11/10/2012

آبهوائي تبديليون ۽ انهن جو اتهاس تي اثر- ايم.ايڇ. پنهور/ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



آبهوائي تبديليون ۽ انهن جو اتهاس تي اثر
ايم.ايڇ. پنهور/
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

باب پهريون
سڃاڻپ
گھڻا ئي آبهواڄاڻڪ (Climatologists) اتهاس نه ٿا پڙهن جنهنڪري اهي آبهوائي تبديلين ۽ اتهاس جي وچ ۾ موجود ڳانڍاپي کي سمجھي سگھڻ لائق نه ٿي سگھيا آهن. ڪي ئي اتهاسڄاڻڪَ (Historians) مُندَڄاڻ (Meteorology، مندڀياس) ۾ دلچسپي نه ٿا وٺن، جنهنڪري اُهي اِهو پرکي نه ٿا سگھن ته آبهوا به اتهاس تي ڪو اثر وجھي ٿي. اهي حقيقتون ڄاڻڻ باوجود ته آبهوائي تبديلين ويجھڙ وارن ورهن ۾ ساحل (Sahel) ۽ ٿر ۾ سوڪهڙو (Drought) پيدا ڪيو آهي، ججهن ۽ ڳَرن مِينهنِ ٻوڏ آندي ۽ ٿــڌين لهرن فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن به اتهاسڄاڻڪن ڪا پرواهه نه ڪئي آهي. زرعي تعليم ۽ مندڄاڻ سان تمام گھٽ اهميت واري موضوع جھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾، نه ته مندڄاڻڪن ۽ نه ئي وري زرعي ڪارڪنن ڪُڙمين کي اهو چِٽو ڪري ٻڌائڻ لاءِ ڪو تحرڪ (Initiative) ورتو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ جيڪڏهن تاءَ }تابش[1]{، واچَ }واءُ، {Wind جي رفتار ۽ گِهم ۾ هاڃيڪار تبديلين جو امڪان هجي تڏهن ڪهڙا ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن. آئِيس لَئنڊ، چِلي (Chile)، صحارا ۽ مرڪزي ايشيا ۾ آبهوائي ڪيفيتون ڪيئن سنڌ جي آبهوا تي اثر وجھن ٿيون، انهن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ ڏنل آهي.
اتهاس تي آبهوائي تبديلين جي ڪري پوندڙ اثرن جا ڪجھ مثال هيٺ ڏجن ٿا:
·     هيٺل (Lower) ۽ وِچَل (Middle) جُهوپهڻي (Paleolithic، جھونو پٿر جو) زمانن دوران ماڻهو نديُن ۽ ڍنڍن جي ويجھو رهندا هئا ڇو ته وٽن پاڻي نِئڻ جا ڪي به ذريعا موجود نه هئا.
·     مهين }موهن/موئن جي دڙي{ جي اوج واري زماني کان پوءِ وارن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڏاکڻي پاسي ورانڊن ۽ اُترئين پاسي دروازن جي اڻهوند ڏيکاري ٿي ته سنڌو سڀيتائي زماني کان پوءِ سياري دوران اتر کان ٿڌيون هوائون لڳنديون هيون ۽ اونهاري ۾ ڏکڻ کان هِير گُهلندي هئي، ۽ لَهسيندڙ گرمي ۽ سج-لُوساٽ پڻ وڌي ويندي هئي. ڏکڻ پاسي ورانڊا ٺاهي ۽ اتر پاسي دريون نه رکي انهن اثرن کي گَهٽايو ويندو هو. مهين ۾ ڏاکڻي پاسي ورانڊن جي اڻهوند ڏيکاري ٿي ته ڏکڻ کان هِير گھلڻ وارو ڍاٻ (Pattern) ان مهل پيدا نه ٿيو هو ۽ انهن ڏينهنِ ۾ آبهوا ڪجھ ٻئي قِسم جي هئي.
آبهوائي ٿارٿَل (Fluctuation) ۽ ڪيئن اها انساني وهنوار سان کَونس ڪري ٿي:
آبهوا ۾ هيٺ ڄاڻايل سڀ جزا شامل آهن:
تاءُ، گِهمَ، مِينهن-وَس، جُهڙ ڇانءَ، ڪوهيڙو، اُس جو مقدار، واچَ، ٻاڦجڻ (Evaporation) ۽ ماڪَ-درجو (Dew-point) ــــــــــ ڏينهون ڏينهن ۽ سال بسال جيئن اهي هجن. اهڙيءَ طرح، ڪيترن ئي وڻوٽن (Plants) جي وڌڻ، گُلجڻ ۽ ميوجڻ لاءِ گھربل ڪُل گرمي ۽ کيپ (Dormancy) لاءِ گھربل ڪل ٿـڌ جي ڪَٿ ڪرڻ به ضروري آهي. تاءُ ۽ مِينهن، ٻه تمام نازڪ عنصر آهن جيڪي آبهوا جي تقرري ڪن ٿا.
آبهوا ماڻهوءَ تي هيٺ ڄاڻايل طريقن سان اثر وجھي ٿي:
·     آبهوا ئي آهي جيڪا مقرر ڪري ٿي ته ماڻهو ڪِٿي ۽ ڪڏهن شڪار کيڏن، ڪٿي رهن، ڇا پائِن، ڪٿي پوکي راهي ڪن ۽ ڪهڙي قسم جا فصل اپائن.
·     ماڻهو دنيا جي جيتري وڏي حصي ۾ رهن ٿا، جيڪڏهن باهه، بَتِي }هٿرادو روشني، {Lamp، گرم ڪپڙا، گَهرَ، چمڙي جا جوتا وغيره نه هجن ته، ان کان وڌيڪ سوڙهي ايراضيءَ ۾ رهڻ تي مجبور ٿي پون ها.
·     آبهوائي ٿارٿل زميني بڻت (Texture)، زميني پاڻيءَ جي سطحن، ندين ۽ ڍنڍن جي سطحن، بارفن (Glaciers)، پاڻيءَ جي قوت ۽ پاڻيءَ-برقي (Hydroelectric) قوت تي اثر وجھي ٿي.
·     تاءَ ماڻهن ۽ جانورن ۽ انهن جي سهنج سهولت ۽ فصل-واڌ ۽ انهن جي لاڀ }اُپت، {Yield تي اثر وجھن ٿا.
·     اُس، گِهمَ ۽ جھڙالو ماڻهوءَ، جانور ۽ اوڀڙ جي صحت تي اثر وجھن ٿا.
·     وائکائي (Windiness) ٻاڦجڻ، ٻاڦ-نيڪر (Evapotranspiration) ۽ ان جي ڪري فصلن جي واڌ تي اثر وجھي ٿي. اها جيوڙن (Bacteria) ۽ ڦنگين (Fungi) جي نيپاڄي حالتن تي پڻ اثر وجھي ٿي. اها فصلن جي ٻُورجڻ }ٻوڪجڻ، ٻئارجڻ، {Pollination لاءِ ذميوار جِيتن جي چرپر تي پڻ اثر وجھي ٿي.
·     آبهوا گُمڻ گَهتڻ، سير سفر، مواصلات، راندين ۽ صحتي وِندرگاهن تي اثر وجھي ٿي.
·     اها زميني کاٻَ (Erosion)، ٻوڏائپ، سامونڊي ۽ نديائي پائَپ (Encroachment) جو ڪارڻ هوندي آهي.
·     گذريل 4 لک ورهن دوران هاڻوڪو ماڻهو ــــــــــ ماڻُو سُڌيت }هومو سَئپِينس، {Homo Sapiens ـــــــــــ ڌرتيءَ تي وجود رکندو پئي آيو آهي ۽ ان تي آبهوائي گَهٽاوَڌيءَ }ڦيرڦار {variation جو اثر پوندو ئي رهيو آهي.
·     جَجھــرُوپ (پليئِسٽوسِين، Pleistocene) زماني (يعني گذريل 18 لک ورهن) دوران تاپيَرِي }ڪوسي ڪمربند وارا، {Tropical ۽ اَپ-تاپيري (Sub-tropical) جبلَ هڪ حد تائين برفاني ڳنڍن سان ڍڪيل رهيا آهن. ماڻُو سڌيت رڳو تاپيري ۽ سڄر (Warm) اپ-تاپيري ايراضيون والاري ويٺا هئا.
·     مَليريائي مڇر 16°س }سورهن  ڊگري سينٽيگريڊ{ کان گھٽ تاءَ ۾ يا %63 کان گھٽ نسبتي گِهم ۾ نسلي نيپاڄ نه ڪري سگھندا آهن. سنڌ ۾ اهي گھٽ ۽ وڌ تائَن ۾ ۽ اونهاري جي گھٽ گِھم ۾ مري وڃن ٿا پر انهن جا آنا (Eggs)، آبهوا بدلجي جڏهن فائديمند ٿئي ٿي، ڦُــڙجَڻ تائين تڳي اچن ٿا.
·     رِڻائي مڪڙ (Desert Locust) 25°س کان 35°س تائين تائن ۾ تمام ڦڙت هوندو آهي. اهو 15°س ۾ نستو ٿي پوي ٿو ۽ 50°س کان مٿي تاءُ ان لاءِ موتمار آهي.
اهي سڀ شيون ماڻهن تي اثر وجھن ٿيون ۽ ڏينهنِ، گذرندڙ حياتيءَ کي مقرر ڪن ٿيون.
اولهايُون (Westerlies) ۽ سڄيءَ دنيا ۾ آبهوائي گھٽاوڌيون:
·     چَوماسي جون هوائون اولهايُن (جن جو ذڪر هيٺ ايندو) جي وهڪري سان لاڳاپيل آهن.
·     ڌرتيءَ جو ڦِرڪو (Rotation)، ڌرتيءَ جي مختلف حصن ۾ پهتل گرميءَ ۾ موسمي تبديليون، زمين ۽ سمنڊ ۽ پڻ واءُ تي اُسَ جن مختلف نمونن سان اثر وجھي ٿي، واءُ جنهن جو ڪارڻ خشڪ زمين ۽ سمنڊ جي گھٽ-وڌ ڪوسائپ آهي، انهن سڀني عملن تي اولهاين جو اثر پوي ٿو. اولهايون آئيس لئنڊ، اُترئين يورپ، روس ۽ مرڪزي ايشيا ۽ سندن ٻهرائي (Periphery) تي ٿيندڙ هوا جي چرپر کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي رکن ٿيون پر اهي ... oscillate time and again[2] ۽ آبهوائي تبديلين جو ڪارڻ هونديون آهن.
·     ساحل ۾ مينهن-وس سنڌ ۾ مينهن-وس تي اثر انداز ٿئي ٿي. 1972ع ۾، ساحل ۾ آيل سوڪهڙي ڏکڻ ايشيا جي مينهن ۾ %40 کوٽ پيدا ڪئي.
·     اولهاين جي ڪري آئيس لئنڊڪ تاءَ پاڪستان ۽ اترئين ڀارت (هماليا ۽ سنڌو ۽ ان جي ڀَرتو شاخن جي آسَهه {Catchment}) ۾ چوماسائي مينهن سان سَهه-ناتيدار (co-related) آهن.
·     آئيس لئنڊ جڏهن ٿڌِي ۽ ٿڌي ٿيڻ جي ساٽ (Process، عمل) هيٺ هوندي آهي تڏهن ڏکڻ ايشيا ۾ ڏڪار منهن ڪڍندو آهي ۽ ان جو ڪارڻ وري به اولهايون هونديون آهن.
·     ڏکڻ ايشيا چوڏهينءَ کان اڻويهين صديءَ تائين، وچ وچ ۾، ڪي ئي ورهه ڏڪار ڏٺو. ساڳي عرصي دوران آئيس لئنڊ ۾ ڪوساڻ ۽ ٿڌاڻ جا ڪي ئي اڻ-پَتيا }غير يقيني{ مُدا ٿي گذريا ۽ ڪي ئي ڏهاڪين ورهه تمام گھڻي ٿڌ، پارو پوندو رهيو.
·     ڍٻار (Normal) تاءَ-پڙهڻيون گذريل 30 ورهن جي سراسري آهن. 1890ع کان 1940ع تائين ملندڙ تاءَ 1940ع کان 1980ع تائين ملندڙ تائَن کان مٿڀرا هئا. اِٿوپيا، سُوڊان، چاڊ، نائجر، مالِي، اَپر Upper}، ماٿيل{ وولٽا، سينيگال ۽ ماريطانيا ۾ تازو آيل تبديليون ۽ سياسي اوٿارَ (Up-heavals) ساحل ۾ 1968ع کان هلندڙ سوڪهڙي جي ڪري آهن.
·     اولهايُون ڏکڻ ايشيا ۾ چَوماسي جي ڍاٻ تي پڻ اثر وجھن ٿيون. ڏکڻ ايشيا ۾ چوماسو نه ٿو ٿئي ته باراني زرعي ايراضيءَ ۾ اناج جي اپت 3/1 (ٽيڻ تي) گھٽجي وڃي ٿي.
·     1945ع کان پوءِ تائن ۾ آيل گھٽتائيءَ سنڌ ۾ ڏهن ورهن اندر سڳداسي چانور جنس جي ٻُوٽي جو ٿـڙ پورالو ڪري ڇڏيو ۽ جيئن ته فصل جي رچجڻ }سامائجڻ{ جي مند ۾ ٻن هفتن جي دير }وِٿي{ وجھي ڇڏي، ان ڪري اهو فصل ئي جھڙوڪر ختم ٿي ويو.
·     سنڌ جي اترئين ڪوهستان جي اوچين ٽڪرين ۾ گرم علاقائي آبهوا آهي. پِستي، بادام ۽ گرم علائقن ۾ اڀرندڙ ٻين وڻن جون اوهٖير (Wild) جنسون آلهدار (Wet) عرصن دوران ڦلاربيون رهنديون آهن. اهي اوهٖير وڻوٽا 4-هزار فوٽ ۽ انهن کان وڌيڪ اوچاين تي اڃا تائين وجود رکن ٿا.
اولهايُون ڇا آهن؟
}اولهايون (هوائون): اهي هوائون جيڪي اولهه پاسي ڏي موجود يا اولهه پاسي کان گُهلندڙ آهن.{
اهي ان اوچائيءَ تي موجود آهن جتي هوا جو داٻ پنهنجي زميني سطح واري داٻ جو لڳ ڀڳ اڌ آهي (يعني 500 مِلِي بار {millibar}). اهي 6 کان 7 ڪلوميٽر اوچاين تي يعني زميني سطح کان 20 کان 23 هزار فوٽ مٿي موجود آهن ۽ متوازي رهندي هوائون انهن گِهرڪُن (Contours) تي اتر قطبي گھٽ داٻ واري علائقي ۾ اُبت-گھڙيالِي (Anti-clockwise) ۽ ڏکڻ قطبي گھٽ داٻ علائقي ۾ گھڙيالِي (clockwise) رخ ۾ گُهلنديون رهن ٿيون. وچ وارين ليٽاڪُن Latitude}، سمهيل ڦاڪن، ليٽيل ڦاڪن{ ۾ انهن گِهرڪن تي هوائن جو ورن-قطبي (Circumpolar) وهڪرو جاري رهندو آهي ۽ ورن-قطبي ڪُن (vortex) سڏيو وڃي ٿو. ڌرتيءَ مٿان ان ڪُن جي ٿولهه 2 کان 20 ڪلوميٽر (6500 کان 65000 فوٽ) ۾ گھٽ وڌ ٿيندي رهندي آهي.
اهو ڪُن ڌرتيءَ تي آبهوا کي مقرر صورت ڏيندو آهي. ڌرتيءَ جي قطب چوڌاري وهڪرو ڪڏهن به گول جي صورت ۾ نه پر لهر جيان ورن وڪڙن يا نام نهاد ... (ridges) ۽ ... (troughs)[3] جي صورت ۾ هوندو آهي.
اهو ڪُن پنهنجي ڍاٻ ۾ تبديل ٿيندو، مَٽبو رهي ٿو. ٽي مثالي (typical) ڍاٻ خاڪي-1[4] ۾ ڏيکاريل آهن. اهي ڍاٻ اترادي اڌول Hemisphere}، اڌ منڊل{ آبهوا کي مقرر ڪن ٿا. اهي ڍاٻ بلڪل هوري هوري تبديل ٿين ٿا ۽ مُند (weather) مثالي رهي ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن وڏا ٿارٿل اوچتيون ۽ شديد آبهوائي تبديليون آڻي رکن ٿا، جيئن ننڍي برفاني ڄمار (Little Ice Age)، ننڍو آبهوائي وَڌياڪ (Optimum)، ڇوها مِينهن ۽ سوڪهڙا، جيڪي ڏهاڪين ورهن، صدين يا ڪجھ سهسن تائين رهي سگھن ٿا.
Copy Map Page 34 Lamp?[5]
آبهوا، ماڻهو، جانور ۽ فصل
هيٺ اهي تاءَ-حدون ڏجن ٿيون جن ۾ماڻهو، هيرايل (Domesticated) جانور ۽ وڻوٽا پنهنجي ڪارڪرت ڀرپور نموني سرانجام ڏين ٿا:
·     ماڻهو: 15°س کان 26°س (هن تاءَ پدن ۾ ماڻهو انتهائي ڏات، ڏاهپ ۽ ڏانءَ موجب ڪم ڪري ٿو پر }ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ کي مختلف تاءَ پدن تي ايترو ته ٺهڪائي ڇڏيو آهي جو{ ڄمائيندڙ پدن کان هيٺ ۽ 54°س ڄر تائين مناسب نموني ڪم ڪار ڪري سگھي ٿو.)
·     رڍون: 3- کان 20+°س
·     گَهٽو: 28 کان 30°س
·     ڳئون: 0 کان 16°س
·     گابو: 13 کان 35°س
·     سوئر: 0 کان 15°س
·     سوئرڙو (Piglet): 32 کان 33°س
·     ڪڪڙِ: 18 کان 28°س
·     چُوزو: 34 کان 35°س
·     وڻوٽا: عمدي واڌ 25 کان 30°س
ان ڪري چئجي ٿو ته آبهوا وڻوٽن، جانورن ۽ ماڻهن تي سهسين نمونن سان اثر وجھي ٿي. ماضيءَ ۾ زمانن تائين آبهوا جو اڀياس، ان ڪري، ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي جياپي جي ڍنگ (type) جو ڏس ڏئي سگھي ٿو، توڻي جو سنڌ (نگرپارڪر جي ڪارونجھر ٽڪرين کان سواءِ) سمنڊ مان اسرڻ رڳو 620 لک ورهه اڳ شروع ڪيو هو.
تاءُ ۽ وڻوٽ واڌ
تجرباتي تحقيق ڏيکاري ٿي ته:
·     هڪ مُنڍائتو (Threshold، ٻُنڀڪ) تاءُ ٿئي ٿو جنهن تائين وڻوٽ واڌ ليڪائِي نموني }هڪ طرفي{ وڌندڙ ٿئي ٿي جنهن کان ٻاهر واري تاءَ تي ليڪائي نموني کوٽ ٿئي ٿي.
·     تاءُ وڌي وڃي ٿو ته ڍَڪيل (canopy) اوسر جو وقت گھٽائيندي هر فصل سان لاڳاپيل وري-اُپائت (re-productive) مُدو ننڍو ٿي وڃي ٿو ۽ جِيامايو (Bio-mass) سُسائي ڇڏي ٿو. سنڌ ۾ اونهاري دوران وڌيل گرمي ميون جي رسجڻ ۾ تڪڙ آڻي ٿي. مثال آڙو (Peach) (اپريل جي پُڄاڻيءَ کان مئي مهينو)، لِچي (Lychee) (مئي جا پويان 15 ڏينهن) ۽ ڏاڙهون، صوف ۽ آلو بخارا (Plums) (جُون مهينو) رسجي وڃن ٿا، پر مسئلو اهو پيدا ٿي پوي ٿو ته اهي ننڍا ئي رهن ٿا ۽ ٽِــڙڪي پون ٿا.
وسڪارو، تاءُ ۽ ڪڻڪ جو لاڀ
تجرباتي تحقيق ڏيکاري ٿي ته:
·     مِينهن-وَسَ يا پوسرالي (moisture) ۽ سياري جي تائن ۾ 0.5°س کان 1°س جي کوٽ سبب ڪڻڪ جي لاڀ ۾ 8 کان 12 سيڪڙو تائين کوٽ ٿي سگھي ٿي.
·     پوسرالي ۽ تاءَ ۾ واڌ آڻي وڌيڪ ٿڌن علائقن ۾ به ڪڻڪ جو لاڀ 25 سيڪڙو تائين وڌائي سگھجي ٿو.
·     اونهاري ۾ 1°س جي واڌ جو مطلب اهو به آهي ته وچٿرن ۽ مٿاهن اوچن هنڌن تي واڌ واري موسم ۾ 10 ڏينهنِ جي گھٽتائي ۽ سنڌ ۾ امڪانن 20 ڏينهن جي گھٽتائي ۽ سياري ۾ ٿيندڙ فصل لاءِ 1°س جي کوٽ واڌ موسم کي ڊيگھارو ڪري ڇڏيندي.
·     تاءُ وڌائڻ وسيلي، پر وڌياڪ (optimum) تاءَ کان وڌيڪ نه هجي، ڪڻڪ جو لاڀ 8 کان 20 سيڪڙو وڌائي سگھجي ٿو. وڌياڪ کان مٿاهين سطح تائين تاءُ وڌائبو ته لاڀ گھٽ ٿيندو.
·     سڄر آبهوا ٻاڦجڻ ۽ ان سان گڏ ٻاڦ-نيڪر وڌائي ڇڏي ٿي ۽ ان ڪري پوسرالي جي گھرج وڌي وڃي ٿي.
·     عام پوندڙ مندائتا مينهن جيڪڏهن نه وسن ۽ دير ٿين ته فصل پنهنجي گھربل وقت ۾ نه پچندا، ڇو ته واڌ مند گھٽجي ويل هوندي ۽ لاڀ گھٽ ملندو.
ڪوهستاني زمين جي اُپتائپ (Productivity)
انهن ورهن ۾، جڏهن مينهن پنهنجيءَ سراسريءَ کان گھٽ وسي ٿو، پوسرالي ۾ 10 سيڪڙي تائين لاٿ ڪوهستاني زمين جي اپتائپ کي 20 سيڪڙو تائين کُٽائي ڇڏي ٿي ۽ مينهن ۾ 50 سيڪڙو کوٽ معنى سراسري اپتائپ ۾ 75 سيڪڙو کوٽ.
آبهوائي تبديليءَ جا ڪارڻ
·     رِڻن ۾ فضا منجھ دز موجود هجڻ جي ڪري ۽ قطبن تي سج کان ايندڙ روشني جي ٺهندڙ ڪنڊ جي ريب (Obliquity، ٽيڏائپ) جي ڪري، ڌرتي جيتري موٽائي ٿي ان جي ڀيٽ وڌيڪ ترورائپ (radiation، ڪِرڻائپ) وصول ڪري ٿي. ان ڪري رڻن ۾ ۽ قطبن تي ڏينهن جي وقت تاءُ گھٽجيو وڃي ۽ رات جي وقت وڌي ٿو پر اڌوڙڪ (Equator، خط استوا) تي گھٽجيو وڃي ۽ رات جي وقت دوران رهندڙ تاءَ ۾ فرق ڪجھ گھٽ ئي ٿئي ٿو.
·     مُندائت سرشتي (Weather System) جو ڪو به جز ٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي ۽ اهي سمورا جزا هڪ ٻئي سان تُڻيل (Integrated) ايڪائي حيثيت ۾ ڪم ڪن ٿا.
·     سج چوڌاري ڌرتيءَ جو مدار (Orbit) 90-هزار کان 1-لک ورهن دوران بدلجي ٿو. ڪن موقعن تي اهو پوريءَ طرح گولائون هوندو آهي ۽ ٻين موقعن تي بيضوي، ۽ اهو ڌرتيءَ تي تائن، بارفو (Glacial) ۽ وچات-بارفو (Inter-glacial) واقعن }ماجرائن، {episodes کي جنم ڏئي ٿو.
·     گذريل برفاني ڄمار دوران يعني 17-هزار ورهه اڳ ڌرتي گولي جو سراسري-وِچ (mean) تاءُ اڄوڪي جي ڀيٽ ۾ 6°س گھٽ هو ۽ برطانوي ٻيٽ برف هيٺ هئا. سج چوڌاري ڌرتيءَ جي مدار سبب پيدا ٿيل شايد آخري بارفائپ (Glaciation) جو اوج هو. گورک کان ڏاڙهياري تائين 50 ميل ڊگھو کيرٿر سلسلو اوس برف سان ڍڪيل هوندو ۽ بارفا (Glaciers) جڏهن رڙهي ويا تڏهن انهن U-روپ برساتي سِير جو مَنڌياڻي وڍ (cross-section) ٺاهي ڇڏيو.
سِجائت مَوجُون ۽ سج-داڳ ۽ ڪيئن اهي آبهوا کي بدلائن ٿا
سج-داڳن (sun spots) ۽ سجائت مَوجن (solar surges) جي ڪري پوندڙ آبهوائي اثرن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:
·     ڌرتيءَ جو ساليانو مدار جيئن ته بيضوي آهي ان ڪري سجائت تِرورائپ }ڪِرڻائپ{ هڪ ورهه جي مُدي يعني ساوڻ ۽ سياري دوران 30 سيڪڙو گھٽ وڌ ٿئي ٿي.
·     ڌرتي سج چوڌاري پنهنجي ڦيري (Oscillation) تي 7 پَــدن (Degrees) جو جُهڪاءُ (tilt) رکي ٿي.
·     جيترو وڌيڪ جهڪاءُ، سياري ۽ ساوڻ جي تائن ۾ اوترو وڌيڪ فرق. گذريل آخري وڏي ۾ وڏو آبهوائي وڌياڪ سان ٺهڪندڙ جهڪاءُ 10-هزار ورهه اڳ ٿيو هو جيڪو، سڄيءَ دنيا ۾، ڪيترن ئي جانورن ۽ فصلن کي گھريلو (هاٿيلي) پالنا ڏانهن وٺي ويو.
·     ڌرتي پنهنجي محور axis}، سَرائيءَ{ تي جُهڪندي جُهولندي ڦرندي رهي ٿي ۽ اهو چڪر پورو ٿيڻ تائين 21-هزار ورهه وٺي ٿو.
·     سج پڻ }پنهنجي محور تي{ ڦري ٿو ۽ ان جو چڪر 9 کان 27 ورهن جي عرصي جيترو اختلاف ڏيکاري ٿو.
·     سـج-داڳــن جــو 11-ورهيــو، يا وڌيــڪ درست رهندي 22-ورهيو ڦيرو وڌيڪ مڃيل آهي.
·     سج-داڳن جو 22-ورهيو ڦيرو پڻ گھٽ وڌ فرق ڏيکاري ٿو ۽ اهو سجائت ڪِرڻائپ ۾ گھٽ وڌائِي ۽ ان ڪري ڌرتيءَ تي آبهوا ۾ گھٽ وڌائِي پڻ آڻي ٿو.
·     1645ع کان 1715ع جي وچ واري عرصي ۾ ڪرڻائپ هاڻوڪيءَ جي ڀيٽ ۾ 1.4 سيڪڙو گھٽ هوندي ۽ ان ڪري تاءَ ۾ 1°س کان 2°س جو فرق هوندو. اهو سڄيءَ دنيا ۾ ۽ سنڌ ۾ ننڍي برفاني ڄمار جو سڀ کان وڌيڪ بڇڙو عرصو هو.
·     1916ع ڌاري ڪرڻائپ وڌي وئي ۽ جڏهن ابتڙ ساٽ (reverse process) شروع ٿيو ته 1947ع تائين تاءُ مٿي چڙهيل رهيو.
·     ڌرتيءَ سميت، سج چوڌاري ڦرندڙ گرهن جي ڦيري واري مدي ۾ فرق سج تي گڙٻڙ پيدا ڪن ٿا، جيڪا 17-سَو ورهن جي لاڳيتو رهندڙ تال (rhythm) سان ٿيندي رهي ٿي.
·     سج ۽ ڌرتي جي ڇِڪ وِيرون اپائي ٿي. عام طرح اوچيون ويرون 18-سَو ورهن جي وٿيءَ سان عمل ۾ اچن ٿيون ۽ آبهوائي ڍاٻن ۽ ساٽن (Patterns and Processes) کي تحرڪ ۾ آڻن ٿيون جن کي پنهنجي معمول تي موٽي اچڻ لاءِ ڊگھي عرصي جي گھرج رهي ٿي. ننڍڙي برف ڄمار جي مهميز جو ڪم 1433ع ۾ انتهائي اوچاين تي ڪنهن وِيرائت وڌياڪ (tidal maximum) سرانجام ڏنو هوندو جنهن جي ڪري قطبي برف ۾ ڏکڻ پاسي ڊُوهه ٿي هوندي ۽ نتيجي طور ايندڙ 400 ورهن لاءِ ”ننڍڙي برف ڄمار“ شروع ٿي وئي.
·     هڪ پاسي اڻاٺيل/سوڪاٽيل (Arid) ايراضين ۾ ايندڙ سوڪهڙن ۽ ڪوسن علائقن ۾ وڌيل مينهن-وس ۽ ٻئي پاسي سج-داڳن جي وچ ۾ هڪ سهه-ناتو (co-relation) موجود آهي. انهن جو مدو 80 کان 90 ورهه يا 120 کان 200 ورهه هجي ٿو.
·     ڌرتيءَ جو مدار پڻ ان جي تائن تي اثر وجھي ٿو. مدار جو چڪر هن طرح آهي:
-   لڳ ڀڳ گولائين کان وڌ ۾ وڌ بيضوي تائين          96000 ورهه
-   ڌرتيءَ جو جهڪاءُ ڪجھ پدن تائين           40000 ورهه
-   مدار چوڌاري مُندن }موسمن، {seasons جي درستگي 21000 ورهه
·     انهن ۾ به، آبهوا تي سڀ کان وڌيڪ اثر وجھندڙ سج کان اهو مفاصلو آهي جيڪو ڌرتيءَ سامهون رهندڙ قطبي علائقن وٽ ٺهندڙ ڪُنڊ جي ڀيٽ ۾ ٺهي ٿو.
اوچتن آبهوائي واقعن جا سبب
آبهوائي تبديليون آپدا (مصيبت، trouble) ۾ مبتلا ڪندڙ نتيجن سان گڏ اوچتو ئي ظاهر ٿي پونديون آهن. عام ۽ وڏا سبب هي آهن:
·     برف جي تمام وڏن تهن جون بارفو مَوجون.
·     سجائت واقعا.
·     ڌماڪيدار آتشفشاني اُٻڙڪن جي وَرياتا (Frequency).
بارفو مَوجون
·     گذريل برفاني ڄمار جو چوٽ 17-هزار ورهه ق.م ڌاري ٿيو.
·     17-هزار ق.م ۽ 10-هزار ق.م وچ ۾ برف ٽي ڀيرا اُسهي هئي. پهريون ڀيرو 12500 ق.م ۽ ٻيو 11400 ق.م، جنهن اهو ڏيکاريو ته ڪوسا ۽ ٿڌا دَور رڳو 200 کان 500 ورهن تائين هلي سگھن ٿا.
·     مٿي ڄاڻايل، برفاني اُسهه جي ڪري آيل آپدا پوريءَ طرح جھنجھيل ٻيلن کي تبديل ڪري سگھي ٿي.
·     ان کان پوءِ اُترئين اڌول جي برفاني قبن (domes) جو رجڻ 8000 ق.م مڪمل ٿيو.
سجائت واقعا
·     لڳ ڀڳ 6500 ق.م کان پوءِ، ”آبهوائي وڌياڪ“ وڌي ويو ۽ سامونڊي سطح اڄ جي ڀيٽ ۾ 2 کان 3 ميٽر مٿي ٿي وئي.
·     ڄراٽ مرحلا عام طرح راجستان-سنڌ ايراضيءَ ۾ تيز مينهن-وس سان ٺهڪندڙ هوندا آهن.
·     سج تي جيترا وڌيڪ داڳ اوترو وڌيڪ گھٽ تاءَ ۽ ٻيا سجائت واقعا.
ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مواد ۽ آبهوا
·     هوا جو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مواد هن صديءَ جي ابتدا کان هاڻي تائين 10 کان 15 سيڪڙو ۽ 1850ع کان وٺي 25 سيڪڙو يعني انهن ڏينهن ۾ 280 پِي.پِي.ايم (PPM) کان 1989ع ۾ 335 پِي.پِي.ايم تائين وڌي ويو آهي جنهن جو ڪارڻ پاهڻي ٻارڻ (fossil fuels) واهپي ۾ آڻڻ آهي. ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جيتري سمنڊن ۾ ڳري وڃي ٿي ان جي ڀيٽ ۾ ٻيڻِ ٻيلا جذب ڪري وٺن ٿا. فضا ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مواد جيڪو ٻيڻو ٿي وڃي ته ڌرتيءَ تي تاءُ 2°س کان 3°س وڌي ويندو. فضا ڪنهن لفافي يا شيشي يا سبز گھر جيان عمل ڪري ٿي. سبز گھر جي گئسن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ موجود رهي ٿي ۽ ان سان گڏ مِيٿين (Methane) ۽ نائٽرس آڪسائيڊ ۽ پڻ فلورو-ڪاربانس جا پَرا (traces، پارَ) موجود هوندا آهن. نائٽرس آڪسائيڊ، ڀاڻَن جي وڏي پيماني تي واهپي سبب، وڌندي وڃي ٿي. مِيٿين جو اثر محدود آهي پر زرعي ڦوڳ جو اڻ-وائَڪ (un-aerobic) هضمجڻ فضا ۾ ميٿين جو مقدار وڌائيندو رهي ٿو. انهن گئسن کي قابو ۾ رکڻو آهي.
ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ مواد ۽ آبهوا
·     آبهوا سال به سال گھٽ وڌ ٿيندي رهي ٿي پر اها ڏاڍي تيزيءَ سان به تبديل ٿي سگھي ٿي، ايتري تبديل جو گھڻن ورهن جي سراسري ڪڍجي ته اها وڌيل بيهي.
·     ماضيءَ ۾، ڌرتيءَ جي 6-لک ورهي عرصي ۾ چار برفاني ڄمارون ٿي گذريون آهن جن مان هر هڪ 50-هزار ورهن يا لڳ ڀڳ ايتري مُدي تائين هلندي رهي ۽ انهن جي وچ وارا عرصا يعني وچات-بارفي عرصا سڄر رهيا. انهن وچات-بارفي عرصن ۾ هر هڪ سڄر عرصو 100 کان 120 هزار ورهن تائين هلندو رهيو.
·     هاڻوڪي وچات-بارفي عرصي کي لڳ ڀڳ 10800 ورهه گذري چڪا آهن.
·     گذريل 11-هزار ورهن ۾ اسان کي ڪنهن به اهڙيءَ صديءَ جي سُڌ ناهي جنهن ۾ آبهوا مدامي (constant) رهي هجي.
·     هر سال ڏکڻ ايشيا ۾ چوماسي }مندائتي{ اوسر تي اترئين اڌول جي اولهاين هوائن جو، جيڪي اڃا وڌيڪ اتر طرف ويندڙ آهن، اثر پوي ٿو. اهو علاقائي-پٽو (belt) اتر قطب جي ڀيٽ ۾ پنهنجا رخ تبديل ڪندو رهي ٿو.
·     ڏکڻ ايشيا جي چوماسن تي آرڪٽڪ (Arctic) جي برفَ تهن ۾ سوس يا ڦونڊ جو پڻ، جيڪي پڻ اولهاين جي اثر هيٺ ٿين ٿيون، اثر پوي ٿو.
·     اوچين ليٽاڪن (Latitudes، ويڪرائي يا سمهيل/ليٽيل ڦاڪن) يعني سائبيريا، ناروي، سويڊن، آئيس لئنڊ، اسڪاٽ لئنڊ ۽ الاسڪا) ۾ ڪنهن زماني ۾ جڏهن تاءَ تمام گھٽ هوندا هئا تڏهن ڏکڻ ايشيا ۾ چَوماسا گھٽجي ويندا هئا. آئيس لئنڊ جي آبهوا، ڪيترن ئي مندڄاڻڪن جي راءِ موجب، ڏکڻ ايشيا جي آبهوا سان ڪيترن ئي سهه-ناتن ۾ ڳنڍيل آهي ۽ نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته آئيس لئنڊ ۾ پوندڙ پارا ڏکڻ ايشيا ۾ چوماسن کي گھٽ ڪري ڇڏيندا آهن. ڏکڻ ايشيا ۽ آئيس لئنڊ جي وچ ۾ تاءَ آبهوائي وڌياڪ، ننڍڙي برفاني ڄمار ۽ ان جي ڪڍ ايندڙ سڄرائپ جي حوالي سان 900ع کان وٺي هڪ عمومي سهه-ناتي ۾ رهندا آيا آهن ۽ شڪ کان آجي نموني ثابت ٿي چڪا آهن.
·     انگلئنڊ ۾ٿڌا عرصا صحارا ۾ سوڪهڙن سان ٺهڪي اچن ٿا ۽ آئيس لئنڊ ۾ ٿڌا عرصا ڏکڻ ايشيا ۾ چَوماسي کي ختم ڪري ڇڏين ٿا. تجربو ڪري ڏٺو ويو آهي ته جيڪڏهن تائَن ۾ سراسري طرح 0.8°س جي گھٽتائي هجي ته، فصلن جي لاڀ ۾ 25 سيڪڙو کوٽ اچي ٿي.
دنيا جي غريب ملڪن ۾ آبهوائي تبديلين جا نتيجا
مند ۾ تبديليءَ جي ڪري بيماريون ظاهر ٿين ٿيون، جن جي ڪري گھٽ قوت وارو کاڌو کائيندڙ انساني آبادي اُجڙي وڃي ٿي.
مختلف مٿاڇرن تان روشنيءَ جي موٽ ۽ مقصد (Implications)
مختلف مٿاڇرن تان موٽايل روشني هن طرح آهي:
- برف                   80 سيڪڙو.
- خشڪ گاهَه  20 کان 30 سيڪڙو.
- آلا گاهه      8 کان 20 سيڪڙو.
- رِڻَ           24 کان 30 سيڪڙو.
- ٽڪريون     15 کان 12 سيڪڙو.
آبهوا ۾ ننڍيون تبديليون موٽايل ۽ جذب ڪيل روشني جي ڪري ٿين ٿيون.


باب ٻيو
ڌماڪيدار باهوٺيائي اُٻڙڪا
سندن ورياتا، آبهوا تي اثر ۽ اتهاس

باهوٺيائي (Volcanic، آتشفشاني) اُٻڙڪا (eruptions، اوڳاڇون) ڪيئن آبهوائي تبديليون آڻن ٿا، ان سوال جو جواب سانتارِن (Santarin) ۽ ڪراڪارتو (Krakarto) زلزلن، 1886ع ۽ 1883ع، جي ڏنل ٻن ڪلاسيڪي مثالن وسيلي سمجھي سگھجي ٿو.
سانتارن باهوٺيائي اُٻڙڪو
هِن باهوٺيائي اُٻڙڪي يونان ۾، 1320 ق.م، اقتدار جو انت آندو جيڪو سنڌ ۾ جُهڪر (Jhukar) ثقافت جي پُڄاڻيءَ ۽ ان جي جاءِ تي آيل زوال ڏانهن مائل جھانگر (Jhangar) ثقافت جي اچڻ سان ٺهڪي اچي ٿو. سانتارن باهوٺي (volcano، آتشفشان)، ڪريٽ (Crete) کان 120 ڪلوميٽر اتر طرف، پنهنجي ڇار ڇڏڻ شروع ڪئي، جنهنڪري ڇار جو 30 ميٽر (100 فوٽ) ٿلهو تهه پکيڙي ڇڏيو جنهن هڪ وڻ جو هيٺيون حصو پُوري ڇڏيو. اهو وڻ ڀروسي سان 3370 ورهه آڳاٽو چئي سگھجي ٿو. اُٻڙڪن ڇار کي فضا ۾ 50000 ميٽر (30 ميل) اوچو اڇلايو ۽ سوين ميل پري تائين پکيڙي ڦٽو ڪيو. اها ڇار 1000 ڪلوميٽر پري يونان جي اتر، اٽليءَ جي ڏکڻ، سِسِليءَ ۽ آفريڪا جي اتر تائين پکڙجي وڇائجي وئي. ڇار جي رَءُ (لَٽَ) وسيلي ٺهيل تهه جي وڌياڪ ٿولهه 22 سينٽي ميٽر (س.م)، 500 ڪلوميٽر پري 1 کان 2 س.م ٿلهي ۽ 1000 ڪلوميٽر پري 1 س.م کان گھٽ ٿلهي آهي.
سانتارن باهوٺو پهريائين چاريت (Quaternary يعني گذريل 10-لک ورهن واري) زماني ۾ 10-لک کان 1-لک ورهه ڌاري ٺهيو هوندو. جاچ ڏيکاريو آهي ته سانتارن اٻڙڪا 1-لک، 2-لک 50-هزار ۽ 3-لک ورهه اڳ به ٿيا هئا. 3370 ورهه ڇڏي، وري اهو 197 ق.م ۾ ڦاٽو هو ۽ پوءِ وري 726ع، 1573ع، 1650ع، 1707ع ۽ 1886ع ۾ ڦاٽو. 1886ع وارو اٻڙڪو جنوري کان مئي تامين رَتي-تَـتي (red-hot) تاڳار (Lava، لاوا) سان هلندو رهيو جيڪا سمنڊ ۾ وڃي ٿي پئي، جنهنڪري سامونڊي پاڻيءَ جو تاءُ 46°س تائين ۽ نئين ٺهيل ٻيٽ چوڌاري 84°س تائين وڌي ويو. رتي-تتي تاڳار جا ڳنڍا 500 ميٽرن تائين اوچا اڇلجي ٿي ويا.
سانتارن آپدا جي پَکوڙَ (extent، کِنڊر) انڊونيشيا ۾ بالِي جي سُنڊا ٻيٽ تي ڪراڪارتو باهوٺي جي اوٻڙڪ واري تازي مثال مان پروڙي سگھجي ٿي، ريزانوف (Rezanov) جنهن جا تفصيل گڏ ڪري تت ڏنو آهي:
·     20 مئي 1883ع تي کُنڀيءَ جھڙو ڪڪرُ باهوٺي جي ڦَلاکي (crater، سڙيل وات) مان اڀري 11000 ميٽرن (6.6 ميلن) جي اوچائي تائين پهچي ويو ۽ ان کان ڪي ئي ميل پري بيٺل جرمن جنگي ٻيڙي }وارشِپ{ جو ڊيڪ (deck، ٿَلڙ) ان جي ڇار سان ڍڪجي ويو.
·     27 مئي تي، پنجن کان وِيهن منٽن تائين جي وٿيءَ سان ڌڌڪو ٿيو پئي ۽ دونهون ۽ دز 2-هزار کان 3-هزار ميٽرن جي اوچائي تائين پهتا پئي.
·     11-آگسٽ تائين ڌڌڪا ٿيندا رهيا تان جو ذڪر ڪيل وارشپ جي ماڻهن ٽي وڏا ۽ ڪي ئي ننڍا ڦلاکا ڏسي ورتا جيڪي سڀ جو سڀ دونهون ۽ دز اوڳاڇي رهيا هئا.
·     26 ۽ 27 آگسٽ تي آپدا وڌي وئي ۽ ڪراڪارتو کان 20 ڪلوميٽر پري هڪ ٻيٽ جي ڪل آبادي ناس ٿي وئي.
·     26 آگسٽ تي 2 وڳي منجھند جو گُهگُهوڪ گوڙ (rumbling sound) تيز ٿي ويو ۽ ڇار جو هڪ ٺُلهه ٺهندي ڏٺو ويو جيڪو 27-هزار کان 33-هزار ميٽرن تائين اوچو هيو.
·     5 وڳي شام جو اٻڙڪو بند ٿي ويو، ٺلهه ڊهي پيو ۽ سنهڙي خاڪ جو مينهن وسڻ لڳو. سامونڊي ڇوليون وڌي ويو جيڪي سامونڊي ننڍن ٻيڙن ۽ ٻيڙين کي ڌِڪي ڪناري ڏانهن وهائي ويون. پاڻيءَ جهازن جي ٿَلڙن تي خاڪ جو ٿلهو تهه وڇائجي ويو ۽ ڪن ٻيڙن تي ته اهو هڪ ميٽر ٿلهو هو.
·     گجگوڙ شروع ٿي ويو ۽ گھڙيءَ گھڙيءَ وڄ جا وراڪا، اوجل چمڪا ٿيڻ لڳا ۽ پاڻيءَ جهازن جو هر ڌاتُوئِي حصو برقي جھٽڪا ڏيڻ لڳو.
·     27 آگسٽ تي، ايندڙ 18 ڪلاڪن لاءِ هر شَيءِ ٻاٽ ۾ ويڙهجي وئي.
·     ڇوليون 6 وڳي صبح جو هيٺاهن ڪنارن تي چڙهي آيون.
·     ڏهين وڳي ڏُونگر ڏَڪائيندڙ ڌماڪو ٿيو ۽ گئسون، ٻاڦ، دونهون، ڇار ۽ ڇِپُن جا گٺل روڙا 70 يا 80 ڪلوميٽر اوچائي تائين اڇلجي ويا ۽ چَوڦير 10-لک چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ يعني لڳ ڀڳ 1125 ڪلوميٽر (لڳ ڀڳ 700 ميل) قطر رکندڙ دائري ۾ پکڙجي ويا. ڌماڪن جا ڌڌڪا تامل ناڊو، سريلنڪا، بورنيو، مرڪزي آسٽريليا (3600 ڪلوميٽر)، مالاگاسي (4775 ڪلوميٽر ۽ فلپائينس (2000 ڪلوميٽر) تائين ٻُــڌا ويا.
·     ڌماڪي جي ڪري پيدا ٿيل ڇوليون جبلن جيان 30 ميٽرن جي اوچائي تائين اڀري آيون ۽ شهرن، ڳوٺن، ٻيلن ۽ ريل-راهن کي ٻوڙي ڇڏيائون. سيبسِي (Sebsi) ۽ سيرامِي (Serami) ٻيٽن جي ڪل آبادي دفن ٿي وئي. انيور (Anyor)، لار (Lor)، بانتين (Banten)، مارڪ (Mark) ۽ ٻيا شهر تباهه ٿي ويا.
·     ٻيو ڌماڪو صبح جو 10 لڳِي 54 منٽن تي ٿيو جنهن جي ڪڍ ٽيون ڌماڪو شام جو 6 لڳِي 35 منٽن تي ٿيو.
·     هلڪا ڌڌڪا 20 فيبروري 1884ع تائين ٿيندا رهيا.
·     جاوا ۽ سماترا جا سامونڊي ڪنارا اڳ ئي سڃاڻپ جوڳا نه رهيا هئا. ڌرتيءَ اگھاڙي }بَٺ، ويران{ ٿي وئي هئي ۽ ٻيلا برباد، پاڙَون پٽجي ويل وڻن سان سٿيل.
·     مري ويل ماڻهن جو انگ 40-هزار ڪٿيو ويو.
·     جھٽيڪدار ڇوليون ايڏيون ته ڇوهيون ۽ سگھاريون هيون جو باهوٺي کان 150 ڪلوميٽر پري، جاوا ٻيٽ تي ڪيترن ئي گھرن جون دريون ۽ در اِنجِيسن (hinges) کان اُکڙي آيا ۽ ڀتين تان پلستر جا چاپوڙا لهي ويا.
·     فضا ۾ تڪڙيون تبديليون اچڻ لڳيون. هوا جي چرپر کي يورپ ۽ اتر اميريڪا ۾ مُندڄاڻِي (meteorological) اوزارن تي محسوس ڪيو ويو. هوا جون لهرون سڄي ڌرتي گولي جي چوڌاري ٽي ڀيرا ڦري آيون.
·     برلن ۾ پهرئين واءُ-ڇولِي آپدا جي ابتدا کان 10 ڪلاڪ پوءِ محسوس ڪئي وئي يعني هوا هڪ هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلِي هئي. 16 ڪلاڪ پوءِ ٻِي واءُ-ڇوليءَ کي محسوس ڪيو ويو پر اها ڌرتيءَ گولي جي ٻئي پاسي کان ڦري آيل هئي. پهرئين ڇوليءَ کان 36 ڪلاڪ پوءِ برلن ۾ ٻي لهر پهتي. ٽئين ڀيري هوا جي چرپر وڌيڪ 37 ڪلاڪن کان پوءِ پهتي.
·     آگسٽ جي پڄاڻيءَ مهل آپدا جي چوٿين ڏينهن تي سج، ايترو پري جو سريلنڪا ۽ ماريشيس (Maritius) ۽ پوءِ افريڪا جي اولهائين ڪناري ۽ آخر ۾ برازيل ۽ مرڪزي اميريڪا مٿان چهچ سائو نظر آيو ٿي.
·     نومبر جي پڄاڻيءَ تي يورپ ۾ سانجھيءَ ويل سج جي ڪِرڻن کي اُڀ ۾ واڱڻائي (Purple) ٻَهڪو هوندو هو جنهنڪري اهو چڱيءَ دير تائين نظرن کان اوجھل نه ٿيندو هو. جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪيترن ئي مهينن تائين واءُ منڊل (Atmosphere، وائول) جي مٿيَن تهن ۾ دز موجود رهندي پئي آهي.
·     ٿلهي ليکي ساڳي ئي وقت يورپ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڦلهيار مليل مِينهن وسيو جنهن زمين کي وسندڙ برف جيان ڍڪي ڇڏيو. ان ڦلهيار ۾ سنهڙا اڇا قلم (crystals) هئا بلڪل اهڙا جھڙا ڪراڪارتو وارا.
·     ڇار جي ڪل مقدار بابت ڪاٿو ڪيو ويو آهي ته اهو 18 ڪيُوبڪ ڪلوميٽر ٿيندو يعني ڌرتيءَ جي سڄي مٿاڇري کي 1-انچ (2.54 س.م) ٿلهي تهه ۾ ڍَڪي سگھندو.
·     آپدا جي هنڌ کان 6 ڪلوميٽر نيم قطر (radius) ۾ باهوٺيائي ڇِپون ۽ پٿرن جا روڙا 20 کان 40 ميٽر ٿلهن تهن ۾ ڍڳ ٿي ويا.
·     نوان ٻيٽ اڀري آيا ۽ اڳوڻن موجود ٻيٽن جي ايراضي وڌي وئي.
·     لَيمپنگ (Lampung) ۽ سيمانگۡڪا (Semangka) اپسمنڊن جو ٻيڙياتو دڳ ترندڙ ڪُرنڊ (pumice) جي تهه سان ڄڻڪ بند ٿي ويو.
·     ڇار لڳ ڀڳ 750000 چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ پکڙجي وئي.
ڪراڪارتو ۾ 1883ع کان اڳ ٽي وڏا باهوٺيائي اٻڙڪا اچي چڪا هئا. هِن کان اڳ وارو 1670ع ۾ آيو هو ۽ ان کان پوءِ به 1927ع، 1951ع ۽ 1960ع ۾ آيا.[6]
باهوٺيائي اٻڙڪي سبب اٿندڙ دز ۽ ڪيئن اها آبهوا تي اثر وجھي ٿي
·     باهوٺيائي اوٻڙڪ جي حالت ۾ فضا ۾ اڇلايل دز اندر ايندڙ ننڍلهر (short wave) شڪتيءَ کي روڪي ٿي پر ڌرتيءَ تان اٿندڙ ڊگھ لهر (long wave) ڪرڻائپ کي بنا رنڊڪ گذري وڃڻ ڏئي ٿي جنهنڪري ڌرتيءَ تي تاءَ گھٽجي وڃن ٿا ۽ آبهوا ٿڌڪڙي ٿي پوي ٿي. باهوٺيائي اوٻڙڪ جي ورياتا آبهوا کي اوچتو ئي تبديل ڪري سگھي ٿي.
·     اٻڙڪا ٿڌڪار پيدا ڪري سگھن ٿا جيڪا ڪجھ ورهن کان ويندي هڪ يا ٻن ڏهاڪن ورهن تائين رهي سگھي ٿي ۽ اها سڌريل سماجن کي برباد ڪري سگھي ٿي.
·     باهوٺيائي اٻڙڪا بارفو چڙهتي وڌائي ۽ وڏيون آبهوائي تبديليون پيدا ڪري سگھن ٿا.
·     بـاهــوٺــيائــي اٻـــڙڪــا ڪِريــل تــائــن ۽ اُس-کاڌ سبب لاباري ۾ گھٽتائي آڻي ڇڏيندا آهن.
باهوٺيائي اٻڙڪا ۽ سندن سنڌ جي اتهاس تي اثر
·     شديد باهوٺيائي اٻڙڪا هيٺ ڄاڻايل عرصن دوران پيدا ٿيا آهن:
3500 کان 3000 ق.م.
1300 کان 1200 ق.م.
500  کان 200 ق.م.
1500 کان 1900 عيسوي.
باهوٺيائي اٻڙڪا ۽ سندن سنڌ جي اتهاس تي اثر
·     3500 کان 3000 ق.م اهو عرصو آهي جڏهن روتي (رونبو) نموني جو فصل سرءُ ۾ سنڌونديءَ جي ٻوڏ واري (آبڪلاڻي، سيلابي) پاڻيءَ جي ڪري ڇڏيل محفوظ آلهه (moisture) تي ٿيندڙ فصل جو ڍنگ، جيئن آمريءَ ۾ ٿيو پئي، بدلجي 3370 ق.م جي ابتدا ۾ ڪوٽ ڏيجي وٽ ٿيندڙ سوسِڙيَــل (rudimentary) پيڄارڪ (آبپاشي) نموني اختيار ڪيو.
باهوٺيائي اوٻڙڪ ۽ جھڪر ثقافت جي پڄاڻي
·     1300 کان 1200 ق.م اهو عرصو آهي جڏهن سنڌ ۾ جھڪر ثقافت گھٽجي جھانگر ثقافت تي پهتي. اهو عرصو سانتارن اٻڙڪي سان ٺهڪي اچي ٿو.
اخاميني، مقدونيائي ۽ باختري ڪاهون
·     500 کان 200 ق.م اهو عرصو آهي جڏهن ڏکڻ ايشيا جي اتر-اولهه وارن علائقن يا هاڻوڪي پاڪستان تي اخاميني، مقدونيائي ۽ باختري واريسر 519، 325 ۽ 84 ق.م ۾ ڪاهون ٿيون جن جو سبب شايد اهو سوڪهڙو آهي جنهن حالتن کي خراب ڪري ڇڏيو هو.
ننڍڙي برفاني ڄمار
·     1500 کان 1850ع ننڍڙي برفاني ڄمار جو عرصو هو ۽ 1750ع کان 1850ع اهو عرصو آهي جڏهن سنڌ ۾ ڪلهوڙا ۽ ٽالپر راڄوڻين جو خاتمو ٿيو. ايتري قدر 1850-1900ع وارو عرصو 1900-1950 جي ڀيٽ ۾ ٿڌو هو.
·     1783ع ۾ جپان ۽ آئيس لئنڊ ۾ ٻن اٻڙڪن اترادي اڌول جو تاءُ 1.3°س جيترو گھٽ ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي اصلوڪي تاءَ تي پهچڻ لاءِ ان 5 ورهه ورتا. انهن ڏينهنِ دوران سنڌ ۾ لاڀ سٺو نه ٿيو. اهو سنڌ ۾ فساد (turmoil) ۽ نا اميديءَ (desperation) جو ۽ ڪلهوڙن کان ٽالپرن جي راڄوڻيءَ ڏانهن تبديليءَ جو عرصو هو.
·     1811ع ۽ 1813ع ۾ باهوٺيائي اٻڙڪا ٿيا. انهن ٿڌ پيدا ڪئي ۽ نپولن کي روس جي عام طرح ٿيندڙ سخت ۽ تکي سياري آڏو موٽ کائڻي پئي.
·     1815ع انڊونيشيا ۾ تمبورا (Tambora) وٽ اٻڙڪي فضا ۾ دز جو اهڙو ته پردو بيهاري ڇڏيو جو اترادي اڌول ۾ سراسري تاءُ 1816ع ۾ 1°س ڪري پيو. انگلئنڊ ۾ مئي کان آڪٽوبر تائين تاءُ 3°س ڪريل رهيو. ڪئناڊا ۾ جُون مهيني دوران برف وسي ۽ ان سال سرءُ جي سڀني مهينن دوران پارو پوندو رهيو. سنڌ ۾ 1816-1821ع وارا ورهه ٿڌا هئا ۽ ڏڪار پيا.
·     1883ع ۾ انڊونيشيا جي ڪراڪارتو اٻڙڪي 13 ڪيوبڪ ميلن جي مقدار جيڏو مواد خارج  ڪيو جنهنڪري آسمان جو رنگ غيرمعمولي ٿي ويو: ڏکڻ ايشيا ۾ سائو سج، يُو.ايس.اَي جي صاف آسمان ۾ انڊلٺ جو ظاهر ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي صبح ۽ سانجھيءَ ويل }چِٽِي{ ڳاڙهاڻ. دز اُس }سج جي روشنيءَ{ کي بند ڪري ڇڏي ٿي پر ڌرتيءَ جي ڪوساڻ کي ڪِرڻائپ جي صورت ۾ نڪرندو رهڻ ڏئي جنهنڪري ڌرتي ٿڌي ٿي وڃي ٿي. 1883ع ۽ 1884ع ۾ سنڌ اندر چانورن جو فصل ڏاڍو گھٽ لٿو.
·     واءُ جي ڪري ٿيل کاڌ سبب سنڌ-راجستان فضا ۾ دز جي ذرڙن جو هڪ تهه ٺهي پوي ٿو. اهو ڏينهن جي تائن کي گھٽ ڪري ۽ رات جي تائن کي وڌائي ڇڏي ٿو.
·     1963ع ۾ جبل آگنگ اٻڙڪي سويت يونين مٿان سجائت ڪرڻائپ کي 5 سيڪڙو گھٽائي ۽ ممڪن ڪڻڪ فصل کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان ڪري 1964ع ۾ خروشوف (Khurovshoff) جو اقتدار ختم ٿي ويو.
سنڌ مٿان باهوٺيائي ڇار جھڙو دز-پيالو ۽ ان جو اثر
عربي سمنڊ کان سنڌ ۽ راجستان مٿان هلندڙ هوا ڪيترن ئي رِڻن جي ڀيٽ ۾ چئوڻو پاڻيءَ-بخار (vapour) ۽ تاپيري برساتي ٻيلن جي ڀيٽ ۾ 80 سيڪڙو آلهه رکي ٿي پر پوءِ به مينهن نه ٿو وسي. هوا جي سراسري رفتار اپريل کان سيپٽمبر جي پڄاڻيءَ تائين هر ڏينهن جي ڏهن ڪلاڪن دوران 16 ميل في ڪلاڪ (7.5 ميٽر في سيڪنڊ) آهي. واچَ اگھاڙي مٽيءَ جي کاڌ ڪري ٿي، دز کڻي ٿي ۽ ڏاکڻي سنڌ ۽ راجستان مٿان ڇانيل فضا کي دز جي ذرڙن سان ڀري ڇڏي ٿي. ان ڪري سنڌ ۽ راجستان جي مٽيءَ مٿان هوا ۾ ججھي آلهه باوجود مينهن نه ٿا وسن. جيڪڏهن واء-کاڌ ختم ڪئي وڃي ته مينهن وسڻ لڳندا.
فضا ۾ ٽانگڙ (suspended، ٽَنگيل) دز ڪجھ مهينن دوران في چورس ميل مٿان لڳ ڀڳ 5 ٽن يا ان کان ڪجھ وڌيڪ هوندي آهي ۽ اپريل ۾ شروع ٿيندڙ ڏکڻ-اولهه چوماسي جي واچن سبب هوا ان کي نِئي ويندي آهي. اُس کي دز ڪجھ قدر موٽائيندي آهي پر اها ڪجھ اس جذب به ڪري وٺندي آهي ۽ موٽ  ۾ گوهي ڏيندي آهي. دز جي ڪري ڏينهن مهل ڌرتيءَ جو مٿاڇرو ٿڌڪڙو ٿي پوي ٿو. حيدرآباد (سنڌ) ۾، جيڪا 35°-30¢ اتر (اترادي اڌول ۾ 35 ڊگري ۽ 30 منٽ) تي آهي، اونهاري جي ڏينهن جو تاءُ 45°س تائين پهچندو آهي جيڪو کانئس اتر ۾ 100 ميل پري پڊ عيدن ۾ 46.5°س ۽ 225 ميل پري جيڪب آباد ۾ 47.5°س هوندو آهي، جيڪو ڏيکاري ٿو ته پڊ عيدن تي دز وڌيڪ ڇانيل هوندي آهي. رات جي وقت چرخو ابتو هلي ٿو. فضائي دز ڌرتيءَ ڏانهن ڪجھ ڪوساڻ موٽائي ڪرڻائي ٿي ۽ ان سان زمين کان ٻاهرين خلا ڏانهن ٿيندڙ ڪجھ ڪرڻائپ کي رنڊائي ٿي. انت نتيجو اهو ٿو ٿئي ته رات جي وقت پڊ عيدن جي ڀيٽ ۾ حيدرآباد ۽ جيڪب آباد جي ڀيٽ ۾ پڊ عيدن ڪجھ وڌيڪ ڪوسا هوندا آهن. ڏينهن جي وقت جو وڌيڪ تاءُ مئي جي پڄاڻيءَ يا جُون جي ابتدا ۾ جيڪب آباد جي ڀيٽ ۾ حيدرآباد ۾ اپريل جي پڄاڻيءَ يا مئي جي ابتدا مهل هوندو آهي. اهو ساٽُ اپريل کان آڪٽوبر تائين جاري رهندو آهي تان جو واءُ جو رُخ ڦري وڃي ۽ فضا ٻيهر دز سان ڀرجي وڃي ٿي جيڪا سياري جي ڀيٽ ۾ ساوڻ ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ ايئن سياري ۾گھٽ واء-رفتار جي ڪري ٿئي ٿو.
جولاءِ-آگسٽ ۾ پوندڙ مينهن ڪجھ دز کي هيٺ موٽائي اچن ٿا جنـهنـڪــري سـيپٽمبر جيڪب آباد جي ڀيٽ ۾ حيدرآباد مٿان وڌيڪ ڪوسو رهي ٿو.
مختصر لفظن ۾ ايئن چئجي ته واءُ جي ڪري اٿيل دز آبهوا کي ڦيرائڻ ۾ باهوٺيائي اٻڙڪي جي دز جھڙو ڪم ڪري ٿي. سج جي شڪتي ڌرتيءَ تائين ننڍلهر ڪرڻائپ جي صورت ۾ پهچي ٿي، ڇو ته اها ڪوسي هوندي آهي. ڌرتي ٿڌڪڙي هجڻ جي ڪري پنهنجي ڪوساڻ ڊگھ لهرن جي صورت ۾ ڪرڻائي ٿي ۽ انهن کي فضائي دز جھٽي وٺي ٿي جنهنڪري ڏينهن دوران ڪوساڻ قائم رهي ٿي. دز ڌرتيءَ کان ايندڙ ننڍلهرن کي پڻ جھٽي ٿي جنهنڪري جيڪب آباد جي ڀيٽ ۾ حيدرآباد وڌيڪ ڪوسي رهي ٿي.
ماڻهن جو سرگرميون ۽ ڪيئن اهي آبهوا تي اثر وجھن ٿيون
·     آبهوا ۽ انساني اتهاس هڪ ٻئي تي اثر وجھندڙ آهن.
·     جھنگلَ سدائين پگمين (Pygmy) لاءِ، گاهي-زمينون نوميدن (Nomad) يا آبدگارن لاءِ ۽ برف اسڪيمو (Eskimos) لاءِ رهيا آهن پر آبهوائي تبديلين جي ڪري انهن ٽَڪن }سَنڌن{ کان ٻاهر انساني چرپر سدائين آپدائون پيدا ڪيون آهن.
·     وسيع فاصلن مٿان شهرن ۽ نگرن (towns) ۾، شهرن اندر هڪ پاڙي کان ٻئي پاڙي ۾ ۽ هڪ زرعي چَمَن (orchard، ميويدار باغ) ٻئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ساڳي ئي چمن اندر آبهوا ججھي نموني بدلجي ٿي.
·     ويجھڙ وارن ورهن ۾ زرعي ماهرن مقامي جاگرافيائي }ڀون لَکائي{ عنصرن سبب پيدا ٿيل پٿ-آبهوا (micro-climate) جا، پاڻيءَ جي وسيع مقدار وارين پسگرداين جا، وڻن، ٻوٽن، کليل واريءَ، ٽڪرين وغيره بابت ڪي نوان اصطلاح ترتيب ڏنا آهن. ايتري قدر جو ماڻهوءَ هٿان ٺهيل اڏاوتن جيئن لوڙهن ۽ گھرن جي ڪري پٿ-آبهوائون خلقجي پيون آهن.[7]
·     آبهوا تي ماڻهوءَ جو اثر تڏهن شروع ٿيو جڏهن پهريون ڀيرو ٻيلن کي زرعي مقصدن لاءِ صاف ڪيو ويو.
·     ٻن اڌولن ۾، لڳ ڀڳ ساڳئي وقت آبهوائي تبديليون ٿيون.
·     ماڻهوءَ زراعت کي ... (slush)[8] ۽ ساڙڻ شروع ڪيو، ۽ جنهنڪري وائمنڊل ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وڌِي. ٻيلا ساڙڻ يا اڏاوتن لاءِ ڪاٺ جي واهپي سان، ماڻهوءَ ڀونءِ تاءَ جي مکيه ڪم ڪندڙ طريقي (manipulator)، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، کي گھٽايو.
·     ٻيلن گھٽائڻ سان، ماڻهوءَ ڀنجُوءَ (soil) جي کوکلي بنائڻ جي عمل (کاڌِ) کي مِينهن، پاڻيءَ جي حتمي وهڪرن (runoff) ۽ نديائي ٻوڏن سان وڌايو، جنهن سان هُن گاهه ۽ ٻيلن جي ڍڪ (forest cover) ۽ برساتن کي گھٽايو.
·     چوپاين کي گھڻو گاهَه کارائڻ ۽ گھڻي پوکي راهيءَ (کيتيءَ) سان ماڻهوءَ واچَ جي عمل کي وڌايو، جنهن سان وائمنڊل ۾ دز جو تهه ٺهڻ ۾ مدد ملِي، ۽ جنهن سان برساتن ۾ گھٽتائي ۽ خشڪ آبهوا ڏانهن اڳڀرائي ٿي.
·     ماڻهو گھڻي کيتيءَ ۽ گاهَه کارائڻ ڏانهن اڃا وڌيو جيستائين رِڻائپ (desertification) غالب پئجي وئي، ڀنجُو ڪمزور (deteriorated) ٿيو ۽ ماحول هُن لاءِ گھريلو جانورن ۽ فطرتي وڻن ٽڻن لاءِ جوکائتو (غيرمهمان نواز) بڻيو.
·     انهن عملن جي ڪري ماڻهو انهن آبادين کي سهڪاري نه پئي بڻجي سگھيو جن سان ميدانَ ڪنهن وقت آباد هئا ۽ هن کي ڏُڪار، بُک ۽ موتن سان مُنهن ڏيڻو پيو، جنهن ۾ گھريلو جانور، ڀنجوءَ ۾ ٿيندڙ وڻ ٽڻ، ۽ پَٽ تي جھنگلي جانور به مُنهن مقابل ٿيا.
نتيجا
·     آبهوا مقرر (fix، پائدار) ناهي.
·     آبهوا هوري هوري بدلجڻ بدران تڪڙو بدلجڻ جو لاڙو رکي ٿي.
·     راهپي/ثقافتي (سڀيتائي) تبديليون عام طرح آبهوائي تبديلين سان گڏ ٿين ٿيون، جيئن دنيا جي تاريخ مان به ثابت ٿئي ٿو ۽ سنڌ ۾ واقعن مان ثابت ٿئي ٿو.
·     موجوده آبهوا ويجھڙ وارين صدين جي ڊگھي تناظر ۾ رواجي نه آهي.
·     جڏهن اُها اُوچن ليٽاڪن (ويڪرائي ڦاڪن، Latitudes) تي ٿڌي آهي ته چَوماسا ڪوسن ڪمربندن (tropics) ۽ گھٽ ليٽاڪي نيم گرم علائقن ۾ وسن ٿا.
·     ڌرتيءَ جي تاريخ جي ٿڌي عرصي (واپَل، period) ۾ رواجي آبهوائي ناپائداريءَ جي ڀيٽ ۾ وڏا عرصا آهن، ۽ جن ۾ سوڪهڙو ۽ ٻوڏون ٿيون آهن ۽ تاءَ ڪِن خاص انتهائڪ اونهارن ۾ ٿيا آهن، جهولا (heat waves) لڳا آهن ۽ جن سان زراعت اڃا رنڊڪ هيٺ آئي آهي.
·     توانائيءَ جي عالمي کاپي (واهپي، consumption) ۾ موجوده مسلسل واڌِ غفلت ڀرين آبهوائي تبديلين ڏانهن وڏي پئماني تي، ڪنهن به وقت، هڪ يا ٻن ڏهاڪن اندر وٺي وڃي سگھي ٿي.
·     آبهوائي تبديليون دنيا جي تباهيءَ جو سبب بڻجي نه ٿيون سگھن، پر قطبي برفاني ٽوپن (icecaps) جي رِجڻ سان سامونڊي ايراضين ۾ وڏيون ٻوڏون اچي سگھن ٿيون ۽ دنيا جي مکيه اناج اپائيندڙ ايراضين کي پڻ متاثر ڪري سگھن ٿيون، جنهن سان اڌ کان هڪ ارب (50 کان 100 ڪروڙ) ماڻهو بُک (ڏڪار) جو شڪار ٿي سگھن ٿا.
·     اترئين اڌول ۾ جُون ۾ وڌ ۾ وڌ ۽ ڊسمبر ۾ گھٽ ۾ گھٽ ترورائپ (ريڊيئيشن) ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ اُتي جنوري وڌ ۾ وڌ ٿـڌو مهينو آهي. اترادي سنڌ (24 ڊگرين کان 26 ڊگريون اُتر) ان حوالي سان نمائندگي ڪندڙ آهي، جتي اونهاري ۾، وڌ ۾ وڌ تاءَ اپريل جي آخري هفتي ۾ يا مئي جي پهرين چوڏهي ۾ پهچي وڃن ٿا.
·     باهوٺيائي اُٻڙڪا گذريل ڪجھ ورهن کان آبهوائي تبديليءَ جو مکيه ڪارڻ آهن، جنهن سان زراعت جي تباهي ٿي آهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ ڏڪار ٿيا آهن، هجرتن حڪومت خلاف بغاوتون ڪيون آهن ۽ حڪمران طاقتن ۾ تبديليون آنديون آهن.
نوٽ: هي ٻئي باب پنهور صاحب جي هڪ انگريزي ڪتاب جا ترجما آهن، جنهن جو نالو اصل مسودي تي لکيل ناهي. خبر ناهي ته ڇو! مڪمل مسودو 82 صفحن تي ۽ اي-4 (A4) ماپ جو آهي، جنهن جا مٿي ترجمو ڪيل ٻئي باب 19 صفحن تي مشتمل آهن. - رياضت ٻرڙو


[1]  وچين ڏنگين ۾ ڏنل لفظ سنڌيڪار پاران ڏنل آهن. - رياضت
[2] هن هنڌ، ”آسّيليٽ ٽائيم ائنڊ اگين“ لفظن اڳيان، پنهور صاحب جي اصل مسودي ۾ ڪو/ڪي لفظ لکيل ناهن جن جي جڳهه خالي ڇڏيل آهي! يا شايد اتي ڪو به لفظ ناهي! بهرحال، مفهوم جڙندي نظر نه ٿو اچي. اتي سنڌيڪارَ خال ڄاڻائڻ لاءِ ٽبڪا هنيا آهن. - رياضت
[3]  يعني مٿين اڌ گول سان هيٺيون اڌ گول مليل. ٻين لفظن ۾ چوٽيُن ۽ پاٽوڙَن جي روپ ۾. انهن ٻنهي لفظن جا سنڌي لفظ سنڌيڪار ناهن ڄاڻايا. - رياضت
[4]  اهڙو ڪو به خاڪو اصل مسودي ۾ ڏنل ناهي. - رياضت
[5]  اصل انگريزي ڪتاب ۾ به، اهڙي ڪنهن به نقشي جي نشاندهي ڪيل ڪانهي. فقط اهي لفظ لکيل آهن، جيڪي سنڌيڪار پاران پڻ مٿي اُتاريا ويا آهن. - رياضت
[6]  ان هنڌ تائين ترجمي جي ڪاپي فيئر ٿيل آهي، جنهن کان اڳتي مواد رف لکيل مليو آهي. - رياضت
[7]  ان نُڪتي تائين مواد جي ترجمي جي رف ڪاپي موجود ملي آهي. ان کان اڳتي ترجمو مرتب پاران ڪيل آهي، ته جيئن ”باب ٻيو“ مڪمل صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيل هجي. - رياضت
[8]  ممڪن آهي ته هيءُ لفظ sluggish هجي، جنهن جو مطلب ٿيندو معمول موجب پوري سگھ سان ڪم نه ڪري سگھڻ جھڙو ڪرڻ. - رياضت

No comments:

Post a Comment