محبّت[1]
احسان دانش
زندگي ڇاهي؟
روشنيءَ جو سفر.
موت ڇا آهي؟
درد جي چادر.
۽ محبّت
ها محبت ڇاهي؟
ڪو ٻڌائي، ڪو سڻائي مون کي.
ڇا بهارن ۾ گلستان جو ڪو حسين
گل آ
يا خزائن ۾ شجر جو ڪوئي ڇڻيل
پتو
ڇا اها آهي ڪوئي چنڊ جو حسين
ڪرڻو
يا اماوس ۾ ڪنهن تاريڪ گھر جي
چانئٺ تي
جيڪو ٽمڪي رهيو آديپ
سو محبت آ.
ها محبّت ڇاهي؟
ڪو ٻڌائي ڪو، ڪو سڻائي مون کي.
دل جي صحرا ۾ هي مهڪار ڪٿان
آئي آ !
هر طرف، هر ڏسا ڏسو ته سهي
ٿي وئي ڪيڏي روشنائي آ.
چئن حرفن مان جڙيل لفظ زبان تي
آيو
چاھ جو چنگ چريو، ساز ڇڙيو
اندر ۾.
چهري چهري ۾ چمڪ ڪاٿان اچي وئي
ايڏي!
لمحي لمحي ۾ مهڪ ڪاڏانهن اچي
وئي ايڏي!
ڪو ٻڌائي، ڪو سڻائي مون کي ته
محبت ڇاهي؟
ڪوئي سسئي کان، پهاڙن کان يا
ٿوهر کان پڇي
ڪوئي مومل کان، محل کان، ڪوئي
طلسم کان پڇي
ڪوئي مارئي جي ڪکن کان ڪوئي
ڪوٽن کان پڇي
ڪوئي نوريءَ کان پڇي، ڪوئي ته
ڪينجھر کان پڇي
ڪوئي قمبر کان پڇي، ڪوئي رياضت[2]
کان پڇي
ته محبت ڇاهي؟
ڪوئي سمجھي نه سگھيو
ڪوئي ڀي پُرجھي نه سگھيو
هي ڳجھارت ئي رهي
واءُ ۾ اڏري ويئي
موت جي ڳجھ ڳهي وئي آخر
سڀئي احساس لفظ معنائون
ها هوائن ۾ ٿي تحليل ويون
پو به هڪ لفظ...... ها اهو ئي
لفظ!
جنهن جي مفهوم جي وسعت جي نه
سرحد ڪائي
جنهن جي گھرائي سمندر کان گھڻي
ڄاڻان ٿو
سڀ چپن تي رهيو سدا زنده
زندگيءَ جي سفر جو انت ٿيو
موت ڀي درد جي چادر آڇي
۽ ’محبّت‘!
ها محبت جي هٿان
موت کي به مات ملي.
No comments:
Post a Comment