آئيني
آڏو: ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
نانءُ: محبت علي ٻرڙو
جنم
تاريخ: 25- مارچ
1952ع.
پسند
ڪندو آهيان: ٻڌڻ، پڙهڻ،
سمجھڻ، لکڻ ۽ چوڻ.
نفرت
اٿم: ظلم، جِهل ۽ ڪوڙ کان.
منهنجو
ماضي: ٺيڪ ٺاڪ.
پسند
جو رنگ: هر رنگ جي رونق
پنهنجي.
پسند
جي مند: سرءُ جي مند
مڙيوئي ڪجھ گھٽ پسند اٿم.
پسند
جو ليکڪ: مختلف
موضوعن تي لکندڙ سوين ليکڪ پسند اٿم.
پسند
جو ڪتاب: مختلف
موضوعن تي سوين ڪتاب پسند اٿم.
پيارو
دوست: هن سوال جو جواب ”دوست“ جو
مفهوم ڄاڻڻ کان پوءِ.
منهنجي
خوبي: وت ۽ وس آهر توڙ تائين نڀائڻ.
ڪڪ
ٿيندو آهيان: بڪواس ۽ ڊاڙ
ٻُڌي/پڙهي.
خوش
ٿيندو آهيان: ڪنهن چڱي
شيءِ تي ڄاڻ پرائي، کنيل ڪم پورو ڪري، ماڻهوءَ کي فائدو ڏيندڙ ايجاد بابت ٻڌي،
وغيره.
منهنجي
آئيڊيل/پسند جي شخصيت: ڪارل
مارڪس، فريڊرڪ اينجلس ۽ جيني مارڪس جي ڪردار کي ملائي هڪ ڪري سگھو ته...
منهنجي
ڪمزوري: هڪُ (منهنجي
نظر ۾) سٺو ڪتاب.
آخري
خواهش: ڇو ڀلا؟
ڏس/پتو: لطيف ڪلينڪ، قنبر. ڪوڊ: 77210،
ضلعو لاڙڪاڻو.
(سلسليوار ’لکڻهار‘ قنبر، فيبروري 1997ع)
No comments:
Post a Comment