11/29/2012

ديپ، جيڪو نه دونهاٽيو - علي آڪاش


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو:
ديپ، جيڪو نه دونهاٽيو
علي آڪاش
جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو،
پتنگ جيئن پيدا ٿيو، سامي سج وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارين ڪڪوريو.
لطيف جي هن بيت ۾ ٻي سٽ جو اڳيون پد ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، ته ”پتنگ جيئن پيدا ٿيو“، جنهن مان مراد اها آهي ته هن جنم ئي ان ڪري ورتو ته هو قرباني ڏئي، ۽ اها به روشنيءَ تان، جوت تان. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان اها تمثيل ٺهڪي اچي ٿي ته ”پتنگ جيئن پيدا ٿيو“ ۽ روشنيءَ جي روح ۾ لهي ويو.
”ڍءُ ۽ بک“ انساني زندگيءَ جا ٻه اهڙا پاسا آهن، جيڪي ڌار ڌار سوچن، احساسن ۽ تصورن کي اڀارڻ جو سبب بنجن ٿا. هڪڙا ماڻهو هن جهان ۾ اهڙا آهن، جيڪي سڄي ڏينهن جي سخت پورهئي کان پوءِ به پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچڙن جي پيٽ قوت جو بندوبست نه ٿا ڪري سگھن ۽ ٻيا اهي آهن، جن وٽ هڪ ويلي جي لنگھڻ ڪاٽڻ جو ڪو به تصور ناهي، کين اها ڳالهه سمجھه ۾ ئي نه ايندي ته بک نالي به دنيا ۾ ڪا شي آهي. پر انهن ٻنهي کان سواءِ به هڪ نسل، هڪ ٽولو اهڙو به آهي، جيڪو بک کي ترجيح ڏئي ٿو، ڪنهن مقصد لاءِ، ڪنهن پرينءَ جي پار کي رسڻ لاءِ، ڪنهن وسنهن کي ويجھي ٿيڻ لاءِ. هيءُ ماڻهن جو اهو نسل آهي، جنهن کي بک پاڻ اختيار ڪيل هوندي آهي ۽ ان دائري ۾ جيڪي به سڄاڻ ذهن اچيو ٿا وڃن، اهي هن دنيا جون لذتون ماڻڻ لاءِ ۽ انفرادي ۽ ذاتي مفادن لاءِ ماسو مال ميڙي سگھن ٿا، پر نه، اهي پنهنجن خوابن، امنگن ۽ خواهشن کي ذات جي ديڳڙي رڌي کائڻ جا قائل نه هوندا آهن، انهن جون نشانيون لطيف اسان کي هيئن ٻڌايون آهن:
بک وڌائون بگرئين، جوڳي ڪندا جڃ،
طلب نه رکن طعام سين، اوتيو پيئن اڃ،
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مڃ،
سامي جھاڳي سڃ، وسنهن کي ويجھا ٿئا.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به انهن ڏاهن ماڻهن مان هو جن بک کي ڍوَ تي ترجيح ڏني هئي. هو پيشي جي لحاظ کان هڪ ڊاڪٽر هو، ۽ اهو به ٺاهوڪو ڊاڪٽر هو. هن پنهنجي ڊگري ايل ايم سي مان پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي حاصل ڪئي ۽ پنهنجي دور جو ذهين ترين شاگرد رهيو. هو جيڪڏهن مال ميڙڻ جي واسنا جي وسيهر جي ور چڙهي ها، ته لکن تي مٿو ڌوئي سگھي ها، پر سڄي صورتحال ان جي ابتڙ هئي. هن ڊاڪٽريءَ کي پيش طور مڪمل نموني پنهنجائڻ کي وقت ۽ صلاحيتن جو زيان سمجھيو. هن لاءِ هر ايندڙ پل هڪ مقصد هو. سندس ڪلينڪ مريضن جي چڪاس جي جاءِ کان وڌيڪ هڪ ريسرچ سينٽر لڳندي هئي، جتي هر پاسي ڪتابن جا ڍير سَٿيا پيا هوندا هئا ۽ جنهن ڊاڪٽريءَ واريءَ ميز تي هو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪندو هو، اتي ڪنهن به دارون درمل واري ڪمپنيءَ جا قلم دان، بروشر ۽ سيمپلَ نه هوندا هئا، پر ان جي جاءِ تي ميز جي ٻنهي ڪنارن سان باترتيب نموني سائنس، فلسفي، تاريخ ۽ ٻوليءَ وغيره جا ڪتاب رکيل هوندا هئا، جن جي وچ واري وٿي مان هو سدائين لکندي نظر ايندو هو. هتي لکندي پڙهندي، ان ڪري نه ٿو لکجي، جو ڪلينڪ ۾ ڪڏهن به مون کيس پڙهندي نه ڏٺو ۽ ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه هيءَ آهي، ته سندس ميز تان ڪو به ڪتاب کڻبو هو ته اهو سڄي جو سڄو ليڪيل هوندو هو ۽ ان تي سنهڙن ننڍڙن اکرن سان نوٽس لکيل هوندا هئا، ۽ اسين اهو سوچي اچرج کائيندا هئاسين، ته ڊاڪٽر نيٺ پڙهي ڪهڙي وقت ٿو؟ ان راز تان پردو سندس دوستن کنيو، جن ٻڌايو ته هو دير تائين جاڳي پڙهڻ جو عادي هو. کيس سويل ئي سوڙ تاڻي پير ڊگھا ڪري سمھڻ جي هير نه هئي، هن جا نيڻ ننڊ جا هيراڪ نه هئا. هن جي روح جو ورد هيءَ سٽ هئي:
ستا  اٿي  جاڳ،  ننڊ نه ڪجي ايتري.
ڀلا جاڳجي ته ڇو؟ ان ڪري جو:
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
آئون اڄ جڏهن هي سٽون لکڻ ويٺو آهيان ته ذهن جي ساحل تي، اهو سوال ڪنهن ناوَ جيان اڄاتي پار کان آيو آهي، ته نيٺ ڊاڪٽر محبت وٽ سلطاني سهاڳ جو مطلب ڪهڙو هو: خزانو، نوڪر چاڪر، لشڪر، شاهي تاج، خلوت فاخره، نيٺ ڇا؟ ان سوال جي ٻيڙيءَ کي اسين هن جواب جي کاريءَ ۾ لاهي سگھون ٿا ته ڊاڪٽر محبت وٽ سلطاني سهاڳ جو تصور ان جي ڪيل پورهيي مان ٿي سگھي ٿو. سندس کنيل هر وک، هر ڏٺل سپني، هر سوچيل سوچ، هر نهار جو مرڪز سنڌ هئي. سنڌ، جا ازل جي راضپي جو هن ڪائنات جي هٿ ۾ پروانو آهي، جيڪا ڪنهن جوڳيءَ جو گيڙو رتو ويس آهي. ها، ان لاءِ هن پورهيو ڪيو ۽ ان لاءِ لنگھڻ ڪاٽيا ۽ پيٽ سان پٿر ٻڌي به هن سنڌ جي مانگ ۾ سندور سجائڻ ٿي چاهيو، ان جي چوٽيءَ کي رابيل جي گجرن سان مهڪائڻ ٿي گھريو. هن پنهنجي ذات جي سڀني رستن ۽ وهڪرن کي پنهنجي وطن ۽ واسين ڏانهن موڙيو هو. هو هڪ مست قلندر ماڻهو هو، جنهن سڀ ڪم اڪيلي سر کنيا ۽ انهن کي پوري ڪرڻ ڏانهن ڏينهن رات جا سنڌا واري ڇڏيا:
نڪـو رات، نه ڏينـهـن، ساجـن تنـهـنجـي سار ۾،
نج   نبار   نينهن،   جانب!  تنهنجي   جُوءِ   ۾.
ان نينهن جي ناتي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ اتان جي ماڻهن جي ڀرم، عزت، مانَ، آجپي ۽ آسودگيءَ لاءِ هن پاڻ پتوڙيو، ۽ جان لائي جاکوڙيو. هن لاءِ سلطاني سهاڳ اهو ئي هو.
هونءَ ته اسين ماڻهو، هي مري ويل سڄاڻ ماڻهوءَ جي لاءِ اها راءِ رکندا آهيون ته هو پنهنجي ذات ۾ فرد نه پر ادارو هو، پر سچ پچ، ڪنهن به منافقي ۽ ملاوٽ کان سواءِ ڊاڪٽر محبت پنهنجي ذات ۾ ادارو هو، ڇاڪاڻ ته جدليات، مارڪسزم، سائنس، فلاسافي، ٻولي ۽ ادب جي ميدان ۾ هن ايترو باضابطا، سڦلو ۽ اهم ڪم ڪيو، جو ڪيترائي ادارا به ملي شايد اوترو نه ڪري سگھن. مون کي ان سلسلي ۾، هڪ يادگيري سارجي آئي آهي، ته اسين قنبر شهر جي هڪ هوٽل جي ڇت تي هڪ ڪنڊائتي ٽيبل تي ويٺا هئاسين، جتي جامي چانڊيي، ڊاڪٽر محبت، ستار هڪڙي، خادم رند کان سواءِ ٻيا ڪيترائي سڄاڻ دوست هئا. ان وقت ڊاڪٽر صاحب سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جي پيڙهه جو ڪم گھڻي قدر مڪمل ڪري روتو هو. گفتگوءَ جو پورو مرڪز سنڌي ٻولي هئي. ڊاڪٽر محبت پنهنجي ان وقت تائين ڪيل ڪم جو تفصيل ٻڌايو ته جامي چانڊيي حيران ٿي چيو ته هُو ته حيران آهي ته ڪو ماڻهو اڪيلي سر ايترو ڪم ڪري سگھي، ان لاءِ ته هڪ پوري اداري جي ضرورت آهي. پوءِ بحث هڪ نئون موڙ ورتو ته سنڌ ۾ ادارن جي کوٽ ۽ جيڪي به بحال آهن انهن جي غير فعال هئڻ جي ڳالهه نڪتي ۽ سڀ ان نقطي تي سهمت ٿيا ته جنهن به سماج ۾ ادارن جي اڻاٺ هوندي آهي، اتي فردن کي ئي ادارن جون خدمتون سرانجام ڏيڻيون پونديون آهن ۽ ڊاڪٽر محبت هر بارُ کڻڻ لاءِ تيار هو. اهو ئي سبب آهي جو هن کي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي اهم ۽ بنيادي موضوعن تي هٿ پهچ حاصل هئي. هي لفظَ پڙهندي متان ڪو ايئن سمجھي ته هيءَ فقط لٻاڙ يا ڊاڙ آهي، پر ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران ڇپايل ڪيترائي ڪتاب ان جي شاهدي آهن ۽ اڪيڊمي وارن دوستن جو چوڻ آهي ته سندس ڪم جو اڃا هڪ حصو ئي ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ اچي سگھيو آهي. آئون هتي سنڌ جي ادارن جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيان ٿو، ۽ کين اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ڊاڪٽر محبت جھڙي ماڻهوءَ جي ڇڏيل ڪارائتي پورهئي کي سانڍي سهيڙي ان کي ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ کين پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪو به ادارو سندس ڇڏيل ڪم کي هٿ ۾ کڻي ٿو ته اهو سندن ڪنهن فرد، گروهه يا ٽولي تي ٿورو نه ٿيندو، پر اهي سنڌي ماڻهن جي شعور جي سطح ۾ هڪ مناسب اضافي ڪرڻ جو سبب بڻجندا.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شعوري زندگيءَ کي ٻن واضح حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو: پهرين حصي ۾ هن جي سياسي زندگي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي وطن ۽ واسين جي زندگيءَ ۾ انقلاب آڻڻ جا خواب ڏٺا، انهن خوابن جي ساڀيا لاءِ هن عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ ڀريا ٻه ڏهاڪا هن ان تعبير جي پنڌ تي رڙهندي ۽ وڙهندي گذاريا. سياست هن لاءِ پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات جو گس نه هئي. هن سياست سان پنهنجي وابستگي ۽ مڪمل وابستگيءَ جو اظهار ان ڪري ڪيو، جو کيس اهو احساس هو ته جيستائين هن جو ديس ۽ ديس واسي خوش ۽ خوشحال نه آهن ان وقت تائين سندس ذات ۾ به سڪون نه اچي سگھندو. اهو سڄو دور هُو ”ڪجھه نه ڪجھه ڪرڻ گھرجي؟ ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ جي سوالن کان اڳتي وڌي هڪ واضح نڪتي تي واڳ وٺي هليو. سندس خيال هو ته ان وقت تائين سنڌي ماڻهو پنهنجن حقن جي حاصلات کي ممڪن بڻائي نه سگھندا ۽ پنهنجي عزت نفس، آجپي ۽ نجات لاءِ پاڻ ڇنڊي اٿي نه بيهندا، جيستائين اهي اهو نه سمجھن ته هيءُ سڀ ڪجھه غلط ٿي رهيو آهي، اسان جي تاريخي، سماجي، قومي، ثقافتي ۽ اقتصادي حقن ۽ مفادن تي ڌاڙو لڳي رهيو آهي ۽ کين ذليل ڪرڻ ۽ غلام بڻائڻ لاءِ هر وک تي بند ۽ هر احساس تي زنجير وڌا ويا آهن. ان سوچ کيس علم ۽ شعور جي جوت پکيڙڻ تي اتساهيو. هن وستيون واهڻ جھاڳيا، وڏيون، ڊگھيون، معناخيز تقريرون ڪيون، ماڻهن کي سمجھايو، اتساهيو ۽ ڪجھ ڪرڻ تي اڪسايو. هن سياست ۾ نظرياتي ويڙهه جا ڪيئي گر سمجھايا، پنهنجي پارٽي (عوامي تحريڪ) جي ميمبرن جي سياسي ترتيب لاءِ ڪيترائي ليڪچر ڪيا. اڄ سندس پنجن سوَن کان وڌيڪ، مختلف موضوعن تي، سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيل ليڪچر رڪارڊ ٿيل آهن. مطلب ته سندس سياسي نظريو اهو هو ته جيستائين ماڻهو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اٿي نه ٿو بيهي، تيستائين ڪا به تبديلي، ڪو به انقلاب نه ٿو اچي سگھي. پر سياست جتي پنهونءَ جي پار وڃڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻ، رائي رڻ ۾ ڪاهڻ ۽ ڏونگر ڏولاوا به آهي، ته اتي مومل جي ڪاڪ جو طلسم ۽ جادو به آهي. هڪ موڙ تي اچي هن ۽ سندس ساٿين اهو محسوس ڪيو ته هُو جن طي ٿيل مقصدن کي سامهون رکي سياست ۾ داخل ٿيا هئا، ان جو رخ هاڻ مٽجي رهيو آهي، ناکئا ناوَ کي هڪ ”نئين رخ“ ۾ هاڪاري رهيا آهن ۽ سير ۽ وير سان الجھڻ بجاءِ انهن سڻائو ۽ سڻڀو دڳ اختيار ڪيو آهي، ته هن پنهنجي ساٿين سميت ان سياسي پارٽيءَ کان علحدگي اختيار ڪئي. ائين سندس ساٿي تمام گھڻا مايوس ٿيا، ڇو ته انهن نوجوانيءَ ۽ جوانيءَ جو پورو عرصو سياست کي ارپيو هو، ۽ هڪ انقلاب جي خواهش، انهن جا سماجي ۽ اقتصادي طور لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا ۽ زندگي هنن لاءِ هڪ بيڪار شي بنجي وئي هئي ۽ کين محسوس ٿيو، ته هو اهي سوداگر آهن جن کان واٽ ويندي سمورو سڦرو وڻج کسيو ويو هجي ۽ هاڻ هو مفلس ۽ ڪنگال آهن، پر ڊاڪٽر محبت بس ڪري نه ويٺو، هن سياست جي نامراديءَ ۽ مايوسيءَ کي هڪ نئين امنگ جي جيءَ جيار ۾ تبديل ڪيو ۽ هو تحقيق جي ميدان ڏانهن هليو آيو. اهو ڊاڪٽر محبت جي زندگيءَ جو ٻيو ۽ آخري دور آهي، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ تي ڪم شروع ڪيو ۽ خاص طور سنڌي انسائيڪلوپيڊيا جو جديد ۽ سائنٽيفڪ نموني تيار ڪرڻ جو خاڪو ٺاهيو ۽ ان سلسلي ۾ هن بنيادي ڪم ڪيو ۽ ڪنهن به گھڙيءَ جي واند کان سواءِ هن پورهيو ڪيو. مون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سهيڙيل جامع سنڌي لغات جا پنج جلد وٽس رکيل ڏٺا. اهي ڊڪشنريون اڄ به شاهد آهن ۽ اها ڳالهه آئون دعوى سان چئي سگھان ٿو ته ان ڊڪشنريءَ جي ڇپجڻ کان پوءِ جنهن به ماڻهوءَ ان جو اکر اکر، لفظ لفظ پڙهيو آهي ۽ فقط پڙهيو ئي نه پر ان تي سوچيو ۽ ويچاريو آهي، اهو فقط ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آهي. مون وٽس اهي ۽ سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ جو ٻيون لغتون، سڄي جون سڄيون، ليڪيل ۽ حاشين کان نوٽن (notes) سان ڀريل ڏٺيون.
پر افسوس جو زندگيءَ هن کي گھڻي مهلت نه ڏني ۽ دل جي روڳ جو اڙٻنگ سوار سندس روح جي ڪرهي کي ڏور ڪنهن اجاتي ماڳ ڏي ڪاهي ويو ۽ هو هڪ ڀري ڪچهريءَ مان ڪُمهلي اٿي ويو، ۽ پوئتان ڇڏي ويو دک جا دائرا لامحدود دائرا، يادگيرن جي هَڙَ جيڪا ساهه جي سانڍڻ کان ڳري آهي.
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اهڙو سُرت وند ڪنڀار هو، جنهن مٽيءَ ۽ پاڻيءَ (آب و گل) کي ملائي جيڪو چاڻو تيار ڪيو هو، اهو کيس اڃا چڪ تي چاڙهڻو هو ۽ ان کي لسائي پچائي سنڌ جي جديد ۽ نئين دور جي ماڻهوءَ جو روپ ڏيڻو هو. هو انڌيري رات ۾ جگنوئن جو جھرمٽ هو، جيڪو روشنيءَ جي احساس جي سلامتيءَ جو سبب بنجندو آهي ۽ سدوري صبح تائين جاڳڻ جو اتساهه اڀاريندو رهندو آهي:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.

No comments:

Post a Comment