11/10/2012

ايندڙ چونڊون: سنڌ دشمن سازشن جا پيرا کڻڻ جي ضرورت - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ايندڙ چونڊون: سنڌ دشمن سازشن جا
پيرا کڻڻ جي ضرورت
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

مرڪزي ۽ صوبائي اسيمبلين توڙي حڪومتن کي ختم ڪئي ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ نگران وزيراعظم کليل پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ٿو ڪري, ته پ پ پ حڪومت توڙي الزام هيٺ آيل ان جي فردن خلاف ڪي به شاهديون ۽ ثابتيون نه ملي سگھيون آهن. مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي شهادت خلاف ثابتيون هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ مقرر ڪيل ٽربيونل جي ڪاروائي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ٿيندڙ آڏي پڇا ۽ تحقيق ائين ئي جاري آهي جيئن مرڪز توڙي سنڌ ۾ پ پ حڪومت دوران  جاري هئي ۽ اڃا ڪي ئي ڏينهن جاري رهڻي آهي. فرق رڳو اهو آهي ته اڳ حڪومت جي ظاهري واڳ ڌڻين پاران صدر پاڪستان ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي وَر جو نالو کلي عام نه ورتو ويندو هو ۽ هاڻي صدر پاڪستان فاروق لغاري چٽيءَ طرح آصف زرداريءَ جو نالو کڻي رهيو آهي ۽ اڳوڻي وزيراعظم اڃا به صدارت جي ڪرسي تي ويٺل فاروق لغاريءَ جو ۽ ٻيو ته آصف زرداريءَ کي انهيءَ الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ايوانِ صدر ۽ سنڌ جي نگران حڪومت پ پ پ جي مخالف ٻين سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن جيان پ پ پ جي مرڪزي توڙي سنڌ ۾ نمايان اڳواڻن ۽ مجموعي طرح پ پ پ جي خلاف زور شور سان بي نيازين جا جوهر ڏيکاري رهيا آهن. هن وقت عام چونڊن ۾ باقي 31 ڏينهن بچيا آهن. عام چونڊن لاءِ نامزدگي فارم ڀرجي ويا آهن. اميدوار پارٽين کي چونڊ نشان الاٽ ٿي چڪا آهن. چونڊ مهم شروع ٿي وئي آهي. ڪيئي سياسي اڳواڻ ۽ زميوار فرد هر هر ورجائي اهي بيان پيا جاري ڪن ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ)، شهيد ڀٽو گروپ ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي هوندي. ڪي شهيد ڀٽو گروپ ۽ يا فرنٽ بدران مسلم ليگ کي به آڻين ٿا، پر هڪ ڳالهه تي سڀئي متفق آهن ته ايندڙ حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم (الطاف) ضرور شامل هوندي ۽ پ پ پ ڪنهن به حالت ۾ شامل نه هوندي.
اهو افواهه عوامي سطح تائين پهچايو ويو آهي ۽ ان کي عام ڪري ماڻهن جي ذهنن کي انهيءَ ئي واٽ تي ڌڪڻ ۽ هلڻ لاءِ نفسياتي ويڙهه وارو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي. ڪي ماڻهو انهيءَ افواهه کان متاثر به ٿي ويا آهن پر گذريل ڏيڍ مهيني ۾ پ پ پ حڪومت ۽ الزام هيٺ آيل پ پ پ اڳواڻن خلاف ڪنهن به ٺوس ثبوت جي اڻ موجودي انهيءَ حد کان وڌيڪ ڦوڪيل ڦوڪڻي جي هوا کي ڪڍي رهي آهي ۽ باقي بچيل ڏينهن ۾ جيڪڏهن ڪي پختا ثبوت نه آندا ويا ته اليڪشن مهل اهو ڦوڪڻو ڦاٽي پوندو. ممڪن آهي ته اهي ذميوار سياسي اڳواڻ ۽ فرد سمجھندا هجن ته الزامن سان ٽمٽار بيان ڏئي ۽ مختلف افواهه هلائي، اهي ڪو ڪارنامو سرانجام ڏئي رهيا آهن، پر ان قسم جا بيان ۽ ان قسم جي سوچ سنڌ جي وطن دوست، ترقي پسند جمهوري ذهن رکندڙ ماڻهن جي دماغن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن خلاف ڳجھ ڳوهه ۾ ڪئي ويل ۽ لڪ چوري عمل ۾ ايندڙ ڪنهن سازش جو ڏس پتو ڏئي رهي آهي. هن وقت گذريل پ پ حڪومت جون سٺايون يا خرابيون اسان جو موضوع ناهن. گذريل ٽن سالن دوران پ پ حڪومت جا ڪي ئي ڪم غلط ۽ نقصانڪار ثابت ٿيا آهن، پر ان جو مطلب قطعي اهو ناهي ته ان حڪومت ڪي به سٺا ۽ فائديمند ڪم نه ڪيا هئا ۽ اهو به ياد رکيو وڃي ته هن وقت جيڪا سياسي صورتحال موجود آهي، انهيءَ جي روشنيءَ ۾ ڳالهه ٻول ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جي موضوع جو مرڪزي حوالو سنڌ آهي. ڪو عقل جو انڌو، ڪم ظرف، بدنيت، ۽ دهشتگردن جو حامي ٿي، انهيءَ حقيقت کان بي حيائيءَ سان انڪار ڪري سگھندو ته گذريل ٽن سالن دوران پ پ پ حڪومت سنڌ دشمن دهشتگردن آڏو نه ته جُھڪي ۽ نه ئي وري انهن جا ناجائز نخرا برداشت ڪيا پر انتهائي دليري سان دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪيو.
پاڪستاني فوج جو هڪ جنرل، جنهن سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ مانائتي جڳهه ٺاهي ورتي، محمد آصف نواز هو ۽ هن جو وڏو ۽ قابل ذڪر ڪارنامو سنڌ ۾ دهشتگردن خلاف بنا رعايت مهم شروع ڪرڻ هو (سنڌي ڌاڙيلن خلاف ته هر حڪومت ڪجھ نه ڪجھ پئي ڪندي رهندي آهي ۽ مهم جڏهن سچ پچ ڌاڙيلن خلاف هوندي آهي تڏهن سنڌي ماڻهو ڪنهن به طرح ارها نه ٿيندا آهن. جنرل آصف نواز پهريون جنرل هو، جنهن عام سنڌي ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل سڏي قتل ڪندڙ فوجي سربراهه تي قتل جو مقدمو قائم ڪرڻ جي موڪل ڏني. قاتل اڳواڻ ڪورٽ ۾ آيو ۽ نيٺ ڦاهي چڙهيو. جنرل آصف نواز جي دهشتگردن خلاف شروع ڪيل مهم کي پ پ حڪومت سياسي مفادن خاطر قربان نه ڪيو جنهنڪري نه رڳو ڪي ئي فرسٽ رينڪ دهشتگرد مارجي ويا پر هڪ عرصي تائين دهشتگردي بند به ٿي وئي ۽ هيسيل ڊنل دهشتگرد ٻرن ۾ لڪل رهيا. نواز شريف حڪومت دهشتگردن جي سردار ۽ ان جي ڪيترن ئي ساٿين کي ملڪ مان باسلامت نڪري وڃڻ ۾ ڪا به رنڊڪ نه ڪئي ۽ پنهنجي حڪومت دوران جنرل آصف نواز پاران دهشتگردن خلاف هلايل مهم تي نواز شريف پڇتاءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندو ۽ دهشتگردن جي سردار کي پرچائڻ ۽ اتحاد ڪرڻ لاءِ ليلڙاٽ ڪندو رهيو آهي.
ايم ڪيو ايم:
ايم ڪيو ايم جا ڪي ئي ڌڙا آهن پر مشهور ۽ معروف ٻه آهن: هڪ ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ يا حق پرست گروپ) ۽ ٻيو ايم ڪيو ايم (عامر گروپ يا حقيقي گروپ). اسان لاءِ اها انتهائي عجب ۽ حيرانگيءَ جي نشاني آهي ته اڃا به سنڌ جا ڪي سياسي سنڌي پٽ اهڙا به آهن جيڪي اهو سمجھن ٿا ته ايم ڪيو ايم جا ٻئي ڌڙا (يا ٻنهي مان ڪو هڪ) هن ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي حقيقي تاريخي وارثن ۽ اصلي قدرتي رهاڪن جا سڄڻ ٿي سگھن ٿا. (هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته اسان سمورن اردو ڳالهائيندڙ سنڌ واسين کي نه ته سنڌ دشمن سمجھون ٿا ۽ نه وري هر حالت ۾ ايم ڪيو ايم جا حامي، انهن مان ڪي ئي اڳ جيان هن ڌرتيءَ جا نمڪ حلال پٽ آهن ۽ ايم ڪيو ايم سميت هر سنڌ دشمن ۽ دهشتگرد گروهه خلاف سيني سپر.) اسان جي لاءِ ايم ڪيو ايم جا  ٻئي  ڌڙا  ايم ڪيو ايم  نالي هڪ قاتل خنجر جي ٻن ڌارن يا ايم ڪيو ايم نالي ڪلاشنڪوف جا ٻه ميگزين آهن. انهن جي پاڻ ۾ ويڙهه جو مرڪزي نقطو مجرماڻي سرگرميون ڪري سگھڻ لاءِ مختلف پاٿاريون يا سنڌ دشمن دهشتگردي ڪري سگھڻ لاءِ مختلف اڏا هٿ ڪرڻ آهي. الطاف حسين ورجائي ورجائي چوندو رهيو آهي ته هاڻي ٺاهه رڳو سنڌ جي ورهاست ۽ ”مهاجرن لاءِ علائقي جون بين الاقوامي سرحدون“ ليڪڻ تي ئي ٿي سگھي ٿو، جڏهن ته عامر خان سنڌ ورهائي في الحال مهاجرن لاءِ ڏاکڻو صوبو خلقڻ گھري ٿو، جنهن لاءِ اڄ به صحيحن وٺڻ جي مهم جاري آهي ۽ نعرا لڳن پيا. سياسي نڪتي نظر جي حوالي سان انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪو به فرق ناهي ۽ ٻنهي جو بنيادي مقصد سنڌ جو ٽڪرو ڪپي ”برصغير جي اعليٰ اردو تهذيب“ لاءِ هڪ خطئه زمين تي قبضو ڪرڻ آهي. جيئن نانگ کان سڄڻائپ، ٻٻرن کان ٻيرن ۽ اڪ کان مٺي کير جي اميد نه ٿي رکي سگھجي، تيئن ايم ڪيو ايم جي ٻنهي ڌڙن کان سنڌ ۽ سنڌين سان وفاداريءَ جي توقع نه ٿي ڪري سگھجي. ممتاز علي ڀٽو سنڌ جي سياست جو ڪو ننڍو ۽ غير معروف نالو ناهي. هن ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ تي ڪي ئي نام نهاد محب پاڪستان ڌڙا مختلف قسمن جا الزام آڻيندا رهيا آهن، جنهن جو وڏو سبب سنڌ نيشنل فرنٽ جي منشور جو ڪنفيڊريشن وارو نڪتو آهي جڏهن ته پاڪستان جي 1973ع واري آئين به مرڪز/وفاق/فيڊريشن کي ئي مضبوط ڪيو هو ۽ اڄ به هر نگران انهيءَ وفاق سان وفاداريءَ جو قسم کڻي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺو آهي. ڪجھ سال اڳ تائين واري پ پ پ جو هڪ ٻيو وڏو نالو ڄام صادق علي به هو ۽ رڳو پنج سال اڳ جي ڳالهه آهي جو مٿس ڀارت جي ايجنٽي جي الزام باوجود کيس نگران وزارت اعليٰ جي ڪرسي سنڀالڻ جي دعوت ڏني وئي هئي. هو اقتدار ڌڻي ٿيو هو ۽ ٻيو ڪجھ به ٿيو هجي پر پ پ پ دشمني ۽ ايم ڪيو ايم دوستيءَ جي حوالي سان پاڻ ملهائي ويو. 1990ع جي وچ کان 1992ع جي وچ تائين جيڪو ڪجھ سنڌ ۾ وهيو واپريو ۽ ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي ڪم آيل دهشتگرد قوت جو وڏو ڪارڻ پاڻ بذات خود ڄام صادق ۽ هن پاران اختيار ڪيل دهشتگردن لاءِ قرب ۽ محبت ئي هو. سنڌ جي اقتدار جا واڳ ڌڻي عملي طرح سنڌ دشمن دهشتگرد ئي هئا. ان دور جي سنڌ جي تاريخ جو هڪ واضح سبق اهو آهي ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪا به اهڙي ڌر پنهنجي حڪومت ٺاهيندي جنهن وٽ پنهنجي پارٽيءَ جي نمائندن جي اقتدار تي ويهڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ لائق اڪثريت ناهي ته اها ايم ڪيو ايم جي ڳيجھو ٿي رهندي ۽ عملاً ايم ڪيو ايم ئي اقتدار جي وارث هوندي.
ڇا ممتاز علي ڀُٽي جي ڪلهي تي بندوق رکي سنڌ جي انهيءَ ئي سبق کي ورجايو ويندو؟ ڇا ممتاز علي ڀٽو ايندڙ چونڊن ۾ ان لائق ٿي سگھندو ته پنهنجي پارٽيءَ جي نمائندن جي زور ۽ اڪثريت وسيلي سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي سگھي ۽ ايم ڪيو ايم جو ڳجھو ٿي نه رهي؟ ممتاز علي ڀٽو توڙي جو نگران وزير اعليٰ آهي پر هن کان ڪي اهڙا ڪم ڪرايا پيا وڃن جيڪي کيس جُڳائن نه ٿا. انهن ۾ هڪ وڏو ۽ غلط ڪم جڙتو ڪميشن قائم ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي اهڙن فردن کي آزاد ڪرڻ آهي جن مان ڪجھ تي قتل، اغوا ۽ دهشتگرديءَ جا ڪيس هلندڙ آهن. ٻيو ڪجھ به چيو وڃي، پر حقيقت اها آهي ته بيگم غنويٰ ڀٽو سياستدان طور ڄاتل سڃاتل اڳواڻ ناهي ۽ نه ئي وري هن جو مقصد عملي سياست ڪرڻ آهي. جيستائين سياسي علم ۽ عمل جو تعلق آهي ته انهيءَ حوالي سان به محترمه جي ڪا عالماڻي سياسي حيثيت ۽/يا سياسي ڪردار ناهي ۽ جيڪڏهن مير مرتضيٰ (۽ سندس ساٿين) جي قتل عام واري سازش عمل ۾ نه اچي ها ۽ ان کان پوءِ ابن الوقت ۽ سياسي موقعي پرست وڏيرن پاران شهيد ڀٽو گروپ ۾ ڌڙا ڌڙ شموليت نه ڪرائي وڃي ها، تڏهن به شهيد ڀٽو گروپ جي سياسي طاقت ۽ ان جي اڳواڻ طور محترمه جي موجوده حيثيت ڪٿي به نظر نه اچي ها. پاڻ هڪ سياسي سازش ۽ هڪ وڏي حادثي جي نتيجي ۾ اڀري آيل يا اڀاريل سياسي اڳواڻ آهي.
شهيد ڀٽو گروپ جو حقيقي ۽ عملي سياسي اڳواڻ رشيد رائو آهي. سنڌ جا گھڻي کان گھڻا ابن الوقت ۽ سياسي موقعي پرست وڏيرا ڌڙا ڌڙ شهيد ڀٽو گروپ ۾ شامل ٿيندا پيا وڃن ۽ انهن ۾ لڳ ڀڳ سڀ اهي آهن جيڪي ڪالهه جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو زنده هو تڏهن ان جي پاڇي کان به پري پيا ڀڄندا هئا ۽ انهن رستن تي ئي نه ايندا هئا جن تان شهيد مير کي گذرڻو هوندو هو. سنڌ ۾ ڪجھ تڪن تي چونڊن جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ شهيد ڀٽو گروپ ۽ مسلم ليگ نواز گروپ ۾ اتحاد ٿي چڪو آهي. شهيد ڀٽو گروپ به سنڌ نيشنل فرنٽ جيان ايم ڪيو ايم سان اتحاد جي خواهش رکي ٿو. ايم ڪيو ايم (الطاف) ۽  مسلم  ليگ (نواز) پاڻ ۾ سياسي اتحاد ڪري چڪيون آهن. ايم ڪيو ايم (الطاف) جي پهرين خواهش ۽ اوليت اها آهي ته اقتدار ۾ حصيدار ٿئي ۽ پنهنجن دهشتگردن کي ساهي، تربيت ۽ هٿيار مهيا ڪري ڏئي، ان ڪري سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندڙ ڪنهن به ڌر سان ڏيکاءَ جو اتحاد ڪري سگھي ٿي. پنهنجي اصليت کي ڇڏي ڏيڻ ان لاءِ ممڪن ناهي. ايم ڪيو ايم پنهنجي زور تي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي نه ٿي سگھي ۽ ڪنهن به حالت ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اچڻ تي راضي نه ٿيندي. مسلم ليگ (نواز) هر ان ڌڙي سان اتحاد ڪري سگھي ٿي جيڪو کيس سنڌ ۾ ايندڙ ممڪن حڪومت جون واڳون ڏئي سگھي. پر جي مسلم ليگ (نواز) جي حڪومت به نه ٺهي تڏهن به پيپلز پارٽي اقتدار ۾ نه اچي. هن وقت ان کي ايم ڪيو ايم تي ڪو به اعتراض ناهي. سنڌ نيشنل فرنٽ اڪيلي سر ڪنهن به طرح سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي نه ٿو سگھي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ ان کي ٻين سان گڏ ايم ڪيو ايم جي اتحاد جي گھرج هر حالت ۾ رهڻي آهي. فرنٽ پڻ ڪنهن به طرح اهو نه ٿو چاهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهي. اقتدار وٺڻ لاءِ هن کي ايم ڪيو ايم جو ڳيجھو ٿيڻو پوندو.
شهيد ڀٽو گروپ اڪيلي سر ڪنهن به طرح سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت نه ٿو ٺاهي سگھي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ ان کي ٻين سان گڏ ايم ڪيو ايم جي اتحاد جي گھرج هر حالت ۾ رهڻي آهي. هي گروپ پڻ ڪنهن به طرح اهو نه ٿو چاهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهي. اقتدار وٺڻ لاءِ هن کي ايم ڪيو ايم جو ڳيجھو ٿيڻو پوندو. پاڪستان ۾ پيپلز پارٽيءَ جون مخالف ٻيون سموريون سياسي توڙي غير سياسي، ظاهر توڙي لڪل قوتون مئل ڪتو کائڻ لاءِ تيار ٿي وينديون، پر پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ ۾ حڪومت ٺهڻ ۾ هر طرح رنڊڪ پيدا ڪنديون. پيپلز پارٽي اڪيلي سياسي پارٽي آهي جيڪا پنهنجي زور تي (گھٽ ۾ گھٽ) سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي سگھي ٿي، پر اها ڳالهه ڪنهن به طرح پيپلز پارٽيءَ جي مخالف جماعتن، ابن الوقت ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرن، پاڪستان جي حقيقي مقتدر قوتن (جن وقت کان اڳ ۽ گھربل تياري ڪرڻ بنا پ پ حڪومت ختم ڪرائي ڇڏي) ۽ خاص ڪري سنڌ دشمن دهشتگردن کي قبول ناهي.
عام سوچ چوي ٿي:
ٿيڻ ته ائين گھرجي ته ٻئي هر پاسي کان اکيون پوري پيپلز پارٽي جي دماغ ۾ ڀرجي ويل غرور جي واءُ کي ٺڪي ٺوڪي ڪڍي ڇڏجي. کيس گھٽ ۾ گھٽ ايندڙ چونڊن ۾ هارائي ڇڏجي، ته جيئن اها حڪومت نه ٺاهي سگھي. اهو ئي اڪيلو ممڪن طريقو آهي، جنهن وسيلي پيپلز پارٽيءَ کي سکيت ڏئي سگھجي ٿي. ائين ٿيڻ کان پوءِ ئي پيپلز پارٽي پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻ تي مجبور ٿيندي، ۽ ممڪن آهي ته پاڻ کي سڌاري سگھي. اصولي سوچ عام سوچ جي مرڪزي خيالن سان ته اتفاق رکي ٿي، پر اها ٻئي هر پاسي کان اکيون پوري ڇڏڻ جي حق ۾ ناهي، ڇو ته اهڙي ڪا به ڪوشش يا حرڪت سنڌ جي وجود ۽ سنڌين جي انساني، سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ نفسياتي مفادن کي ڇيهو رسائي سگھي ٿي.
اصولي سوچ چوي ٿي:
ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻي ڪا به پارٽي پنهنجي زور تي، اڪيلي سر پاڻ تي ڀاڙيندي، جيڪڏهن پنهنجي حڪومت ٺاهي سگھي ٿي، ته پوءِ کيس سندس اليڪشني منشور جي بنياد تي مشروط اقتدار ڏئي سگھجي ٿو. بشرط اليڪشني منشور ۾ ڪنهن به دشمن عمل نه ڪرڻ ۽ ان ۾ شامل نه ٿيڻ جي ضمانت ڏنل هجي. جيڪا به سياسي ڌر ايم ڪيو ايم جي ڳيجھو ٿي، ان جي زور ۽ پوئواريءَ تي اقتدار وٺندي، اها سنڌ ۾ ڄام صادق واري دور کي ورجائيندي، ۽ يقيني آهي ته اهو ورجاءُ ان ساڳي اڳوڻي سطح وارو نه هوندو. اهو ورجاءُ گھڻي مٿاهين سطح تي هوندو ۽ اهو بهرحال سنڌ جي وجود لاءِ سخت هاڃيڪار هوندو، ڇو ته ايم ڪيو ايم جو اهو نقاب هاڻي لهي چڪو آهي جنهن جي اوٽ ۾ اها سنڌ ۽ سنڌي دوستيءَ جي لٻاڙ هڻندي هئي. ايم ڪيو ايم هاڻي کليل نموني سنڌ دشمني جو نعرو هڻي چڪي آهي ۽ اها اقتدار ۾ اچي رڳو سنڌ دشمن دهشتگردن کي ئي مضبوط ڪندي.
(1)      ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل عام جي سازش پٺيان رڳو اهو ۽ اوترو ناهي جيڪو ۽ جيترو بيان ڪيو وڃي ٿو. ٻيو به گھڻو ڪجھ آهي. ميرمرتضيٰ ڀُٽي ۽ سندس ساٿين جي قتل عام جي سازش جيڪڏهن پ پ حڪومت يا الزام هيٺ آيل فردن يا انهن مان ڪنهن هڪ به ڪئي آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي ڀلي ميسارجي وڃي، بلڪ ان کي ميساري ڇڏڻ ئي گھرجي، پر هن وقت جيئن ته ڪورٽ اڃا ڪو به فيصلو نه ڏنو آهي ۽ حڪومت ڪي به ٺوس ثبوت نه آڻي سگھي آهي تنهن ڪري انهيءَ الزام کي پيپلز پارٽيءَ تي زوريءَ مڙهڻ ۽ ان جي بنياد تي کانئس نفرت ڪرڻ ۽ پکيڙڻ نه ٿي جڳائي. انهي سلسلي ۾ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪرڻو ئي پوندو.
(2)      تڪڙ ۾ ۽ بنا ڪنهن ٺوس ثبوت جي محض الزامن جي بنياد تي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏڻ جو عمل ٻڌائي ٿو، ته پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون اوس موجود آهن جيڪي ڳجھين ۽ اصل مقتدر قوتن کي پسند ناهن. حالتون ٻڌائن ٿيون ته ڳجھيون ۽ اصل مقتدر قوتون سنڌ ۾ هاڻي ڪنهن به اهڙي سياسي پارٽيءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن جيڪا جمهوري عمل ۾ پنهنجي زور تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگھي ۽ ايم ڪيو ايم جي سنڌ دشمن دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور رنڊڪ ڪري سگھي.
(3)      هن وقت پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياسي فضا ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف جيڪو به گوڙ شور آهي، پيپلز پارٽي جو ڏوهه درحقيقت ايڏو وڏو ناهي. اهو گوڙ شور ڪنهن مخصوص ۽ ڳجھي مقصد کي ڏيڻ لاءِ اڀاريو ويو آهي. يا ڪنهن به پارٽيءَ کي رڳو ان ڪري رد ڪري ڇڏڻ گھرجي، جو ان خلاف ڪن مخصوص مقصدن تحت الزامن جي بازار گرم ڪئي وئي آهي؟
ڇا ڪرڻ گھرجي؟
(1)      الزامن جي پرائي دهل تي پاڻ نچائڻ بند ڪجي.
(2)      ٿڌي دماغ سان سڄي سياسي صورتحال جو جائزو وٺجي ۽ افواهن جي بنياد تي تڪڙ ۾ ڪا به راءِ قائم نه هجي.
(3)      مير مرتضيٰ ڀُٽي ۽ سندس ساٿين جي قتل عام ۽ پيپلز پارٽيءَ تي مڙهيل الزامن بابت ڪورٽ کان ايندڙ فيصلي جو انتظار ڪجي. چونڊن کان اڳ فيصلو اچي وڃي ته ان جي بنياد تي پنهنجيءَ راءِ کي درست ڪجي، پر جي چونڊن کان اڳ فيصلو نه ٿو اچي، ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ خلاف اٿاريل گوڙ ۽ مچايل ماحول کي ڪمزور ۽ بي بنياد سمجھجي.
(4)      پيپلز پارٽيءَ کان شڪايتون گھڻيون هجن تڏهن به، گھٽ ۾ گھٽ، ايترو ضرور سوچجي ته ڇا شهيد ڀٽو گروپ، سنڌ نيشنل فرنٽ يا مسلم ليگ اڪيلي سر پاڻ تي ڀاڙيندي، پنهنجي حڪومت ٺاهي سگھن ٿا يا انهن کي ايم ڪيو ايم جو ڳيجھو ٿيڻو پوندو، ۽ اهو به ته اڄ ڪلهه جيڪي ابن الوقت ۽ موقعي پرست سياسي وڏيرا انهن جماعتن ۾ شريڪ ٿيندا پيا وڃن، ڇا اهي حڪومت ۾ اچي ۽ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪري، ڪنهن به طرح ڪي اهڙا ڪم ڪري سگھندا جيڪي مجموعي طرح سنڌ ۽ سنڌ جي قدرتي رهاڪن ۽ تاريخي وارثن جي دائمي انساني، معاشي، ثقافتي ۽ نفسياتي مفادن کي پختو ڪري سگھن؟ جيڪڏهن انهيءَ آخري سوال جو جواب ”نه“ اچي، ته گھٽ ۾ گھٽ ايندڙ چونڊن ۾:
(5)      (آخري ڀيرو ئي سهي) ووٽ پيپلزپارٽي کي ڪجي.
(عوامي آواز، 3-جنوري 1997ع)

No comments:

Post a Comment