طنز
و مزاح
بڪواس
ڊاڪٽر
محبت ٻرڙو
(مون پنهنجي هنن چند جملن جي ميڙ کي ”بڪواس“ جو عنوان ڏنو آهي. بڪواس کي ڪو به
تسلسل ۽ يڪجهتي نه هوندي آهي، هڪ جملي جو مطلب هڪ، ته ٻئي جو ٻيو، اهو ئي بڪواس جو
مفهوم آهي.)
دوستن کي چيم، ”عزيزو! اڄ بڪواس ڪرڻ جو موڊ آهي.“
چيائون، ”نصيحت آميز نه هجي.“
ڇا بڪواس به نصيحت آميز ٿي سگھي ٿي؟ جڏهن ته بڪواس کي نه ڪن ٿين، نه اکيون.
ڪنن، اکين جي ذڪر تان هڪ ڳالهه ياد پئي، هونئن ته هي به ڳالهه ياد ٿي پوي، ته اڄ
ڪلهه ماڻهو فل سوٽ پهري، ائير ڪنڊيشنڊ بنگلن ۾ آرامده ڪوچن تي ويهي، ٽنگ مٿان ٽنگ
چاڙهي، ليڙون ڪپڙا پهريل، گرمين ۽ سردين ۾ ڪم ڪندڙ هارين جون ڳالهيون ڪندي
(مجبوراً) ٺلهيون همدرديون ظاهر ڪندا آهن، ۽ هيءَ ڳالهه به، ته سگريٽ جو زوردار
سوٽو هڻندي (ڄڻڪ موسم بهار جي صبح جو، هير جھٽيندا هجن) چوندا آهن ته سگريٽ ڇڪڻ
تمام بري عادت آهي. پر هيءَ ڳالهه منهنجي ڀائٽي جي آهي. کيس شڪايت آهي ته مان سندس
سنجيده ۽ عقلمندانه سوالن جا صحيح صحيح جواب نه ٿو ڏيان.
چوندو، ”اکيون ڪنڌ ۾ ڇو نه آهن؟“
چوندومانس، ”بابا! ان ڪري، جو اسين ڪالر واري قميس پائي نه سگھون ها.“
چوندو، ”ڀلا گڏهه جا ڪن وڏا ڇو ٿيندا آهن؟“
چوندم،
”ان ڪري جو هو هڪ ڪن کان ٻڌي، ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندا آهن.“
چوندو،
”ڳالهه ٻڌي ته ماڻهو به ڪڍي ڇڏيندا آهن!“
چوندومانس،
”هائو، پر اهي تو وانگر ڦاڙها هوندا.“
سو ادا
ضرور نه آهي ته ڪن وڏا هجن ته ڳالهيون سمجھندو. دراصل سمجھ آهي سمجھ وارن لاءِ. جيئن فرمايل آهي (پاڪ ڪتاب ۾) ته، ”سمجھ
وارن لاءِ هن ڪتاب ۾ نشانيون موجود آهن (خدا کي سمجھڻ لاءِ).“ نشان سمجھن نشانيون
ڏيندڙ، ۽ وٺندڙ. هونئن ته نشانيون اڪثر ڪري عاشق معشوق کي ڏيندو آهي ۽ معشوق عاشق
کي. عاشق معشوق جو چڪر به اهڙو آهي، جهڙو حقي ۾ پاڻيءَ جو. حقي جي پاڻيءَ ۾ ڌپ ٿيندي آهي، ڌپ ته ڪنن واڱڻن ۾ به ٿيندي آهي، جيڪي
ڪچي مارڪيٽ جي ڍير تي اڇلايا ويندا آهن، پر گرهاڪن کي سستا نه ڏنا ويندا آهن (جڏهن
تازا هوندا آهن). ڪنو ڪري سهائن، پر غريب جو ڀلو ٿئي، اهو ڪو نه! سستو ۽ غريب، ڪيترا نه عجيب لفظ آهن! ٻڌندا آهيون ته سستائي هئي. الائي ڪهڙي زماني جي ڳالهه. هاڻي ته ”سستو“ لفظ ئي ڊڪشنري مان واڪ آئوٽ ڪري
ويو آهي. ڪي وري گڏجاڻين مان واڪ آئوٽ ڪندا آهن. اڄ ته واڪ آئوٽ به فيشن ٿي پيو
آهي ۽ فيشن ڪيترائي کاريا آهن. مغرب زده اگھاڙپ کي فيشن سڏي، نه ڄاڻ ڪيترا خاندان
برباد ٿي ويا. پر زمانو آهي، فيشن جي جان ئي ڪو نه پيو ڇڏي. ”زمانو به زمانو آ.“ هي منجھيل اڌورو جملو ”زمانو به زمانو آ“
ته وڏن کان ٻڌندا پيا اچون، پر معنى اڄ تائين سمجھڻ جي ڪوشش نه ڪئي آ. معنى جي چڪر
۾ نه پئجي ته بهتر، ڇو ته معنى سمجھڻ ڪري ڪوڙ جو ڀانڊو کلي پوندو آهي ۽ ڌڙ ڌوڙ ٿي
اڏامي ويندو آهي. ڌوڙ به ٻڌندا هئاسون ته ڪُوڙ جي
منهن ۾، پر هاڻي ته ڌوڙ ۽ سچ سڳا ڀائر ٿي پيا آهن. جي چئو سچ ته سوري تيار. سوريءَ
تي نه ڄاڻ ڪيترا بيگناهه چڙهيا هوندا. بيگناهي جي ڳالهه ئي نه ڪر.
ناني مٿي
کي کنهندي چوندي آهي، ”ابا! هر ماڻهو گناهگار آهي.“ ۽ پوءِ توبهه ڪندي آهي. گھڻا ماڻهو مٿو پٽي توبهه ڪندا
آهن، گھڻا گيسيون پائي، ڪي ته خون ڪري پوءِ توبهه ڪندا آهن. خون جون ڳالهيون ته اخبارن جو خاص موضوع آهن. اخبارون گھڻن ئي
قسمن جون. هڪڙيون ڪَن رڳي بڪواس، ته ٻيون ڦهلائن فتنو. ستل فتنو جاڳائڻ
شيطان جو ڪم. شيطان وقت تي هٿ ڪڍي ويندو،
لوڙينداسون پاڻ. لوڙڻ کي لوڙهه نه سمجھيو، ڇو ته لوڙهه کڏ ۾ ڦٽندا آهن. هونئن ته بِهه به کڏ ۾ ڦٽندا آهن، پر گھڻا ماڻهو به کڏ ۾ پيدا ٿيندا آهن، يعني گند جي
پيدائش هوندا آهن. اهي ڳالهيون گھڻيون ڪندا آهن ۽ عمل ٿورو. ڳالهيون گھڻيون ته
مقررَ ڪندا آهن ۽ ٻڌندڙن جو دماغ چٽيندا آهن. دماغ چٽڻ ته
ڇڏ، مينهون ته پنهنجو ڦر به چٽينديون آهن ۽ بکيا وري پرايون چوسيل هڏيون. ڪنن جا
ٻه رنگ هوندا آهن، ميرانجھڙا ۽ ڪارا. پوليس وارا چورن جو (ڌُڪي تي جيڪو هٿ لڳو) منهن ڪارو ڪندا آهن، ۽ ”سچُو“ نالي چمڙي جي موچڙي سان
مار ڪڍندا آهن. گامون سچار ويچارو ويو، موچڙو سچار اچي ويو. واهه پوليس! واهه موچڙا! پوليس ۾ به فرقا آهن، هڪڙا رشوت وٺي خرچي
سڏين، ٻيا چون ”هٰذا من فضل ربي.“ گھڻا خرچي وٺي پنهنجا کيسا ڳورا ڪندا آهن، ته
ٻيا وري پاڻ کان وڏن عهديدارن جا (انهن کي چمچو چئبو آهي). وڏن عهديدارن
کان (پيسن سان) ٻنيءَ ٽڪر به عنايت ٿي پوندو آهي، ته قديم سنڌي ڳوٺاڻن جو اصلي
ڊوميسائل سرٽيفڪيٽ به. سرٽيفڪيٽ جا چڪر اهڙا جو هڻ هڻان، چالانُ پيار، بل ادا ڪر ۽
ڀڄ ڊڪ به. ڀڄ ڊڪ راند جي ميدان تي ٿيندي آهي، راند جا ميدان ويڪرا ٿيندا آهن ته
سوڙها به. سوڙهي سوڙ به ٿيندي آ. سَوڙ ماڻهوءَ کي ڊگھي ٺهرائڻ کپي، نه ته سوڙ آهر پير ڊگھيري نه سگھندو ۽ ماڻهو چوندس ته
سوڙ آهر پير ڊگھيريندو ڪر. ڊگھيرڻ ۽ سوڙها ڪرڻ پنهنجي هٿ وس آهي، پر ناني ڪنڌ ڌوڻي
چوندي آهي ته ماڻهوءَ جي هٿ وس ڪجھ به نه آهي. گھڻا چون عادت، ته ڪجھ (مٿي ڦريا) نفيساتي مرض. نفيساتي مرض به وڏا پيدا ٿي
پيا آهن، خواب ۾ هلڻ جو، ننڊ ۾ وڙهڻ جو... ويڙهه ته ملهه ڪندا
آهن ۽ هيرو ۽ بدمعاش به. پر فتح اڪثر ڪري هيري جي ٿيندي آهي. هيرو پٿر جو عمدو قسم
آهي. پٿر جنهن جي مٿي تي هڻبو ته ان جو مٿو ڦاٽي پوندو،
تنهنڪري ماڻهوءَ کي سوچي سمجھي پٿر ٿيڻ گھرجي. پٿر دل ۽ نرم دل رڳي
حوالا آهن، ڇو ته نرم ميڻ ٿيندي آهي، ميڻ مان ميڻ بتي ٺهندي آهي، پاڻ ٻرندي آهي ۽
ٻين کي روشني ڏيندي آهي، پوءِ روشنيءَ ۾ ويهي
ڪيترا ته دولت ٺاهڻ جا پلان ٺاهيندا آهن، گھڻا خون، ڌاڙن چورين جا، ته ڪجھ ويهي
علم پرائيندا آهن ۽ سمجھ وڌائيندا آهن. سمجھ وڌائڻ لاءِ ”سوچ“ ضروري آهي، ۽ سوچ
لاءِ آزاد دماغ تڏهن ملندو جڏهن هن دنيا
مان فساد ختم ٿيندا....؟....!....؟
No comments:
Post a Comment