جناب ايم.ايڇ. پنهور ڏانهن خط-1
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
مانوارا سائين ايم. ايڇ. پنهور صاحب
سدا خوش، سُکيا ۽ سلامت رهو.
”ڪرانالاجيڪل
ڊڪشنري آف سنڌ“ (ڪ ڊ س) جا پهريان هڪ سَو کن صفحا ۽ توهان جي مضمونن واري
فوٽو اسٽيٽ مجموعي ”Ancient Sindh“ (اينشَنٽ سِنڌ) مان ٽي کن مضمون ترجمو ڪري چڪو آهيان. ان سان گڏ
توهان جي لکيل مواد مان جيترو ڪجھ پڙهيو اٿم ان جي بنياد تي آءٌ پاڻ کي اها ڳالهه
چوڻ ۾ حق بجانب ٿو ڀايان ته ڪي ڳالهيون ڏاڍيون مُنجھيل آهن. مثال لاءِ ”سامونڊي
سطح ۾ تبديليون“ پيش ڪيان ٿو، جنهن جا انگ اکر (1) ڪ ڊ س، (2) سنڌ جي تاريخ
۽ آثار قديمه تي تحقيق ۽ اشاعت (جيڪو The development in the study of history
and archaeology of Sindh
جو ترجمو آهي) ۽ (3) Languages of Sindh between rise of Amri and fall of
Mansura i.e 5000 years ago to 1225 AD
(جنهن جو ترجمو ڪري توهان ڏانهن موڪلي چڪو آهيان) تان کڻي ترتيب ڏئي رکان ٿو:
1) 0 - ميٽر 1-لک ورهه اڳ اڄوڪي سطح تي.
2) 15 - ميٽر 90-هزار ورهه اڳ ٺٽي
۽ سونڊا ويجھو/حيدرآباد ويجھو.
3) 30 - ميٽر 80-هزار ورهه اڳ آمري
ويجھو/موهن دڙي ويجھو.
4) 52 - ميٽر 70-هزار ورهه اڳ لاڙڪاڻي
ويجھو/گھوٽڪي ويجھو.
5) 90 - ميٽر 60-هزار ورهه اڳ رحيم
يار خان ويجھو/پنجند ويجھو.
6) 130-ميٽرن کان ڪجھ مٿي 50-هزار
ورهه اڳ ملتان ويجھو/ملتان
جي اتر ۾.
7) 90 - ميٽر 40-هزار ورهه اڳ ............../پنجند
ويجھو.
8) 30 - ميٽر 30-هزار ورهه اڳ آمري
ويجھو/ موهن دڙي ويجھو.
9) 120-ميٽرن کان ڪجھ
مٿي 20-هزار ورهه اڳ پنجند
ويجھو/ ملتان ويجھو.
10) 37 - ميٽر 10-هزار ورهه اڳ دادو ويجھو/لاڙڪاڻي
ويجھو.
11) 3 - ميٽر 5-هزار 5-سَو ورهه اڳ بدين
۽ ساڪري ويجھو/.......
اهي انگ اکر هڪ
تضاد کي ظاهر ڪن ٿا. 37-ميٽر اُوچو پاڻي جيڪڏهن دادو ويجھو هوندو ته 30-ميٽر اوچو
پاڻي آمري ويجھو ته ٿي سگھي ٿي پر ”موهن دڙي ويجھو“ نه ٿو ٿي سگھي. ان ڪري پاڻيءَ
جي سطح ۽ علائقو طَي ڪري لکجي.
ٻيو مسئلو آهي
سَنن جو. ڪ ڊ س جي صفحي 8 ۽ 9 تي ٻڌايل آهي ته 12-هزار ورهه اڳ سمنڊ جو
پاڻي اپر سنڌ مان لهڻ شروع ٿيو، 11500 ق.م يا 9500 ق.م ۾ سمنڊ ضرور رُڪ اسٽيشن کي
ڇهندو هوندو، 10000 ق.م ۾ 160 فوٽ اوچو، لاڙڪاڻي ويجھو هو ۽ 20-هزار ق.م ملتان
پاڻيءَ هيٺ ٻڏل هو (هن خط جي صفحي 1 تي ڏنل جدول ۾ ڏيکاريل آهي ته 20-هزار ورهه اڳ
پاڻيءَ جي سطح 120-ميٽرن کان ڪجھ مٿي هئي ۽ پاڻي پنجند/ملتان ويجھو هو!) ۽ ڪ ڊ
س جي صفحي xxiv
تي ٻڌايل آهي ته
1) اپر سنڌ ۾ وچون پٿر دَور 5-لک سال اڳ ـــــــ
35-هزار ق.م
2) اپر سنڌ ۾ پويون پٿر دَور 35-هزار
ـــــــــ 9-هزار ق.م
3) شڪار ڪندڙ ۽ مڇي ماريندڙ قبيلا 9-هزار ـــــــــ 35-سَو ق.م
4) مِيزولِٿڪ دَور 6-هزار ـــــــــ 4-هزار ق.م
5) ميزولٿڪ/نِيولٿڪ
دَور مهرڳڙهه ۾ 6-هزار ـــــــــ 4-هزار ق.م
هن سڄي احوال
مان توهان تي پڌرو ٿي چڪو هوندو ته جيڪڏهن 12-هزار ورهه اڳ (يعني 10-هزار ق.م ۾)
سمنڊ جو پاڻي اپر سنڌ مان لهڻ شروع ٿيو ته 11500 ق.م (يعني 13500 ورهه اڳ) اهو رُڪ
اسٽيشن ويجھو نه ٿو ٿي سگھي، 20-هزار ق.م ۾ ملتان ٻڏل هو ته 20-هزار ورهه اڳ (يعني
18-هزار ق.م ۾) پنجند يا ملتان ويجھو نه ٿو ٿي سگھي، ۽ 9500 ق.م ۾ پاڻي جيڪڏهن رُڪ
اسٽيشن ويجھو هو ته 9000 ق.م ۾ شڪار ڪندڙ ۽ مڇي ماريندڙ قبيلن جي سنڌ ۾ موجودي شڪ
ڀري ٿيو پوي.
”Ancient
Sindh“ ۾ توهان جو
”مهراڻ“، 2، 1984ع (ص 163) وارو مضمون[1] ٻڌائي
ٿو ته مهرڳڙهه جو عروج 6-هزار ق.م ٿيو. ان مضمون جي هڪ عنوان ’سنڌ ۾ وچين ۽ پٿر
واري دَور جا اوزار‘ ۾ لکيل آهي ته وچين پٿر جي اوزارن وارو دَور 5-لک کان 35-هزار
ورهه اڳ (؟ ق.م)، پٿر جي اوزارن وارو پويون دَور 35-هزار کان 10-هزار ورهه اڳ ۽
باريڪ پٿر جي اوزارن وارو دَور 5-هزار 5-سَو ورهه اڳ هو. ”انهن (سڀني دَورن !؟) کي
Mesolithic يا EPI-Paleolithic يا Microlithic پڻ چيو وڃي ٿو. روهڙي جا اوزار ته اوائلي
پٿر واري دَور يعني 10-لک کان 50-لک سال اڳ جا ٿي سگھن ٿا.“ (ص 162). ”اهڙي ريت
مهرڳڙهه 8-هزار سال پراڻو آهي.“ (ص 163)
اوائلي پٿر دَور
جيڪڏهن 50-لک کان 10-لک ورهه اڳ هو ۽ وچون پٿر دَور 5-لک کان 35-هزار ورهه اڳ هو
ته 10-لک کان 5-لک تائين وچ وارن پنجن لکن ورهن ۾ ڇا ٿيو؟
ڇا Mesolithic، EPI-Paleolithic ۽ Microlithic اصطلاحن ۾ معنا/ مطلب ۽ دَور/مُدي جو
فرق ناهي؟
ساڳي مضمون ۾
ٻڌايل آهي ته سنڌو سڀيتا جي شروعاتي توڙي پوءِ جي ترقي مهرڳڙهه سڀيتا جي ڪري ٿي
(163) ۽ ٿَــر توڙي هندستاني ريگستان ۾ ثقافتي اوسر 9000-1500 ق.م (ص 165) ٿي.
جيڪڏهن سنڌو
سڀيتا جي ابتدا مهرڳڙهه کان ٿي جيڪا 6-هزار کان 4-هزار ق.م جي آهي ۽ ٿر (جيڪو پڻ
سنڌ جو حصو آهي) ۾ 9-هزار ورهه ق.م ڌاري اوسر ٿي ته آڳاٽي سڀيتا ڪهڙي؟
ٽيون مسئلو پٿر
دَور بابت طَي ٿيل سَنن جو آهي. پٿر دَور بابت جيڪي سَن پڙهيا اٿم اهي صاف ناهن،
منجھائيندڙ آهن. ڪ ڊ س ۾ پٿر جي مختلف دَورن جي ورهاست هن طرح بيان ڪيل
آهي:
Pre-Cambrian Period ٽي ارب 50-ڪروڙ ورهه يا ان کان به اڳ.
Paleocene Period ڇهه ڪروڙ 20-لک ـــــــــ
4-ڪروڙ 80-لک ورهه اڳ.
انهن ٻنهي دَورن جي وچ واري عرصي بابت ڄاڻ نه ٿي
ملي.
Eocene Period چار ڪروڙ 70-لک ــــــــــ
3-ڪروڙ 90-لک ورهه اڳ.
10-لک ورهن جي وِٿي ڇو؟
Middle and lower Miocene Period هڪ ڪروڙ 85-لک ــــــ 1-ڪروڙ
20-لک ورهه اڳ.
(1)
Upper Miocene آهي يا نه؟
(2)
3-ڪروڙ 90-لک کان 1-ڪروڙ 85-لک
ورهه واري عرصي جي ڄاڻ نه ٿي ملي.
Plio-Pleistocene ويهه لک ـــــــــ 10-لک ورهه
اڳ.
1-ڪروڙ
ورهن ۾ ڇا ٿيو؟
Paleolithic ڏهه لک ــــــــــــ 10-هزار ورهه
اڳ.
Early Paleolithic ڏهه لک ـــــــ 10-هزار ورهه
اڳ. اپکنڊ لاءِ، 10-لک ـــــــ 30-هزار ق.م
Middle Paleolithic هڪ لک ـــــــ 40-هزار ورهه
اڳ. اپکنڊ لاءِ، 30-لک ـــــــ 10-هزار ق.م
Late Paleolithic چاليهه هزار ـــــــ 10-هزار ورهه
اڳ. اپکنڊ لاءِ، 10-هزار ـــــــ 2-هزار ق.م
EPI-Paleolithic or Mesolithic } Early New Stone Age ڏهه هزار ــــــــــ 5-هزار 5-سَو ق.م
Neo-lithic and Encolithic Period } New Stone Age پنج هزار 5-سَو ــــــــــ 2-هزار
3-سَو ق.م
The Pleistocene age ڇهه لک ـــــــ 10-هزار ق.م. Plio-Pleistoce ويهه لک ــــــ 10-لک ورهه اڳ.
1. Upper Pleistocene
2. Middle Pleistocene
3. Lower Pleistocene
Pleistocene Period in Sindh } Stone Age
6 Older “Old stone age” -لک
ــــــــ 1-لک ق.م
1 Middle “Old stone age” -لک ــــــــ 40-هزار ق.م
40 Upper “Old stone age” -هزار
ـــــــــ 10-هزار ق.م
STONE AGE ڏهه لک ـــــ 5500 هزار ق.م. ڏسو Pleistocene Period in Sindh
1 Middle Old stone age or Middle Paleolithic -لک ــــــــ 40-هزار ق.م. ڏسو Middle “Old stone age”
LATE
STONE AGE چاليهه هزار ـــــ 10 هزار ورهه اڳ. ڏسو Upper “Old stone age”
Neolithic (New stone age ؟ ــــــــ 3100 ق.م. ڏسو Neolithic & Encolithic Period
توهان ڏسندا ته
اهي سڀ پٿر جي دَور سان واسطيدار سَن هڪ سٺي ڄاڻ ڏيندي ڏيندي منجھائڻ جو ڪم ڪن ٿا.
ڇا اهو وڌيڪ سٺو
نه ٿيندو ته Pre-Cambrian
کان وٺي Pleistocene
تائين سمورا دَور ۽ Pleistocene کان Neolithic
تائين سمورا سَن ٻِن جدولن، (1) بين الاقوامي جدول ۽ (2) سنڌ جدول، وسيلي ظاهر ڪيا
وڃن؟ جدولون هن مسئلي کي سولو ۽ حل ڪنديون.
مون کي چڱيءَ
طرح احساس آهي ته توهان جو وقت ڏاڍو قيمتي ۽ ڪارائتو آهي ان ڪري پنهنجي ڳالهه ٿورن
لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. توهان کي هيءَ تڪليف ان ڪري ڏيڻ ٿو گھران جو
منهنجو اندازو آهي ته توهان جي مواد ۾ اهڙو مونجھارو مختلف وقتن تي مختلف تحقيقون
سامهون اچڻ جي ڪري آهي، ان ڪري مختلف هنڌن تي ٽڙيل پکڙيل ۽ گھٽ وڌ مواد کي گڏ ڪري
سَموهي ۽ سُوڌي نئِينءَ ۽ ڇنڊيل ڇاڻيل ترتيب موجب لکيو وڃي ته جيئن سنڌي ۾ ڇجندڙ
مواد چُڪن ۽ مونجھارن کان آجو هجي.
توهان جي تحقيق سنڌ
۾ سنڌ بابت هڪ وڏيءَ ۽ مکيه کوٽ کي پورو ڪري ٿي پر توهين سنڌ جي علمي دنيا ۾ ڪجھ
ڄاتل سببن جي ڪري پوريءَ طرح سڃاتل ناهيو. آءٌ پاڻ کي انهن ماڻهن ۾ ڳڻيان ٿو جيڪي
علم جو قدر ڪندا ۽ عالم کي عزت ڏيندا آهن ۽ ان ڪري سَڌ رکان ٿو ته جيڏو توهان جو
علمي مرتبو آهي اوترو ئي توهان کي مانُ ۽ مڃتا ملڻ گھرجي (۽ اهڙي ئي سَڌ هر عالم
لاءِ رکان ٿو).
منهنجي اها به
سَڌ آهي ته ذهانت ۽ انسانيت وڌائيندڙ سڄيءَ دنيا جو سمورو علمي مواد سنڌيءَ ۾
آڻجي. ظاهر آهي ته هزارين ماڻهو سوين سال پورهيو ڪن تڏهن ئي عملي طرح ايئن ٿي سگھي
ٿو پر جيترو آءٌ پاڻ ڪري سگھان ٿو اوترو اوس ڪندم. توهان جي لکڻين کي اوليت ان ڪري
ڏني اٿم جو توهان جو مواد نه رڳو علمي ۽ تحقيقي آهي پر سنڌ سان به واسطيدار آهي.
ارادو اٿم ته 1994ع جو سڄو سال توهان جي لکڻين کي سنڌيءَ ۾ آڻڻ لاءِ صرف ڪندم.
پر منهنجون ڪي
مجبوريون به مون سان گڏ آهن. انهن مان هڪ آهي منهنجي گھٽِ ڄاڻ. آءٌ هڪ
شاگرد/سيکڙاٽ آهيان. جيترو وس هلي ٿو اوترو ڪيان ٿو. تڏهن به ڪيترن ئي لفظن ۽
اصطلاحن کي سمجھي سگھڻ ۽ انهن کي مَٽائي سنڌي ۾ آڻڻ جي عمل ۾ ڏکيائي محسوس ڪيان
ٿو. مون وٽ ڪي سٺيون (خاص طرح خصوصي علمن سان واسطيدار جيئن آرڪيالاجي، جيالاجي،
باٽني، زولاجي وغيره جون) ڊڪشنريون ۽ انسائيڪلوپيڊيا موجود ناهن ان ڪري ڪِن لفظن ۽
اصطلاحن جي معنا/مطلب ۽ انهن جي سنڌي متبادل لفظ ۽ اصطلاح لاءِ توهان کي توهان کي
تڪليف ڏيڻي پويمِ ٿي. ايئن ڪرڻ سبب توهان جو وقت سيڙبو ضرور پر آءٌ سمجھان ٿو ته
ان کي ”ذيان ٿيو“ نه سڏي سگھبو.
وڌيڪ سٺو ايئن
ٿيندو ته ڪي ڏينهن توهان وٽ رهي هن مهل تائين ڪيل ترجمن کي توهان جي نگرانيءَ ۾
درست ڪيان پر جيئن ته منهنجي مجبورين سبب ايئن ڪري سگھڻ ممڪن ناهي پنهنجي ننڍي
ڀاءُ ”صحبت“ جي سهاري توهان وٽ مواد موڪلي ڏيان ٿو. ٻي پاسي اهو به ٿي سگھي ٿو ته
توهين ڪي ڏينهن مون کي پنهنجيءَ خدمت جو وَجھ ڏيو. آءٌ ته توهان جِي اکيون وِڇائي
آجيان ڪيان ۽ جِيءَ ۾ جايون ڏيان پر منهنجو غريباڻو گھر، وڏو ڪهول ۽ پوئتي پيل
شهري ماحول شايد توهان کي ڀانءِ نه پوي ۽ توهين پاڻ کي بي آرام محسوس ڪيو... ان
ڪري دعوت ڏيندي ڊڄان ٿو، ۽ ڊڄندي به دعوت ڏيان ٿو جو ان ۾ منهنجو دِلي خلوص سمايل
آهي. توهان جو اچڻ مون لاءِ روحاني سگھ ۽ ذهني تازگي مهيا ڪرڻ جو ڪارڻ ٿيندو.
مهرباني.
خلوص سان
محبت ٻرڙو
1993-12-06
No comments:
Post a Comment