محبت انهيءَ اهميت کي محسوس ڪندي هن ڪتاب کي سنڌي
ٻوليءَ جو سينگار بڻايو.
ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي نوجوان
تخليقڪار ۽ مترجم فياض لطيف ڏاڍي خوبصورت راءِ
ڏني آهي. هُو لکي ٿو: ”سنڌي ۾ لاتعداد ترجما ٿيا آهن ۽ ٿيندا پيا رهن، پر ڊاڪٽر
محبت جيڪا مواد ۽ موضوع جي چونڊ ڪئي آهي، اها وقت ۽ حالتن جي تقاضا موجب ۽ وڏي
وقعت ۽ ڪارج واري آهي. هُو عام مترجمن جيان ترجمن ۾ پنهنجن خيالن ۽ نظرين جي پرچار
۽ پٺڀرائي .... اڳيان پيش ڪندو هو.“
ڪتاب (9) سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو بنيادي طور هڪ
سياسي ذهن رکندڙ ماڻهو هو. هن عملي سياست ۾ به پاڻ ملهايو. اهو هر ماڻهو سندس
سياسي بصيرت جو معترف آهي جنهن سندس اهي ڪتاب ۽ مضمون پڙهيا آهن جيڪي هن سنڌ جي
بدلجندڙ سياسي صورتحال ۽ منافقاڻن سياسي روين تي لکيا آهن. ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم
ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ به سنڌ جي سياسي ادب ۾ هڪ اهم اضافو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت
جي نائين ورسي اپريل 2006ع جي موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو. ڊيمي سائيز جي ٻه رنگي سادي
ٽائيٽل واري 264 صفحن جي هن ڪتاب ۾ رياضت ٻرڙي محبت جي ٽڙيل پکڙيل مضمونن ۽ اخباري
ڪالمن کي سهيڙيو ۽ سموهيو آهي.
هن ڪتاب ۾ جملي 21 مضمون شامل
آهن، جن جا ترتيبوار عنوان هن طرح آهن: 1- ڇا سنڌي ماڻهوءَ جي سوچ به غلام آهي؟،
2- سنڌين جو نئون سياسي اڳواڻ؟، 3- ڇا سنڌين کي هٿيار کڻڻا ئي پوندا؟، 4- پاڪستان
کي ڏوهارين جو کيت نه ٺاهيو، 5- ڌاڙيل، دهشتگرد ۽ سنڌي عوام، 6- سنڌ جي بندرگاهه
خلاف سازشن جو تاڃي پيٽو، 7- سنڌ ۾ سياسي گھوٽالو ۽ وطن دوست ڌر جي ضرورت، 8-
ايندڙ چونڊون: سنڌ دشمن سازشن جا پيرا کڻڻ جي ضرورت، 9- سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جا
مفاد، 10- سنڌ ۾ موجود ڌارين جون لوڌون ۽ ٻوڙي سرڪار جي خاموشي، 11- ڪراچيءَ تان
قبضو هٽائڻ لاءِ، 12- ڪُڦاٿل پاڪستاني، 13- قاتل بهاري سنڌ مٿان ڪاهيندا پيا اچن،
14- سنڌ جون گھڻ گھريون ڌريون دهشتگردن کي ڪيئن مُنهن ڏين؟، 15- سنڌ کي ورهائڻ جي
سازش ڏانهن سنجيده رويي جي گھرج، 16- سنڌ دوستيءَ جي نالي ۾ دڙڪي واري سياست، 17-
’مهاجر‘، ’اُردڪ‘ ۽ دهشتگرد ۾ فرق ڪرڻ کپي!، 18- سنڌ جي نئين چونڊيل حڪومت ۽ ايم
ڪيو ايم جو ڪردار، 19- سنڌ جي سالميت ۽ ايم ڪيو ايم، 20- ڇا ايم ڪيو ايم سنڌ دشمن
۽ دهشتگرد فطرت مَٽائي سگھندي؟، ۽ 21- دهشتگردن پاران نئين حڪومت لاءِ پهريون
تحفو.
مٿيان سمورا مضمون پڙهڻ سان معلوم
ٿئي ٿو ته سنڌ جون موجوده حالتون به ماضيءَ جي سياسي حالتن کان ڪي گھڻيون مختلف نه
آهن. سچ ته ڊاڪٽر محبت جا اهي سياسي تجزياتي مضمون جيڪي لکيل ته 1990ع کان 1997ع
تائين آهن، پر اڄ به اهي سنڌي ماڻهوءَ جي رهنمائيءَ لاءِ ڪارگر آهن. رياضت ٻرڙي به
ڪتاب جي ”ٻه اکر“ ۾ لکيو آهي ته ”هنن مضمونن جو هڪ مقصد سنڌي ماڻهن کي اتساهه
ڏيارڻ، سجاڳ ڪرڻ ۽ عملي اپاءَ کڻڻ لاءِ آماده ڪرڻ به آهي.“ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ نالي
واري ليکڪ جامي چانڊئي بلڪل صحيح لکيو آهي ته
”هن (ڊاڪٽر محبت) جي تجزياتي سياسي بصيرت جي هڪ جھلڪ هڪ خاص موضوع تي هن ڪتاب ۾
شامل سڀ مضمون به آهن، جن کي بار بار ۽ سنجيدگيءَ سان پڙهڻ گھرجي.“
ڪتاب (10) ٻول جو بُڻ
هڪ محقق طور ڊاڪٽر محبت جي دلچسپيءَ
جو بنيادي موضوع ”لسانيات“ ئي رهيو، جنهن سان هن ساهه جي سڳي جي ساٿ تائين نڀايو ۽
ڀرپور نموني نڀايو. ”ٻول جو بڻ“ ڊاڪٽر محبت جي انهن بهترين تحقيقي ڪتابن مان هڪ
آهي جيڪي هن لسانيات جي حوالي سان لکيا. هي ڪتاب اپريل 2007ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي
طرفان ڊاڪٽر محبت جي ڏهين ورسيءَ جي موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو. سنڌي اکرن تي اسپاٽ
لائيٽ جو منظر پيش ڪندڙ چار رنگي خوبصورت ٽائيٽل ۽ 210 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي
منڍ ۾ پبلشر رياضت ٻرڙي ”ٻه اکر“ ۾ ڪتاب بابت ضروري وضاحتون پيش ڪيون آهن، جنهن
بعد ڊاڪٽر محبت جو 7 صفحن جو مهاڳ لکيل آهي.
هي ڪتاب 13 وڏن عنوانن ۾ ورهايل آهي،
هر هڪ عنوان وري الڳ الڳ ننڍن عنوانن تي مشتمل آهي. هتي سمورا عنوان لکڻ بدران 13
وڏا عنوان لکڻ ضروري ٿو سمجھان، جن ۾ 1- ٻولي ڇا آهي؟، 2- ٻوليءَ جا آواز، 3- لکت
سرشتو، 4- وائل آواز، 5- وائڄڻ، 6- جھيڻو وائل، 7- هڪ نيارو ۽ اڳ اڻ-کوجيل سنڌي
وائل، 8- اڳ اڻ-کوجيل ڪي نيارا سنڌي وائل، 9- ٻول/لفظ جو عام تصور، 10- سنڌي
ٻوليءَ جي هڪ خصوصيت، 11- پد، 12- جوڙپ ۽ اندروني تبديل، ۽ 13- پاڙ/ڌاتو/مصدر شامل
آهن. هنن عنوانن تحت ڊاڪٽر محبت سنڌي ٻولي ۽ ٻول جي بڻ بڻياد جي حوالي سان سندن
فني نزاڪتن ۽ ندرتن تي ڀرپور روشني وڌي آهي. نه رڳو اهو، پر ڪافي نيون ۽ بحث طلب
ڳالهيون پڻ ڪيون آهن. ڊاڪٽر محبت هن ڪتاب ۾ ٻول جي حقيقت کي واضح ڪندي ٻول جي
قسمن، معنادار ايڪن، مصدر ۽ ڌاتن تي ڀرپور نموني لکيو آهي. حقيقت اها آهي ته
سنڌيءَ ۾ ”ٻول“ جي حقيقت ۽ اصليت کي سمجھڻ جي حوالي سان هي پنهنجي نوعيت جو هڪ
منفرد ڪتاب آهي.
ڪتاب ”ٻول جو بڻ“ جي بئڪ ٽائيٽل
تي نالي واري محقق ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ
سورنهن آنا سچ لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر محبت پهريون محقق هو جنهن سنڌي زبان ۾ عملي
لسانيات جو بنياد وڌو ۽ ٻوليءَ جي افادي رخ کان بحث ڪيو.“
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ تخليقي ۽
تحقيقي ذهن رکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي مادري ٻوليءَ سان عشق ڪندڙ ليکڪ هو. هن ان عشق جو
ثبوت ٻن طريقن سان ڏنو. پهريون هن لسانيات جي موضوع تي ڪارائتا ڪتاب لکي سنڌي
ٻوليءَ جا نوان رخ روشن ڪيا، ٻيو انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان انوکن ۽ گھڻو ڪري فني
موضوعن تي لکيل مضمون، مقالا توڙي ڪتاب پنهنجي مٺڙي ٻولي سنڌي ۾ ترجمو ڪيا، جن مان
اڪثر سندس انتقال کان پوءِ ڇپجي پڌرا ٿيا. ”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“ پڻ هڪ اهڙو
ئي ڪتاب آهي جيڪو ڊاڪٽر محبت 1980ع ڌاري انگريزيءَ مان ترجمو ڪيو. اصل ۾ هي ڪتاب
روسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جنهن جا ليکڪ اي. اسپرڪن ۽
او. ياخوت آهن. مذڪوره ڪتاب 1971ع ۾ ”The Basic Principles of Dialectical and Historical
Materialism“ جي نالي
سان D. Langstone ترجمو ڪيو.
”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“
ڊاڪٽر محبت جي يارهين ورسي اپريل 2008ع جي موقعي تي ”سينٽر فار پِيس اينڊ سِول
سوسائٽي حيدرآباد“ (CPCS) طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. چار رنگي سادي پر وڻندڙ
ٽائيٽل وارو هي ڪتاب 160 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ سڀ کان پهريان ڊاڪٽر محبت جي
مواد جي سهيڙ ڪندڙ سندس سيبتي ڀاءُ رياضت ٻرڙي جا ٻه صفحا پيش لفظ طور ڏنل آهن، جنهن
بعد صفحي نمبر 6 تي ڊاڪٽر محبت پنهنجي پاران طور ويٽنامي شاعر توئي دين جو هڪ
مختصر نظم ڏنو آهي جيڪو سچ ته ڏاڍو اتساهيندڙ آهي ۽ هتي به اهو ننڍڙو نظم لکڻ تي
دل چوي ٿي:
ياد رک!
تو وٽ تنهنجو عقل ۽
تنهنجو علم،
تنهنجي وطن ۽ قوم
جون امانتون آهن،
امتحان پاس ڪري،
وطن جي ويرين وٽ
ڪرسي ماڻڻ،
تنهن کان وڏي
بي حيائي ۽ غداري
ٻي ڪانهي.
پنهنجي علم کي
پنهنجي وطن جي نصيب
سنوارڻ لاءِ وقف ڪر،
پنهنجي حياتيءَ جي
پل پل سان
قوم جي تاريخ ۾ سونهن ۽ سينگار پيدا ڪر.
هي ڪتاب بنيادي طور ڇهن بابن تي
مشتمل آهي جيڪي ترتيبوار هن ريت آهن: 1- جدلي ماديت - مارڪسي فلسفو، 2- مارڪسي
فلسفي جو اُسرڻ ۽ ان جي ترقي، 3- مادو ۽ ان جي وجود رکڻ جون شڪليون، 4- شعور جو بڻ
بنياد ۽ ان جي فطرت، 5- جدليات جا بنيادي قانون ۽ درجا، ۽ 6- جدلي ماديت جو عملي
نظريو.
حقيقت هيءَ آهي ته موضوع جي لحاظ
کان هي ڪتاب جيڏو ڳوڙهو آهي اوڏو ئي اهم پڻ. سنڌي ٻوليءَ ۾ جدلي ماديت جي فلسفي ۽
نظرين کي سمجھڻ جي سلسلي ۾ منهنجي خيال ۾ هي پنهنجيءَ نوعيت جو منفرد ڪتاب آهي.
ڊاڪٽر محبت هن ڪتاب کي وڏي محبت ۽ چاهه سان ترجمو ڪيو آهي، ايتري تائين جو ڪيترن
ئي فلسفياڻن اصطلاحن کي به نهايت سولي سنڌي جو روپ ڏنو آهي. ڊاڪٽر محبت جو هي ڪتاب
پنهنجي موضوع جي اهميت جي لحاظ کان ترجمي جي ميدان ۾ هڪ اهم وک آهي.
ڪتاب (12) ڌرتي منهنجو گھر
ڊاڪٽر محبت هڪ ليکڪ طور نه رڳو
ادب، سماج، سياست ۽ لسانيات کي پنهنجو موضوع بڻايو، پر هن ڪيترن ئي سائنسي موضوعن
تي پڻ قلم کنيو، جنهن جو ثبوت ڪتاب ”ڌرتي منهنجو گھر“ آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر محبت جي
ٻارهين ورسيءَ جي موقعي تي اپريل 2009ع ۾ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر طرفان ڇپرايو
ويو. ڪاري آسمان ۾ ڌرتيءَ جي گولي جي خوبصورت تصوير سان سينگاريل چار رنگي ٽائيٽل
وارو هي ڪتاب 80 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ اڪيڊميءَ جي چيئرمئن خادم حسين
رند ”اداري پاران“ هڪ صفحو لکيو آهي، جنهن بعد ”پس منظر“ جي عنوان سان رياضت ٻرڙي
جا ٻه صفحا ڏنل آهن. ان کان پوءِ ڊاڪٽر محبت پاران هن ڪتاب لکڻ جي مقصد جي حوالي
سان نهايت مختصر نموني ٻه اکر لکيل آهن. هن لکيو آهي ته ”هيءُ ڪتاب ان نيت سان
لکيو ويو آهي ته نه رڳو هوشيار شاگرد پاڻ سمجھن پر اهي وڏڙا، جيڪي پنهنجي ايندڙ
نسل کي علمي ۽ سياسي سمجھ سان مالا مال ڪرڻ گھرن ٿا، پاڻ پڙهي، پنهنجن ٻارڙن کي
سولائيءَ سان سمجھائي سگھن.“
ڪتاب ”ڌرتي منهنجو گھر“ مختلف
ننڍن ننڍن عنوانن تي مشتمل آهي، جن ۾ ”ٿوري ڄاڻ سڃاڻ (اسين ڪٿي رهون ٿا؟) * ڌرتي
ڪيئن ڄائي؟ * ڌرتيءَ جي ڄمار * ڌرتي گولو/ڇا ڌرتي گول آهي؟ * هڪ وڏو چقمق * اچو ته
”ڌرتي“ ٺاهيون ۽ ان کي وڍيون * ڌرتيءَ جو اندر ڪيئن ”ڏٺو“ ويو؟ * ڌرتيءَ جو
مٿاڇرو/ٻاهر * ڌرتيءَ جو قد ڪاٺ ـــــــ ننڍڙي ڌرتي، وڏڙي ڌرتي - ڌرتيءَ جي ماپ ۽
تور * ڌرتيءَ جي چرپر * ڌرتيءَ جو وايو منڊل * ڪجھ وصفون/سمجھاڻيون“ شامل آهن.
مٿين عنوانن مان ظاهر آهي ته هن ڪتاب ۾ ڌرتيءَ جي قدامت کان وٺي سندس مقناطيسي عمل
توڙي معدنيات وغيره تائين ڀرپور ڄاڻ مهيا ڪئي وئي آهي. مان سمجھان ٿو ته هي ڪتاب
هر ان ماڻهوءَ کي پڙهڻ کپي جنهن جي ذهن ۾ ڌرتيءَ جي اصليت ۽ حقيقت متعلق سوين سوال
آهن. هن ڪتاب ۾ انهن سوالن جا جواب نهايت آسان نموني سمجھايل آهن.
سائين منھنجا زبردست محنت ۽ محبت سان ٿيل ڪم آھي. مڙني کي محنت ۽ محبت جي ڪري جس ۽ شاباس ھجي. ڀلو ڪم آھي اگر جاري رکيو وڃي ته.
ReplyDelete