ڪراچيءَ تان قبضو هٽائڻ لاءِ...
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
سنڌ صدين کان مختلف نمونن سان ۽
ڌار ڌار بهانن هيٺ ڌارين جي يلغار جو شڪار پئي رهي آهي. هزارين ماڻهن جو هڪ ئي مهل
ڪسجڻ، ڳوٺن ۽ فصلن جو باهين حوالي ٿيڻ، شهرن جو کسجڻ، علم، ادب ۽ تعليم جو تباهه
ٿيڻ، معاشي طرح ڀڙڀانگ ٿي وڃڻ ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن، نڌڻڪو ۽ رولو ٿي پوڻ
سنڌين لاءِ ڪو نئون عمل ناهي. هتي رڳو مرزا باقي جي راڄوڻيءَ ۾ ٿيندڙ هڪ عام عمل
جو مثال ڏئي ڳالهه کي ڇٽو ڪري سگھجي ٿو. چيو ٿو وڃي ته مرزا باقيءَ کي جڏهن به اها
خبر پوندي هئي ته سڄي سنڌ ۾ فلاڻو ڪي فلاڻو ماڻهو پوءِ اهو عوام منجھان هجي يا
سندس ملازم، ڇو نه سندس مائٽ ئي هجي، ڏاڍي آرام ۾ آهي، سکيو ستابو ٿي پيو آهي ۽ سک
سمهي ٿو، تڏهن مرزا باقيءَ جو آرام ڦِٽي پوندو هو، تان جو سندس سمورو مال متاع ڦري
کيس ناس نه ڪري ڇڏي. سورهين ۽ سترهين صديءَ جو پهريون اڌ يعني ڏيڍ صدي ساندهه
سنڌين لاءِ سندن جيئرو رهڻ هڪ عذاب هو. ارغون، ترخان ۽ مغل دور سنڌين لاءِ نسورو
قهر هو. ان وچ ۾ پورچوگيزن جي ٺٽي ۾ آمد هڪ ”اعزازي سوکڙي“ هئي: 8 هزار شهر واسي
ڪٺائون، ٺٽي کان سمنڊ تائين سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن واري ايراضيءَ مان ڦرلٽ ڪيائون ۽
پوءِ ان ڌرتيءَ، ٽڪري کي باهه ڏئي ساڙيائون. ان ڏيڍ صديءَ ۾ سنڌ جا لڳ ڀڳ سمورا
ڳوٺ هر هر ساڙيا پئي ويا، سمورا ادارا --- مذهبي، تعليمي، سماجي ۽ ثقافتي، تباهه
ڪيا ٿي ويا، سنڌين جي سموري ملڪيت کانئن زوريءَ کسي ويندي رهي. بکر، سيوهڻ، نصرپور
۽ ٺٽي جھڙن وڏن، آباد، سکين ستابن ۽ تعليمي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرميءَ جي مرڪزي
شهرن ۾ ديسي ماڻهو ورلي ڪو پسبو هو نه ته ڌارين/پرڏيهين سان سٿيل هئا، تعليمي
ادارن تي انهن جي حاڪمي هئي، ملازمت جا موقعا به انهن لاءِ هئا، انهن منجھ سنڌي
ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ هڪ عجيب قسم جو ڪِينو ڀريل هو ۽ جھڙوڪر سنڌين جا خدا ڪارڻي
دشمن هئا.
تاريخ وقت ۽ حالتون لاڳيتو تبديل
ٿين ٿيون. اڄ به ڪي ايئن وسهن ٿا ته سنڌ جا ٽي مکيه شهر --- سکر، حيدرآباد ۽
ڪراچي، سنڌين کان کسجي ويا آهن، يا کسي ورتا ويا آهن. انهن مان پاڪستان ٺهندي ئي
سڀ کان وڌيڪ سازشي زور ڪراچيءَ تي رهيو آهي (حقيقت اها به آهي ته ارڙهين صدي ۾
ڪراچي بندر جي پيڙهه پوڻ جو سبب به هڪ سازش ئي هئي، جنهن لاءِ ڪي قدرتي حالتون به
جڙي چڪيون هيون). لياقت علي خان ان سازش جو سردار هو ۽ کيس پنجابي حڪمرانن جي
سهائتا مليل هئي. پهريون حملو وسندين تي ٿيو.
گھر، جايون، تعليمي ادارا، تفريح گاهون، باغ، ٻنيون، ڪارخانا، معدني ذخيرا
۽ وسيلا، سمنڊ ۽ سامونڊي توڙي خشڪ رستا والارجي ويا، نيون نيون وسنديون ۽ ڪالونيون
آباد ڪيون ويون. سنڌ جي سموري آمدني ڌارين جي آبادڪاريءَ، سک ۽ سهولت لاءِ خرچ ٿين
لڳي. ٻيو حملو سنڌي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تعليم تي ٿيو. هڪ صديءَ کان سنڌ جي قومي ۽
سرڪاري ٻوليءَ سنڌيءَ کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي هڪ ڀارتي محاوري کي پاڪستان جي
”اسلام جي وطن“ جي قومي توڙي سرڪاري ٻولي بنائي، ويهه لک ماڻهن جي اقليت کي
بنگالين، سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ پنجابين جي چار ڪروڙ آبادي مٿان ٿاڦيو ويو ۽ ان
وقت اسريل خاص طرح بنگالي ۽ سنڌي ٻولين کي پاتال ڏانهن ڌڪيو ويو. ٽيون حملو خود
سنڌ تي ٿيو. ان جي نالي نشان کي مٽائڻ، ان جي پاڻيءَ ۽ خود سنڌونديءَ تي ڌاڙو هڻڻ
۽ ڊيم ٻڌي پنجاب کي پاڻي ڏيڻ، ان جي سموري معيشتي اپت کي پنجابي، پناهگير ڦورو
طبقن جي ڀلائيءَ لاءِ ورهائي ڇڏڻ، ان جي معدني ذخيرن ۽ ڏيهي توڙي ڏيساوري واپار تي
قبضي ڪرڻ لاءِ ۽ ان سان گڏ بنگال کي ڄاڻايل ڦورو طبقن جي غلاميءَ هيٺ آڻڻ لاءِ ون-يونٽ
ٺاهيو ويو. جمهوريت، جھڙي به هئي، ڪوڙي، ڪيني ۽ ڪوجھي، نالي ماتر ئي سهي، پر ان تي
به حملو ڪيو ويو ۽ فوجي ڏاڍ وسيلي کيس ايئن چٿيو ويو جو اڃا سوڌو سڌي هلي نه ٿي
سگھي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ ان جي ڄمندي ئي جمهوريت، تعليم، سچ، قومن ۽ ٻولين جو
ڪوس ڪري ڏاڍ، زوراوري، جبر، تشدد، ظلم، ڪٺورتا، ڪروڌ، ڪوڙ، بدمعاشيءَ، ڦرلٽ، ڪيني،
ساڙ ۽ پنهنجن کي ورسائڻ ۽ حقيقي ۽ تاريخي قومن ۽ عوام کي لتاڙڻ، چيڀاٽڻ جو سازشي
دور شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ حق ڳالهائيندڙ زبانون ۽ احتجاجن اڀيون ٿيندڙ ٻانهون ڪپيل
هيون، حد درجي جي ڪميڻپ اها، جو حقيقي حڪمران قوتون پاڻ دهشتگردن ۽ ڌاڙيلن کي منظم
ڪرڻ لڳيون ۽ ملڪ جي محافظيءَ ۽ قانون جي رکواليءَ لاءِ جوڙيل ادارا ملڪ خلاف
سازشون ڪرڻ ۽ ان کي ٽوڙڻ ۽ قانون جا بکيا اڊيڙڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏيندا رهيا.
عظيم تر غداريون ڪندڙ ملڪ جا والي وارث ادارا ۽ انهن جا سربراهه هئا.
سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ ڏيهي
ڌرتي ۽ آبهوا سان هم آهنگ آهن. ڌرتي جنهن ۾ واري، مٽي ۽ پٿر آهن. واريءَ جيان نرم
نرم ۽ وٿين مان وهندڙ، مٽيءَ جيان ساوا ستابا ۽ پٿرن جيان ٺوس، مٿن جڏهن مينهن جو
وسڪارو ٿئي ٿو ته وٽن سرهاڻ ۽ سڳنڌ ئي آهي، جا آڇي سگھن، پاڻي جيڪو ڍنڍن، سنڌوءَ ۽
سنڌي ساگر ۾ ڇلي ٿو، ڪڏهن نرم نرم، هلڪو هلڪو، ٿڌو ٿڌو، مٺو چهرو، پلن جي لذت،
پوکي جي ستابائي ۽ ٻيلن جي گھاٽائي بخشيندڙ، ته ڪڏهن ٻوڏ ۽ طوفان بنجي ٻوڙيندڙ هوا
جيڪا خشڪ به آهي، گھميل به آهي، ڪوسي به آهي ته ٿڌي به، جھولن جيان ساڙيندڙ ۽ ٿر
جي چانڊوڪيءَ جيان ٺاريندڙ. مٿي جنهن ظلمي ڏيڍ صديءَ جو ذڪر ڪيو اٿئون، ان ۾ سنڌين
ڪڏهن به ڦورو حاڪمن کي سک سمهڻ نه ڏنو. ٻيڙيءَ ۾ لهرن تي لڏندڙ مزار باقيءَ مٿان
راتاهو ڏنائون ته راڻيءَ (رائجه بيگم) کي ڇڏي ڍونڍيءَ ۾ ڀڄي جان بچايائين. مغل
حاڪم قرهه محمد جو شقدار آقا محمد سيوهڻ قلعي جا ڪڙا چاڙهايو ”لَئه“ سان حڪمراني
ڪري رهيو هو ته جان محمد سنڌي الائي ڪٿان اچي ڪڙڪيو ۽ کيس قتل ڪري قلعي جي ڀت ڀڃي
ڀڄي ويو (ڏسو تاريخ مظهر شاهجھاني). پاڪستان ٺهڻ کان هڪدم پوءِ سنڌين خلاف سازشي
طرح تيار ڪيل سوين قسمن جون تهمتون لکين وات اوڳاڇڻ لڳا، پر اڄ تائين جمهوريت ۽ جمهوري
جدوجھد جو جھنڊو سنڌين جي هٿن ۾ رهيو آهي، وطن دوستي جا علمبردار سنڌي آهن، ظلم ۽
تشدد خلاف سڀ کان وڌيڪ پائدار جھيڙو جوٽيندڙ سنڌي آهن ۽ هنن سرڪاري سرپرستيءَ جي
اڻهوند ۽ مخالفت باوجود پنهنجيءَ ٻوليءَ، ڌرتيءَ ۽ ثقافت کي جيئرو ئي نه رکيو آهي،
پر وڌايو ويجھايو ۽ سگھارو پڻ بنايو آهي. ڪهڙو فوجي ڊڪٽيٽر هو جنهن کي سنڌين پاران
سخت ۽ لُڪ جيان ساڙيندڙ موٽ نه ملي؟ ڪير اهڙو هو جنهن سنڌين خلاف سازش ڪئي هجي ۽
سنڌين ان کي بي نقاب نه ڪيو هجي؟ اڃا ته سنڌين وٽ پنهنجيءَ پتيءَ جا کڏن جي بيٺل
گندي پاڻيءَ جھڙا اڪثر ڪري جاگيردار ۽ ڪامورا غداريءَ جو ڪردار به ادا ڪندا ۽ دشمن
جا ٻانهه ٻيلي ٿي سنڌين جي اتحادن ۽ جدوجھدن تي راتاها هڻندا رهيا آهن. پاڪستان ۾
جيڪڏهن جمهوريت ۽ سچائي مُئي ناهي، ته اهو ان ڪري جو منجھس سنڌين جو پرجوش رت
سمايل آهي.
سنڌين خلاف سازشون گھَٽيون ناهن،
هاڻي ته انهن کي باهي هٿيارن ۽ دهشتگردن جي ٽيڪ به مليل آهي. ٻي پاسي وطن دوست،
جمهوريت پسند ۽ انقلابي سنڌي تنظيمن جي ليڊرشپ ڪرپٽ نڪري پئي يا ڪرپٽ بنائي وئي.
ٽين پاسي دنيا اندر انقلابي قوتن جو زور ڀڄي پيو ۽ بدمعاش سامراجي قوتن جا جاوا ٿي
ويا آهن ۽ چوٿين پاسي سنڌين کي جنهن ويڙهو ۽ انقلابي قوت جي حقيقي گھرج آهي اها
اڃا وٽن نه جڙي آهي، ان ڪري بظاهر دشمن قوتون زور آهن ۽ ٽاڏون ڏينديون پيون وتن.
هن وقت جنرل ضياءَ جي پالتو لوڌ
جو تڏو ويڙهجي وڃڻ، ڀلي ٿوري وقت لاءِ ئي هجي، سنڌين ۽ ٻين وطن دوست توڙي جمهوري
قوتن جي حق ۾ آهي. جيڪا به جمهوري حڪومت اڀري يا انجنيئرڊ ئي سهي، اقتدار ۾ آئي
آهي، اها نه رڳو سازش ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار رهي چڪي آهي پر پاڻ کي عام آڏو جوابدار
به سڏي ٿي. سنڌي عوام کي به منجھس ڪيتريون ئي اميدون آهن، ان ڪري اڄ يا ان کان اڳ
کيس ئي سوڀارو ڪندو رهيو آهي. ان ٻه-طرفي رويي کي ٺوس اصولن تي مضبوط بنائڻ لاءِ
خود هڪ تاريخي فرض ادا ڪرڻ ۽ حق جو پاسو وٺڻ لاءِ هاڻوڪي حڪومت تي ڪيتريون ئي
جوابداريون عائد ٿين ٿيون، اها هڪ تاريخي حقيقت بنجي چڪي آهي ته هن ڀيري به پيپلز
پارٽيءَ جيڪڏهن عوام سان ڪيل وعدا وچن پورا نه ڪيا ته پنهنجا تڏا ويڙهي رکي.
سنڌ سان سوين عقوبتون ٿي چڪيون
آهن. سنڌي عوام ۽ سنڌي ٻوليءَ، ثقافت، سماجي زندگيءَ ۽ نفسيات سان جنهن قسم جي
غليظ هٿ چراند گذريل 46-ورهن ۾ ڪئي وئي آهي، اهڙي تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ ورلي ڪا
ٿي هوندي. مثال لاءِ هتي رڳو سنڌ ۾ موجود ٽي وي ۽ ريڊيو اسٽيشن تي سنڌيءَ سان ٿيندڙ
ٻه-اکيائي کي ياد ڪرڻ ئي ڪافي آهي: سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجيءَ ڌرتي تي ڏهين پتيءَ
جيترو وقت به نه ٿو ڏنو وڃي، جڏهن ته اهو گھٽ ۾ گھٽ اسي سيڪڙو هجڻ گھرجي. سنڌ جي
ڪجھ شهرن ۾ موجود تعليمي ادارن مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏني وئي آهي. ڇا اها
ايڏي حق تلفي وقت جي سنڌي حڪمرانن جي ٻوٿ تي ڀرپور لپاٽ ناهي؟ شرم جھڙي ڳالهه اها
آهي ته سنڌ سان ٿيل سمورين بدمعاشين جي راڻي ”سنڌ اسيمبلي“ رهي آهي، جڏهن کان سنڌ
اسيمبلي ٺهي آهي تڏهن کان اها ڪهڙي غداري، ڪهڙي سازش، ڪهڙي ڪميڻائپ آهي، جيڪا سنڌ
اسيمبليءَ مان نه مڙهي وئي هجي؟ ڇا سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڪنهن غداريءَ جو ڏس ملي
ٿو، جنهن پنهنجي ئي وطن جو نالو به ميساري ڇڏيو هجي؟ سنڌ اسيمبلي ئي هئي جنهن
پنهنجيءَ خودمختياريءَ ۽ آزاديءَ کي داءَ تي لڳائي پنهنجي وطن کي پنجابي، پناهگير
ڦورو طبقن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، عملي طرح
ان جا مالڪ، تاريخي وارث سنڌي آهن، پر اها پرڏيهين جي قبضي ۾ آهي ۽ ان جا واڳ ڌڻي
دهشتگرد آهن، پر ڪل حقيقت ايتري ناهي.
ڪراچي سنڌ صوبي جي هڪ انتظامي
ڊويزن آهي. ان ۾ پنج ضلعا آهن (ڪجھ ڏينهن اڳ اتي ”ملير“ نالي پنجون ضلعو به ٺاهيو
ويو آهي). اتي جي آبادي لڳ ڀڳ 1-ڪروڙ آهي، جنهن مان ڪي 35-لک ماڻهو اردو
ڳالهائيندڙ آهن، 11-لک پنجابي آهن، 7-لک پٺاڻ ۽ افغاني آهن، لڳ ڀڳ 18-لک غيرقانوني
پرڏيهي آهن، جن ۾ برمي، بنگالي، بهاري (1975ع کان پوءِ آيل)، انڊونيشي، ايراني،
ڪشميري، آفريڪي ۽ اهڙا ٻيا شامل آهن، باقي سڀ سنڌي آهن. هڪ سازش وسيلي ڪراچي جي
چئني ضلعن جي تڪبندي ڪجھ اهڙي نموني ڪيل آهي جو گھڻن تڪن مان رڳو اهي ئي چونڊجي
سگھن ٿا، جن کي هاڻوڪن دهشتگردن جي پٺڀرائي مليل هجي. ڪراچي ڊويزن ۾ سوين سنڌي ڳوٺ
آهن جن جي آبادي 13-لکن کان به وڌيڪ آهي، پر انهيءَ سازشي تڪبندي سبب اهي جن گھٽ ۾
گھٽ 5-قومي ۽ 10-صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي چونڊي سگھن ٿا، انهن کي کٽرائڻ جي سلسلي
۾ بيوس ٿيون پون. شهري ايراضيءَ مان سنڌي وسندين کي ميساري سنڌين کي لڏايو ويو
آهي. سنڌي ميڊيم اسڪول بند ڪيا ويا آهن. ڪراچيءَ جي سڀني ضلعن ۽ انهن ۾ روڊن،
ڪالونين، پاڙن وغيره جا نالا اهڙيءَ طرح رکيا ويا آهن جو اهي سنڌين لاءِ اوپرا ٿي
پون... مطلب ته اهڙي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن ڪراچي سنڌ جو حصو نه محسوس
ٿئي، ان هوندي به سنڌين جي قومي غيرت، وطن دوستي، جمهوري جدوجھد ۽ سياسي ٻڌي
پرمارن ۽ سازشين جي اکين ۾ کتل ٻاڻ ٿي پيا آهن. سنڌي عوام پنهنجي ووٽ وسيلي هاڻوڪي
حڪومت کي قائم ڪرايو آهي. هن حڪومت جو قومي توڙي صوبائي اسيمبلين وسيلي فرض ٿو ٿئي
ته پنهنجي ووٽرن جي انساني قومي ۽ انفرادي حقن جو تحفظ ڪن ۽ نمڪ ملهائن (نه ته به
اسين اسيمبلي جي ڪردار کان اڻ واقف ناهيون).
سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ادارن ۽
ميڊيا ۾ مناسب، پر ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت ڏيارڻ (گھٽ ۾ گھٽ سنڌ ۾ سنڌي
آباديءَ جي سيڪڙي جيترو)، سنڌي ميڊيم اسڪولن کي جٽادار ۽ لاڀائتو بنائڻ، سنڌي ڳوٺن
کي دائمي قيام ۽ وڌائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ڪارائتا اپاءَ وٺڻ وغيره جھڙا
ڪيترائي ڪم ڪرڻا آهن، پر منهنجي نظر ۾ انهن سڀني سان گڏ انهن کان به وڌيڪ اهم ڪم
جيڪو هن اسيمبلي کي ڪرڻ گھرجي ۽ ڪري سگھي ٿي، اهو آهي ڪراچيءَ تان غير سنڌي ۽
دهشتگرد قوتن جو قبضو هٽرائي، موٽائي، سنڌين جي مالڪيءَ ۽ قبضي هيٺ ڏيڻ. سنڌ جي
ڪيترن ئي مکيه شهرن تي اڳ به پرڏيهي قبضو ٿيندو رهيو آهي ۽ نيٺ به ته سنڌي ماڻهو
اهو ڇڏائي، ڌارين کي تڙي رهيا آهن ۽ هاڻي به اوس ايئن ئي ٿيڻو آهي، پر هيءَ
اسيمبلي به ان سلسلي ۾ گھڻو ڪجھ ڪري سگھي ٿي. اهو هڪ شاندار ۽ تاريخي ڪارنامو
هوندو، جنهن تي سنڌي ماڻهو بجا طور فخر ڪندا. اهڙيءَ طرح سنڌين جو جمهوري جدوجھد ۾
ايمان اڃا به پختو ٿيندو (ڪاش! ايئن نه ٿئي جو سنڌين لاءِ جمهوري جدوجھد جا دڳ بند
ڪري کين ٻي پاسي ڌڪيو وڃي).
هيٺ ڪجھ تجويزون پيش ڪجن ٿيون،
اميد ته انهن کي هِنئين سان هنڊايو ويندو:
1-
ملير
ضلعو قائم ڪرڻ بي انتها ضروري آهي، ان کي هر حالت ۾ پختو ڪيو وڃي ۽ ان خلاف
دهشتگردن جي ڀاڙيتو دانشورن پاران ٿيندڙ پروپئگنڊا جو موثر جواب ڏنو وڃي.
2-
ٿيڻ ته
ائين گھرجي ته ڪراچي سينٽرل کان سواءِ باقي ٽن ضلعن جو نالو بدلايو ۽ تاريخي مقامن
جي حوالي سان رکيو وڃي، پر هن ڏاڪي تي پهريائين ”لياري“ ضلعو قائم ڪيو وڃي ۽ ان جي
ترقيءَ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن جو اهو باقي ضلعن سان ڪلهي گس ڪري
سگھي.
3-
بدين ۽
ٺٽي ضلعن کي حيدرآباد ڊويزن کان ڌار ڪري، انهن سان ملير ضلعو ڳنڍي، نئين ”ٺٽو
ڊويزن“ ٺاهي وڃي (ٻي پاسي ڄامشورو ضلعو ٺاهي حيدر آباد ڊويزن کي ڏنو وڃي).
4-
تڪبندي
نئين سر ڪئي وڃي. اڳوڻين تڪبندين ۾ اها ڪوشش ڪيل آهي ته سنڌي آباديءَ واريون
ايراضيون ورهائجي وڃن، ته جيئن جڏهن به اليڪشن ٿئي، تڏهن سنڌي ووٽ پڻ ورهائجي.
هاڻي تڪبندي اهڙيءَ طرح ڪجي جيئن گھڻي سنڌي آبادي (جنهن ۾ ميمڻ، گجراتي،
ڪاٺياواڙي، ڪڇي، مڪراڻي وغيره شامل آهن) ۽ ٿوري اردو، پنجابي، پٺاڻ وغيره آبادي
هجي. ٻيو نه، ته به هڪ يا ٻه تڪ هر ضلعي ۾ اهڙا ضرور هجڻ گھرجن.
5-
پرڏيهي آباديءَ کي، جيڪا پاڪستاني قانون موجب به غير قانوني آهي، تمام دليري ۽ دانائيءَ سان تڙي ڪڍيو وڃي ۽ ان جي موٽي اچڻ يا سنڌ ۾ اچڻ
جا گس بند ڪيا وڃن (ياد رکيو وڃي ته راشي ڪامورا ٻن يا ٽِن سَون رپين ۾ شناختي
ڪارڊ ۽ ووٽ سرٽيفڪيٽ ٺاهي ڏيندا آهن).
6-
بنگلاديش
کان ايندڙ بهاري ۽ ڀارت کان ايندڙ ”هتي وارن جا مائٽ“ جيڪي ماڻهن جي سمنڊ ۾ گم ٿيو
وڃن، پوريءَ طرح بلاڪ ڪيا وڃن. جيڪي هت اچي چڪا آهن، انهن کي ڳولي ڪڍيو ۽ تڙيو
وڃي. سرحدن جي صحيح حفاظت نه ڪري سگھندڙ ڏوهارين کي واجبي قانوني سزا ڏني وڃي.
7-
(5 ۽ 6 مٿي بيان
ڪيل) قانون جي ڏوهين جو مال متاع ضبط ڪيو وڃي ۽ سندن گھر جي ملڪيت انهن ماڻهن جي
حوالي ڪئي وڃي، جن جي ڳوٺن کي ڪي ڊي اي وارن ڊاهي کين لڏائي ڇڏيو.
8-
گذريل
ستن ورهن دوران دهشتگرديءَ جي سٽيل سنڌين کي سندن گھر، وٿاڻ، واڙا ۽ ڦريل مال،
ملڪيت موٽرائي ڏني وڃي ۽ انهن جي آبادڪاريءَ لاءِ خصوصي اپاءَ ورتا وڃن.
9-
دهشتگردن
کي بنا ڪنهن رعايت جي قانون حوالي ڪيو وڃي. آئنده لاءِ پڻ اهڙا اپاءَ ورتا وڃن،
جيئن دهشتگردي نه ٿي سگھي. ان لاءِ هڪ قدم اهو هجڻ گھرجي ته دهشتگرديءَ جو شڪار
ٿيل آباديءَ کي پنهنجي تحفظ لاءِ سرڪاري طرح هٿيار مهيا ڪيا وڃن.
10-
پرڏيهي
غيرقانوني رهاڪو، توڙي جو ڪراچيءَ جي مختلف ضلعن ۾ رهن ٿا، پر مجموعي طرح هڪ ضلعي
جيتري آبادي رکن ٿا. انهن جي جاءِ تي جيڪڏهن حقيقي تاريخي وارث آباد ڪيا ويندا ۽
کين روزگار جي ضمانت هوندي ته اسان کي جھڙوڪر هڪ نئون ضلعو ملي پوندو، جنهن مان
چونڊجندڙ قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ميمبر خود هن حڪومت جا ئي هٿ مضبوط ڪندڙ ثابت
ٿي سگھن ٿا.
11-
پٺاڻ ۽
پنجابي ڪامورا سنڌ ۾ قبول نه ڪيا وڃن. سنڌ ۾ پهريون حق هتي جي تاريخي رهاڪو جو
آهي. اهڙيءَ طرح هتي جي ڪارخانن ۾ پڻ پهرين ترجيح سنڌي ماڻهن کي ملڻ گھرجي. ان
لاءِ جوڳو بلو ڪيو وڃي.
12-
پٺاڻ ۽
پنجابي، جن جا مائٽ اڳ ئي هتي ويٺا آهن، هتي اچي ڏينهون ڏينهن نيون ڪچيون آباديون
جوڙن ٿا، کين سهولتون به هڪدم مليو وڃن. ڪا به نئين ڪچي وسندي ٺاهڻ نه ڏني وڃي ۽
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهڙيون جيڪي به ڪچيون وسنديون ليز ڪيون ويون آهن، اهي هتان جي تاريخي وارثن حوالي ڪيون وڃن.
13-
ڪي ڊي اي
وارن جيڪي به سنڌي ڳوٺ ڊاٿا آهن، اتي جي رهاڪن کي انهن ئي علائقن ۾ وري آباد ڪيو
وڃي ۽ مناسب قرضن تي کين پڪيون جڳهون الاٽ ڪيون وڃن.
14-
سنڌي
ماڻهن کي پڻ خاص ڌيان ڏئي ۽ خصوصي شعوري ڪوشش ڪري، ڪراچيءَ جي سڀني ضلعن ۾ پنهنجون
ملڪيتون ٺاهڻ گھرجن ۽ پنهنجيءَ سنڀال جو جوڳو بلو ڪرڻ گھرجي. سڀني ماڻهن کي ڪوشش
ڪري مستقل روزگار هٿ ڪرڻ گھرجن، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ گھرجي ۽ پنهنجن پاڙن ۽
رستن تي سنڌي نالا رکڻ گھرجن.
(جاڳو ڪراچي، 3-مارچ 1994ع)
No comments:
Post a Comment