جھڙو نالو، تهڙو ماڻهو (تاثر)
ڀائو درمحمد ٻرڙو
محبت، پنهنجي نالي جي مفهوم کان به وسيع معنيٰ ۽ مقام رکندڙ ڄاڻ جي دنيا ۾
يونيورسٽي کان به وڏو ادارو هئو. جنهن قنبر جھڙي جنوني شهر ۾ علم جي روشنين ۽ محنت
سان هزارين ڳجھن، اونداهيءَ جي هيراڪ دقيانوسي سوچ رکندڙ بڻياد پرست ڪيئي علمي ۽
عملي مقابلا ڪيا، جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي نوجوانن اکيون کولي حقيقي علم جو اصلي
ذائقو چکيو، ٻن مان ٻارنهن ٿيا، ٻارنهن مان ٻاويهه سَو ٿيا، پر محبت جي علم جو ونڊ
سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي، انقلابي، ارتقائي طور جاري ۽ ساري رهيو.
هڪ عالم استاد جيان هڪ هڪ نقطو
ڪري هڪ هڪ سبق پڙهائيندي ڪيترائي ڪتاب پڙهائيندو رهيو. سندس علم مان سچي سنڌ جا
ڪيترائي نوجوان پرائيندا ڀڙ ٿيندا رهيا، سندس رات ڏينهن جي محنت ڪري ڪيترائي نوان
ڪتاب ميدان تي آيا. سندس پسند جا موضوع ارتقا، سياست، سماجيات، خدمت خلق رهيا.
ميڊيڪل جي فزيشن ڊاڪٽري گھٽ پر سياست جي سرجري وڌيڪ ڪندو رهيو. پيار، محبت ۽ علم
ڪري سندس دوستيءَ جو آجڪو وڌندڙ رهيو. ڪيترائي مون جھڙا اڻ گھڙيا پٿر سندس وسيع
محنت ۽ ڄاڻ ڪري ماڻهو ۽ انسان محسوس ٿيڻ لڳا. سندس ئي قرب ڪاريگريءَ ۽ علم دوستيءَ
مان نڪتل ڪيترائي مثالي نوجوان جھڙوڪ، ڊاڪٽر نذير احمد شيخ، ڊاڪٽر بخت جمال شيخ،
ڊاڪٽر ايوب شيخ، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر علي گل ميتلو، صحبت ٻرڙو، رياضت ٻرڙو، ستار
هڪڙو، خادم رند، مجيد منگي، عبدالرحمٰن سومرو، مظفر ٻرڙو، سندس دوستيءَ ۾ ڊاڪٽر
ظفر قادري، عظيم سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي سڄي سنڌ ۾ سندس دوست ۽ شاگرد پيدا ٿيا.
سياست تي مدلل 18 کن ڪتاب لکيا
اٿائين. اڃا ٻوليءَ جي دنيا ۾ لکڻ جي شروعات مس ڪيائين ته پنهنجي ئي دل جي اوچتو
تيزيءَ سان ڌڙڪڻ ۽ وري اوچتو بيهي وڃڻ سبب سنڌيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا اڌ ۾ رهجي وئي.
محبت جي دنيا، محبت اڌ ۾ ئي بيهجي وئي. هر وقت علم جو درياءُ، علم جا جھول ڀري هر
هڪ کي آڇيندڙ، هليو ويو. سندس شاگرد ۽ سندس دوست، هن بنا اٻاڻڪا ۽ اڪيلا ٿي پيا
آهن. کانئن اوچتو علم جي هڪ وڏي لائبريري کسجي وئي. هڪ علم جي وهندڙ ندي کسجي وئي.
وڏو سهارو ۽ علم جو ڪوٽ جھري پيو آهي. محبت بنا علم جي هن ملڪ ۾ ڪو به سنجيده
سوڀر، نهٺو ۽ مستقل مزاج رکندڙ ماڻهو نه رهيو آهي. (1999ع)
No comments:
Post a Comment