11/10/2012

سنڌ جون گَھڻ گُھريون ڌريون دهشت گردن کي ڪيئن منهن ڏين؟- ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

سنڌ  جون  گَھڻ گُھريون  ڌريون
دهشت گردن کي ڪيئن منهن ڏين؟
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

ڪو به ماڻهو دهشتگرديءَ کي پسند نه ٿو ڪري، سواءِ انهن جي، جن جا غليظ مقصد دهشتگرديءَ کان سواءِ پورا نه ٿيندا هجن. دهشتگردي امن امان ۽ ’جيئو ۽ جيئڻ ڏيو‘ جي فضا کي ختم ڪري ڇڏي ٿي، دهشتگرد قاتل ٿو ٿئي؛ هٿيارن جي زور تي ماڻهن کي دٻائي، هِيسائي ۽ ڊيڄاري پنهنجي غلائيءَ هيٺ رکي ٿو؛ ماڻهن کي ڪهي، ماري، ڦٽي ختم ڪري يا اپاهج بڻائي ٿو، گھر گھر ۾ هيبت ويهاري ۽ ماتم وجھي ٿو، روح رڙائي، اندر ڪنبائي ۽ جھوپا جھڻ ڪري ٿو: ملڪيتون، واپار، روزگار، پورهيا سڀ ٻوهي ۾ وجھي ڇڏي ٿو، ماڻهن جي زندگين ۾ زهر ڀري، ذهنن ۾ ڪفلتون ويهاري، نفرتن جو کٽيو کائي ٿو، سماجي، سياسي، ثقافتي، تفريحي ۽ تعليمي سرگرمين کي، جن سان ذهنن ۾ روشنيون ۽ روحن ۾ توانائيون ڀرجن ٿيون، ختم ڪري، ڊپ ويهاري، ماڻهن جي دلين تي حڪومتون هلائڻ گھري ٿو. من من ۾ رڦڻي وجھي، مٿا موڳا ڪري، دلين ۾ دونهان ڀري، اونداهيون پکيڙي راڄ ڪري ٿو. دهشتگرد جي مڪروهه منهن تي مرڪ تڏهن تري ٿي، جڏهن ڪنهن جو ڪوسو ڪوسو رت ٺينڊيون ڪري وهي، جوان جسم ڦٿڪندي ڏسي، مائرن جا اوسارا ٻڌي، پيئرن جي اکين ۾ لڙڪ لڙن، ڀينرن جا سينا ڦاٽن، ڀائر ڀيلا ٿين ۽ ٻارڙا مايوس، ملول ۽ اٻاڻڪا هجن. هو معصوم ٽهڪن کي گولين جي ٽڙ ٽڙ ۾ دفن ڪري، روڄ راڙي تي رقص ڪري ٿو. سڙندڙ گھر، ڀڙڪندڙ ڀنڀٽ، جھپ هڻندڙ ڄڀيون ۽ اڀامندڙ دونهان هن جي ڪوڙهئي روح کي راحت بخشين ٿا ۽ ڇتي ڪتي جيان بنا ڪنهن تفريق جي هر لانگھائوءَ کي چَڪي چس وٺي ۽ گد گد ٿئي ٿو. بارود جي بوءِ هن لاءِ واس جو هڳاءُ بڻجي کيس سرهائي ۽ شڪتي مهيا ڪري ٿي. هن جي سوڀ اها آهي ته ماڻهو سڏڪندا رهن.
سنڌ ۾ گذريل اٺن ورهين کان کلئي عام دهشتگرديءَ ۽ ڪوس جي بازار گرم آهي، انساني سرگرميون مفلوج ٿي ويون آهن، حڪومتن جو وهنوار نه ٿو هلي، ماڻهن جا من مونجھا آهن، پر دهشتگردن ڏانهن رويو اهڙو رکيو ويو آهي، ڄڻڪ اهي سڄي وطن جا ’سورهيه سرواڻ‘ هجن. قاتلن تي آڱر کڻڻ بدران کين کيڪاري، جھولين ۾ ويهاري، چُورين جا لڏون کارائيندي، سندن الوليون ائين پيون سَٺيون وڃن ڄڻڪ البيلا پٽ هجن. قاتلن ۽ غنڊن سان ’سياسي ڪارڪنن‘ ۽ ’اڳواڻن‘ جھڙو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته انهن مان هر هڪ جي سر تي ڏهاڪين انساني زندگيون لوڙهي ڇڏڻ جا چٽا ثبوت آهن. اسلام آباد، لاهور، پشاور يا ڪراچيءَ کان جو گيسي شروع ٿي ٿئي، ته لنڊن يا واشنگٽن وڃيو ساهي پٽي! دهشتگرديءَ ۽ قتلام جا دستاويز پڌرا ڪرڻ بدران پنهنجي ’شخصي معصوميت، ايمانداري، اشرافت ۽ نيڪ نيتي‘ جا ثبوت پيش ڪيا وڃن. قاتلن کي اگھاڙو ڪرڻ بدران کين پَڙ پارائي وڌيڪ پوتر ڪيو پيو وڃي ۽ پاڪستان جون نسبتاً سڀ کان وڌيڪ سگھاريون سياسي قوتون سندن در تي سجدا پيون ڪن. نيازمندي، نوڙت، نماڻائي ۽ نيرازيءَ جو ڇيهه وڃي اتي ٿو ٿئي، جو نه ڳاٽ ٿو کڄي ۽ نه ئي ڳوڙها ٿا سڪن، ڳچيءَ ۾ ڳارو، وات ۾ پادر، اکين ۾ آلهه، پير اگھاڙا، ڏٻرو ڏيل، جھڪيل ڪنڌ، نوڙيل چيلهه، وات ۾ ڌپ، دلين ۾ ڍونڍ ۽ سڏڪن جو سَٽڪو پيو پوي! دهشتگردن جي عقيدتمندن جا مهانڊا ۽ سندن مجري جا شوقين، ڪوٺي جا ڪوڏيا، ڪڏهن هڪڙا ته ڪڏهن ٻيا، پر ڪم اهو ئي ساڳيو!
سڀ سياڻا ماڻهو سمجھن ٿا، ته سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي آزاديءَ سان، ڄاڻي ٻجھي جيئرو رکيو پيو وڃي. ان جا ڪي نه ڪي ڪارڻ ضرور آهن، جن ۾ ڪٿي نه ڪٿي، ڪا ڪميڻائپ ۽ بدنيتي لڪل آهي. يا ته هن ملڪ جا سياسي اڳواڻ ــــــ حڪومت ۾ هجن يا اقتداري مخالفت ۾ ــــــ بدنيت آهن يا انهن جي مٿان، انهن جي پٺيان ــــــ ”صاف ڇُپتا ڀي نهين سامني آتا ڀي نهين“ ــــــ ڪي ”ڳجھيون“ يا ”سگھاريون“ قوتون آهن، جن جي نيت ۾ فتور ۽ من ۾ کوٽ آهي. دهشتگردن کي هروڀرو سياسي اڳواڻ ڪري پيش ڪرڻ تي سندرو ٻڌل آهي. ڳالهين جون مُرليون وڄائي، ڏيهه واسين جو رت نذرانو ڪري، کين ريجھائڻو، پرچائڻو ۽ جيئارڻو آهي. هو وطن ورهائي پرڏيهي ويري قوتن جو گروهه بڻائڻ لاءِ تيار، ڪو به غليظ ۽ وطن دشمن مطالبو ڇڏڻ جي وائي نه وارين ۽ هِي آهن جو پادرن ۾ وڇايا پيا آهن ۽ موچڙو کڻي سندن دوناڙ تي ٺڪاءُ نه ٿا ڪرائين ــــــ ”مامي جي مڪر ۾ به ضرور ڪا رمز رکيل آهي!“
جيڪو ٿورو به عقل رکندو هجي، آهي ڪو اهڙو جو سيني تي هٿ هڻي چوي، ته ماڻهو، عام ماڻهو ـــــــ پورهيت پنهوار، هاري ناري، ڪمي ڪاسبي، ڏهاڙيءَ تي وهندڙ مزدور، دڪاندار، واپاري، گھورڙيا، جھوپڙي هوٽل وارا ـــــ ۽ انهن سان گڏ مِل مالڪ، ڪارخانيدار، صنعتڪار، اسٽاڪ ايڪسچينجز وغيره، ٻولي ڪهڙي به ڳالهائيندا هجن، دهشتگردي ۽ دهشتگردن کي دل و جان سان پسند ڪن ۽ عزت ڏين ٿا؟ ڇا ان ماڻهوءَ جو عقل سالم چئبو، جيڪو ائين چوي، ته دهشتگردن جن گھرن تي قيامتون وهائي ڇڏيون ۽ ڪُنا اونڌا ڪرائي ڇڏيا آهن، اتان جا رهاڪو کين پنهنجي اکين جو نُور ۽ من جو سرور سمجھن ٿا؟ اهي ڪو جو ائين چوي، ته دهشتگرديءَ سبب رلي ويل روزگارن ۽ اجڙي ويل اجھن جا شڪار ٿيل ماڻهو، جن جا پيٽ وڃي پُٺيءَ سان لڳا ۽ بک جو بک ٿيا، سي انهن قاتلن کي دل و جان سان چاهيندا هوندا؟
قتلام، دهشتگردي، هيبت، ڊپ، بيروزگاري ۽ بک بيحد بڇڙا ٽول آهن. اهي انسانيت کي پنهنجيءَ حاصلات کان هيٺ ڪيرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا، نفرت، چڙ، بيزاري، ڇڙواڳي ۽ ڪمينائپ جو ٻج آهن ۽ ماڻهپي جي مڻيا ماري، انساني قدرن جا مول مٽايو ڇڏين ٿا. دهشتگرديءَ جو ڍينگو ڍيري ڪرڻ لاءِ ۽ اهڙيءَ طرح قتلام، ڊپ، بيروزگاري ۽ بک کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جنگ بنا جيئڻ اڻٽر آهي. لازمي آهي ته ڪي جوڌا، جُنگ ۽ جوان، ڪوپا، ڪونڌر ۽ ڪلي-ڪوڏيا، جوپا ۽ جاڏا ڪُڏي ڪلي-پڙ ۾ اچن ۽ احساس ڏيارين ته ’سنڌ گدڙن ناهي کاڌي؛‘ ماڻهپو ۽ مريادا مري نه ويا آهن؛ سونهن، سنگت ۽ سنگيت جو پيالو پُر آهي، ساٿ ۽ سهڪار جو جذبو جڏو نه ٿيو آهي، ڪِيني ۽ ڪُپت کٽي ناهي ورتو، سچ جا عاشق ۽ سِر جا سودائي اڃا به آهن. اهي نه رڳو سنڌ سنواري رکندا، ان کي سرهو به ڪندا.
پاڪستان جي تخليق ۾ نفرتن بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. هاڻوڪو پيارو پاڪستان به نفرتن جو نتيجو آهي ۽ ان منجھ جت ڪٿ نفرتن جو ئي ٻج ڇٽيل آهي. نفرتن جو کٽيو کائيندڙ حاڪمن ۽ خاص ڪري اردو اخبارن ان کي ريج ڏئي پاڻي مهيا ڪيو آهي. تاريخي بدقسمتي آهي انهن ماڻهن جي، جيڪي نفرتن جي اپت تي پليا ۽ وڌيا ويجھيا آهن. ’کڙي‘ ٻوليءَ ۾ جڏهن نفرتن جي بنياد تي هٿرادو نموني جڙتو لفظ ٽنبيا ويا، تڏهن ’اردو‘ ٺهي. ويجھڙ ماضيءَ تائين جيڪي به ’اڙد‘ ٺهيا ۽ ٺهندا رهيا آهن، انهن جو بڻ به ڪيني ۽ نفرتن تي بيٺل آهي. اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ڀارت توڻي پاڪستان ۾ جيڪي به ”رهنما“ مليا، تن پنهنجي ۽ سندن پالنا به نفرتن جي بنياد تي ئي پئي ڪئي آهي. هنن جي تن ۽ من ۾ نفرتن جو زهر ڀريل آهي ۽ سندن خمير نفرتن جي پاڻياٺ سان ڳوٿل آهي. انڊيا (اپکنڊ هند سنڌ) تي انگريزن جي حاڪميت کان پوءِ مغلائي ’اڙد‘ جڏهن عام ماڻهن جي جھڳٽي ۾ تبديل ٿيو، تڏهن منجھائن ڪيترن ئي ڀرپاسي جي سڀيتائن ۽ سڀائن مان ماڻهپي جو جوهر جھٽي ورتو، انگريزن جي غلاميءَ به منجھن ٿورو گھڻو درد پيدا ڪيو، پر سندن ”رهنمائن“ جي ڀريل نفرت انهيءَ مٺي انساني ميوي کي به زهريلو ڪندي رهي ۽ ڪي مڙسيءَ وارا هئا، جي من ۾ ماڻهپو بچائي سگھيا، نه ته وڏي گھڻائي انهيءَ جو کاڄ ٿي وئي ۽ ٿيندي رهي ٿي.
سنڌ جي ڌرتيءَ تي کين جيڪا ٻاجھاري ٻولي ٻڌڻ ۾ آئي سا سندن سمجھ کان ٻاهر هئي. (ڪي ڳڻوان کڻي جي سمجھي به سگھيا، ته نه ايڏا اثرائتا ٿي سگھيا ۽ نه وري اثرائتا رهڻ ڏنا ويا، جو پريت جو پرچار ڪري سگھن.) ميٺ، محبت، سهپ، رواداري، سڪ ۽ سٻاجھائي سندن ”اڙدڪ“ سمجھ موجب بيوقوفي، احمقپائي ۽ جھالت جا اهڃاڻ هئا، کين سمجھايو، پڙهايو ۽ رٽايو ويو ته سنڌي ماڻهو ”ڳنوار“ هئا ۽ سندن ٻولي ’ٻڪرارن جي تنوار‘ هئي. سنڌ جا ”ڌراڙ“ کين جيڪو کير مکڻ آڇي رهيا هئا، اهو سندن پتي تي ئي نه ٿي پيو. سنڌ جو فلسفو سندن سوچ کان مٿي هو. ماڻهو ڪنهن اوپري ۽ اڻ ڏٺل جي ڏک ۽ بک کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ڏکيو بکيو رکي سگھي ٿو --- اهو سڀاءُ سندن سمجھ ۾ اچڻ جوڳو نه هو. پيار جي لوري کين عقل ۾ نه ٿي آئي. محبتن جي ٻولي هنن ٻڌي ئي نه هئي. هو ”اڙدڪ“ هئا --- لشڪر سان واسطيدار، جن جو ڪم ٻئي جي ڪَئي ڪمائي ۽ ملڪيت ڦرڻ يا برباد ڪرڻ ۽ شاهن جي مفادن جي نگھباني ڪرڻ هو. درٻار ۽ ڪوٺي جا هيراڪ، جِي حضوري ۽ شهواني ادائن جا واقفڪار، پيار جي حقيقي ادائن کان اڻ واقف هئا. هنن مکڻ ۾ مليل ماکيءَ جهڙي مرڪ ڏٺي ئي نه هئي. کين سنڌوءَ جي ميٺاڄ ۽ مٽيءَ جي مهڪ ۽ انهن جي خمير مان اسريل ماڻهپو، سنڌ جو سنيهو ۽ لطيف جي ٻولي پلئه نه ٿي پيا. سنڌ ۽ سنڌين جي محبتن کي ڦورو حاڪمن جي ملي ڀڳت سان غلام بڻائي، هنن سمجھيو، ته ڪا کيپ کٽي اٿئون. هنن جي دماغن ۾ هوائون ڀرجي ويون ۽ اکين تي لِڏ اچي وئي. هنن پاڻ کي ڪا مٿاهين مخلوق سمجھڻ شروع ڪيو؛ جيئن هر ڦورو پاڻ کي سمجھندو آهي ۽ وري جو ڪجھ دهشتگردن جي ٺڪاون ۽ داداگيريءَ کي ڏٺائون، ته مورڳو هٿئون نڪري ويا ۽ پاڻ کي ”سپر پاور“ سمجھڻ لڳا.
”هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلِي سارڻ، مانجھيان اِيءَ مرڪ“ جھڙو نياپو سنڌي ماڻهن کي غلاميءَ جي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿارڻ لڳو. جت محبتن جو قدر ڪرڻ وارا نه هجن، اتي ’ڪات ٿي‘ اسرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو؛ پر سنڌي اڃا ڪات نه ٿيا آهن. هنن جڏهن ڪَرُ موڙيو، ته ون-يونٽ جو زنجير ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، ۽ پوءِ خليفي جي ڪيڏاري جو پڙاڏو جنرل ضياءُ جي آمريت دوران جڏهن نعرو ٿي گونجڻ لڳو، ته اقتدار جي ايوانن جا ڪنگرا لرزي پيا. سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جي خالقن ۽ پاليندڙن کي ڦِڦڙي وٺي وئي، ڀُوڪرجي هوش وڃائي ويٺا ۽ تڙ تڪڙ ۾ دهشتگردن کي ايڏو ’فيڊ‘ (کاڄ) ڏئي ويا، جو اهي کين به اکيون ڏيکارڻ لڳا، ۽ اڄ، اڍائي ورهين جي ڪشالي (۽ ناٽ) کان پوءِ به سوئر جا وَڄ سلامت ۽ جھوتون جاري آهن. هن ڀيري سندن ڀيل جو شڪار ڪي اهي بيگناهه فرد به آهن جيڪي اردو ڳالهائن ٿا ۽ بدقسمتيءَ سان سندن اولاد جهڙي حيثيت رکن ٿا، پر دهشتگرد جو ڪو به رشتو ناتو ۽ ڪو به اعتبار نه هوندو آهي. نانگ ۽ رُڃ تي پَت ڪري سگھجي ٿي، دهشتگرد تي نه!
سنڌي ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ اسان وٽ اڃا اهو جذبو جيئرو آهي، جنهن کي ماڻهپو چئجي ٿو. هن ڌرتيءَ جا رهاڪو ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ ڏمر، ڪوڙ، ڪپت ۽ ڪِيني جا فطري مخالف آهن ۽ سچ، سِڪ ۽ سونهن جا مانُ مٿاهون رکڻ جا جَتن جاري رکيو اچن. سڄي ڌرتيءَ تي جيڪو بيگناهه ڪُسي يا ڦٽجي ٿو، جھڙوڪر منهنجو ڀاءُ ڪٺو يا ڦٽيو؛ جو به گھر اجڙي ٿو، ڄڻڪ منهنجو گھر اجڙيو. اسان کي دهشتگرد ۽ عام شهريءَ ۾ فرق ڪرڻ گھرجي. دهشتگردن کي جيڪو به جوکم رسائي سگھون، سو جائز، پر عام ماڻهو، جيڪو انهن جو بيگناهه شڪار ٿئي ٿو سو ’اسان جو ماڻهو‘ آهي. دهشگردن جي غليظ ترين مقصدن کي مات ڏيڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي، ته کانئن ڊنل ۽ سندن ڏاڍ جو شڪار ٿيل ماڻهن جو ڏڍ، آٿت ۽ ملم بڻجون ۽ کين دهشتگردن جي پنجوڙ مان نجات ڏيارڻ سان گڏ، انهن سان ساٿ ڏيڻ کان ڇني ڌار ڪيون ۽ جي حق، سچ، جمهوريت، انصاف ۽ انسانيت جي پاسي ڪري سگھون، ته ائين به ڪيون.
اڙدڪ سياسي ”راهنمائن“ ۽ ”دانشورن“ کين نفرتن جي گس تي پئي گھليو آهي ۽ گھليندا وڃن پيا. اردو اخبارون کين انهيءَ پاسي ڌِڪي سنڌ جو قبضي خور مالڪ بڻائڻ لاءِ هرکائينديون رهن ٿيون (انهن جو مقصد رڳو پيسو ڪمائڻ آهي --- نفرتن ۽ ڪوڙ سان وڌيڪ ڪمائجي ٿو). ڀائپي ۽ پيار سان گڏجي رهڻ ۽ ڏک سک ۾ ڀائيوار ٿيڻ جو کين سبق ئي نه ٿو ڏنو وڃي. اهي اخباري بيان جن سان نفرتون وڌن، وڏن اکرن ۾ شايع ڪيا وڃن ٿا. مورکپائي اوج تي آهي. ڪِيني جو ڪونڀٽ وڃي ٿو وڌيڪ وچڙندو ۽ نفرتن جي اوڙاهه ۾ جيئن ٿو وڌي ڪاٺ، تيئن ڦوڪن ڏيڻ وارا سانڊا به وڌندا وڃن ٿا!
اڙدڪ سمورو عوام ڪو دهشتگردن جو پُٺڀرو ناهي. جن ماڻهن گذريل چونڊن ۾ دهشتگردن کي ووٽ ڪيو، اهي سڀ هروڀرو ڪو سندن حمايتي نه هئا (ڪيترائي ووٽ پرپٺ وڌا ويا هئا). جنرل ضياءَ جي ڏينهن ۾، جنهن پنهنجن مخصوص احباب ۽ ايجنسين وسيلي دهشتگردن کي منظم ڪيو ۽ قانون کان مٿاهون بڻايو، هڪ هٿرادو جذباتي فضا تيار ڪئي وئي، ته جيئن دهشتگردن کي سورهيه ثابت ڪري، سندن اڳواڻيءَ هيٺ هڪ اهڙو سنڌ دشمن گروهه ٺاهي سگھجي، جيڪو سڀاڻي سنڌين جي جمهوري، قومي ۽ عوامي جدوجھد جو گلو وڍي سگھي. دهشتگردن وري انهيءَ آڙ ۾ پنهنجي ڌار ملڪيت ٺاهي، انهيءَ جي تخت تي پاڻ کي تاج پوش سمجھڻ شروع ڪيو. جيستائين تاج جا ڌڻي ٿين، تيستائين کين خصوصاً ڪراچيءَ ۾ بي تاج بادشاهه بڻايو ويو ۽ دهشتگردن جي سرداريءَ هيٺ رياست اندر رياست قائم ڪئي وئي. بظاهر ائين نظر اچڻ لڳو ڄڻڪ سمورو اڙدڪ عوام قاتلن جي جھنڊي هيٺان گڏ ٿي ويو هجي؛ پر حقيقت ائين نه هئي، نه آهي.
دهشتگردن پنجابي ۽ پٺاڻن ۽ خاص ڪري سنڌين خلاف رت جي راند کيڏي، اڙدڪ عوام ۾ آزادي سان اهو احساس پيدا ڪيو، ته اهي ٻئي هر ساٿ، خصوصاً سنڌيءَ جي ساٿ ۾ غيرمحفوظ آهن ۽ سندن تحفظ جي اڪيلي واٽ اها آهي ته دهشتگردن جو ئي ساٿ ڏين ۽ انهن جي اڳواڻي قبول ڪن، خاص ڪري اڄ، جڏهن دهشتگردن جا ٻه ٽولا ٿي پيا آهن ۽ ٻئي ٽولا هڪ ٻئي جي غنڊن کي قتل ڪري رهيا آهن، تڏهن ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سندن گولين جي گھت جو شڪار ٿي ويا آهن. خود مقتول دهشتگردن جي ماءُ پيءُ ۽ ڪٽنب جي ٻين ڀاتين کي اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته ڪنهن گھر جو ڏيئو وسائڻ ڪيڏو نه ڪٺور ۽ ڪنو ڪم آهي. دهشتگردن پنهنجن غليظ مفادن جي پورڻتا لاءِ سندن دلين ۾ جيڪو زهر ڀريو هو، اڄ اهو خود کين ئي ڳاري رهيو آهي. ايجنسين جي ڀرتي ڪيل مخصوص سنڌي سياسي وڏيرن پنهنجن آقائن جي اشارن تي دهشتگرد مفادن سان هم آهنگ لٻاڙي بيان بازي شروع ڪري ڏني آهي جيڪا سنڌين جي وطن دوست ۽ جمهوري جدوجھد جي ڪنهن طرح به پوئواري ڪندڙ ناهي. آڙاهه ۾ ڪاٺ وجھي دهشتگردن هڪ ڀڀڙ مچايو آهي ۽ هي سانڊا پنهنجن آقائن وٽ سرخرو ٿيڻ لاءِ ان کي ڦوڪون پيا ڏين.
وقت جي اڻٽر گھرج آهي ته دهشتگردن جي اپايل نفرتن جو ٽوڙ ڪجي. دهشتگردن اڙدڪ عوام کي پاڪستان جي سڀني حقيقي قومن سان ويڙهائي، نقلي قوم جي نعري وسيلي، کين پنهنجي جھنڊي ۽ آمريت هيٺ گڏ ڪيو آهي، ۽ اسان جو فرض ان جھنڊي کي ڀڃي اڙدڪ عوام کي دهشتگردن جي پاڇولي مان ڪڍي، وطن دوست ۽ عوام جي جمهوري پاسي آڻڻ آهي. سموري اڙدڪ عوام کي دڙڪا ۽ گاريون ڏيڻ سان مقصد دهشتگردن جو پورو ٿئي ٿو. گدڙن جي اوناڙ تي ماڻهو پنهنجون ٻوليون، ثقافتون ۽ مائٽيون نه بدلائيندا آهن!
دهشتگردن جي اندر ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڪنبڻي ۽ سندن بدنيت نعرن جو وقت کان اڳ پڌرو ٿي پوڻ ٻڌائي ٿو، ته سنڌين جي لاڳيتي، جٽادار، عوامي، جمهوري ۽ حق پرست جدوجھد لاڀائتي ثابت ٿي رهي آهي. سنڌي ماڻهو پنهنجا تاريخي شهر ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن. اها دهشتگردن جي هڪ وڏي ناڪامي آهي ۽ سنڌي ماڻهو ڏينهون ڏينهن شهرن ۾ وڌندا پيا وڃن. اها دهشتگردن جي ٻي وڏي ناڪامي آهي. آمريت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ سنڌي سڀ جا سرواڻ هئا. اها دهشتگردن جي ٽين وڏي ناڪامي آهي. سنڌي ڪارخانيدار، صنعت ۽ واپار، نوڪرين ۽ روزگار ۾ وڌن پيا. اها دهشتگردن جي چوٿين وڏي ناڪامي آهي. سنڌي تعليم، تحقيق ۽ تدوين ۾ ڀڙ ٿيندا پيا وڃن. اها دهشتگردن جي پنجين وڏي ناڪامي آهي.
اڄ تاريخ جي وير هڪ ڀيرو وري سنڌي ماڻهن جي تاريخي پيغام ۽ جٽادار جدوجھد کي وقت جي نقشي تي اڀاري کڻي آئي آهي. ان کي گدڙ-اوناڙ ۽ سانڊي-ڦوڪ وسيلي برباد ڪرڻ بدران اڻٽر آهي، ته پاڪستان ۾ عام ڪيو وڃي ۽ خصوصي ڌيان اڙدڪ عوام تي ڌريو وڃي، جن کي دهشتگردن پنهنجيءَ بندوق جي زور تي يرغمال بڻائي ورتو آهي. هڪ سڪي جا ٻه پاسا ٿين ٿا، ضروري آهي ته اڙدڪ عوام به انسانيت جي سڏ تي سڏ ورنائي پاڻ کي ڪدورتن ۽ ڪفلتن جا پهاڙ اڀا ڪندڙ ڪيني ڀريل قاتلن کان ڌار ڪري.
سنڌين جو سنيهو اردو اخبارن سدائين بگاڙي پيش ڪيو آهي. ان ڪري پنهنجو پيغام اڙدڪ عوام تائين اردو اخبارن وسيلي پهچائڻ کان پرهيز ڪئي وڃي، نه ته اهي اوهان جي عوام دوستيءَ کي مڪاريءَ سان ڪيني ڀريو روپ ڏئي ڇڏينديون. اڻٽر آهي ته پاڻ، پنهنجي سر، مڙسي ڪري پنهنجو وطن دوست، جمهوري ۽ انسان پسند پيغام بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي، سڌو سنئون اڙدڪ عوام تائين پهچايو وڃي.
سنڌ جي قومي جدوجھد جي هام هڻندڙ سياسي ڌرين مان ڪِن توڻي جو وڏيرڪي دڙڪي ۽ دهمان وسيلي اڙدڪ عوام کي ’سنڌي ٿي وڃڻ‘ جو چتاءُ ڏنو آهي (نه ته کين ”سمنڊ ۾ غرق ڪبو“ يا ”ڀارت موڪليو ويندو“ جھڙي سکڻي اڀام پئي ٻڌائي آهي). ڇا ڪڏهن، سنجيدگيءَ سان اڙدڪ عوام ۾ سياسي سجاڳي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي؟ ڪيترن کي پنهنجو سياسي ڪارڪن بڻايو ويو آهي؟ ڪيترن فردن تائين سندن سِڌي پهچ آهي؟ ڪهڙن ڪهڙن پاڙن ۾ انهن جلسا ڪيا آهن ۽ پنهنجو سياسي مواد گھڻن گھرن تائين پهچايو آهي؟ نفرت انگيز اخباري بيان پڙهي ڇا ڪو منهنجي سياسي پارٽيءَ جو حمايتي ٿي سگھندو؟ دڙڪن سان به ڪو ڪارڪن ٺهندو آهي ڇا؟ تاريخي سچ اهو آهي ته اسان جي قومي جدوجھد جي هام هڻندڙ پارٽين جي اڪثريت جھڙوڪر ڄاڻي ٻجھي اڙدڪ عوام کي ڪاٽي، نڌڻڪو ڪري، دهشتگردن جي جھوليءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.
پيپلز پارٽي به عملاً، خاص ڪري سنڌ اندر، وڏيرڪين سازشن جي ور چڙهيل رهي آهي. ان کي پنهنجي سطحي عوام دوست ۽ درحقيقت وڏيرڪي روش سڌارڻي پوندي. نه ته سندس آئيندو اونداهو آهي. پيپلز پارٽيءَ وٽ سندس خامين باوجود سنڌي توڻي اردو ڳالهائيندڙ ڪارڪنن جو هڪ چڱو چوکو انگ موجود آهي ۽ وٽس اها صلاحيت آهي جو اڙدڪ اڪثريت وارن پاڙن ۾ جلسا جلوس توڻي ٻيون سياسي سرگرميون ڪري سگھي. پيپلز پارٽيءَ خلاف دهشتگردن هڪ خصوصي نفرت انگيز مهم هلائي رکي آهي ۽ هنن پنهنجين ويهن ئي آڱرين جو زور انهيءَ تي خرچ ڪيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌين جي پارٽي ثابت ڪري اڙدڪ عوام کي ان کان ڪاٽي، پري ڪري رکن.
پيپلز پارٽي سنڌين جي سياسي پارٽي آهي يا نه، اهو هڪ ڌار موضوع آهي. في الوقت پيپلز پارٽيءَ کي گھرجي ته پنهنجن اڙدڪ ڪارڪنن وسيلي ۽ پنهنجين گھڻين، خاص ڪري سنڌي قوتن کي ڪم آڻي، اڙدڪ اڪثريت وارن پاڙن ۾ جلسا منعقد ڪري، دهشتگردن جي پيدا ڪيل پروپئگنڊا جو ٽوڙ ڳولي، نظرياتي ۽ عملي ميدان ۾ کين وائکو ڪري. ڪالهه بينظير صاحبه جڏهن نشتر پارڪ ۾ بيهي اعلان ڪيو هو، ته هوءَ ماءُ آهي، هوءَ ٻار ڄڻيندي آهي، هوءَ دهشتگرد ناهي، جو ماڻهن جو قتلام ڪري، تڏهن انهن لفظن وٽ پنهنجو هڪ جادو هو. اهو ۽ اهڙو سحر، اهڙي فضا پيدا ڪرڻ جي گھرج آهي!
سنڌ جي گھڻگھرين ڌرين جيڪڏهن دهشتگردن کي ڪاٽي، اڪيلو ڪري، اڙدڪ عوام کي کانئن کسي ورتو، ته انهن ڄڻڪ سنڌ جي حقيقي مالڪي هٿ ڪئي. ان لاءِ لازم آهي ته دهشتگردن خلاف سمورن ثبوتن ۽ دستاويزن کي پڌرو ڪيو وڃي، دهشتگردن ڏانهن اهوئي رويو رکيو وڃي، جيڪو اصولي ۽ قانوني آهي. دهشتگردن کي سياسي تعظيم ۽ تڪريم ڏيڻ بند ڪئي وڃي ۽ اڙدڪ عوام ۾ ائين سياسي نظرياتي سڌو سنئون گھاٽي لاڳاپي وارو ڪم شروع ڪيو وڃي جيئن ڪا نئين سياسي پارٽي ڪندي آهي.
(هلال پاڪستان، 22-ڊسمبر 1994ع)

No comments:

Post a Comment