سنڌ اسيمبلي
۽ سنڌ جا مفاد
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
صوبائي حلف نامي ۾ وڌاءَ جي اڻٽر گھرج:
هيءُ موضوع کڻڻ جي گھرج ڇو محسوس
ڪئي وئي، انهيءَ تي ڳالهه ٻول کان اڳ ضروري ٿو محسوس ٿئي، ته هيٺ ڏنل ڪجھ بيانن کي
ڌيان سان پڙهي ذهن ۾ رکيو وڃي:
1-
”هاڻي
وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي کان (هڪ طرف) سکر ۽ (ٻئي طرف) لس ٻيلي تائين جي علائقي
تي ٻڌل ۽ مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو وڃي ۽ ان جي لاءِ مهاجرن کي ڪيڏي به
وڏي قرباني ڏيڻي پوي، ان کان گريز نه ڪيو وڃي. جدا صوبي لاءِ تنظيم قائم ڪرڻ جو
فيصلو.“ (قومي اخبار، 10مئي
1994ع)
2-
”مهاجرن
لاءِ ڌار صوبي جي قيام بابت سوال جو جواب ڏيندي هن (الطاف حسين) چيو ته ان ڳالهه
جو ڪو به ثبوت موجود ناهي، ته اسان اهڙي ڪا ڳالهه ڪئي هجي، تڏهن به بين الاقوامي
اصولن موجب جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيڻ گھرجي- مهاجر جاگرافيائي حدن جو تعين ئي
چاهن ٿا.“ (قومي اخبار، 11 سيپٽمبر 1994ع)
3-
”نئين صوبي جو
قيام ملڪ جي مفاد ۾ هوندو.“ الطاف حسين (امن، 2- آڪٽوبر 1994ع)
4-
”الڳ صوبي جو
مطالبو غير آئيني ناهي.“ الطاف حسين
(امن، 12 آڪٽوبر 1994)
5-
”جدا
صوبي جو مطالبو اسان جي مجبوري هوندو.“ الطاف حسين
(امن، 15 آڪٽوبر 1994ع)
6-
”18
نڪتا مڃيو ته ڌار صوبي جو مطالبو نه ٿيندو.“ الطاف حسين
(قومي اخبار- 30 آڪٽوبر 1994ع)
7-
”نئين صوبي ۾
سڀني جا حق محفوظ هوندا“. الطاف حسين
(امن، 30 آڪٽوبر 1994ع)
8-
”نئون صوبو
ضروري ٿي پيو آهي“ الطاف حسين
(امن، 6 نومبر 1994ع)
9-
”موجوده سرحد
برقرار نه رهي سگھندي، هاڻي رڳو سنڌ جي ورهاست تي ڳالهه ٿيندي.“ ايم ڪيو ايم جي
قائد الطاف حسين ڌار صوبي جي تشڪيل جي مطالبي تان هٿ کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽
چيو آهي ته مون مفاهمت کان به انڪار نه ڪيو آهي پر هاڻي مفاهمت ٻن الڳ صوبن جي
تشڪيل جي موضوع تي ئي ٿي سگھي ٿي. (عوام، 19 نومبر
1994ع)
اهي بيان پڙهڻ ۽ سمجھڻ کان پوءِ
صوبائي حلف نامي ۾ ڇو ۽ ڪهڙي ترميم ۽ وڌاءُ ٿيڻ گھرجي، اچو ته سوچيون.
پاڪستان ۾ جڏهن به ڪي عام چونڊون
ٿين ٿيون، تڏهن بدعنوان جت ڪٿ عام هجن ٿا: 1- قومي اسيمبلي، ۽ 2- صوبائي اسيمبلي.
قومي اسيمبلي مرڪز ۾ آئين سازي ۽
حڪومت جي جوڙجڪ ڪري ٿي ۽ صوبائي اسيمبلي صوبي ۾ آئين سازي ۽ حڪومت جي جوڙجڪ ڪري
ٿي.
صوبو هڪ يونٽ آهي ۽ اهڙا ڪي يونٽ
ملي مرڪز جي تشڪيل ڪن ٿا. صوبو بنيادي آهي ۽ مرڪز نسبتي. مرڪز کي صوبن جي تشڪيل جو
حق مليل ناهي. ”مرڪز“ کان سواءِ صوبن جو جاگرافيائي وجود ته ٿي سگھي ٿو، پر صوبن
کان سواءِ مرڪز موجود رهي سگھي، سو ممڪن ناهي. پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل-1
پاڪستان جوڙيندڙ علائقن جي جاگرافيائي سالميت جي ضمانت ڏئي ٿو.
مرڪز ۾، قومي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي
ايندڙ هر ميمبر کي پاڪستان ۽ ان جي آئين سان وفاداريءَ جو حلف ڏيڻو پوي ٿو ۽ هر هڪ
صوبي ۾ صوبائي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ايندڙ هر ميمبر کي پڻ ساڳيو حلف ورجائڻو پوي ٿو
۽ ائين ڪرڻ جي ڪري هر هڪ ميمبر خود بخود آئين جي هر هڪ آرٽيڪل سان پڻ وفاداريءَ جو
حلف کڻي ٿو. پر اها به هڪ حقيقت آهي ته اهو حلف ڏيڻ جي باوجود ڪن صوبن جا ڪي
چونڊيل ميمبر اهڙا به موجود آهن، جيڪي جن ”سياسي“ يا ”غير سياسي“ ڌرين سان نظرياتي
طرح وابسته ۽ هم آهنگ بلڪه انهن جا نمائندا آهن، انهن مان ڪي پنهنجي منشور ۾ صوبن جي
سالميت جي خلاف هڪ پروگرام رکن ٿيون ۽ پنهنجن بيانن ۽ عملن وسيلي پاڪستان جوڙيندڙ
صوبن جي سالميت کان منڪر ثابت ٿين ٿيون، تنهنڪري انهن صوبن جي قدرتي، تاريخي ۽
قانوني رهواسين ۾ بي چيني پيدا ٿيندي پئي وڃي.
اهي محسوس ڪن ٿا ته اهي ڌريون ۽
انهن جا چونڊيل نمائندا پاڪستان جوڙيندڙ يونٽن جي سالميت خلاف هڪ خطرو آهن، بدنيت
آهن ۽ سازشن ۽ غدارين ۾ مصروف آهن.
انهيءَ جوکم کي درپيش رکندي چئي
سگھجي ٿو ته صوبائي اسيمبلين ۾ کڄندڙ حلف نامي ۾ وڌاءَ جي اڻٽر ضرورت آهي ۽ اها گھرج هيءَ آهي ته هر هڪ صوبائي اسيمبليءَ جي
حلف نامي ۾ واسطيدار صوبي جو نالو وڌايو وڃي ۽ بلڪل ايئن چٽو ڄاڻايو وڃي،
جيئن پاڪستان جو نالو ڄاڻايل آهي.
مثال طور: سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊيل
ميمبر جڏهن پاڪستان ۽ ان جي آئين سان وفاداري جو قسم کڻي رهيو هجي، تڏهن هن کي اهو
به چٽيءَ طرح ڄاڻائڻ گھرجي، ته اهو سنڌ جي سالميت لاءِ به پاڻ پتوڙيندو ۽ ان سان
وفادار رهندو.
ڌيان جوڳا مکيه موضوع
3- فيبروري 1997ع تي نگران حڪومت
جي نگهبانيءَ هيٺ ٿيل مرڪزي توڙي صوبائي اسيمبلين لاءِ عام چونڊن جي نتيجي ۾ سنڌ
اندر جيڪا صوبائي اسيمبلي ٺهي آهي، ان ۾ ٻيءَ ڪنهن به پارٽيءَ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان
پيپلز پارٽيءَ جي نمائندن جي ڳڻپ وڌيڪ آهي، پر اهي سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي سگھڻ جي
پوزيشن ۾ نه اچي سگھيا، ڇو ته سنڌ حڪومت ٺهڻ کان اڳ ٻن ڌرين جي وچ ۾ ڪي شرط شروط
طَي ٿيا، ڪن نڪتن تي ٺاهه ٿيو ۽ سنڌ جي وڏ وزارت لياقت جتوئيءَ کي ملي وئي. هن وقت
لياقت جتوئيءَ جو سياسي نينهن مسلم ليگ (نواز گروپ) سان آهي، تنهنڪري سمجھيو ۽
سمجھايو، ٻڌايو ۽ ڄاڻايو (۽ چتايو) پيو وڃي، ته سنڌ ۾ حڪومت جون واڳون مسلم ليگ
(ن) جي هٿ ۾ آهن.
ڇا اهو سچ آهي ته سنڌ حڪومت جون
واڳون درحقيقت مسلم ليگ (ن) سنڌ جي هٿ ۾ آهن؟ ڇا اها سنڌ جي چونڊيل اڪثريتي پارٽي
آهي؟ ۽ ڇا اها سچ پچ سنڌ جي ئي مڪمل نمائندگي ڪري ٿي؟ انهن سوالن جي جوابن کي ڪجھ
دير لاءِ پاسيرو رکي، ڏسڻو اهو آهي ته انهيءَ جڙتو ڳالهه کي موضوع بنائي، ان کي هڪ
تمام وڏو، بلڪه نيارو ڪارنامو ڄاڻائي، هڪ زبرو هُل هنگامو اٿاري، اهو محسوس ڪرائڻ
جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ته سنڌ جا قدرتي، تاريخي ۽ اصولي مفاد ڄڻڪه محفوظ ۽ سمورا
ڌيان جوڳا ۽ مکيه مسئله ڄڻڪ حل ڪيا ويا آهن!
کوڙيءَ کي گھمرو ڏئي، سڀ ڪجھ ساڙي
ناس ڪري، جيري ڪاڻ ٻڪري ڪهي، گوشت کي ڪتن آڏو اڇلائي ۽ سنڌ جي ٿور-مدائتي ۽ ٻئي جي
وس هيٺ رهندڙ بنا اختيار وڏ وزارت جي ڪرسي ماڻڻ لاءِ سنڌ جو الهه تلهه سنڌ دشمن ۽
دهشتگرد قوتن جي حوالي ڪري، ٽاڏون ڏيڻ ۽ ٿونا هڻڻ ڪنهن به طرح ڪو ڪارنامو ناهي،
الٽو گھٽياپن ۽ جھالت آهي. انهيءَ گوڙ شور جي ٽاڄي ۾ هڪ اصولي ۽ بنيادي موضوعَ ۽
مکيه سوال کي بنهه نظر انداز ڪري ۽ ارادي سان سنڌ جي قدرتي ۽ قانوني رهواسين جي
اکين کان اوجھل رکيو ويو آهي. ان اصولي ۽ بنيادي موضوع ۽ مکيه سوال جو تعلق سنڌ جي
وڏ وزارت سان نه، يا وڏ وزارت ۽ ڪجھ ٻين وزارتن سان نه آهي ۽ نه ئي وري انهيءَ سان
آهي ته انهن مان ڪهڙيون ڪهڙيون ۽ ڪيتريون وزارتون ڪنهن ڪنهن وٽ هئڻ يا نه هئڻ
گھرجن. پر ان موضوع جو واسطو مجموعي طرح ۽ سڌو سنئون سنڌ سان، سنڌ جي وجود ۽ مفاد
سان آهي.
اهو اصولي ۽ بنيادي سوال هي آهي،
ته سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني ڪنهن وٽ هجڻ گھرجي ۽ اهو به، ته ڇا سنڌ جي سالميت، بقا ۽ آئيندي کي ڪو خطرو ته
درپيش ناهي؟
جيستائين سوال جي پوئين جُز ”سنڌ
جي سالميت، بقا ۽ آئيندي کي ڪنهن خطري“ جي انديشي جو تعلق آهي، ته سنڌ جو هر
باشعور ۽ وطن دوست ماڻهو بنا هٻڪ پنهنجي اها سوچيل سمجھيل راءِ پيش ڪري سگھندو ته
سنڌ جي سالميت، بقا ۽ آئيندي کي سخت هاڃو رسڻ جو بيشڪ انديشو آهي، ڇو ته سنڌ جي
اقتدار ۽ حڪومت جو اثرائتو حصو هڪ اهڙيءَ انتهائي خطرناڪ ۽ دهشتگرد ڌُر جي حوالي
ڪيو ويو آهي، جيڪا پنهنجي هر هڪ عمل وسيلي پنهنجو پاڻ کي سنڌ دشمن ثابت ڪندي پئي
آئي آهي.
۽ جيستائين سوال جي پهرئين جز
”سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني“ ڪنهن ڌر وٽ هجڻ جو تعلق آهي، ته ان جا
جواب مختلف ٿي سگھن ٿا.
الطاف حسين وٽ!
يقين ڪريو، سنڌ مان ته ڇا،
پاڪستان مان ئي ڀَڄي ويل ۽ انگلينڊ ۾ وڃي پناهه وٺندڙ هڪ فرد اهڙو به موجود آهي،
جيڪو جيڪڏهن مٿي ڄاڻيل سوال جو جواب پنهنجيءَ پوريءَ ايمانداريءَ سان ڏئي ته اهو هي
هوندو: ”سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني اڪيلي ۽ اڪيلي الطاف حسين وٽ هئڻ
گھرجي.“ ۽ انهيءَ جواب ڏيندڙ ماڻهوءَ جو نالو آهي، الطاف حسين، جيڪو پاڻ کي
”مهاجرن جو قائد“ ۽ ”ايم ڪيو ايم جو قائد“ سڏائي ۽ لکرائي ٿو، جيڪو سنڌ ۾ دهشتگردن
جي سربراهي ۽ انهن کي پنهنجي حڪم ۽ مرضيءَ موجب چوري پوري ۽ هلائي ٿو. سوال جو اهو
جواب الطاف حسين پنهنجين ڳالهين ۽ دهشتگرديءَ ۽ دهشتگردن جي عمل وسيلي سوين ڀيرا
ثابت ڪري چڪو آهي، پر جيئن ته هو هڪ صاف نيت فرد نه آهي ۽ پنهنجي مُنهن تي
پنهنجيءَ فطرت جي قطعي ابتڙ نقاب اوڍيو وتي ٿو، تنهنڪري پنهنجو نالو پاڻ کڻڻ يا
پنهنجيءَ تنظيم پاران ڏيڻ بدران ائين به نه چوندو، ته سنڌ جي مالڪي، سرواڻي ۽
حڪمراني ايم ڪيو ايم وٽ هجي، البت ائين چئي سگھي ٿو ته اها ”مهاجرن“ وٽ هجڻ گھرجي،
۽ ايئن ڪي ئي ڀيرا چئي چڪو آهي.
1987ع ۾ هن جو خيال هو ته سنڌ ۾
85 لک ”مهاجر“ رهن ٿا (ڏسو: ”ليڊر“، 22- فيبروري 1987ع) ۽ هن جو ئي خيال هو ته اهي
سنڌ جي ڪل آباديءَ جو 40-45 سيڪڙو ٿي پيا آهن: ”ماجرن جي سنڌ ۾ 40 کان 45 سيڪڙو
آبادي آهي، اسان کي سرڪاري ملازمتن، سياسي اقتدار ۽ صوبائي حڪومت ۾ پنهنجو ايترو حصو ملڻ گھرجي.“ (ڏسو: الطاف حسين ڪي عزائم اور ارادي،
ص 41) ڪنهن ڀنواٽيءَ جي اثر هيٺ اهو به مطالبو ڪيائين ته سنڌ جي هڪ 100
صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽن مان 70 ”مهاجرن“ کي ملڻ گھرجن. (ڏسو: حوالو ساڳيو، ص 38)
اڃا پورو هڪ سال به نه گذريو ته سندس دماغ اوچتو ڦيرو کاڌو ۽ اعلان ڪيائين ته
”مهاجرن“ جي آبادي هڪ ڪروڙ کان مٿي ٿي وئي آهي. (جنگ-9 جنوري 1988ع) پوءِ وارن ڇهن
سالن ۾ جيڪو گَونڪ پوندو هئس، انهيءَ موجب انگ وڌائيندو رهندو هو، تان جو 1994ع ۾
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪيس وجھائي دعويٰ ڪيائين ته سنڌ جي 30 ملين (يعني 3 ڪروڙ)
آباديءَ ۾ مهاجرن جي آبادي 18 ملين (يعني هڪ ڪروڙ 80 لک) يعني 60 سيڪڙو ٿي وئي آهي
۽ رڳو 4 مهينا به نه گذريا ته نئين ڀنواٽي کائي هام هنيائين ته سنڌ جي 30 ملين
آباديءَ ۾ ”مهاجرن“ جي ڪل آبادي 22 ملين (يعني 2 ڪروڙ 20 لک) يعني 73 سيڪڙو ٿي وئي
آهي. (ڏسو: ”دعويٰ جواب دعويٰ“ جنگ پبليڪيشنز پاران سپريم ڪورٽ ۾ اهڙي داخل ڪيل
ڪيس ۽ ان جي جواب ۾ سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ پاران
جواب جا مختلف صفحا)
”40-45
سيڪڙو“ آباديءَ کي جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ”70 سيڪڙو“ نمائندگي
ملڻ گھرجي ته 73 سيڪڙو آبادي کي، هر هڪ سڄاڻ سمجھي سگھي ٿو ته، الطاف حسين جي چوڻ
موجب، ڪيترو حصو ملڻ گھرجي! ڇا اهو ڪنهن به طرح ”145 سيڪڙو“ کان گھٽ هوندو!؟
ٻئي پاسي، الطاف حسين جي ان
”مهاجر“ لفظ جي حقيقي تصور جي ڇنڊڇاڻ ڪبي، ته ان جو مقصد ”سمورا اردو ڳالهائيندڙ“
يا ”سمورا ڀارت کان لڏي آيل“ فرد قطعي به نه هوندو. ”نوائي وقت“ (1 مئي 1987ع)
رپورٽ ڪري ٿي: ”مهاجر قومي موومينٽ جي ڊپٽي سيڪريٽري ۽ مهاجر ليڊر الطاف حسين جي
دست راست طارق مهاجر چيو آهي ته ...اسين رڳو انهن ماڻهن کي مهاجر سمجھون ٿا جيڪي
(ڀارت جي) مسلم اقليتي صوبن مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيا، مشرقي پنجاب مان هجرت
ڪندڙ خاندان مهاجر قومي موومينٽ جو حصو نه آهن.“
”مهاجر“ بابت ڇا اهو هڪ ساڙيلو ۽
جاهلاڻو تصور نه آهي؟
هڪ پرييس ڪانفرنس ۾ الطاف حسين
کان پڇيل سوال ۽ ان جو جواب: ”سوال: هڪ ماڻهو (جنرل ضياءُ الحق) جنهن (بذات خود)
هجرت ڪئي، اهو هن وقت ملڪ جو صدر آهي، پوءِ به توهان سمجھو ٿا ته مهاجرن سان
ناانصافي آهي!؟
جواب: ...مهاجر رڳو اهو آهي جنهن
ڀارت جي انهن علائقن مان هجرت ڪئي جن جو هڪ انچ به پاڪستان ۾ شامل نه ٿيو. مشرقي
پنجاب جا ماڻهو جيڪي مغربي پنجاب ۾ آباد ٿيا، انهن لاءِ ڪا به ثقافتي تبديلي نه
آئي، اتي به لسي جو گلاس هو ۽ هتي به لسيءَ جو گلاس آهي. (کلڻ جو آواز) (ڏسو: ”الطاف
حسين ڪي عزائم اور ارادي“، صفحو 97)
هن جاهلاڻي جواب ۾ نسل پرستيءَ ۽
ڪم ظرفيءَ کي محسوس ڪري سگھجي ٿو.
ثابت ٿيو ته سمورا ”هجرت“ ڪندڙ
ماڻهو الطاف حسين جي نظر ۾ ”مهاجر“ نه آهن. ساڳيءَ طرح اهي اردو ڳالهائيندڙ به
الطاف حسين جي نظر ۾ مهاجر نه آهن، جيڪي سنڌ کان ٻاهر رهن ٿا. ٻئي پاسي هر اهو
اردو ڳالهائيندڙ فرد، بيشڪ سنڌ ۾ رهندو هجي، ”مهاجر“ ناهي، جيستائين اهو الطاف جي
سربراهيءَ هيٺ هلندڙ ايم ڪيو ايم ۾ شامل ناهي. لکين اردو ڳالهائيندڙ ايم ڪيو ايم ۾
شامل ناهن ۽ ڪي ئي ان جا مخالف آهن، اهي سڀ الطاف حسين جي نظر ۾ ”دشمن“ آهن: ”هر
اها تنظيم اسان (ايم ڪيو ايم يعني الطاف حسين) جي دشمن آهي جنهن سان ”مهاجر“
وابسته پئي رهيا آهن.“ (حوالو ساڳيو، صفحو 38). ”مهاجر“ مان الطاف حسين جي عملي
مراد اهي فرد آهن جيڪي ڀارت کان قانوني يا غيرقانوني طرح سنڌ ۾ آيا هجن (هاڻي اهو
واڌارو آندو اٿائين ته ڪٿي به رهندڙ هجن)، اهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ نه هجن جيڪا اردو
جي بالادستيءَ کي قبول نه ڪندي هجي ۽ الطاف حسين جي شخصي اڳواڻيءَ کي قبول ڪندي ۽
پنهنجو روحاني مرشد ۽ حاڪم اعليٰ مڃيندي، سندس ايم ڪيو ايم يعني الطاف گروپ ۾ شامل هجن (ڇو ته هن جي نظر ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي به
”دشمن“ آهي).
ايم ڪيو ايم (الطاف) جا 28 ڪارڪن
سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيا آهن. ايم ڪيو ايم (الطاف) به انهن ڪيترين ئي تنظيمن
مان هڪ آهي، جيڪي 1947ع ۽ ان کان پوءِ اڄ تائين ڀارت جي مختلف علائقن مان قانوني ۽
غيرقانوني طرح ۽ جائز يا ناجائز نموني لڏي، خاص ڪري سنڌ ۾ آيلن ۽ خاص ڪري اردو
ڳالهائيندڙن جو مهاجر طور نالو استعمال ڪندي هڪ قسم جي نسل پرستيءَ ۽ لساني شاونزم
۾ مبتلا آهن ۽ پنهنجي پاران اهڙي هر فرد کي سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخي، قدرتي ۽ قانوني رهاڪن
کان الڳ، نيارو ۽ خودساخته هڪ قوميت --- مهاجر قوميت --- جو فرد سمجھندي ۽ سڏيندي
دهشتگرديءَ ۽ بليڪ ميلنگ کي پاڪستاني سياسي عمل جو هڪ اڻٽٽ ۽ لازمي جز رکندي، سنڌ
۾ پنهنجي وجود وٺڻ واري ڏينهن کان هيل تائين، سنڌ جي ڪل اقتدار جو مالڪ نه، ته به،
ان مان سڻڀي ٽڪر لاءِ ۽ پنهنجي انتهائي مذموم مقصد طور سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ نسلي
نفرت اڀاريندي ۽ دهشتگردي ڪري امن امان جو مسئلو ۽ خوف جي فضا پيدا ڪندي پئي رهي
آهي. ان جو خيال آهي ته سنڌ جي حقيقي مالڪي، سرواڻي ۽ حڪمراني جيڪڏهن مڪمل طور ايم
ڪيو ايم جي قبضي ۾ نه اچي سگھي، ته به گھٽ ۾ گھٽ ان پاران پسند ڪيل ”مهاجرن“ ۽
اهڙن سنڌين وٽ هجي جيڪي سڄو ڏينهن نائن زيرو (90، يعني الطاف حسين جي گھر يا
”درگاهه“) تي هٿ ٻڌيو حاضري ڏين ۽ الطاف حسين آڏو عاجزي مڃين. ڄام صادق ايئن ڪيو
هو ۽ لياقت جتوئي به وڏ وزارت جو قسم کڻندي ئي حاضري ڀرائڻ لاءِ نائن زيرو تي پهچي
ويو.
پروٽوڪول ۽ مانُ
سنڌ جو وڏو وزير سنڌ ۾ سياسي ۽
انتظامي حوالي سان سڀ کان مٿاهون درجو رکي ٿو، ان کي هڪ خصوصي قسم جو پروٽوڪول ملي ٿو ۽ ان جو پنهنجو هڪ مانُ ۽ مرتبو هجڻ
گھرجي.
22- فيبروري 1997ع تي سنڌ جي نئين وڏي وزير لياقت جتوئي پنهنجي عهدي جو
قسم کڻڻ کان ترت پوءِ نائن زيرو تي پهچي ويو. اتي لنڊن کان الطاف حسين جي ٽيليفون
اچڻي هئي (جيڪا وڏي وزير جي گھر يا آفيس ۾ به ڪري سگھي پئي، ڇو نه ڪئي وئي!؟)
الطاف حسين قرب جا مينهن وسائيندي ۽ احسان جھاڙائيندي وڏي وزير کي چيو ته ”ڏسو،
توهان جي نائن زيرو تي ڪيئن آجيان ڪئي وئي!“ مٿان اهو به ٻڌايو ويو ته ”1990ع ۾
اسان ڄام صادق سان گڏيل حڪومت ٺاهي، اهو ڏاڍو بهترين دور هو، عوام جي ڀلائي جا ڪم
ٿي رهيا هئا، پر ڪجھ ماڻهن کي اهي شيون پسند نه آيون ۽ آخرڪار انهيءَ محبت ۽ امن
جي فضا کي خراب ڪيو ويو ۽ اسان جي خلاف آپريشن شروع ڪئي وئي.“
هتي فطري طرح ڪي سوال اٿن ٿا ته
”محبت“ ۽ ”امن امان“ جي فضا کي ڪنهن خراب ڪيو، ”عوام جي ڀلائيءَ“ جا ڪم ڪهڙن ماڻهن
کي نه وڻيا ۽ انهن فوجي آپريشن ڪرڻ ڇو ضروري سمجھيو؟ ڇا اهو ڄام صادق علي ۽ ان جو
ٽولو هو يا نواز شريف ۽ ان جو ٽولو؟
ڄام صادق علي بابت هر هڪ تصديق
سان ڄاڻي ٿو ته هو ايم ڪيو ايم (الطاف) آڏو ايترو جھڪيو، ايترو ته جھڪيو، جو ان
کان وڌيڪ جھڪڻ ممڪن ئي نه هو. الطاف حسين پلنگ تي چڙهيو ويٺو هوندو هو ۽ ڄام صادق
ان جي پائي کي چنبڙيل، ۽ نواز شريف جو قرب انهيءَ اوج کي پهتل هو جو پاڻ اچي نائن
زيرو تي پهتو ۽ الطاف حسين سان پنج ڪلاڪ ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ اعلان ڪيائين ته
”ايم ڪيو ايم جا دشمن اسان جا دشمن آهن ۽ ايم ڪيو ايم خلاف سازشن جي مڪمل تحقيق
ڪرائي ويندي.“ (نوائي وقت، 1 مئي 1991ع)
”ايم ڪيو ايم خلاف سازشن“ جي جڏهن
تحقيق ٿي، تڏهن ثابت ٿيو ته ايم ڪيو ايم خلاف ڪا به سازش ڪا نه ٿي هئي، الٽو ايم
ڪيو ايم پاڻ پئي سازشون ڪيون. ان ڪو به عوامي ڀلائيءَ جو ڪم ڪو نه پئي ڪيو ۽ امن
امان جي فضا کي خراب ڪرڻ جو ڪارڻ پاڻ هئي. هونئن به اها ڄاتل سڃاتل حقيقت آهي ته
دهشتگردي، بليڪ ميلنگ، مخالفن ۽ بيگناهن جو قتلام، وڳوڙ، آتش زني، اغوا ڪاري،
بدمعاشي ۽ رهزني ايم ڪيو ايم جي تربيت يافته دهشتگردن ۽ قاتلن ۽ وڳوڙين وسيلي عمل
۾ ايندي آهي، پر ان پاران الزامن جو وسڪارو ڪنهن نه ڪنهن خصوصي نشانو بنايل ٻيءَ
ڌر تي هوندو آهي. 1989ع جي ابتدا کان 1992ع جي وچ تائين دهشتگرديءَ جو جيڪو رڻ تپايو
ويو، تنهن نيٺ ان ساڳئي ئي وزيراعظم نواز شريف کي مجبور ڪيو ته ”سنڌ ۾ ڏوهارين خلاف مهم“ هلائي ۽ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي
بند ڪرائي.
لياقت جتوئيءَ ۽ ڄام صادق عليءَ
جي ڀيٽ جو وقت هيءُ ناهي، پر پهرينءَ ئي ٽيليفون تي ڳالهه ٻول دوران الطاف حسين
جيڪو ڪجھ چيو ۽ جيئن چيو آهي اهو ڪيئي وضاحتون ڪريو ڇڏي. الطاف حسين مٿس احسانن جي
بارش ڪندي چتايو آهي ته ”توهان مهاجرن جو خلوص ته ڏسو، ته هنن هڪ ڀيرو ٻيهر
خيرسگاليءَ جي جذبي تحت انهيءَ ڳالهه کي پنهنجيءَ انا جو مسئلو نه بنايو ۽ وڏ
وزارت تان هٿ کنيو.“
انهن لفظن جو لڪل مطلب هڪ ٻار به
سمجھي سگھي ٿو. لياقت جتوئيءَ جي وڏ وزارت ايم ڪيو ايم (الطاف) جي ٿوڻيءَ تي بيٺل
آهي ۽ جي اها برقرار رکڻي آهي ته...
اسان کي واضح
طرح اها ڳالهه سمجھڻ گھرجي ته ايم ڪيو ايم (الطاف) پنهنجيءَ پوريءَ
طاقت باوجود ڪڏهن به ان پوزيشن ۾ نه ٿي اچي
سگھي، جو پنهنجي زور تي سنڌ جي حڪومت ٺاهي ۽ وڏ وزارت ماڻي سگھي، تان جو وڻ
ڪپڻ لاءِ ڪهاڙيءَ جو ڳن پنهنجن ئي بي وفا، مت موڙهيل، خود غرض، لالچي ۽ ڪم ذهن
سنڌي ميمبرن منجھان نه هجي. ايم ڪيو ايم سنڌ جي هڪ اقليت جا ووٽ وٺي ٿي، جڏهن ته
سنڌ ۾ اڪثريت اڄ به سنڌين وٽ آهي. 28 سيٽون کٽندڙ ڌر کي سنڌ جي گورنري، اسپيڪر شپ
۽ اڌواڌ پر مکيه وزارتون ڏيڻ بدران، اهو سڀ ڪجھ، 38 سيٽون رکندڙ ڌر کي به ڏئي
سگھجي پيو! پوءِ ڇو نائن زيرو تي حاضري ڀرائجي ها، ڇو پنهنجو مانُ وڃائجي ها ۽ ڇو
(اڻ ڪيل) احسانن جي مار کائجي ها!
سنڌي سياسي وڏيرو
سنڌي سياسي وڏيرو (ڪنهن هڪ اڌ
مثال کان سواءِ) هڪ ڪمتر ذهنيت رکندڙ، بظاهر ڪيترو به وڏو هجي، پر درحقيقت پرمار
يا ڏاڍي طاقت آڏو جھڪي پوندڙ، جاهل ۽ ڀاڙيو ٿئي ٿو. هن کي الائجي ڇو اها ڳالهه
سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ته ايم ڪيو ايم کي به اقتدار جي بک آهي، اها مخالفت ۾ ويهڻ
بدران اقتدار ۾ اچڻ ۽ رهڻ کي ترجيح ڏيندي ۽ اها ڪنهن به طرح سنڌي سياسي وڏيري جي
مدد کان سواءِ اقتدار ۾ نه ٿي اچي سگھي. هن کي اها ڳالهه به سمجھ ۾ نه ٿي اچي، ته
ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ ۽ داداگيريءَ کي ٻنجو ڏيڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته
سندس بليڪ ميلنگ جو شڪار نه ٿيو ۽ ان آڏو نه جھڪيو وڃي. چونڊيل سنڌي سياسي وڏيرن
پاران جيڪڏهن اهو هڪ گڏيل فيصلو ڪيو وڃي ته 25 سيڪڙو رکندڙ ڌر کي، جيڪڏهن هروڀرو
اقتدار ۾ ويهارڻو آهي، ته اقتدار ۾ حصو 25 سيڪڙي کان وڌيڪ نه ڏنو ويندو، نه ته ڀلي
وڃي مخالف ڌر جي بينچن تي ويهي، ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڇا ”احسانن“ جي مار کائڻي
پوندي؟ ڇا نائن زيرو تي حاضري ڀرائڻي پوندي؟ ڇا هڪ دهشتگرد ۽ سنڌ دشمن قوت آڏو
جھڪڻو پوندو؟ انهن سڀني سوالن جو جواب هڪ وڏي ”نه“ هوندو، پر شرط آهي ته چونڊيل
سنڌي سياسي وڏيرو پنهنجي انداز ۾ ٿوري غيرت، ٿوري بردباري، ٿورو قومي جذبو ۽ ٿوري
وطن دوستي پيدا ڪري.
سيد جلال شاهه، سنڌ اسيمبليءَ
لاءِ چونڊيل هڪ سنڌي ميمبر، چيو آهي ته ”مون 4-ڏينهن اڳ مسلم ليگ (ن) جي حمايت ڪئي
هئي. پ پ پ سان اتحاد جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي... آءٌ ڳالهه واضح ٿو چوان ته ايم
ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪو به قدم کنيو، ته آءٌ سندس مخالفت ڪندس. آءٌ سنڌ جي
مفاد خلاف ڪڏهن به ڪم نه ڪندس ۽ آءٌ جي ايم سيد جي پوٽي جي حيثيت ۾ سنڌ خلاف ڪم ٿيڻ نه ڏيندس.“ (عوامي آواز، 20 فيبروري
1997ع)
سيد جلال شاهه اسان جو عزت لائق
نوجوان آهي. هن لاءِ اسان وٽ احترام آهي ۽ ڪنهن به ڊگھي بحث ۾ پوڻ نه ٿا گھرون.
ڄاڻون ٿا ته پنهنجن بيانن ۾ پاڪستان کي تسليم نه ڪندڙ ۽ ان جي آئين کي مظلوم قومن
جو دشمن ڄاڻائيندڙ، سچي قومپرستيءَ جي دعويدار هڪ ڌر جا ڪي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سيد جلال
شاهه کي سنڌ اسيمبليءَ جي در تائين پرجوش جلوس جي صورت ۾ وٺي آيا هئا ته جيئن
پاڪستان ۽ ان جي آئين سان وفاداريءَ جو حلف کڻي سگھجي. سيد جلال شاهه جنهن مسلم
ليگ جي حمايت ڪئي آهي، ان مسلم ليگ جي ”بڻ بنياد“، ”اڳواڻن“ ۽ ”ڪارنامن“ بابت خود
سندس ڏاڏي سائينءَ جا ڪي ئي ڪتاب ۽ مضمون لکيل آهن. اسان جو بلڪل هڪ سڌو ۽ سادو
سوال هي آهي ته: ”ايم ڪيو ايم جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪو به قدم کنيو ته“ ان جو مطلب ڇا
آهي؟
ڇا ايم ڪيو ايم اڄ ڏينهن تائين
سنڌ جي خلاف ڪو به قدم نه کنيو آهي!؟
سائين جيڪڏهن رڳو ايترو ٻڌائڻ جي
تڪليف گوارا ڪري ته ”سنڌ خلاف ڪو به قدم“ مان
سندس مراد ڇا آهي، ته ايم ڪيو ايم جي تاريخ ۽ عمل مان اهڙا سوين مثال ڏئي
سگھجن ٿا، جيڪي اهو ثابت ڪندا ته ايم ڪيو ايم اڄ تائين ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن.
سائين هيٺ ڏنل ٻن بيانن جي ڪهڙي وضاحت ڪندو...
1-
”جيئي
سنڌ قومي محاذ جي (وائيس) چيئرمين سيد غلام شاهه چيو آهي ته هڪ بين الاقوامي سازش
تحت سنڌ جي ورهاست جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي ۽
ايم ڪيو ايم ٻاهرين قوتن جي آلئه ڪار بنجي چڪي آهي. مهاجرن سنڌ ۾ رهندي
سنڌي ٿيڻ قبول نه ڪيو ۽ اهي جيڪڏهن هاڻي به مهاجر چوائڻ تي بضد آهن ته انهن لاءِ
ڀارت يا وري سمنڊ کان سواءِ ٻيو ڪو ٽڪاڻو نه هوندو. هن چيو ته هاڻي به وقت آهي ته
ايم ڪيو ايم وارا ”مهاجر صوبي“ جو خناس پنهنجي
دماغ مان ڪڍي ڇڏين...“ (ڏسو: ”انقلاب“، 30 آڪٽوبر 1994ع)
2-
”جيئي
سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر چيو آهي ته ”مهاجر صوبي“ جو شوشو مهاجرن
۽ سنڌين جي وچ ۾ خون خرابي جي سامراجي سازش آهي. مهاجرن جو پنهنجو الڳ وطن ڪو به
ناهي، اهي اسان جي مهمان نوازيءَ جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. وطن جي ورهاست ڪو
به غيرتمند سنڌي برداشت نه ٿو ڪري سگھي. الطاف حسين الڳ مهاجر صوبي جي ڳالهه ڪري ٻرنديءَ
تي تيل هارڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي.“ (”پبلڪ“، 28 سيپٽمبر 1994ع)
هن مضمون جي ابتدا ۾ ڏنل بيانن ۽
هتي ڏنل بيانن کي ڌيان سان پڙهي جاچيو وڃي ته سنڌ کي ورهائڻ ۽ مهاجر صوبو ٺاهڻ ۽
بين القوامي ۽ سامراجي سازش کي عملي روپ ڏيڻ وارو ڪير آهي. انهيءَ ايم ڪيو ايم جي
حمايت سان سيد جلال شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو آهي! (۽ لياقت
جتوئي، وڏو وزير!)
ڇا سائين وضاحت ڪندو ته ”سنڌ جي
مفاد“ مان سندس مراد ڇا آهي؟ اسان جو هي سوال
سنڌ اسيمبليءَ جي هر ميمبر لاءِ پڻ آهي.
سنڌ جا مفاد
”سنڌ جي مفادن“ ۽ ”سنڌ جي مسئلن“
جي وچ ۾ موجود نفيسن فرق کي محسوس ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪرڻ گھرجي.
”سنڌ جي مفادن“ جو تعلق سنڌ جي
سالميت، بقا ۽ ترقيءَ ۽ ان تي سندس قدرتي ۽ قانوني
رهاڪن جي مالڪيءَ جي حقن سان آهي.
1-
سنڌ هڪ
جاگرافيائي ايڪائيءَ جي صورت ۾ آزاد ۽ تاابد قائم ۽ دائم رهي، سدا وسندي، آباد
ٿيندي ۽ ستابي ۽ خوشحال رهندي اچي ۽ ترقي ڪندي رهي. سنڌ جي سالميت خلاف ڪا به سازش
۽ غداري نه ٿئي ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا به نيت ڪنهن به من ۾ موجود هجي ته ان کي فنا ڪيو
وڃي. سنڌوءَ تي بند ٻڌي سنڌ کي سُڪائڻ، پنجاب جو گندو پاڻي سنڌ ۾ وهائڻ ۽ سنڌ کي
کاري پاڻيءَ، سم ۽ ڪلر جي ڌٻڻ ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جو ناڻو سنڌ جي ڀلائيءَ ۽ بهبود لاءِ استعمال ٿيڻ جھڙا مامرا سنڌ جي مفاد سان
وسطو رکن ٿا.
2-
سنڌ تي
ان جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جي مالڪي قائم هجي، انهن کي ڪنهن به طرح، ڪنهن به
سازشي عمل وسيلي هڪ حقير اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ئي نه ٿئي ۽ جي ٿئي ته ان جون
پاڙون پٽيون وڃن. سنڌ سنڌين جو قدرتي، تاريخي ۽ قانوني وطن آهي ۽ ان جي سمورن
وسيلن تي سنڌين جي ئي مالڪي قائم رهي. هيءُ هڪ تسليم ٿيل عالمي حق آهي، جنهن کي ڪو
به رد نه ٿو ڪري سگھي.
3-
سنڌ
سنڌين جي آهي ۽ سنڌ ۾ قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ طور سنڌي ٻوليءَ کي رائج رهڻ گھرجي ۽
سنڌي ثقافت هن ئي ڌرتيءَ جو تاريخي ورثو آهي، جنهن کي پنهنجيءَ فطري اوسر موجب بنا
رنڊڪ جي وڌندو ويجھندو رهڻ گھرجي.
ڪو به غيرقدرتي ۽ غيرقانوني رهاڪو
جيڪڏهن، مثال طور برطانيا، سعودي عرب، جپان وغيره جي ڌرتيءَ ۽ وسيلن تي اتان جي
قدرتي ۽ قانوني رهاڪن بدران پنهنجي يا انهن سان گڏ پنهنجي مالڪي ڄمائڻ يا ڪنهن به
وسيلي تي قبضو ڪرڻ يا اتي جي جاگرافيءَ کي بدلائڻ يا اتي جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن
کي اقليت ۾ بدلائڻ يا اتي جي زبان ۽ ثقافت جي قومي ۽ سرڪاري حيثيت تي اعتراض وارڻ
جي نيت به ڪندو ته انهيءَ سلسلي ۾ عالمي اصول ڇا ٿو چوي؟ ڇا انهن ڄاڻايل يا دنيا
جي ڪنهن به ڏيهه ۾ پنهنجي ڪا نام نهاد، من گھڙت ۽ هٿ ٺوڪي قوميت ٺاهي ان جي لاءِ
ڪنهن به قسم جي سپرپاوري، بالادست حاڪماڻي حق، ڪنهن به قسم جي ڌونس ۽ ڌمڪيءَ يا
پنهنجي مخصوص گروهه لاءِ ”بين الاقوامي اصولن موجب سرحد بندي“ جو سکڻو مطالبو ڪرڻ
جي موڪل به ملندي؟
انهن سوالن جو جواب، جي ”نه“ هجي،
ته سنڌ ۾ خرمستيءَ جي موڪل ڇو؟ ايم ڪيو ايم پاران هن وقت تائين جيڪو ڪجھ ڪيو پئي
ويو آهي، سنڌ اندر مهاجريت (۽ پاڪستانيت) جي نالي ۾ جيڪو ڪجھ پئي وهيو واپريو آهي،
ڇا ان سڀ ڪجھ کي ڪنهن به طرح سنڌ جي مفادن وٽان سمجھي، چئي ۽ سڏي سگھجي ٿو؟ بذات
خود ايم ڪيو ايم جو نالو ۽ مهاجريت جو نعرو ڇا سنڌ جي مفاد سان ٽڪر ۾ ناهي؟
جيڪڏهن اسان جو ڪو ايمان آهي، ڪا
قومي غيرت آهي، ڪو وطن دوستيءَ جو جذبو آهي، ته پوءِ اسان کي اهو بهرحال مڃڻو
پوندو ته سنڌ ۾ ”مهاجر قوميت“ جو نعرو ۽ ايم ڪيو ايم (۽ اهڙي ٻي هر تنظيم) جو نالو
۽ وجود سنڌ جي مفادن خلاف ازلي ويريءَ جي حيثيت رکي ٿو.
جيڪو به ماڻهو، مادري ٻوليءَ طور
ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندو هجي، جيڪڏهن سنڌ جي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، خلوص سان ڪم
ڪري ٿو يا گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي مفادن خلاف ڪا به سرگرمي نه ٿو ڪري، ته اسان جو ڀاءُ
آهي، سنڌي آهي. سنڌي ماڻهوءَ ڪڏهن به، ڪنهن به فرد کان، سندس مادري ٻوليءَ جي
حوالي سان، نفرت نه ڪئي آهي. سنڌي، سرائيڪي، ٻروچڪي، گجراتي، بروهڪي، ڪڇي،
ڪاٺياواڙي، اردو، ايتري قدر جو انگريزي، عربي، فارسي وغيره ٻولين مان ڪا به ٻولي
مادري ٻوليءَ طور ڳالهائي ويندي هجي، سڀ سنڌ وطن جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جون
ٻوليون ٿي سگھن ٿيون ۽ رهيون آهن ۽ اسلام، عيسائيت، هندو مت وغيره ۽ شيعيت، سنيت،
وهابيت، پارسيت، قاديانيت، مزدڪيت، قادريت وغيره، ڪهڙي به مذهب ۽ ڪهڙي به فرقي سان
تعلق هجي، سڀ سنڌ وطن جي قدرتي ۽ قانوني رهاڪن جا مذهب ۽ فرقا ٿي سگھن ٿا ۽ رهيا
آهن، پر اسان جو بنيادي حوالو ”سنڌ جا مفاد“ آهن. سنڌ جا مفاد سڀ کان مٿانهان ۽ سڀ
سان وڏو، اهم ۽ بنيادي حوالو آهن.
جيستائين تعلق آهي مسئلن جو، ته
سنڌ ۽ سنڌ جي رهاڪن جا سوين مسئلا آهن. سنڌ جي معيشيت جو استحڪام، سنڌ ۾
بيروزگاري، سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيهي، سنڌ ۾ صنعتن، نهرن ۽ روڊن رستن جا ڄار، سنڌ جي
تعليم، صحت، سماجي بهبود ۽ ڀلائي ۽ ٻيا ڪي ئي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون
وٺڻ هر حڪومت ۽ رهاڪوءَ جو فرض آهي.
پر، هر حالت ۾ اهو ياد رکيو وڃي
ته ڪنهن به طرح، ڪنهن به غرض يا مقصد لاءِ سنڌ جي مفادن تي سوديبازي ڪرڻ جي اجازت
نه ٿي ڏئي سگھجي. جيڪا به ڌر ڪنهن به طرح سنڌ جي مفادن کي جوکم ۾ وجھي ٿي، ان جو
سنڌ جي مالڪيءَ سان ڪو واسطو ته ٺهيو، اها سنڌ جي وسيلن تي جيئڻ جو حق به وڃائي
ويهي ٿي. اسان کي جاچڻو اهو آهي ته سنڌ جي حڪومت تي ايندڙ ڌريون ڇا ڪنهن به طرح
سنڌ جي مفادن جي خلاف ته ناهن؟ جي ايئن آهي ته پوءِ، اهڙيءَ ڪنهن به ڌر کي سنڌ جي
حڪومت ۾ ويهڻ جو ڪو به حق ناهي. اصولي نظر سان ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ رهڻ جو به حق نه
آهي.
گھٽ ۾ گھٽ، پ پ جي سياسي وڏيرن جيتري ته قومي غيرت ڌاريو
عام چونڊن کان پوءِ جيڪي نتيجا
ظاهر ٿيا، انهن موجب سنڌ ۾ پ پ پ وٽ 38، ايم ڪيو ايم (الطاف) وٽ 12 (يا کڻي 14)
سيٽون هيون. عام جمهوري فضيلت چوي ٿي، ته اڪثريتي پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني
وڃي. پاڪستان ۾ ان فضيلت جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو آهي. عجيب قسم جو هڪ ناٽڪ کيڏيو وڃي
ٿو. سنڌ جي اڪثريت جي نمائندگي ڪندڙ سنڌي ڌرين کي پاڻ ۾ وڙهيل ڏسي، ايم ڪيو ايم
هڪدم پنهنجا شرط شروط پيش ڪري ڇڏيا ته جيڪا ڌر اسان جا فلاڻا 18 مطالبا پورا ڪندي،
هوءَ انهيءَ سان ٺاهه ڪندي. انهيءَ موقعي تي ٿيڻ ته ايئن گھربو هو ته سنڌ جي
اڪثريت جي نمائندگي ڪندڙ ڌريون ٿوري ڪا قومي غيرت ڌاري، ڪجھ ڪو وطن دوستيءَ جو
جذبو رکي، ٿوري ڪه گھڻي سمجھداريءَ، حب، ماڻهپي ۽ وفاداريءَ جو مظاهرو ڪندي هڪدم
اعلان ڪن ها ته اسان مان ڪو به ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو، ايم ڪيو ايم
جيڪڏهن پنهنجو ڪو به ناجائز ۽ دٻاءُ وجھندڙ شرط پيش ڪيو ته ان سان ڪي به ڳالهيون
نه ڪيون وينديون يا وري ايم ڪيو ايم کي پڻ اسان جي فلاڻن فلاڻن شرطن کي مڃڻو پوندو.
پ پ پ جي سياسي وڏيرن وري به ڪجھ
نه ڪجھ قومي غيرت، وطن دوستيءَ ۽ دانشمنديءَ جو
مظاهرو ڪيو ۽ هن ايم ڪيو ايم کان سواءِ ٻيءَ هر ڌر کي ايم ڪيو ايم جي بليڪ
ميلنگ کان بچائڻ لاءِ غير مشروط حمايت جي آڇ ڪئي پر مسلم ليگ (ن) اهڙي ڪنهن به
عنصر تي سوچڻ جي تڪليف ئي گوارا نه ڪئي. هن کي ڪجھ ڏينهن جي اقتدار جي لالچ ۽
چانديءَ جي ڪرسيءَ جي چلڪي هر قسم جي بردباريءَ، مڻيا ۽ ماڻهپي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو
۽ اها اتاولائي سان دهشتگردن جي در تي سجده زير ٿي وئي.
سنڌي عوام اخبارن جي اکر اکر کي
گھوري ڏسندو رهيو ته ڪڏهن ٿو ڪو سنڌي اڪثريت جو نمائندو ڪنهن به قسم جي ٿوري ڪا
وطن دوستي ڏيکاري پر جيڪو ڪجھ پڙهيو ۽ ٻڌو ويو، اهو هي ته هر قيمت تي ايم ڪيو ايم
کي راضي ڪرڻو آهي (شايد مٿان جي به ڪا اهڙي ئي مرضي هجي) ۽ ايم ڪيو ايم جا ناٽ هئا
۽ نخرا هئا، شرط ۽ داٻا هئا ته هيئن به ڪيو ۽ هونئن به ڪيو، هي به ڪيو ۽ هُو به
ڪيو، تان جو ايم ڪيو ايم جو ”احسان“ کڻي ۽ ڌونس سهي، اخباري رپورٽن موجب، سنڌ جي
گورنري، اسپيڪرشپ ۽ اڌواڌ پر مکيه وزارتون ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري ۽ دهشتگردن کي
معصوم ۽ بيگناهه مڃي، انهن جي ڪيسن تي نظرثاني، رعايت ۽ ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏيڻ ۽ ٻيا ڪي
ئي غير مانائتا ۽ غير شانائتا شرط مڃي، پنهنجي اقتدار جو بنياد ايم ڪيو ايم جي
ٿوڻيءَ تي بيهاري انتهائي گھٽيا رعايتون وٺي خوش خوش ۽ گد گد پئي ٿيا.
هتي، هڪ عجيب مطالبي جي مڃتا پڻ
ڌيان لهڻي ٿي.
گورنري مرڪزي انتطاميا جو مامرو
آهي. گورنر صوبي ۾ صدر ۽ مرڪزي انتظاميا جو نمائندو ٿئي ٿو. گورنر جي ڪرسي ڪو
سياسي عهدو ناهي، نه ئي وري ان لاءِ ڪا چونڊ ٿيندي آهي پر ملڪ جو صدر پنهنجيءَ
صوابديد تي گورنر مقرر ڪندو آهي. پوءِ اهو ڪيئن ۽ ڇو ممڪن ٿي سگھيو آهي ته مسلم
ليگ (ن) جي مقرر ڪيل ڪميٽيءَ ايم ڪيو ايم جي ڪميٽيءَ کي اها يقين دهاني ڪرائي سگھي،
ته گورنر ايم ڪيو ايم جو هوندو...!؟ ڇا صوبي جي وزيراعليٰ کي اهڙو ڪو اختيار مليل
آهي جنهن جي اطلاق وسيلي هو پنهنجيءَ پسند جو گورنر مقرر ڪري سگھي؟ سنڌ جي عوام
سان اها ڪهڙي قسم جي مذاق آهي!؟
ڳجھ ڳوهه ۾ ٿيل انهيءَ ٺاهه کي طي
ڪئي اڃا ٻه هفتا به نه ٿيا آهن، ۽ توڙي جو اقتداري ڌر جي ڪجھ ميمبرن، جيئن اسماعيل
راهو، مقبول شيخ ۽ سليم جان مزاري پنهنجي الڳ الڳ بيانن ۾ ظاهر ڪيو آهي ته ”ٻنهي
پارٽين شهري (!) ۽ ڳوٺاڻي (!) عوام جي مفاد ۾ سهڪاري هٿ وڌايا آهن“ (”عوامي آواز“،
2- مارچ 1997ع) پر ٺاهه ڪندڙ ڌرين جو ڦڏو ظاهر ٿي پيو آهي. سنڌ حڪومت اڃا سوڌو
پنهنجي ڪابينا جوڙي نه سگھي آهي، ڇو ته ايم ڪيو ايم ان ڳالهه تي اڙي هڻي بيٺي آهي
ته ڪابينا ۾ شموليت لاءِ ايم ڪيو ايم جي گورنر جو فيصلو اڳ ۾ ٿيڻ گھرجي. (”ڪاوش“،
2- مارچ 1997)
هي جو شرط شروط، دٻاءَ ۽ ڪرسيءَ
جي لالچ وسيلي طي پيو ٿئي ته فلاڻا فلاڻا عهدا ۽ ٻيا اختيار ۽ فلاڻيون فلاڻيون
وزارتون وغيره هِن يا هُن ڌر کي ڏنيون وينديون، ته فلاڻا نمائندا فلاڻي جي حمايت
ڪندا، ته ڇا ان کي سوديبازي ۽ سازش نه ٿو چئي سگھجي؟
وڏ وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو
ايم جا ڪهڙا ڪهڙا شرط مڃيا ويا آهن، انهن جي صحيح خبر تڏهن پوندي، جڏهن ٺاهه ڪندڙ
ڌريون پنهنجي ٺاهه کي پڌرو ڪن، پر ايترو پڇڻ جو حق اسان کي به آهي، ته ايم ڪيو ايم
جا سٺا يا ڪنا شرط ته مڃيا ويا، پر سنڌي اقتداري ڌر پنهنجن ووٽرن، پنهنجي تر ۽ وطن
جي عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ايم ڪيو ايم
کان پنهنجا ڪهڙا شرط مڃرايا؟
ڇا ايم ڪيو ايم (الطاف) اهو مڃيو
آهي ۽ کانئس اهو مڃرايو ويو آهي ته:
(1)
ايم ڪيو
ايم (الطاف گروپ) سنڌ جي ورهاست واري نڪتي کان لاتعلقي ظاهر ڪندو، ڇو ته اهو
پاڪستان جي ورهاست جي برابر آهي يا اهڙو ڪو به مطالبو نه ڪندو جنهن جي ڪري پاڪستان
جي آئين ۾ آرٽيڪل-1 ۾ ڄاڻايل پاڪستان جي علائقن جي جاگرافيائي بيهڪ تبديل ٿيندي
هجي؟
(2)
ايم ڪيو
ايم (الطاف گروپ) (الف) نسل پرستيءَ جي بنياد تي ٻين قوميتن جي نسل ڪشيءَ جي عمل کي موڪلاڻي چوندو، (ب) نسلي تعصب جي
پاليسي ترڪ ڪندو ۽ پنجابين، پٺاڻن، سنڌين ۽ بلوچن کي خصوصي نشانو بنائي قتل ڪرڻ
بند ڪندو، ۽ (ت) پنهنجن مخالف اردو ڳالهائيندڙن جو قتل عام بند ڪندو؟
(3)
ايم ڪيو
ايم (الطاف گروپ) سنڌ ۽ پاڪستان حڪومت جي ملازمن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي فردن
کي پنهنجو خصوصي نشانو بنائي قتل ڪرڻ بند ڪندو؟
(4)
ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) (الف) پنهنجن دهشتگرد ٽولن جي بدقماش اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي قانون جي حوالي ڪندو، (ب)
سنگين ڏوهن ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ ۾ ملوث پنهنجن ڏوهارين کي عدالت ۾ حاضر ڪندو، ته جيئن اهي قانوني عمل مان گذري سگھن، (ت)
ڪنهن به اهڙي فرد يا ٽولي جي حمايت ۽ مدد نه ڪندو جيڪو قتل جي ڪيسن ۾ گھريل
هجي، ۽ (ث) ڀارت ۾ پنهنجون تربيتي ڪئمپون بند ڪندو ۽ اتي موجود جاويد لنگڙا ۽ اهڙن
ٻين دهشتگردن کي گھرائي عدالت ۾ پيش ڪندو؟
(5)
ايم ڪيو
ايم (الطاف گروپ) پريس (صحافت) خلاف سينسرشپ واري پنهنجي پاليسي بند ڪندو ۽ پريس
(صحافت) ۾ ڌونس، ڌمڪي ۽ سڌي يا اڻ سڌي مداخلت کي ختم ڪرڻ جو کليل اعلان ڪندو؟
(6)
ايم ڪيو
ايم (الطاف گروپ) پنهنجي (الف) ان نعري ته ”جو قائد ڪا غدار هي، وه موت ڪا حقدار
هي“ تان هٿ کڻندو ۽ پڻ (ب) ان نعري ته ”ٽي وي، وي سي آر وڪڻو ۽ ڪلاشنڪوف خريد ڪيو“
تان هٿ کڻندو؟
(7)
ايم ڪيو
ايم (الطاف گروپ) قصاص ۽ ديت جي اسلامي اصولن مطابق قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي
ماريل ۽ زخمي ڪيل ڪارڪنن جو معاوضو ادا ڪندو ۽ جيڪي ماڻهو سندس دهشتگردن جي فائرنگ
۾ ماريا ويا آهن، انهن جي خون جو ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏيندو ۽ اهڙو ئي ڏنڊ هو پنهنجين
مخالف سياسي جماعتن جي ماريل ۽ زخمي ڪيل انهن ماڻهن لاءِ به ڀري ڏيندو جيڪي سندس
انتهاپسندن قتل ڪيا ۽ ڦٽيا آهن؟
(8)
ايم ڪيو
ايم (الطاف گروپ) جا ڪارڪن قائم ڪيل ٽارچر سيل بند ڪندا ۽ پڻ واپارين، دڪاندارن ۽
ٻين ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کان ڀتو نه
اڳاڙيندا؟ وغيره.
اهي ۽ اهڙا ڪي ٻيا شرط ايم ڪيو
ايم (الطاف گروپ) سان ڳالهين ۽ ٺاهه لاءِ گذريل حڪومت دوران پ پ پ جي سياسي وڏيرن
پاران رکيا ويا هئا، ڌيان سان پڙهي ڏسو، ته انهن ۾ ٿوري گھڻي ڪا قومي غيرت، حب
الوطني، انسان دوستي، ماڻهپو ۽ امن سان محبت نظر اچي ٿي يا نه، ۽ يقين ڪريو ته
انهن سڀني مطالبن يا شرطن جو روح انهيءَ دور جي واقعن تي جڙيل آهي جڏهن پاڪستان ۾
نواز شريف ۽ سنڌ ۾ ڄام صادق جي حڪومت هئي ۽ ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) انهن جو هڪ
اتحادي!
نواز شريف ئي اهو وزيراعظم هو
جنهن پهريائين اعلان ڪيو ته ”اذيت گھر قائم ڪرڻ وارن کي ڀڄڻ نه ڏنو وڃي.“ (جنگ،
27- جون 1992ع). پيرائتي خبر موجب، ”سنڌ آپريشن جي سلسلي ۾ وزيراعظم نواز شريف
پاران صدر (غلام اسحاق)، چيف آف آرمي اسٽاف (جنرل آصف نواز) ۽ وزيراعليٰ سنڌ مظفر
شاهه سان فون تي ڳالهيون، ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي هدايت، وفاقي ڪابينا پنهنجي (ٻن ڏينهن کان پوءِ) ٿيندڙ اجلاس ۾ فوج کي
آرٽيڪل- 245 هيٺ اختيار ڏيڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي گرفتاري جي معاملن
تي غور ڪندي.“
ڪالهه جن ايم ڪيو ايمي دهشتگرد
اڳواڻن جي گرفتاريءَ تي غور ٿيڻو هو، اڄ انهن جي درن تي سجدو ۽ انهن کي گورنرشپ ۽
اهم وزارتون ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي. ڪالهوڪا دهشتگرد، جن اذيت گھر قائم ڪيا ۽ جن
کي ڀڄڻ نه ڏنو ٿي ويو، اڄ انهن تي سنڌ ۾ اقتدار جا دروازا کوليا ويا آهن ۽ ڪالهه
جن دهشتگردن تي دهشتگرديءَ، اغوا، قتل، آتش زني، ڦرلٽ وغيره جا ڪيس داخل ڪيا ويا ۽
منجھانئن ڪي ئي گرفتار به ڪيا ويا، اڄ انهن کي عدالت کان مٿان ئي آزاد ڪرڻ، اجورو
ڀري ڏيڻ ۽ انهن سان ٻيون رعايتون ڪرڻ جا شرط مڃي، خود پنهنجيءَ ئي سياست ۽ سياسي
جماعت کي مشڪوڪ ۽ داغدار بنايو ويو آهي.
ٻڌو هئوسون ته ڪا اصولي ۽ باعمل
سياسي غيرت به ٿيندي آهي! حب الوطني ۽ قومي غيرت ان کان مٿاهين درجي جا اتم جذبا
آهن. سنڌ ۾ وڏ وزارت ۽ ڪي بي اثر وزارتون وٺڻ لاءِ مسلم ليگ (نواز گروپ) جي اڳواڻن
ڇا انهن ٽنهي مان ڪنهن به قسم جي جذبي جو، ذري جيترو به اظهار ڪيو آهي؟
انهيءَ سوال
جو جواب، جيڪڏهن ”نه“ هجي، ته ڪجھ سوچيو!
پ پ پ طرفان سنڌ حڪومت کي (ايم
ڪيو ايم پاران) بليڪ ميلنگ کان بچائڻ لاءِ سهڪار بابت پڇيو ويو ته (سنڌ اسيمبلي ۾
مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پ پ پ جي هڪ اڳواڻ) نثار کهڙي چيو ته: ”جيڪڏهن حڪومت رابطو
ڪيو ته انشاء الله کيس مايوسي نه ٿيندي.“ (عوامي آواز، 1- مارچ 1997ع) ۽ هن ڳالهه
تي به ڪجھ سوچيو!
هاڻي به وقت ويو ناهي
موجوده سنڌ اسيمبلي چونڊيل
نمائندن تي ٻڌل هڪ اسيمبلي آهي ۽ اسان وٽ جمهوري قدرن جي حوالي سان ان لاءِ هڪ
احترام موجود آهي. هن اسيمبليءَ جو پيڙهائتو فرض سنڌ جي مفادن جي نگهباني ڪرڻ ۽
سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ بااصول ڪوششون وٺڻ ۽ انهن ٻنهي ڪمن لاءِ قانون سازي ڪرڻ
آهي. وقت ويو ناهي، هاڻي به پنهنجو جائزو وٺي سگھجي ٿو. وڏي دل ڌاري، ذهني
ڪشادگيءَ کان ڪم وٺي، پنهنجي ضمير کي پنهنجو منصف مقرر ڪري، بلڪل ايمانداريءَ ۽
بردباريءَ سان پنهنجو جائزو وٺڻ گھرجي ته موجوده سنڌ حڪومت عملي طرح اهميت ۽ اوليت
ڇا کي ڏني آهي: (1) سنڌ جي مفادن جي حفاظت ۽ سنڌ جي مسئلن جي حل ۽ انهن لاءِ قانون
سازيءَ کي، يا (2) پنهنجيءَ ذات ۽ پنهنجن گروهي مفادن ۽ اقتدار جي عارضي چشڪي ۽
ڪرسيءَ کي ڏني وئي آهي ته اصول، اخلاق ۽ فضيلت جي تقاضا ۽ ضمير جي فيصلي کي مقدم
سمجھي پنهنجي ان عمل کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ۽ اهميت ۽ اوليت جيڪڏهن سنڌ جي مفادن
۽ سنڌ جي مسئلن جي حل ۽ انهن لاءِ قانونسازي کي ڏئي وئي آهي ته پوءِ، في الوقت
اصول، اخلاق ۽ فضيلت جي تقاضا ۽ ضمير جي فيصلي کي مقدم سمجھي (جيڪي مسئلا آئينده
حل ٿيڻا/ڪرڻا آهن انهن بابت ڪنهن به هام کان پاسيرو رهي) اڄ ئي سنڌ اسيمبلي ۽
اقتدار/حڪومت ۾ شامل هڪ مشڪوڪ ڌر بابت ثبوت نه ته به، شاهدي ۽ ضمانت ئي پيش ڪئي
وڃي ته:
”ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) سنڌ جي
مفادن جي حفاظت لاءِ، سچ پچ به، عملي مظاهرو ڪندو ۽ گھٽ ۾ گھٽ، سنڌ جي جاگرافيائي
وحدت ۽ سنڌ جي اجتماعي خوشحاليءَ لاءِ ڀرپور جدوجھد ۽ سهڪار ڪندو، سنڌ جي قدرتي ۽
قانوني رهاڪن جي مالڪي تسليم ڪندو ۽ ڪا به اهڙي حرڪت نه ڪندو جنهن وسيلي انهيءَ
تسليم ٿيل عالمي اصول کي جوکم رسي ۽ اهڙو مظاهرو ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاران لڳايل نام
نهاد ۽ جڙتو مهاجر قوميت جي نعري تان هٿ کڻندو. سنڌ ۾ سنڌي (اردو ڳالهائيندڙ سنڌي)
جي حيثيت ۾ رهندو ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قومي ۽ سرڪاري حيثيت تسليم ڪندو ۽ ان جي
عملي اطلاق لاءِ هٿ ونڊائيندو ۽ سنڌ ۾ نسلي منافرت ۽ لساني شاونزم کي ختم ڪرڻ ۽
ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. جڏهن ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ، ٻيو
ڪجھ نه، ته به گھٽ ۾ گھٽ، پنهنجن انهن بدترين، دهشتگردن ۽ انسان ۽ امن دشمن عملن
جو ورجاءُ نه ڪندو جن جي ڪري 1992ع ۾ سندس ئي اتحادي ساٿين لاءِ سنڌ ۾ فوجي آپريشن
ڪرائڻ اڻٽر ٿي پيو هو.“
ايم ڪيو ايم (الطاف گروپ) جيڪڏهن
اهو ڪارج پورو ڪرڻ لاءِ ڪا بااصول ۽ باعمل ضمانت مهيا ڪري ٿو ته اسان جو پرين آهي،
اسان جون اکيون ٿڌيون، اسان جا اعتراض رد ۽ باطل، ڪنهن به قسم جي گستاخيءَ لاءِ،
جيڪڏهن اسان کان سهواً به ٿي وئي هجي، معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيون. ليکڪ، سنڌ جي
قدرتي ۽ قانوني رهواسين جي هر سياسي تنظيم پاران اهڙيون شاهديون ۽ اهڙا ثبوت پيش
ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته اهي سڀ جو سڀ ۽ انهن مان هر هڪ ڪنهن به معصوم اردو
ڳالهائيندڙ خلاف ڪنهن به قسم جو ڪينو، ڪا به ڪدورت ۽ نفرت نه ٿو رکي، بلڪه ڪا به
ٻولي ڳالهائيندڙ ڪنهن به فرد جيڪڏهن سنڌ جي مفادن کي هاڃو نه رسايو آهي يا سنڌ جي
مفادن لاءِ خلوص دل سان ڪم ڪيو آهي ته سنڌ جا باشعور قدرتي ۽ قانوني رهواسي ان
لاءِ پنهنجي جيءَ ۾ جايون رکن ٿا ۽ ان کي بنهه پنهنجو سمجھن ٿا.
(روزاني ”برسات“ ڪراچي، 10 مارچ 1997ع کان 13
مارچ 1997ع تائين، چئن قسطن ۾ ڇپيل)
No comments:
Post a Comment